Editor's pickMain Slideثقافت

سوامي نارائڻ مندر: ڪراچيءَ جو لازوال گھڻ ثقافتي ورثو ۽ ننڍڙي خودمختار ڪائنات

بندر روڊ تي سوامي نارائڻ مندر صرف هڪ عمارت ناهي، پر 32،306 چورس والن تي پکڙيل هڪ مڪمل ننڍڙي خودمختار ڪائنات ۽ پراڻي برادريءَ جو مسڪن آهي.

سھيڙيندڙ: ابراهيم صالح محمد

اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن ڪراچي بمبئي پيزيڊنسي جي ماتحت ننڍي کنڊ جو هڪ جديد تجارتي مرڪز بڻجي رهي هئي، ته ان جي سڃاڻپ هڪ گھڻ ثقافتي  سماج طور اڀري. پراڻي ڪراچيءَ جو مزاج مغل يا شاهي اثرن کان آزاد هو. هتان جي اڏاوتن ۽ سماجي انفراسٽرڪچر تي ڪلاسيڪل گجراتي، اينگلو-ورناڪيولر ۽ واپاري برادرين جي فلاحي جماليات جو گهرو اثر هو.

جتي هن شهر جي تجارتي مرڪز ۽ سامونڊي حدن ۾ مختلف مسلم مڪتبِ فڪر جون مسجدون (جيئن منھوڙي جي ڪوڪني شافعي مسجد ۽ اولڊ ٽائون جي مالاباري مسجد، صدر جي ڪڇي ميمڻ مسجد)، عيسائين جون گرجائون ۽ يهودي سينيگاگ تعمير ٿي رهيا هئا، اتي ئي هندو واپاري برادريءَ پڻ شهر جي مرڪزي هاءِ وي بندر روڊ (موجودہ ايم اي جناح بندر روڊ) تي پنهنجي عظمت ۽ رواداريءَ جا لازوال نشان قائم ڪيا. انهن سڀني ۾ نمايان ۽ تاريخي شاهڪار سوامي نارائڻ مندر آهي.

مندر جي زمين حاصل ڪرڻ ۽ شروعاتي نقشي جو سال 1849ع آهي (جيڪو چارلس نيپيئر جي هٿان سنڌ فتح ٿيڻ کان صرف ڇهه سال پوءِ جو دؤر آهي)، جڏهن ته ان جي موجوده شاندار ڍانچي ۽ شڪارا  (Shikhara)  يعني مخروطي اهرام نما ڇت جي توسيع 1882ع ۾ ڪئي وئي. هي پاڪستان جو واحد فعال سوامي نارائڻ مندر آهي.

اڏاوتي لحاظ کان هي فنِ تعمير جو هڪ انوکو شاهڪار آهي. ان جي تعمير لاءِ ٺٽي جي تاريخي علائقي جنگشاهي مان خاص پيلو پٿر آندو ويو هو، ڇاڪاڻ ته هي نرم پٿر آريا اسٽائل جي گنبذن تي ديوي ديوتائن جي باريڪ مورتين ۽ نقش نگاريءَ لاءِ موزون ترين هو. مندر جي مٿئين حصي تي هٿ سان ٺاهيل ڪرشن جي داستاني پينٽنگ ان دؤر جي مٽيءَ جي فنڪارن جي جمالياتي حس جو وڏو ثبوت آهي.

سوامي نارائڻ مندر صرف هڪ عمارت ناهي، پر 32،306 چورس والن تي پکڙيل هڪ مڪمل ننڍڙي خودمختار ڪائنات ۽ پراڻي برادريءَ جو مسڪن آهي. هن احاطي جي سماجي تاريخ جا ڪجهه منفرد رخ هي آهن:

هندو-سِک گڏيل سماج

 هن احاطي ۾ هڪ صدي پراڻن گهرن جي وچ ۾ جتي سناتني هندو برادري آباد آهي، اتي ئي ان ديوار جي اندر هڪ سِک گردوارو پڻ قائم آهي، جيڪو ورهاڱي جي وقت کان سِک ۽ هندو ڀائيچاري جي خاموش علامت آهي.

شهري گؤشالا

 ايم اي جناح روڊ جي پرشور ٽريفڪ جي عين وچ ۾، هن مندر جي پنهنجي هڪ قديم گؤشالا آهي، جتي ڳئون رکيون وينديون آهن ۽ سندن روايتي سار سنڀال ڪئي ويندي آهي.

روحاني پورٽ

 هي مندر بلوچستان جي قديم ۽ مقدس هنگلاج ياترا جو روايتي شروعاتي نقطو آهي، جتي سڄي ملڪ مان ياتري اچي ڌرم شالا ۾ قيام ڪندا آهن.

1947ع جا دڪان ۽ گم ٿيل حسن

 1849ع جو هي شاهڪار اڄ ٻاهرين دنيا کان تقريبن ڪٽجي چڪو آهي. 1947ع ۾ نئين ملڪ ٺھڻ کان ھڪدم پوءِ پناھگيرن جي آبادڪاريءَ لاءِ لائيٽ هائوس کان وٺي سٽي ڪورٽ جي فرنٽ ۽ پٺيان فريئر روڊ تي جيڪي عارضي دڪان قائم ڪيا ويا، تن وقت سان گڏ مستقل بازارن جي شڪل اختيار ڪري ورتي. انهن دڪانن جي هجوم مندر جي ٻاهرين حسن ۽ ان جي شاندار مهاڙي (Facade) کي عام نظرن کان اوجهل ڪري ڇڏيو آهي.

هن مندر جي وسيع ميدان ۽ ڌرم شالا تاريخ جي هر ڏکئي دؤر ۾ انسانن کي پناهه ڏني.

آزاديءَ جي خونريز ڏينهن ۾ هي احاطو هجرت ڪندڙ لکين هندو ۽ سِک خاندانن لاءِ ريفيوجي ڪيمپ بڻيو، جتي پاڪستان جي باني قائدِ اعظم محمد علي جڻاح پاڻ دورو ڪري اقليتن کي تحفظ ۽ برابريءَ جي حقن جو دلاسا ڏنو.

جنرل ضياءُ الحق جي دؤر ۾ جڏهن احترامِ رمضان آرڊيننس تحت پوري شهر ۾ کائڻ پيئڻ تي سخت پابنديون هيون ۽ سامهون واقع ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل جو ميس بند ٿي ويندو هو، تڏهن هن مندر جي لنگر مسلم ۽ غير مسلم شاگردن لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا. اتي ملندڙ سستو ۽ لذيذ کاڌو ان دؤر جي ٻوسٽ ۾ ڪراچيءَ جي خاموش رواداريءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت هو.

هيءُ مندر پنهنجي روايتي لنگر لاءِ تہ مشهور آهي، پر هن احاطي اندر ئي قائم هڪ خالص ڀاڄين جي ريسٽورنٽ آهي. هتي گوشت کان سواءِ انتهائي سوادي صاف سٿرو ۽ سادو کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي. هي ريسٽورنٽ ڪراچيءَ جي غريب ۽ پورهيت مسلمانن، هندن ۽ سِکن کي تمام سستن اگهن تي کاڌي جي سهولت ڏئي ٿو.

مندر جي احاطي ۾ هن ريسٽورنٽ جو هجڻ ۽ اتي مسلمانن سميت سمورن مذهبن جي ماڻهن جو بنا ڪنهن هٻڪ جي اچڻ ثابت ڪري ٿو ته هي مندر صرف هڪ مذهبي ماڳ ناهي، پر ڪراچيءَ جو هڪ متحرڪ سماجي مرڪز آهي، جتي سستو ۽ معياري کاڌو فراهم ڪرڻ هڪ اهڙي فلاحي خدمت آهي، جيڪا شهر جي پورهيت طبقي کي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي هڪ ميز تي گڏ ڪري ٿي.

 اڄ هي احاطو تقريبن 5 هزار هندو ۽ سِک آباديءَ جو مسڪن آهي، جتي ڏياري ۽ هولي جهڙا ڏڻ پوري ڪراچيءَ لاءِ روشنين جو پيغام کڻي ايندا آهن. جيتوڻيڪ گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ ناجائز والار جي ڪري ان جو رقبو متاثر ٿيو آهي، پر هي احاطو اڄ بہ مذھبي هم آهنگي ۽ غريب پروري جو هڪ قيمتي ورثو آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن 32 هزار چورس والن جي تاريخي ورثي کي آثارِ قديمه جو باقاعده درجو ڏئي، ان جي دڪانن جي پٺيان دٻيل ٻاهرين ديوارن جي تاريخي ۽ سائنسي بحالي ڪئي وڃي، ته جيئن پراڻي ڪراچيءَ جو هيءُ روادار چهرو ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رهي سگهي.

 (ورائتو: ڊاڪٽرسهيل انصاري، وائس آف آمريڪا ۽ مقامي دستاويزن تان کنيل)

________________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button