Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

”پکن منجھ پساھ“: سنڌ ۾ عورتن جي سياسي شعور ۽ مزاحمت جي تاريخ

حُورالنسا پليجو جو يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”پکن منجھ پساھ“ رڳو ھڪ سوانحي دستاويز ناھي، پر اھو ڪوھستان جي فطري سونهن، ثقافت ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي شاندار مزاحمتي تاريخ جو دستاويز آھي. رسول بخش پليجي جي فڪري تربيت، پنهنجي خانداني پسمنظر ۽ سنڌ ۾ ون يونٽ کان وٺي ايم آر ڊي تائين عورتن جي سياسي تحرڪ کي حُورالنساءِ نج ڪوھستاني ٻوليءَ ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان چٽيو آھي. ھيءُ تجزيو ڪتاب جي انھن تاريخي، سماجي ۽ سياسي پاسن کي اڀاري ٿو ۽ اڄوڪي دور ۾ سنڌ جي عورت جي جدوجهد لاءِ ھڪ نئين حڪمتِ عملي جو فڪري سوال اٿاري ٿو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

فاروق سرگاڻي

حُور النسا پليجو جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”پکن منجھ پساھ“ منھنجي ھٿن ۾ آهي. حُور النساءِ عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي جي ڀيڻ  ۽ ھڪ سرگرم سياسي ڪارڪن ھئي جنهن سنڌياڻي تحريڪ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو.

ھيءُ ڪتاب حُورالنساءِ جي سياسي سفر، جدوجھد ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي پسمنظر ۾ لکيل آھي، پر ڪتاب جي ھڪ خاصيت ھيءَ آھي تہ اھو نج ڪوھستاني ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آھي. سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخ ۽ سياست کي سمجھڻ لاءِ اھو نهايت ڪارائتو ڪتاب آھي، جيڪو خاص ڪري سنڌ جي عورتن جي جدوجھد کي سمجھڻ لاءِ نهايت ئي  مددگار ثابت ٿيندو.

ڪتاب جي شروعاتي بابن ۾ حُورالنساءِ پنهنجي خاندان جي پسمنظر ۽ علائقي جي جاگرافيءَ جو ذڪر خوبصورت انداز ۾ چِٽيو ۽ پنھنجي سياسي سفر ۽ جدوجهد جي شاندار عڪاسي ڪئي آھي.

 ڪتاب پڙھڻ سان اھو سمورو پسمنظر آڏو اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جھڙي تنظيم جي اوسر ٿي آھي. ھُن رسول بخش پليجي جي سياسي ڪردار ۽ انھن طريقن تي بہ لکيو آھي، جنهن تحت ھن سنڌياڻي تحريڪ جي فڪري تربيت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌياڻي تحريڪ وڏي پيماني تي عام نارين کي منظم ٿي ۽ ملڪ جي ڊڪٽيٽرن ۽ حڪمرانن جي اڳيان لوھي ديوار جيان سينو ساھي مقابلو ڪرڻ جي سگھ ملي.

ڪتاب ۾ ڪوھستاني ٻوليءَ ۽ علائقي جي خوبصورت منظر نگاريءَ سان گڏ ان وقت جي سماجي، ثقافتي حالتن جو ادراڪ سھڻي نموني ٿيل آھي. جنگشاهيءَ جي تاريخي ماڳن جو ذڪر بہ ڪيو ويو آھي تہ سموري ڪوھستاني علائقي جي فطري سونهن کي پڻ بيان ڪيو ويو آھي. مثال طور حور النساءِ ھڪ ھنڌ لکي ٿي تہ ھتي محمد حنيف پليجي جي مزار تمام مٿي جبل جي چوٽين تي اڏيل آھي. مٿان نظر ڪجي تہ ھيٺ مقام کانسواءِ وڏا ميدان ڏسڻ ۾ ايندا، چؤطرف سانت، سڪون، ۽ قدرتي حسن ۽ سج لھڻ جا حسين ۽ لاز وال منظر اکين کي آنند ڏيندا. وري ھُوءَ ان منظر کي بہ ياد ڪري ٿي، جڏهن ڪوھستان ۾ برسات پوندي آھي، برپٽ ساوڪ سان ڀرجي ويندا آھن، ۽ برساتي نيون جبلن مان گھڻائيءَ ۾ پاڻيءَ کڻي اينديون آهن، ۽ برسات کان پوءِ ڪوھستاني علائقن جو ڏيک ڪشمير جھڙو ھوندو آھي.

حور النساءِ پليجو جي تعليم، سياسي تربيت، ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارين عورتن جي تعليم جو سوال، مرداڻي ۽ وڏيرڪي سماج ۾ پاڻ کي ان قابل بنائڻ ۽ مائين جي جدوجھد کي منظم انداز ۾ کڻي واھڻ واھڻ وستيءَ وستيءَ وڃي مائين کي شعور ڏيڻ… ھن سڄي سفر ۾ رسول بخش پليجي سندس ساٿ ڪڏھن ڪونہ ڇڏيو. جيڪڏهن ھُو سندس سياسي ۽ تعليمي تربيت نہ ڪري ھا تہ شايد حور النساءِ ايڏيون ڪاميابيون نہ ماڻي ھا.

حور النساءِ جنگشاهي ۽ ڀرپاسي جي عورتن کي منظم ڪرڻ ۾ وسان ڪونہ گھٽايو. سندس ناني بہ ھن عمل ۾ سندس ساٿ ڏنو. ھُوءَ جڏھن اسڪول وئي تہ رسول بخش پليجي کيس چيو تہ ناني کي چئو تہ ھو ڀرپاسي وارين ڇوڪرين کي وٺي اسڪول اچي. پليجي صاحب جو يقين ھو تہ عورت جي تعليم ۽ سياست کان سواءِ مسئلن جو حل ٿيڻ ٿيڻ ممڪن ئي ڪونهي.

خُود حورالنساءِ جي تعليم جي دوران ھُو کيس سنڌ جي ڏاھن اديبن ايم، ايڇ، پنهور محمد ابراهيم جويو، ۽ ٻين وٽ رهائيندو ھو. حور النساءِ جو تعليمي ۽ سياسي سفر ڊگهو ھو تہ رسول بخش پليجي جو تربيت ڪرڻ جو بہ طريقو بہ نرالو ھو. حور النساءِ لکي ٿي، ”ادا جي ھميشہ اھا عادت رھي آھي تہ جيڪي بہ شيون کيس متاثر ڪندڙ ھيون، مثلاً شاعري، ڪھاڻيون، ڪالم، مضمون وغيره اھي اسان کي پڙھي ٻڌائيندو ھو. اھي ڪتاب نہ صرف اسان کي پڙهائيندو ھو پر اسان جي خاندان جي مائرن، ڀيڻن، نانين کي سڏي، ھڪڙي ھنڌ ويھاري پڙھي ٻُڌائيندو ھو. جيڪڏهن ڪا ڪم ڪار کان واندي نہ ھوندي ھئي تہ ان جو انتظار ڪندو ۽ پاڻ وڃي ان کي وٺي اچي ان سٿ ۾ ويھاري، پوءِ اھي ڪھاڻيون، ناول، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ميرن پيرن جون مزاحيه ڪھاڻيون، جمال ابڙي جون ڪھاڻيون ۽ مشھور ناول پاڻ پڙھي ٻڌائيندو ھو.

پليجي صاحب جي وڏي خوبي اھا ھوندي ھئي تہ ھو ننڍڙن ٻارن جي ذھني تربيت ڪندو ھو ۽ عورتن جي تعليم تي گھڻي توجھ ڏيندو ھو. جڏھن حور النساءِ فيصلو ڪيو تہ ھُوءَ ڊاڪٽر ٿيندي تہ رسول بخش  پليجي کيس ماسترياڻي ٿيڻ جو چيو ۽ کيس سمجهايو. ”منهنجو خيال آھي تہ جيڪڏهن تون راضي ٿين تہ تمام سٺي ڳالهه ٿيندي، ھن سڄي ڳوٺ جون توڙي آسپاس جي ڳوٺن جون ڇوڪريون پڙھي پونديون، ڇوڪرين جي تعليم جو بنياد پوندو، سڀاڻي ھي ڇوڪريون باشعور ٿينديون، پنهنجي پيرن تي بيھنديون، پنهنجي گھر جا ليکا چوکا، حساب ڪتاب ڪنديون، پنهنجي ٻارن کي پڙهائينديون، پوءِ تہ زبردست ڪم ٿي ويندو. “

ھوءَ وڌيڪَ لکي ٿي تہ جڏھن رسول بخش پليجو زرينا بلوچ سان شادي ڪري حيدرآباد شفت ٿيو تہ انھيءَ وقت ون يونٽ مخالف تحريڪ شروع ٿي چڪي ھئي ۽ پليجي جو گھر ان تحريڪ جو مرڪز ھو. ” ادا رسول بخش جڏھن حيدرآباد شفٽ ٿيو ھو، تڏھن سنڌ ۾ ون يونٽ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي ھئي. ون يونٽ جي خلاف سنڌ ۾ شديد غم غصي جي لهر ڇانيل ھئي. مون کي ياد آھي تہ جھڙوڪر ان مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ئي اسان جي گھر مان ٿيو ھو“.

سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيم سازيءَ جو طريقيڪار بہ نرالو آھي، جيڪو ھن وقت تائين جاري آھي. حُور پنهنجي سموري جدوجهد جي باري ۾ ڪجھ ھن ريت لکي ٿي، ”اسان جي ڪيترين ئي سڄاڻ ۽ باھمت ڀينرن، جھڙوڪ: ادي ممتاز نظاماڻي، غلام فاطمه پليجو ۽ زاھده شيخ جا ڪشمور کان ٿر ۽ ڪيٽي بندر تائين پنڌ پير رھيا. اسين جڏھن بہ دورن تي نڪرنديون ھيوسين تہ ڏينهن جا ڏينهن گھر ڪونہ اينديون ھيوسين. سيءُ، واءُ، لُڪن، جھولن ۽ ڪاڙھن ۾، ننڍڙا ٻار ھنجن ۾ کڻي، بکون اڃون ڪاٽي، لوڪل بسن ۾ سفر ڪري شھرن، ڳوٺن، واھڻن، ٻنين ۽ ڪڙين تي تہ ڪڏھن ڀينرن جي گھر گڏجاڻيون ڪنديون هيوسين ۽ ڪڏھن ڪڏھن شھري يا ڳوٺاڻي سطح تي ننڍيون وڏيون گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون ڪرائي پوءِ گھر موٽنديون ھيوسين“.

رسول بخش پليجي جي سياسي ڏاھپ جي ڪري عورتون ايڏي وڏي پيماني تي متحد ٿيون ۽ انهن سياسي طور تي سنڌ مخالف تحريڪن ۾ وڏي جدوجھد ڪئي. اھو سياسي عمل ھن وقت تائين جاري آھي، جيڪو ايندڙ وقت عورتن ۽ مجموعي طور تي سنڌ جي نجات لاءِ ھڪڙو متحرڪ ڪردار ادا ڪندو.

 ماضيءَ ۾ ون يونٽ، ايم آر ڊي، يا ويندي موجود دور تائين ھنن عورتن ڀرپور طريقي سان مزاحمت ڪئي آھي. گرفتاريون بہ ڏنيون ، جيل ڪاٽيا پر پوئتي ڪڏھن ڪونہ ھٽيون. نہ صرف سنڌ بلڪي عالمي سطح تائين اھو دائرو وڌايو ويو ۽ وقت بہ وقت دنيا ۾ ٿيندڙ عورتن جي عالمي ڪانفرنسن ۾ حصو وٺنديون رھيون آھن.

سنڌياڻي تحريڪ جو ئي اثر ھو تہ ممتاز نظاماڻي، جيڪا ھڪ غريب ۽ پورھيت طبقي جي عورت ھئي، تنھن بہ ڀرپور مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو. زاهدہ شيخ ھڪ وڪيل ۽ ليکڪا ۽ قائدانہ صلاحيتن جي مالڪ ھئي، پر ھن ڪڏھن بہ پاڻ کي ٻين ڀينرن کان مٿبرو نہ سمجھو. سنڌياڻي تحريڪ اھڙن متحرڪ عورتن کي جنم ڏنو جن جي ليسٽ تمام وڏي آھي، جن عملي ميدان تي وڃي منظم انداز ۾ جدوجهد ڪئي ۽ سنجيدگيءَ سان عورتن جي مسئلن کي پرکيو ۽ عمليءَ طور تي ڪم ڪري ڏيکاريو. حور لکي ٿي تہ، پليجي صاحب ڏٺو تہ جنهن ڌارا يا تنظيم ۾ عورت جي شموليت ناھي، اھا تحريڪ يا تنظيم ڪڏھن بہ ڪاميابي نٿي ماڻي سگھي. عورتن کان سواءِ مظلوم طبقن ۽ قوم جي جمھوري طبقاتي جدوجھد ڪامياب وڃي، اھو ناممڪن آھي.

رسول بخش پليجي جي والدہ جو ڪردار بہ شاندار آھي. ھوءَ بہ لطيف جي بيتن سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن شاعرن جي شاعري پڙھندي ھئي. ھن ھميشہ ڳوٺ جي غريب مسڪين عورتن جي مدد ڪئي، تمام گھڻا ڏکيا ڏينهن بہ ڏٺا پر ھمت ڪڏھن ڪونہ ھاريائين. جڏھن رسول بخش پليجو لاھور جي جيل ۾ قيد ھو، تڏھن وڏي وھيءَ ۾ سفر ڪري پنهنجي پٽ سان ملڻ لاءِ لاھور وئي ھئي. حور النساءِ لکي ٿي تہ، ”پنجاب جي گورنر جيلانيءَ صاحب امان کي چيو، تنهنجي پٽ سرڪار کي تمام گھڻو تنگ ڪيو آھي. سنڌ جا ٻيا بہ وڪيل آھن. اھي ڇو نٿا ٻڌجي اچن؟ تنهنجو پٽ تہ سنڌ ۾ روز روز ٻڌبو ھو. تون ڇو نٿي پٽ کي سمجھائين؟ امان چيس تہ منهنجي پٽ ڪنهن بہ قسم جو ڏوھ نہ ڪيو آھي، ڪابہ چوري، ڌاڙو يا قتل ڪونہ ڪيو اٿس. ڪنهن سان بہ بي ايماني منافقي ڪونہ ڪئي اٿس باقي جي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ڏوھ آھي تہ اھڙو ڏوھ ضرور ڪيو اٿائين“.

جيڪڏهن اڄ جي معاشري جي حالتن کي ڏسجي تہ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تبديليون آيون آھن. جڏھن سنڌياڻي تحريڪ پنهنجي جدوجهد جو آعاز ڪيو هو، جڏھن لکڻ ۽ فيلڊ تي وڃي ڪم ڪرڻ واحد ذريعا ھئا، تڏھن سنڌياڻي تحريڪ ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنھن جو اندازو ھن ڪتاب جي پڙھڻ کان پوءِ پوندو. پر ھاڻ حالتن ۾ تبديلي آئي آھي، سوشل ميڊيا جي ڪري سنڌ جون سياسي پارٽيون فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي بجاءِ صرف سوشل ميڊيا تي ڪم ڪن ٿيون.

ڏسجي تہ سنڌ ۾ عورتن جي حالت تمام گھڻي خراب آھي، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جو معاشرو وڌيڪ خراب ٿيو آھي، سنڌ ۾ جاگيردار، سردار توڙي سرمائيدار وڌيڪ سگهارا ٿيا آھن.  اڄ بہ سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي نالي تي جاري عورتن جو قتل عام آھي، اڄ بہ ڳوٺاڻي عورت اھا توڙي لاڙ، وچولي يا اتر جي ھجي، مرد جي ڳيجھو رھي ٿي، وڏن شھرن ۾ جيڪي عورتن تي ڇپون ڪرن ٿيو، ان حوالي سان سنڌ جي باشعور عورتن وٽ ڪابہ بہ حڪمتِ عملي ڪونهي تہ ڪھڙيءَ ريت ان سموري عمل کي روڪيو وڃي.

اھو مڃي سگھي ٿو تہ سياسي تاريخ ۾ جيڪو عمل سنڌياڻي تحريڪ ڪيو ھيٺين ڪلاس، عورتن، نارين کي شعوري سمجھ ڏيڻ وارو، اھو تاريخي طور ھڪڙو شاندار عمل ھو. پر موجودہ وقت جي ضرورت اھا آھي تہ سنڌياڻي تحريڪ ۽ ٻيون پارٽيون، ھاڻي ڳوٺن جي مائين سان گڏوگڏ شھري مائين جي انقلابي تربيت ڪن. جيڪڏھن پاڻ ھن پيڙھيل سماج ۾ عورت جي سياسي تربيت، ان جي سماجي ثقافتي، معاشي آزاديءَ جي ڳالهه نہ ڪنداسين تہ اھو معاملو وڌيڪ خراب ٿيندو ۽ پاڻ اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پوئتي وٺنداسين. آءٌ سمجهان ٿو تہ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ حال ۾ بہ سنڌياڻي تحريڪ وڌيڪ سگهارو ۽ منظم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي ۽ سياسي تبديلن لاءِ رستو هموار ڪري سگهندي. اسان جي قومي، جمھوري، طبقاتي حقن جي جدوجھد ڊگھي آھي، ان لاءِ اسان کي ھميشہ ڏکين حالت ۽ اڙانگي سفر تي ھلڻ لاءِ تيار رھڻ کپي، ان سان گڏوگڏ ھميشہ اسان کي وڏيرن، سردارن ۽ سرمائيدارن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ کپي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مائين جي ذھني، سياسي، نظرياتي تربيت ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آھي.

_______________

Farooque-Sargani-Sindh-Courier-150x150

فاروق سرگاڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آھي. ھُو فري لانس ليکڪ آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button