ڇا انسان جو انسان تي اعتماد ئي وڏو انقلاب هوندو؟
اعتماد کي وڌائڻ لاءِ ڪجهه بنيادي شيون ضروري هونديون آھن. مثال طور انصاف، سچائي، شفافيت، تعليم، سماجي ۽ معاشي اڻبرابريءَ جهڙين خراڀين جو خاتمو ۽ ڳالهين ٻولهين ذريعي گڏيل انساني قدر جوڙڻ.

حميد منگي
اعتماد ۽ بداعتمادي وارا عمل هڪ ٻئي جا ضد به آهن ۽ انسانن سميت سمورن ساهوارن جي پنجن ئي حواسن سان جڙيل به آهن۔ جڏهن اکيون ڪجهه ڏسن ٿيون، ڪن ٻڌن ٿا، نڪ سنگهي ٿو، زبان چکي ٿي، هٿ، پير يا جسم جو ڪوبه حصو ڇهي ٿو، کيس خبر پئجي وڃي ته ٿي سامهون بيٺل، پيل، گهمندڙ ڦرندڙ شئي ڪهڙي آهي، ان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو يا نه۔ ڪڏهن ڪڏهن ته پنج ئي حواس اجازت ڏيڻ باوجود به هر ساهواري کي ڇهين حِس اڳواٽ هوشيار ڪري ٿي ته، احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ ڇهين حِس واري حوالي سان ڪجهه ماڻهن جو خيال رهيو آهي ته، اها حِس يعني محسوس ڪرڻ جي سگھ رڳو انسان ۾ ٿئي ٿي پر، ٿورو غور ڪري ڏسبو ته، اها سڀني ساهوارن ۾ ڪثرت سان نظر ايندي آهي۔ جنهن جا کوڙ مثال آهن. جيڪڏهن انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته اجائي ڊيگهه ٿي ويندي۔ اصل ۾ اها ئي ڇهين حِس انسان کي ڪڏهن اعتماد ڏياريندي آهي، ڪڏهن بداعتماديءَ جي علامت طور ظاهر ٿيندي آهي۔
اڳ ۾ پاڻ بحث ڪيون ٿا اعتماد واري مثبت ۽ ڪارائتي عمل تي. انسان ڪنهن ٻئي تي ڇو ۽ ڪيئن اعتماد ڪري ٿو۔ اصل ۾ اهو عمل وڏين محنتن کانپوء جڙندو آهي، ماڻهو پنهنجو اعتماد قائم رکڻ لاءِ عمريون گذاري ڇڏيندا، وِت ۽ وس آهر قربانيون ڏيندا، پنهنجا جائز، ضروري ڪم ڇڏي به، ٻين تي پئسو ۽ وقت سيڙائيندا آهن، تڏهن وڃي اعتماد جو ننڍو ذرڙو پيدا ٿيندو آهي۔ انسان جو اهو عمل آڳاٽي دور کان ھو، جڏهن علم اڃا ڄائو ئي نه هئو، ماڻهو عقل ۽ پنهنجن توڙي پراين تجربن جي بنياد تي شين کي جاچيندا ۽ اعتماد يا بداعتماديء جو اظهار ڪندا هئا۔ پر جڏهن علم تخليق ٿيو، اهو اڳ ۾ ته حاڪمن جي درٻارن ۽ تعريف جي بکين بادشاهن جي ور چڙهيو، جيڪي عالمن کي پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪري رکندا، کانئن ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون تاريخون لکرائيندا، پنهنجي شان ۾ شاعريون ڪرائيندا، پاڻ کين انعام ۽ درٻارين کان داد ڏيارائيندا هئا۔ بهرحال اهو به الڳ موضوع آهي، جنهن تي ٻئي ڪنهن موقعي تي قلم آزمائي ڪبي۔ چوڻ جو مقصد هيءُ آهي ته، اعتماد قائم ٿيڻ يا بداعتماديء واري الزام کان بچڻ ايڏو سولو ڪم ناهي۔
انسان ۾ بداعتمادي يعني اعتماد جي کوٽ جي شروعات، ڪنهن هڪ خاص تاريخي حوالي، واقعي يا حادثي سان نه ٿي، پر اها آهستي آهستي انساني ارتقا، سماجي تجربن ۽ وسيلن جي گڏ ڪرڻ وارن مقابلن مان پيدا ٿي. بداعتماديءَ واري عمل کي مختصر طور تي هن ريت سمجهي سگهجي ٿو. قديم دور ۾ انسان ننڍن ننڍن ڪٽنبن، گروهن ۽ نسلن ۾ رهندو هو. ان وقت ان ۾ اعتماد انڪري گهڻو هو، جو ماڻهو اڪثر هڪ ئي ڪڙم، قبيلي ۽ نسل سان تعلق رکندڙ هئا، سالن کان هڪٻئي کي سڃاڻيندا به هئا، گڏيل بقا لاء به پتوڙيندا هئا ۽ حاصل ڪيل کاڌ خوراڪ واريون شيون ورهائي کائيندا هئا. هڪ اها ڳالهه به درست آهي ته، انهن منجهه ٻاهرين ڪٽنبن، گروهن ۽ نسلن بابت احتياط ضرور موجود هو.
زرعي انقلاب کانپوءِ جڏهن ملڪيتن ٺاهڻ جو تصور اڀريو، اناجن ۽ ٻين شين جا ذخيرا ٿيڻ شروع ٿيا، لالچ ۽ حرس جا مقابلا به وڌيا ۽ “هي منهنجو” ۽ “هو تنهنجو“ وارو تصور پيدا ٿيو ته پهرين مرحلي ۾ ساڙ ۽ شڪ پيدا ٿيو، بعد ۾ بداعتمادي وڌڻ لڳي. پر جڏهن سماج ٺهڻ ۽ رياستون قائم ٿيڻ لڳيون، شين جي مٽا سٽا ۽ وڪري جو رواج پيو، بازارن، مارڪيٽن ۾ هڪ ئي هنڌ تي ماڻهو ڪاروبار ڪرڻ لڳا ته ماڻهن جا ٻين اڻ ڄاتل ۽ اوپرن ماڻهن سان واسطا به وڌڻ لڳا۔ هڪ ڀيرو وري انهن منجهه روزگار جي بهاني ملڻ جلڻ ۽ اعتبار ڪرڻ مجبوري ٿي پئي. ان ئي دور ۾ قانون ۽ ٻيا ادارا به جڙڻ لڳا، جيئن ذاتي ۽ ڪٽنبي اعتماد جي جاءِ تي ”سماجي اعتماد“ قائم ٿي پئي، ماڻهو هڪ ئي سماج ۾ رهڻ جا عادي ٿين۔
نفسياتي لحاظ کان انسان جي بداعتماديء جا هونئن ته ٻيا به ڪيترائي سبب رهيا آهن، پر هڪ وڏو سبب اهو به رهيو آهي ته، مختلف تلخ تجربن جي بنياد تي انساني دماغ خطري کي جلد سڃاڻڻ ۾ ترقي ڪئي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جو شڪي دماغ “ممڪن خطري” کي هروڀرو “حقيقي خطري” کان وڌيڪ اهميت ڏيندو رهيو، انهيءَ ڪري جو انسان مختلف دورن ۾ لالچ، ساڙ ۽ پاڻ جهڙي انسان هٿان ٻين منفي عملن سبب تمام گهڻو ڀوڳيو هو. ڪٿي هن کان ڌرتي ۽ وطن ڇڏرائي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڪٿي هن کان محنتن ذريعي حاصل ڪيل قيمتي شيون ۽ محبتن وارا رشتا کسيا ويا آهن. هُو کوڙ موقعن تي مرندي مرندي بچيو به ۽ ذهني توڙي جسماني طور گهائل ٿي چيچلائي چيچلائي زندگيءَ کي گهاريو به. اهڙا ٻيا ڪئي قصا آهن، جن ۾ ساڻس ڏاڍ ڪيا ويا آهن، جو هن جو ذهن زهر سان ڀرجي ويو ۽ جبلي طور تي ان جا اثر ان جي اولاد مان به ظاهر ٿيندا ٿا رهن۔
هاڻوڪي دور ۾ جڏهن بداعتماديءَ جا ڍڳ ۽ ڍير نظر اچن ٿا، جن جا سبب به وڌيڪ سنجيده ۽ پيچيده ٿي پيا آهن، تڏهن هو هر قسم جي ناانصافي به سهي ٿو، ڪوڙ به ٻڌي ٿو، ٺڳيون به سهي ٿو، معاشي اڻبرابريءَ جو شڪار به ڪيو ٿو وڃي ۽ کيس غلط ڄاڻ يا شڪ جي بنياد تي ڪوڙن الزامن هيٺ ٿاڻن، ڪورٽن ۽ ٻين ادارن جا چڪر لڳرايا پيا وڃن، کيس نہ ڪيل ڏوهن جي سزا به ڏني پئي وڃي، هو چڱن ڪمن جي موٽ ۾ ذلتون برداشت ڪندي ڪندي، آخرڪار اهڙي نظام جو حصو ٿي، پنهنجي ضمير کي ڪوڙيون تسليون ڏئي ٿو، ڪڏهن ڪرهت وارا ڪم ڪري پٽ پاراتا برداشت ڪري ٿو۔ مطلب ته ماحول کانئس روز خرابين ڀريا عمل ڪرائي، کيس بداعتماد بڻائي ٿي ڇڏي۔
هڪ حقيقت اها به رهي آهي، انساني تاريخ رڳو بداعتماديءَ جي نه، اعتماد جي تاريخ به رهي آهي. جيڪڏهن انسان جو انسان مٿان اعتماد نه هجي ها يا وقت سان گڏ نه وڌي ها ته، ٻوليون ۽ تهذيبون ڪيئن ترقيون ڪن ها، واپار ڪيئن وڌن ها، شهر ڪيئن وجود ۾ اچن ها. قاعدا، قانون، نظريا ڪيئن جڙن ها، ڪيئن گڏيل جدوجهدن ذريعي دنيا ۾ مختلف قسمن جا انقلاب اچن ها، ملڪ جمهوري ڪيئن ٿين ها، جتي جتي بادشاهتون نسلي ۽ نوآبادياتي نظام هئا، اتي، سوشلزم ۽ ڪميونزم جهڙا نظام لاڳو ٿيڻ توڙي فلاحي رياستون ڪيئن وجود ۾ اچن ها۔ دنيا جا سماج، معاشرا، قومون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيون ڪيئن ترقي ڪن ها ۽ انساني همدرديء وارا علائقائي توڙي عالمي ادارا ڪيئن جڙن ها۔
ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته، انسان پنهنجي سموري تاريخ ۾ اعتماد ۽ بداعتماديءَ وچ مان سفر ڪندو رستا ڪڍندو آيو آهي. اصل ۾ هن جي حياتيء ۾ ڪي اهڙا موقعا به ايندا رهيا آهن، جڏهن هن کي پاڻ جهڙن تي اعتماد ڪرڻو ئي پوندو يا هو حالتن مان اندازو لڳائي وٺندو آهي ته، هاڻي هن کي ٻئي مٿان اعتماد ڪرڻ گهرجي۔ انهيء حوالي سان هيءَ هڪ فڪري ترتيب به ٿي سگهي ٿي۔ سڀ کان پهريان انساني ڪٽنب، جنهن جي معني اعتماد جي شروعات، ڇو ته انسان اڳ ۾ ڪٽنب جو حصو رهيو، جنهن ۾ ان جا والدين به شامل آهن، جن جي هٿن ۾ هو پلجي جوان ٿئي ٿو، پوءِ زال ۽ اولاد سميت ٻيا ويجها مائٽ شامل آهن۔ جن کي هو سالن کان سڃاڻي به ٿو ۽ ساڻن گڏ به رهيو آهي۔ ان کانپوءِ پاڙو يا محدود برادري جنهن مان به هن اعتبار ڪرڻ سکيو۔ اهڙيء طرح بعد ۾ ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا سماج، جنهن ۾ انسان گڏيل ذميواريءِ جو اظهار ڪندي گڏجي ڪم، ڌنڌا، واپار ڪيا ۽ پڻ ڪجهه اصول وجود ۾ آندا. ان کانپوء رياست يعني قانون ذريعي ان ۾ اعتماد پيدا ٿيو۔ مطلب ته ماڻهو هڪ ڪٽنب کان ٿيندو جڏهن ذاتي سڃاڻپ کان اڳتي وڌندو، روپ مٽائيندو، سماجي، قومي، ملڪي يا عالمي ادارن ۾ پير پائي ٿو ته، ان عمل کي اعتماد ئي ڪوٺي سگهجي ٿو۔
هتي هڪ دلچسپ جملو ٺهڪي اچي ٿو ته، جيئن “امن جو مطلب رڳو جهيڙي ۽ جنگ جو نه هجڻ ناهي پر امن جو مطلب انسان جو انسان تي اعتماد بحال ٿيڻ به آهي.” پر انهيءَ اعتماد کي وڌائڻ لاءِ ڪجهه ٻيون بنيادي شيون به ضروري هجن ٿيون، مثال طور تي انصاف، سچائي، شفافيت، تعليم، سماجي ۽ معاشي اڻبرابريء جهڙين خراڀين جو خاتمو آڻڻ ۽ پڻ ڳالهين ٻولهين ذريعي گڏيل انساني قدر جوڙڻ تي به زور ڏيڻ جي ضرورت کي محسوس ڪرڻ گهرجي۔ اصل ۾ انساني تاريخ ۾ ترقي، تهذيبن جا بنياد، علمي ورهاست ۽ گڏيل زندگيءَ جا بنياد گڏيل اعتماد تي ئي قائم ٿيا آهن. انسان ڪڏهن به اڪيلو نه پر، ٻين سان گڏجي اڳتي وڌيو آهي جنهن عمل کي اعتماد به چئي سگهجي ٿو. جڏهن اعتماد وڌيو ته سماج به ٺهيا ۽ سماجي ڍانچن ۾ تبديلين جو عمل ٿيڻ به ممڪن ٿيو پر جڏهن ان جي ابتڙ، اتفاقي طور تي بداعتمادي وڌي ته تڪرار ۽ ورهاستون به ٿيون ۽ انسانن کي جدا ڪرڻ لاء انهن وچ ۾ سرحدن جون لڪيرون به ڪڍي کين جدا جدا ڪيو ويو.
هتي هڪ فلسفياڻو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته، ڇا انسان پهريون اعتماد وڃائي ٿو، پوءِ ويڇا وڌن ٿا يا اڳ ۾ ويڇا وڌن ٿا بعد ۾ بداعتمادي پروان چڙهي ٿي؟ آڳاٽو انسان جڏهن ننڍن گروهن ۾ رهندو هو ته، سندس بقا گڏيل انساني سهڪار سان ئي ممڪن هئي. انڪري اعتماد هڪ اخلاقي قدر کان اڳ بقا جو به ذريعو ۽ طريقو هو. پوء انسان ۾ بداعتمادي ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿي؟ اصل ۾ بداعتماديء جا ڪيترائي سبب رهيا آهن، وسيلن تي مقابلا، طاقت ۽ اختيار استعمال ڪرڻ جي خواهش، ناانصافي، ڪوڙ، ڌوڪو، ٺڳي، ڊپ، غلط ڄاڻ، اڻڄاڻائي ۽ “اسان” ۽ “هو” واري سوچ جڏهن وڌڻ لڳي ته، اعتماد موڪلائيندو رهيو ۽ وقت سان گڏ ڪٽنبن مان قبيلا، قبيلن مان نسل ۽ نسلن مان رياستن تائين پهتو، نتيجي ۾ انسان جي آدمشماريء ۾ واڌ سان به اعتماد جو دائرو محدود ٿيندو ويو. ويڇا صرف هٿيارن جي خاموشي ناهي. حقيقي امن تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن انسان، انسان کي خطرو نه پر ساٿي سمجهي.
اڄ انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ذريعي هڪ ڀيرو وري ڳنڍجي رهيو آهي، پر ذهني طور تي هو کوڙ مامرن تي، اڃا به ورهايل آهي. هڪ سوال هي به آهي ته، ڇا انسان پنهنجي ”اعتماد جي حد“ جيڪا اڪثر ڪري پاڻ ئي مقرر ڪري ٿو، ڇا هو پنهنجي سوچ کي وسيع ڪندي ڪٽنب، ڳوٺ، شهر، قوم ۽ ملڪ کان وڌائي انسانيت تائين کڻي وڃي سگهي ٿو؟ ته ان جو جواب ها ۾ نڪري سگهي ٿو پر، ان ۾ هڪ اهم عنصر جيڪو اڪثر حڪمراني ڪندڙ طبقو رهيو آهي، ان عنصر جي سهڪار جي اشد ضرورت پوندي۔ بهرحال، انهيءَ باوجود به ٻيون کوڙ ساريون رڪاوٽون اچي سگهن ٿيون پر، في الحال وڏي ۾ وڏي اها ئي رڪاوٽ آهي، جيڪا انسان کي گڏجڻ نه ٿي ڏئي۔ نتيجي طور ايئن چئي سگهجي ٿو ته، شايد مستقبل جو سڀ کان وڏو انقلاب ڪا نئين ٽيڪنالاجي نه، پر انسان جو انسان تي ٻيهر اعتماد ڪرڻ ئي هجي.
__________________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو



