Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

دراوڙي تهذيب ۾ سنڌي رنگ: تامل ناڊو ۾ سنڌين جو معاشي ۽ سياسي راڄ

تامل ناڊو ۾ سنڌي واپاري وڏن ڪاروبارن تي ڇانيل آھن. چيناءِ جي مخصوص تڪن ۾ سنڌي ووٽرن جو تعداد ڪنهن به اميدوار لاءِ فيصله ڪن ثابت ٿيندو آهي، جنهن ڪري سياسي پارٽيون کين ’ڪنگ ميڪر‘ جي نظر سان ڏسنديون آهن.

چيناءِ ۾ سنڌي ڪاليج

چيناءِ ۾ سنڌين جا وڏا ڌرمي ثقافتي مرڪز قائم آھن جن ۾ سنڌي ڌرمشالا، صُوفي در مندر ۽ ٻيا مندر شامل آھن. ’صُوفي دَر مندر ۾ ھر ھفتي صوفي سنڌي سنگيت جي محفل ۽ ساليانو چيٽي چنڊ ۽ نَوراتڙيءَ تي سنگيت جو ميلو مچندو آھي. صُوفي در مندر تہ سنڌ جي تاريخي شھر روھڙيءَ کي ڄڻ تہ چيناءِ ۾ آڻي ڇڏيو آھي.  

سنڌ ورڪي ڪي چيلارام جي بين الاقوامي ڪاروبار کان سائوٿ انڊيا جي فلمي صنعت ۾ ڇانيل اداڪارا سارا ارجن تائين سنڌين جو احوال ھن آرٽيڪل ۾ پڙھو 

نصير اعجاز

صُوفي در مندر جو مُک دروازو

ويجھڙائيءَ ۾ جڏھن انڊيا جي تامل ناڊو رياست جي چونڊن ۾ اُتان جو ھڪ نوجوان اداڪار ڪاميابي ماڻي وڏو وزير بڻجي ويو، تڏھن سوشل ميڊيا تي ڪچھرين ۾ ڪنھن پُڇيو تہ تامل ناڊو ۾ بہ سنڌي رھندا آھن؟ انھيءَ مھل ئي منھنجي ذھن  ۾ مختلف مضمون ڦرڻ لڳا ھئا جيڪي مون پنھنجي انگريزي ويب سائيٽ سنڌ ڪوريئر تي ھندستان ۾ رھندڙ سنڌين بابت شائع ڪيا ھئا. ڳولا ڪرڻ تي ھڪ اھڙي رپورٽ ملي جنھن ۾ ٻُڌايو ويو ھو تہ چيناءِ شھر جي ھڪ مسجد ۾ ھر سال سڄو رمضان مھينو، صُوفي دَر مندر جا رضاڪار روزيدارن کي روزو افطار ڪرائيندا آھن، ۽  اھو مندر سنڌين جو آھي. مندر دادا رتن چند قائم ڪيو ھو جيڪو ورھاڱي وقت ئي سنڌ مان ھتي اچي آباد ٿيو ھو ۽ روھڙي سنڌ جي ھڪ سنت بابا نيڀراج جو پوئلڳ ھو. دادا رتن چند جي ھدايتن تي چئن ڏھاڪن کان وڌيڪ وقت کان ھر سال وڏي تاريخي مسجد ۾ سمورن روزيدارن لاءِ افطار جي شين سان ٽرڪ ڀرجي اُتي پھچندي ھئي ۽ مندر جا رضاڪار پاڻ روزيدارن جي خدمت ڪندا ھئا. گُوگل تي بہ ڳولا شروع ڪيم جنھن ۾ ڪجھ مواد ملي ويو، پر گڏوگڏ ڀوڀال لڳ بيراڳڙھ ۾ رھندڙ سائين ناري لڇواڻيءَ سان بہ ڪچھري ڪيم، جنھن چيناءِ جي پنھنجي دورن جا ذاتي مُشاھدا ونڊيا. ناري لڇواڻيءَ جا وڏڙا  سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جا ھئا، سندس جنم ورھاڱي کانپوءِ ھڪ پناھگير ڪئمپ ۾ ٿيو. ھُو مشھور ڪلاڪار ۽ شاعر آھي. سندس حياتيءَ جو وڏو حصو آل انڊيا ريڊيو تي انائونسر طور گذريو. اسٽيج ڊرامن ۾ بہ اداڪاري ڪيائين تہ گيت سنگيت جي دنيا ۾ بہ نالو ڪمايائين.  

ناري لڇواڻي

سائين ناري لڇواڻيءَ سان ڪچھريءَ جو فائدو اھو ٿيو تہ خبر پئي تہ تامل ناڊو ڏکڻ ھندستان جي پنج رياستن منجھان ھڪ آھي. اڳي انھن رياستن جو تعداد چار ھو جن ۾ تامل ناڊو، آنڌرا پرديش، ڪرناٽڪ ۽ ڪيرالا شامل ھئا. تيلنگانا نالي سان پنجين رياست، مختلف رياستن مان علائقا ڪڍي ويجھڙ ۾ 2014 ۾  ٺاھي وئي جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ حيدرآباد دکن آھي. ”تامل ناڊو رياست جي گاديءَ جو ھنڌ چيناءِ آھي جنھن کي اڳي مدراس سڏيو ويندو ھو. مزي جي ڳالھ تہ ڏکڻ ھندستان جي انھن رياستن جي ھر ماڻھوءَ کي اڳي مدراسي سمجھيو ۽ سڏيو ويندو ھو،“ ھُن کلندي ٻُڌايو.

ناريءَ چيو: ”چيناءِ منھنجي شھر بيراڳرھ ڀوپال کان ايترو پري آھي جو انڊيا جي تيز رفتار ٽرين ۾ بہ اُتي وڃڻ لاءِ چوويھ ڪلاڪ لڳندا آھن. منھنجو اُتي ٽي چار ڀيرا وڃڻ ٿيو آھي، تنھنڪري انھن چڪرن ۾ مون جيڪو ڪجھ ڏٺو ۽ مشاھدو ڪيو، اھو ٻُڌائيندس.“

 ناري لڇواڻيءَ جو جڏھن چيناءِ وڃڻ ٿيو تہ انھن ڏينھن ۾ ھُو جوان ھو. ”شروع ۾ اُتي وڃڻ ٿيو تہ ڌرمشالي يعني مسافرخاني ۾ رھڻ ٿيو، جيڪو ”سنڌي ڌرمشالا“ جي نالي سان مشھور ھو، پر حيرت جي ڳالھ تہ اُتي ڪم ڪندڙ ڪوبہ ماڻھو سنڌي ڪونہ ھو. اھو ڌرمشالو ضرور ڪنھن سنڌيءَ جو قائم ڪيل ھو، پر ڪم ڪندڙ سڀ ٻيا ھئا،“ ھُن ٻُڌايو.

”چيناءِ ۾  سنڌين جو گُردوارو بہ ھو، پر مان توھان کي صُوفي در نالي سان ھڪ محل جھڙي عمارت بابت ٻُڌائيندس  جتي سنڌي صُوفي سنگيت جون محفلون ٿينديون ھيون. اھا عمارت اڇي سنگمرمر جي ٺھيل وڏي حويلي ھئي. تامل ناڊو جون ٻہ مشھور اداڪار ڀينر راگني ۽ پدمني ھيون. اداڪار راجڪپور سان پدمنيءَ جي ھڪ فلم ”جس ديس ۾ گنگا بھتي ھي“ مشھور ھئي. ھيءَ حويلي پدمنيءَ جي ننڍي ڀيڻ راگنيءَ جي ھئي، جنھن کان ھڪ سنڌي سنت رتن راءِ خريد ڪري نالو رکيو ”صُوفي در“، جتي باقاعدگيءَ سان سنڌي صُوفي سنگيت جون محفلون ٿينديون ھيون ۽ وڏي تعداد ۾ سنڌي اُتي گڏ ٿيندا ھئا.“

ناري لڇواڻيءَ چيو، ”ھڪ ڀيري مونکي بہ ڪلاڪار جي حيثيت ۾ صُوفي دَر جي چيٽي چنڊ وارين محفلن ۾ دعوت ڏئي گھُرايو ويوھو. مون سميت ٽي فنڪار ھئا، جن ۾ لکنئو جو ماسٽر ٻولچند شرما ۽ ڪُتيانا، سوراشٽر، گجرات جو ڪٽاريا شامل ھئا. رتن راءِ پاران مونکي نينڍ ملي ھئي گانڌي ڌام گجرات جي ڪانجي لعل ماکيجا قاصد (شاعر) جي معرفت، جيڪو پاڻ بہ محفل ۾ موجود ھو. چيٽي چنڊ جون محفلون نَوراتڙيءَ جي ڪري نَوَ راتيون ھلنديون ھيون. اسان جي گھر ۾ تڏھن پکو بہ ڪونہ ھوندو ھو، پر صُوفي در ۾ اسان کي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ رھايو ويو. صُوفي در جي سنگيت محفل ۾ سڀ مالدار سنڌي ايندا ھئا ۽ ڪلاڪارن تي نوٽن جي ورکا ڪندا ھئا. لڳتار نَوَ ڏينھن سنڌي سنگيت جي محفل جهمندي ھئي ۽ محفل ۾ موجود ماڻھو فنڪارن آڏو رکيل کنجري (ڊفليءَ) ۾ ھزارين رُپيا وجھندا ھئا.“

چيناءِ ۾ سنڌي ڌرمشالا

منھنجي پُڇڻ تي ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو تہ انھن ڏينھن ۾ چيناءِ ۾ سنڌين جي آبادي ويھ پنجويھ ھزار ھئي. اھي سڀ ڪاروباري ھئا. ھيرن جواھرن جا ڪاروبار وغيرہ. چيناءِ ۾ سنڌين جي پنھنجي ڪالوني بہ آھي. ”مون توھان کي ٻُڌايو تہ ھر آچر تي صُوفي دَر تي ٿيندڙ سنگيت محفل ۾ اھي امير سنڌي پنھنجي وڏين گاڏين ۾ اچي لھندا ھئا.“

”توھان ٻيون ڪي خاص ڳالھيون نوٽ ڪيون؟“ منھنجو سوال ھو.

”بلڪل. تامل باشندا پنھنجي ٻولي، ڪلچر ۽ لباس جي حوالي سان پڪا آھن. سندن اثر جي ڪري سنڌي بہ انھيءَ ڪلچر جو بڻجي ويا آھن. سندن لباس، عام ھنڌن تي  ٻولي، اُٿڻي ويھڻي سڀ تامل ڪلچر جيان آھي. سنڌ ٻولي ۽ ڪلچر رُڳو گھرن تائين محدود آھي. جيڪڏھن توھان سان ڪير سنڌيءَ ۾ نہ ڳالھائي تہ خبر بہ ڪانہ پوندي تہ ھُو سنڌي آھي. ٻيو تہ، مقامي تامل سرڪاري نوڪرين  ۾ تہ ڇانيل آھن، ۽ ننڍن ڪاروبارن ۾ بہ آھن، پر وڏن ڪاروبارن ۾ سنڌي ۽ راجسٿان جا مارواڙي ئي نظر اچن ٿا.“

ناري لڇواڻيءَ ٻڌايو تہ سائوٿ انڊيا جي اڪثر شھرن ۾ ڪي چيلارام K. Chellaram نالي سان ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏٺائين. کيس اندازو ھو تہ انھن جو مالڪ ڪو سنڌي ھوندو، پر کيس  سمورو اسٽاف غير سنڌي نظر ايندو ھو. ھڪ ڀيري ھڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور جي ڪنھن ملازم کان پُڇڻ تي پڪ ٿيس تہ اصل مالڪ سنڌي ئي ھو.

سنڌو سادن مندر

ناري لڇواڻيءَ سان ڪچھري ڪندي ئي مون گُوگل تي ڪي چيلارام لکيو تہ سموري معلومات اسڪرين تي اچي وئي. اھو سنڌ ورڪي محترم ڪشنچند چيلارام ھو جنھن 1915 ۾ ڪي چيلارام اينڊ سنز جي نالي سان ڪاروبار شروع ڪيو ھو جيڪو بين الاقوامي سطح تائين پکڙجي ويو ھو. ڪشنچند چيلارام مدراس (هاڻوڪي چيناءِ) ۾ گيانچند چيلارام جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هڪ سنڌي ڪپڙي جو واپاري هو. هن ۽ سندس ٽنهي ڀائرن حيدرآباد ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ خانداني ڪاروبار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تربيت ورتائين. پندرهن سالن جي عمر ۾، چيلارام خانداني ڪاروبار ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس ڪاروبار جي ڪيترن ئي رخن جي تربيت ڏني وئي. 1915ع ۾، هن مدراس ۾ ڪي چيلارام اينڊ سنز نالي سان فرم قائم ڪري پنهنجو الڳ ڪاروبار شروع ڪيو، جنهن ۾ ريشمي ڪپڙي ۽ ڪجهه ٻين شين جو واپار ڪيو ويندو هو. ڪجهه سالن کانپوءِ يوڪوهاما (جاپان) ۾ هڪ شاخ کولي وئي. ڪاروبار وڌائڻ جي نتيجي ۾ 1923ع ۾ لاگوس (نائيجيريا) ۾ هڪ آفيس قائم ٿي. لاگوس جي اها فرم 1920ع ۽ 1930ع واري ڏهاڪي ۾ يورپي ڪمپنين سان مقابلو ڪندي هندستان ۽ جاپان مان ڪپڙو گهرائي واپار ڪندي هئي. ٻي مهاڀاري لڙائيءِ کان اڳ، فرم سيرياليون ۾ پڻ پنهنجي مقامي آفيس قائم ڪئي.

ڪشنچند چيلارام

چيلارام جو خاندان ورهاڱي کان اڳ واري هندستان ۾ سنڌ جو هندو خاندان هو. جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو، ته چيلارام سنڌ ۾ پنهنجا گهڻا اثاثا وڪڻي ڇڏيا ۽ نائيجيريا ۾ پنهنجي ڪاروباري دلچسپي وڌائي ڇڏيائين. ڪشنچند چيلارام 1947ع ۾ نائيجيريا ۾ باقاعدي طور تي پنهنجو ڪاروبار رجسٽر ڪرايو ۽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ هن ڊپارٽمينٽل اسٽورن جو هڪ  سلسلو قائم ڪيو. چيلارام وٽ نوآبادياتي دور جي لاگوس جي هڪ معزز علائقي اڪوئي (Ikoyi) ۾ هڪ گهر هو پر پوءِ هو رٽائر ٿي حيدرآباد جي هڪ پيڙهي (Pedhi/مرڪز) ۾ رهڻ لڳو. پنهنجي وفات کان اڳ، هن هندستان ۾ هڪ تعليمي ٽرسٽ قائم ڪئي جنهن ڪشنچند چيلارام ڪاليج (KC College) جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم حصو ورتو.

ھاڻي وري ناري لڇواڻيءَ سان ڪچھري جو احوال. ٻولين جي حوالي سان ڪچھري ڪندي ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو تہ انڊيا جي رياستن لاءِ مرڪزي سرڪار جي پاليسي آھي تہ ٽي ٻوليون پڙھايون وڃن. ھڪ اُتان جي مقامي ٻولي، ٻي انگريزي ۽ ٽين ھندي ٻولي. پر تامل ناڊو ھنديءَ کي ڪاٽا ڪري ڇڏيو آھي. ”اُتي صرف تامل ۽ انگريزي پڙھائي وڃي ٿي.“

”اسان جي سنڌي لِپيءَ ۾ 52 حرف آھن، پر تامل لِپيءَ ۾ ڪُل تيرھن حرف آھن. مرڪزي سرڪار جي سينٽرل ھندي ڊائريڪٽوريٽ جي ھڪ آفيس چيناءِ ۾ بہ آھي، جنھن کي سنڌي ڀاشا جي ترقيءَ جو ڪم سونپيو ويو ھو. ھڪ ڀيري 1987 ۾ مونکي بہ اُتي ست ڏينھن جي ٽريننگ ورڪشاپ ۾ گھرايو ويو ھو. ھڪ سنڌي ڪشور واسواڻي اُن آفيس جو انچارج ھو،“ ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو، جنھن سان ڪچھريءَ ۾ ڳالھيون تہ گھڻيون ٿيون پر تامل ناڊو جي حوالي سان سندس دلچسپ احوالن کي ونڊي مان ھاڻي آن لائين ذريعن واري معلومات ڏانھن ايندس.

سنڌي مندر نالي ويب سائيٽ تي صُوفي در، سنڌي ڌرمشالا ۽ ھڪ مندر جو ذڪر ھو. صُوفي در بابت ٻُڌايو ويو تہ اھو سنت رتنچند قائم ڪيو ھو. ان مندر ۾ ھڪ ھال شھنشاھ بابا نيڀراج جي پوئلڳن لاءِ مخصوص آھي، جيڪو اصل سنڌ جو ھو جيڪو ھيو تہ ڪالي ماتا جو پوئلڳ پر فارسي شاعري پڙھندو ھو. چيناءِ جو ٻيو مندر سِنڌو سادن سڏجي ٿو جيڪو صُوفي در کانپوءِ قائم ڪيو ويو ھو. سنڌي ڌرمشالا ۽ مندر سڀ کان پُراڻو آھي ۽ چيناءِ جي پُراڻي زماني ۾ قائم ڪيو ويو جڏھن اھو اڃان مدراس سڏبو ھو. ھاڻي ڌرمشالي واري علائقي مان کوڙ سنڌي ٻين نوان علائقن ڏانھن لڏي ويا آھن.

ھڪ ٻي ويب سائيٽ موجب  شھر ۾ لڳ ڀڳ پنج ھزار سنڌي ڪٽنب آباد آھن، جن مان گھڻا ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي آيا ھئا. چيناءِ جا اڪثر سنڌي مختلف ڪاروبارن ۾ سرگرميءَ سان لڳل آهن ۽ ”سائوڪارپيٽ“ (Sowcarpet) جهڙن علائقن ۾ سندن وڏي موجودگي آهي، جيڪو سنڌي، مارواڙي ۽ سوراشٽرن ڪاروبارن جو هڪ مرڪزي ڳڙهه آهي.

اهي چيٽي چنڊ جهڙا اهم ڏڻ ملهائيندا آهن ۽ پنهنجي مرشد سائين جهولي لعل جي عزت ڪندا آهن، جنهن سان اهي پنهنجي پاڙُن (ثقافت) سان جڙيل رهن ٿا. ڪيترن ئي سنڌين تامل ٻولي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ پڻ سکي ورتي آهي، جنهن جي ڪري اهي تامل ناڊو جي زندگيءَ ۾ آسانيءَ سان سمائجي ويا آهن. تنهن هوندي به، اهي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ان کي پنهنجي نوجوان نسل تائين پهچائڻ بابت تمام گهڻا سنجيده آهن. ڪجهه سنڌين پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر پڻ شاديون ڪيون آهن، جنهن ۾ چيناءِ جي مقامي تامل ۽ مليالي ماڻهن سان شاديءَ جا رشتا شامل آهن.

سندن ڪيتريون ئي برادري تنظيمون آهن جهڙوڪ: سنڌيز آف چيناءِ سٽي ڪرڪيٽ ليگ، چيناءِ سنڌي يوٿ سرڪل (CSYC)، چيناءِ سنڌي ليڊيز چيپٽر ۽ سنڌي ڌرمشالا، جيڪي کين گڏ ٿيڻ ۽ هڪ برادريءَ طور سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪن ٿيون. ھنن شهر ۾ هڪ “سنڌي ماڊل اسڪول” پڻ قائم ڪيو آهي، ۽ سماج  جي سيوا لاءِ لنگر جو بندوبست پڻ ڪندا آهن.

چيناءِ شھر ۾ سنڌي ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جو بنياد 1974ع ۾ رکيو ويو هو جڏھن اھو مدراس شھر سڏبو ھو. هيءَ سوسائٽي ٽن اسڪولن ۽ هڪ ڪاليج جو انتظام سنڀالي رهي آهي. سيٺ پي. ڊي. هندوجا ماڊل سينيئر سيڪنڊري اسڪول (سي بي ايس اي)  1975–76ع ۾ شروع ڪيو ويو هو. ان ئي روايت کي اڳتي وڌائيندي، سنڌي ماڊل ميٽريڪيوليشن هائر سيڪنڊري اسڪول، جيڪو اسٽيٽ بورڊ سان لاڳاپيل آهي، تعليمي سال 2011–2012ع ۾ ۽ سنڌي ماڊل اسڪول آف ايڪسيلينس تعليمي سال 2019–20ع ۾ شروع ڪيو ويو. سنڌي ڪاليج جو بنياد تعليمي سال 1991–92ع دوران هڪ سيلف فنانسنگ ڪاليج جي طور تي رکيو ويو، جيڪو مدراس يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي. ڪاليج کي تعليمي سال 2002–2003ع کان وٺي مستقل الحاق  ڏنو ويو.   

ھاڻي جيڪو مواد مان پڙھڻ لاءِ پيش ڪريان ٿو اھو مڪمل طور جيمناءِ کان پُڇيل سوالن جي جوابن تي آڌار رکندڙ آھي.      

تامل ناڊو رياست پنهنجي قديم ثقافت ۽ دراوڙي تهذيب جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي، پر ان جي رنگين سماجي تاڃي ۾ سنڌي برادريءَ جو رنگ هڪ اهڙي خوشبوءِ وانگر شامل آهي جيڪا تعداد ۾ گهٽ هجڻ باوجود پنهنجي اثر ۽ توانائيءَ ۾ تمام گهڻي اثرائتي آهي. تامل ناڊو ۾ سنڌين جي موجودگي رڳو لڏپلاڻ جو نتيجو ناهي، پر اها محنت، وفاداري ۽ سماجي هم آهنگيءَ جو هڪ اهڙو داستان آهي جنهن جي شروعات ورهاڱي کان به اڳ ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ ٿي چڪي هئي. ان دور ۾ شڪارپور ۽ حيدرآباد جا سنڌي هندو واپاري، جن کي تاريخي طور تي ’سنڌ ورڪي‘ چيو ويندو هو، پنهنجي ڪاروباري وسعت لاءِ تامل ناڊو جي گاديءَ واري شهر مدراس (هاڻوڪي چيناءِ) پهتا هئا. تنهن هوندي به، سنڌين جي وڏي آبادي 1947ع جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ هجرت ڪري هتي پهتي. جيتوڻيڪ سنڌين جو وڏو انگ گجرات ۽ مهاراشٽر جي ڪيمپن ۾ آباد ٿيو، پر ڪجهه همت ڀريا خاندان ڏکڻ هندستان جي هن ڏورانهين پر امن حصي ڏانهن نڪري آيا ۽ پنهنجي محنت سان پناهگير واري حيثيت کي تامل ناڊو جي معاشي ڪرنگهي  ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

سارا ارجن

چيناءِ، ڪوئمبٽور ۽ مدورائي جهڙن شهرن کي سنڌين پنهنجو نئون گهر بڻايو، جتي اڄ به چيناءِ جا علائقا ايگمور، ڪلپاڪ ۽ ٽي نگر سنڌي ڪاروبار ۽ سماجي زندگيءَ جا مرڪز آهن. ڪوئمبٽور، جنهن کي ڏکڻ هندستان جو ’مانچسٽر‘ سڏيو وڃي ٿو، اتي سنڌين ڪپڙي ۽ مشينري جي صنعت ۾ پنهنجا پير پختا ڪيا. هن برادريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها رهي آهي ته انهن پنهنجي سنڌي سڃاڻپ کي برقرار رکندي پاڻ کي مقامي تامل ثقافت ۾ اهڙو ته سمائي ورتو جو اڄ اهي ’تامل سنڌي‘ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اها هم آهنگي رڳو ڪاروبار تائين محدود ناهي، پر تعليم ۽ سماجي خدمت جي ميدان ۾ به نمايان آهي. سنڌي ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران قائم ڪيل ’سنڌي ڪاليج‘ ۽ ’سنڌي ماڊل اسڪول‘ چيناءِ جي بھترين تعليمي ادارن ۾ شمار ٿين ٿا، جتي نه صرف سنڌي پر هزارين تامل شاگرد به تعليم وٺي رهيا آهن. مذهبي طور تي اهي جهولي لعل ۽ گرو نانڪ جا پوئلڳ آهن، پر سندن مندرن ۽ درٻارن ۾ تامل برادريءَ جي شموليت ۽ چيٽي چنڊ جي موقعي تي مقامي سياسي اڳواڻن جي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي برادري رياست جي سماجي ڍانچي جو اڻٽٽ حصو بڻجي چڪي آهي.

معاشي لحاظ کان تامل ناڊو جي سنڌي برادري انتهائي مستحڪم آهي، جيڪا خاص ڪري ٽيڪسٽائل، ريئل اسٽيٽ، فنانس ۽ اليڪٽرانڪس جي شعبن ۾ اڳڀري آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايتري معاشي طاقت هجڻ باوجود سنڌين سڌي سياست يا اسيمبلي جي رڪنيت بدران ’پردي پٺيان‘ ڪردار کي ترجيح ڏني آهي. تامل ناڊو جي سياست جيڪا لساني ۽ قومپرست بنيادن تي بيٺل آهي، ان ۾ ڪنهن غير تامل لاءِ سڌي چونڊ کٽڻ مشڪل هوندو آهي، تنهنڪري سنڌي برادري پنهنجي سياسي اثر رسوخ کي ڪاروبار دوست پاليسين جي حمايت تائين محدود رکي ٿي. اهي روايتي طور تي قومي سطح تي بي جي پي جا حامي رهيا آهن، پر رياستي ضرورتن تحت ڊي ايم ڪي ۽ اي آئي اي ڊي ايم ڪي جهڙين مقامي پارٽين سان به ويجها لاڳاپا رکن ٿا. چيناءِ جي مخصوص تڪن ۾ سنڌي ووٽرن جو تعداد ڪنهن به اميدوار لاءِ فيصله ڪن ثابت ٿيندو آهي، جنهن ڪري سياسي پارٽيون کين ’ڪنگ ميڪر‘ جي نظر سان ڏسنديون آهن.

سنڌي برادريءَ جو هڪ اڻلڀ پر اثرائتو پاسو تامل فلمي صنعت يعني ’ڪولي ووڊ‘ سان وابستگي آهي. جيتوڻيڪ اسڪرين تي ڪو وڏو سنڌي هيرو نظر نٿو اچي، پر فلمون پروڊيوس ڪرڻ، ڊسٽريبيوشن ۽ سينيما گهرن جي مالڪي ۾ سندن حصو تاريخي رهيو آهي. چيناءِ ۾ هندي فلمن جي ڊسٽريبيوشن جو وڏو حصو به سنڌي خاندانن جي هٿ ۾ رهيو آهي. اڄ جو نئون نسل، جيڪو تامل ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ مهارت رکي ٿو، اهي هاڻي سماجي رابطن جي ذريعي سياسي ۽ ثقافتي ميدان ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي رهيا آهن. تامل ناڊو جا سنڌي اڄ به پنهنجي گهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جوت ٻاريو ويٺا آهن، جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جتي به سنڌي وڃي آباد ٿيو آهي، اتي هن پنهنجي محنت سان نه صرف پنهنجي تهذيب کي بچايو آهي پر ميزبان سرزمين جي ترقيءَ ۾ به پنهنجو رت ست ڏنو آهي. سندن هيءُ سفر تامل ناڊو جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، جتي سنڌيت ۽ تامل سڃاڻپ گڏجي هڪ خوبصورت گلدستو بڻجي پيا آهن.

راج ارجن ۽ سندس اداڪارا ڌيءَ سارا ارجن

چيناءِ جيڪو ڪنھن زماني ۾ سموري ڏکڻ هندستان جي فلمي صنعت جو مرڪز هو، اتي سنڌي واپارين فلمي اوزارن، ڪيمرائن ۽ لباسن جي مسواڙ تي فراهميءَ جو وڏو ڪاروبار ڪيو. تامل ناڊو ۾ سنڌي برادريءَ جي سماجي حيثيت ايتري مضبوط آهي جو ڪيترن ئي تامل فلمن ۾ سنڌي سيٺ يا سنڌي واپاريءَ جو ڪردار هڪ معتبر شخصيت طور ڏيکاريو ويندو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته تامل سينيما جا وڏا اسٽار (جيئن رجني ڪانت يا ڪمال حسن) به ذاتي زندگيءَ ۾ چيناءِ جي سنڌي ڪاروباري شخصيتن سان ويجها لاڳاپا رکندا آهن.

ھن ليک جي پڇاڙيءَ ۾ وري ناري لڇواڻيءَ سان ٿيل ڪچھريءَ جون دلچسپ ڳالھيون ونڊيندس. ھُن ٻُڌايو تہ سندن شھر بيراڳڙھ جو ھڪ نوجوان راج تولاڻي ممبئي وڃي بالي ووڊ جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ھو. اُتي ڪِن سڄڻن صلاح ڏنس تہ پنھنجي نالي مان تولاڻي لفط ھٽائي ڪجھ ٻيو لکندو تہ فلمن ۾ وڌيڪ موقعا ملندس. انھيءَ صلاح تي ھُن پنھنجي آڪھ وارو نالو تولاڻي ھٽائي پيءُ جو نالو ارجن ڳنڍي ڇڏيو راج ارجن بڻجي ويو. راچ جي ڌيءَ سارا بہ فلمي دنيا ۾ آئي ھُن سارا ارجن جي نالي سان پاڻ کي متعارف ڪرايو. ھيءَ اُھا ئي سارا ارجن اھي جيڪا ويجھڙ ۾ ڪراچيءَ جي لياريءَ وارن ڪردارن تي ٺھيل فلم ۾ ھيروئن آھي. ”سارا ارجن انھيءَ کي اڳي بہ سائوٿ جي فلمن ۽ اشتھارن ۾ ايندي ھئي پر ھن فلم کانپوءِ سندس اھميت وڌي وئي آھي ۽ سائوٿ جون جام فلمون کيس ملي رھيون آھن.“

_____________ 

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button