Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

خوف جي پاڇي ۾ ڪوٺايل ڪُل سنڌ وحدت مشاعرو

هڪ پاسي قلم 144 جو نوٽيفڪيشن آهي، ٻئي پاسي شاعرن جو مشاعرو. هڪ پاسي سيڪيورٽي جو خوف آهي، ٻئي پاسي ادب جو آواز. هڪ پاسي انتظاميا جي ذميواري آهي، ٻئي پاسي شهرين جو اظهار جو حق. وچ ۾ هڪ سوال بيٺو آهي: ڇا اسان اهڙو معاشرو ٺاهڻ چاهيون ٿا، جتي شاعر به مائيڪ کڻڻ کان اڳ اجازت کان وڌيڪ خوف کي ڏسي؟

نسيم بخاري

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ٻَڌيءَ واري ڏهاڙي ۽ ڪل سنڌ وحدت مشاعري جي حوالي سان گذريل ٻن ڏينهن ۾ جيڪا صورتحال سامهون  آئي آهي، تنھن ادب، ثقافت، انتظاميا، اظهار جي آزادي ۽ رياست ۽ سماج جي وچ ۾ وڌندڙ بي اعتماديءَ بابت ڪيترائي اهم سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن. هڪ ادبي ۽ ثقافتي پروگرام کي پهريان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڇو ڪرڻو پيو، پوءِ ساڳئي پروگرام کي مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، ڪهڙيون رنڊڪون هيون ۽ ڪهڙي بنياد تي اهي رنڊڪون ختم ٿيون؟

25 سيپٽمبر 2026ع تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته ملڪ جي موجوده امن امان واري صورتحال، عوامي ميڙن بابت سيڪيورٽي خدشن ۽ حيدرآباد ضلعي انتظاميا پاران عوامي ميڙاڪن تي پابندين سبب 27 سيپٽمبر تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ رٿيل”سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ٻَڌي“وارو پروگرام ۽ الف ب پارڪ ۾ رٿيل ”ڪل سنڌ وحدت مشاعرو“ پنهنجي مقرر تاريخ تي ڪوٺائڻ عملي طور ممڪن نه رهيو آهي. پڌرائي ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ کي به بنيادي سبب طور بيان ڪيو ويو.

ان کان اڳ جاري ٿيل انتظامي نوٽيفڪيشن بابت ڏنل متن موجب 25 کان 29 سيپٽمبر تائين حيدرآباد ضلعي ۾ پنجن يا وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي مڙھي وئي هئي. نوٽيفڪيشن ۾ امن امان جي صورتحال، سيڪيورٽي خدشن ۽ ممڪن حملن جي اطلاعن کي بنياد بڻايو ويو هو. اهڙي صورتحال ۾ انتظاميا جو سيڪيورٽي بابت فڪر پنهنجي جاءِ تي سمجهڻ جهڙو معاملو آهي. ڪنهن به رياست جو بنيادي فرض پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي.

جيڪڏهن پابندي واقعي هر قسم جي گڏجاڻيءَ تي لاڳو هئي ته پوءِ ڇا ان جي دائري ۾ ادبي پروگرام به شامل  هو؟ جيڪڏهن شامل هو ته پوءِ سنڌي ادبي سنگت کي ان بابت واضح لکت ۾ ڪهڙي هدايت ڏني وئي؟ ۽ جيڪڏهن ادبي پروگرام لاءِ ڪا مخصوص رعايت، اجازت يا انتظامي سهڪار پيدا ڪيو ويو، ته اهو فيصلو ڪهڙي مرحلي تي ۽ ڪهڙن سببن جي بنياد تي ٿيو؟

جڏھن 27 سيپٽمبر تي آخرڪار پروگرام ٿي ويو، ته پوءِ 25 سيپٽمبر واري ملتوي ڪرڻ جي پڌرائي ۽ 27 سيپٽمبر تي پروگرام ڪرائڻ جي وچ ۾ جيڪو فاصلو آهي، ان جي وضاحت ڪير ڪندو؟ هي سوال ڪنهن ادبي اداري کي نشانو بڻائڻ لاءِ نه، پر ان اداري جي پنهنجي وضاحت کي سمجهڻ لاءِ آهن.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران پوءِ اهو اعلان به ٿيو ته 27 سيپٽمبر تي پروگرام ”مقرر وقت ۽ مقرر هنڌ تي ٿيندو ۽ هر صورت ۾ ٿيندو“. جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي هئي جو پروگرام کي ملتوي ڪرڻو پيو هو، ته پوءِ ڪهڙي تبديليءَ سان پروگرام ٻيهر ممڪن ٿيو؟ ڇا انتظاميا سان ڳالهين جو نتيجو نڪتو؟ ڇا سيڪيورٽي بابت ڪو نئون انتظام ڪيو ويو؟ ڇا پروگرام جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي ڪا مخصوص اجازت يا سهولت ڏني وئي؟ يا انتظاميا جو موقف ئي تبديل ٿيو؟

اهي سوال سنڌي ادبي سنگت جي قيادت کي پاڻ واضح ڪرڻ گهرجن، ڇو ته مونجهارو جڏهن عوامي سطح تي پيدا ٿئي ته ان جو خاتمو به وضاحت سان ئي ممڪن هوندو آهي.

ادب ۽ ثقافت جي سرگرمين کي سياسي جلسن، جلوسن ۽ احتجاجي مظاهرن جي برابر سمجهڻ بابت به سنجيده بحث جي ضرورت آهي. ادبي سنگت جو پروگرام ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو جلسو نه هو. ان ۾ نه روڊ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان هو، نه سرڪاري آفيسن جو گهيراءُ، نه ڪو ڌرڻو ۽ نه ئي ڪنهن سرڪاري اداري تي چڙهائيءَ جو سوال. پروگرام جو بنيادي مقصد سنڌي ادب، سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم، وحدت ۽ ادبي ساٿ کي اجاگر ڪرڻ ۽ مشاعري ذريعي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ هو.

اها به حقيقت آهي ته ”وحدت سنڌ“ جهڙو موضوع رڳو ادبي دائري تائين محدود نه رهيو آهي. موجوده سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ماحول ۾ سنڌ جي وحدت، وسيلن، زمين، ٻولي ۽ صوبائي اختيارن بابت ڪيترائي فڪري ۽ سياسي بحث جاري آهن. آگسٽ 2026ع ۾ ڄامشوري ۾ اديبن، دانشورن ۽ مختلف سماجي سياسي حلقن جي گڏجاڻيءَ ۾ پڻ سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ صوبائي اختيارن بابت کليل بحث ٿيو هو.

غلام رسول برفت جڏهن حيدرآباد جي ھڪ سنڌي اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، تڏهن هن بي بي سي جي هڪ رپورٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ۽ مترجم طور پنهنجو نالو لکيو. اها رپورٽ شايع ٿيڻ کان پوءِ کيس ايتريون تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون، جو آخرڪار کيس روپوش ٿيڻو پيو.

تحرير جو بنيادي بيان ڪنهن ٻئي جو هو، ان کي نشر ڪنهن ٻئي اداري ڪيو هو، جڏهن ته هن جو ڪردار رڳو ايترو هو ته ان مواد کي سنڌيءَ جي پڙهندڙن تائين ترجمي جي صورت ۾ پهچايو. پر ان مترجم کي جيڪي مصيبتون ۽ ڏکيائيون ڏسڻيون پيون، انهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ آسان ناهي. رڳو مترجم ئي مشڪلاتن کي منهن نه ڏنو، پر سندس اداري کي به ان جا نتيجا ڀوڳڻا پيا. پبلشر ۽ ايڊيٽر کيس آفيس اچڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته قاضي اسد سندس گهر تي سندس پگهار پهچائيندو رهيو.

هڪ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جيڪڏهن ڪو پڙهيل لکيل، حساس ۽ فرض شناس انسان وطن سان محبت، ترقي پسندي يا پنهنجي شهر ۽ ماڻهن سان وابستگيءَ سبب حق جي ڳالهه ڪري ۽ سچ لکي، ته اها ڳالهه ايتري خطرناڪ ڇو بڻجي وڃي ٿي، جو ان شخص کي يا ته ادارو ڇڏڻو پوي، يا روپوش ٿيڻو پوي، يا وري وطن ئي ڇڏڻو پوي؟

سنڌ جي وحدت، سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه لکڻ يا ان بابت آواز اٿارڻ جي صورت ۾ اسان جي ماڻهن کي جيڪو خوف ۽ سزا ڀوڳڻي پوي ٿي، اها صورتحال بظاهر انهن لاءِ آزمائشون پيدا ڪري ٿي، پر حقيقت ۾ خوف پکيڙيندڙن ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪندڙن جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت بابت به ڪيترائي سوال اٿاري ٿي.

آخر اهي سنڌ جي شعور، سنڌ جي ضمير ۽ سنڌ جي ثابت قدم ۽ غيرتمند پٽن ۽ ڌيئرن کان ايترا خوفزده ڇو آهن؟ انهن کي ڪهڙي ڳالهه جو خوف آهي؟ نه هٿياربند، مظلوم ۽ شرافت سان زندگي گذاريندڙ يا پنهنجي ڳالهه دليل سان بيان ڪندڙ ماڻهو آخر انهن لاءِ ڪهڙو خطرو ٿي سگهن ٿا، جو انهن تي هميشه نظر رکڻ ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي؟

ڪجهه هفتا اڳ سنڌي ادبي سنگت پاران ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ سنڌ جي وحدت جي بقا جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪرايا  هئا. انهن ۾ ننڍيون ننڍيون ريليون ۽ جلوس به شامل هئا. انهن پروگرامن ۾ جن ماڻهن تقريرون ڪيون، جيڪي مقرر هئا، تن سان گڏ انهن ماڻهن جو به پروفائيل تيار ڪيو ويو، جيڪي انهن سرگرمين ۾ شريڪ ٿيا هئا، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان لاڳاپيل هئا يا انهن سان همدردي رکندا هئا.

صحافين کان فوٽيجون ۽ تصويرون ورتيون ويون. تصويرن جي بنياد تي ماڻهن جا چهرا سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نه رڳو انهن جون سڃاڻپون نوٽ ڪيون ويون، پر سندن ماضي ۽ حال بابت معلومات به رڪارڊ جو حصو بڻائي وئي.

ڪجهه اردو ٽي وي چئنلن پنهنجي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ رپورٽرن کي ان ڳالهه لاءِ پابند ڪيو ته اهي انهن ماڻهن سان رابطو ڪن، جيڪي انتظامي نون يونٽن يا نون صوبن جي حق ۾ ڳالهائين ٿا.

پر جڏهن رپورٽرن انڪار ڪيو ۽ چيو ته  ماڻهو ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ئي تيار ناهن، ته کين چيو ويو ته اوهان اهڙن ماڻهن سان ملاقات ڪريو، جيڪي اوهان جي ڏنل رخ ۽ هدايت مطابق پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ لاءِ تيار هجن. اهڙا ماڻهو ڳولھيو، جن کي ميڊيا ڪوريج جو شوق هجي، جيڪي مشهور ٿيڻ جا خواهشمند هجن ۽ جن کي شهرت جو هميشه ڪريز رهندو هجي. اوهان کي اهڙا چار پنج ماڻهو به ملي وڃن ته اسان جو ڪم ٿي ويندو.

آخر اهو ڪير آهي، جيڪو ميڊيا ادارن کي اهڙي گمراهه ڪندڙ عمل ڏانهن ڌڪي رهيو آهي؟ ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ واري اها ذهنيت آخر ڪهڙي آهي ۽ هو چاهي ڇا  ٿا ؟

هي سوال رڳو ميڊيا جي آزاديءَ جو سوال ناهي، پر اهو صحافت جي بنيادي ذميواري، ادارتي خودمختياري ۽ سماج ۾ سچ جي ڳولھا سان به جڙيل سوال آهي ته. جيڪڏهن رپورٽر کي اڳواٽ طئي ٿيل رخ مطابق ماڻهو ڳولھڻ ۽ مخصوص راءِ کي نمايان ڪرڻ لاءِ چيو ويندو، ته پوءِ صحافت تحقيق ۽ حقيقت جي ڳولھا بدران ڪنهن مخصوص بيانيي جي تياري جو اوزار بڻجي ويندي.

سنڌ جي ماڻهن جو اصل سوال اهو آهي ته اختلاف راءِ کي خطرو سمجهڻ بدران ان کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ دليل سان جواب ڏيڻ جو ماحول ڇو پيدا نٿو ڪيو وڃي؟ سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن بابت سوال ڪندڙن کان ڊڄڻ بدران انهن جي سوالن جا جواب ڏيڻ ئي ڪنهن به باشعور ۽ ذميوار سماج جي سڃاڻپ هجڻ گهرجي.

انهيءَ پسمنظر ۾ ”وحدت“ لفظ  انتظاميا لاءِ حساس ٿي سگهي ٿو، پر حساسيت ۽ پابندي هڪ ئي شئي ناهن. هڪ جمهوري ۽ قانوني سماج ۾ اصل سوال اهو هجڻ گهرجي ته ڪهڙو عمل قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ڪهڙو عمل اظهار، ادب ۽ گڏجاڻيءَ جي جائز دائري ۾ اچي ٿو.

انهيءَ ڪري 27 سيپٽمبر جو مشاعرو رڳو هڪ مشاعرو نه رهيو؛ اهو هڪ اهڙو واقعو بڻجي ويو، جنهن ۾ ادب، انتظاميا ۽ اظهار جي آزاديءَ جا ڪيترائي سوال هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا.

هتي هڪ ٻيو سوال به جنم وٺي ٿو: ڇا سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي قيادت واقعي ڪنهن واضح انتظامي پابنديءَ سبب پروگرام ملتوي ڪيو يا سيڪيورٽي خدشن جي ڪري احتياط ڪيو؟

ٻنهي ڳالهين ۾ وڏو فرق آهي.

جيڪڏهن انتظاميا طرفان صاف لفظن ۾ چيو ويو هو ته پروگرام نه ڪيو وڃي، ته اها ڳالهه عوام آڏو واضح ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن انتظاميا اهڙي ڪا پابندي نه وڌي هئي ۽ صرف قلم 144 جو عام حوالو موجود هو، ته پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي پهرين پڌرائي ۾ ان کي پروگرام ملتوي ڪرڻ جو بنيادي سبب ڇو بڻايو ويو؟

۽ جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جي ڳالهين کان پوءِ پروگرام لاءِ گنجائش پيدا ٿي، ته اها ڳالهه به سامهون اچڻ گهرجي ته ڪهڙين شرطن ۽ انتظامن سان اها گنجائش پيدا ٿي.

شفافيت جو مطلب ڪنهن هڪ ڌر کي ڏوهي ثابت ڪرڻ ناهي؛ شفافيت جو مطلب اهو آهي ته جيڪي سوال پيدا ٿيا آهن، انهن جا جواب موجود هجن.

سنڌ ۾ هي پهريون ڀيرو ناهي جو قلم 144 جي استعمال بابت سوال اٿيا هجن. ماضيءَ ۾ سياسي ۽ سماجي احتجاجن دوران به هن قانون جي استعمال تي بحث ٿيندو رهيو آهي. پر هر نئين واقعي کي ان جي پنهنجي حقيقتن سان ڏسڻ گهرجي.

انهيءَ ڪري ادبي سنگت جي پروگرام بابت حتمي راءِ ڏيڻ کان اڳ انتظاميا جي لکيل هدايت، پروگرام جي اجازت ۽ پوءِ ٿيل ڳالهين جا تفصيل سامهون اچڻ گهرجن.

پر سوالن جي هن سلسلي جو هڪ وڌيڪ ڳرو پاسو به آهي

ڇا سنڌ جي ادبي، فڪري ۽ صحافتي حلقن ۾ اهڙو ماحول پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو جائز فڪري اظهار ڪرڻ کان اڳ اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ٿا ته ”اسان جي ڳالهه جو ردعمل ڇا ٿيندو؟“

جيڪڏهن اهڙو احساس موجود آهي ته ان کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي.

سنڌي اديب، شاعر، صحافي، دانشور ۽ سماجي ڪارڪن سماج جا دشمن نه آهن. اهي سماج جي نبض کي پڙهڻ وارا ماڻهو آهن. انهن جو ڪم سوال ڪرڻ، خامين ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ، نئين سوچ پيدا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ مثبت تبديليءَ جا رستا کولڻ آهي.

رياست کان سوال ڪرڻ ۽ رياست سان دشمني ڪرڻ ٻه الڳ شيون آهن. حڪومت جي پاليسيءَ تي تنقيد ڪرڻ ۽ ملڪ سان غداري ڪرڻ به ٻه الڳ شيون آهن.

ڪنهن اداري جي ڪمزوريءَ تي لکڻ ۽ رياست خلاف سازش ڪرڻ به هڪجهڙيون شيون ناهن.

جيڪڏهن هر تنقيد کي مخالفت، هر اختلاف کي بغاوت ۽ هر سوال کي خطرو سمجهيو ويندو ته پوءِ معاشري ۾ سوال ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿيندي. ۽ جنهن معاشري ۾ سوال ختم ٿي وڃن، اتي مسئلا ختم ناهن ٿيندا؛ رڳو انهن تي ڳالهائڻ بند ٿي ويندو.

هن صورتحال کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي صحافت ۽ دانشورانه تاريخ جا ڪجهه واقعا به ذهن ۾ اچن ٿا.

جيڪڏهن سنگت چوي ٿي ته انتظاميا روڪيو، ته انتظاميا کان سوال ٿيڻ گهرجي: ڪهڙي لکيل هدايت ڏني وئي؟ جيڪڏهن انتظاميا چوي ٿي ته هن ادبي پروگرام کي روڪيو ئي نه هو، ته پوءِ سنگت کان سوال ٿيڻ گهرجي: ملتوي ڪرڻ جي پڌرائي ڇو جاري ڪئي وئي؟

۽ جيڪڏهن ڳالهين کان پوءِ پروگرام منعقد ٿيو، ته پوءِ ٻنهي ڌرين کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته حل ڪهڙي طريقي سان نڪتو. هڪ ادبي اداري جي طاقت صرف وڏي مشاعري ڪرائڻ ۾ ناهي؛ ان جي طاقت پنهنجي فيصلي جي وضاحت ڪرڻ ۾ به آهي.

ساڳيءَ طرح انتظاميا جي طاقت رڳو قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۾ ناهي؛ ان جي طاقت قانون جي دائري، مقصد ۽ استعمال کي واضح ڪرڻ ۾ به آهي.

جيڪڏهن سيڪيورٽي خطرو هو ته ادبي پروگرام لاءِ به مناسب سيڪيورٽي ڏني وڃي ھا . جيڪڏهن خطرو نه هو ته غير ضروري خوف پيدا نه ڪيو وڃي ھا. جيڪڏهن پابندي هئي ته ان جي نوعيت صاف ٻڌائي وڃي ھا. جيڪڏهن پابنديءَ ۾ ڇُوٽ يا انتظامي گنجائش هئي ته اها به لکيت ۾ سامهون اچي ھا.

ڇو ته خوف هميشه رڳو لٺ، بندوق يا گرفتاريءَ سان پيدا نه ٿيندو آهي؛ ڪڏهن ڪڏهن اڻڄاڻائي به خوف پيدا ڪندي آهي.

جڏهن ماڻهن کي خبر نه هجي ته ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ سان مسئلو ٿيندو، ڪهڙي ڳالهه لکڻ سان سوال ٿيندا ۽ ڪهڙي گڏجاڻيءَ کي اجازت ملندي يا نه ملندي، تڏهن سماج ۾ هڪ خاموش خودسنسر پيدا ٿيندي آهي. ۽ خودسنسر ڪنهن به آزاد معاشري لاءِ صحتمند علامت ناهي.

سنڌي ادبي سنگت جو 27 سيپٽمبر وارو واقعو انهيءَ لحاظ کان هڪ موقعو به آهي. سنگت جيڪڏهن پنهنجو موقف مڪمل دستاويزن سان واضح ڪري، انتظاميا پنهنجو موقف واضح ڪري،  ڳالهين جا بنيادي نتيجا بيان ڪيا وڃن ۽ اهو ٻڌايو وڃي ته مشاعرو آخر ڪهڙي بنياد تي ٿيو، ته اڄ جا سوال سڀاڻي جي تاريخ لاءِ هڪ صاف دستاويز بڻجي سگهن ٿا.

ٻئي طرف انتظاميا کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته شاعرن، اديبن ۽ دانشورن کي هر وقت شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ سان سماج ۾ اعتماد پيدا نه ٿيندو.

سنڌ جو اديب جيڪڏهن سنڌ جي وحدت تي ڳالهائي ٿو ته ان جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي. صحافي جيڪڏهن سرڪار کان سوال ڪري ٿو ته ان سوال جو جواب ڏيڻ گهرجي. دانشور جيڪڏهن ڪنهن پاليسيءَ جي تنقيد ڪري ٿو ته دليل سان جواب ڏيڻ گهرجي. سماجي ڪارڪن جيڪڏهن ڪنهن مسئلي تي احتجاج ڪري ٿو ته قانون جي دائري ۾ ان کي پنهنجي ڳالهه رکڻ جو حق هجڻ گهرجي.

آخر سوال اهو آهي ته خوف پيدا ڪندڙ ڪير آهي ۽ خوف کان ڊڄندڙ ڪير؟

شايد هن سوال جو جواب ڪنهن هڪ اداري، ڪنهن هڪ شخص يا ڪنهن هڪ واقعي ۾ نه لڪل هجي.

پر جيڪڏهن هڪ ادبي تنظيم کي پهريان پنهنجي پروگرام بابت خوف سبب پڌرائي جاري ڪرڻي پوي، پوءِ ڳالهين کان پوءِ ساڳيو پروگرام ڪرڻو پوي، ته ان تضاد کي نظرانداز ڪرڻ به ممڪن ناهي.

ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن واقعا پنهنجي زبان پاڻ ڳالهائيندا آهن.

هڪ پاسي قلم 144 جو نوٽيفڪيشن آهي، ٻئي پاسي شاعرن جو مشاعرو. هڪ پاسي سيڪيورٽي جو خوف آهي، ٻئي پاسي ادب جو آواز. هڪ پاسي انتظاميا جي ذميواري آهي، ٻئي پاسي شهرين جو اظهار جو حق. وچ ۾ هڪ سوال بيٺو آهي:

ڇا اسان اهڙو معاشرو ٺاهڻ چاهيون ٿا، جتي شاعر به مائيڪ کڻڻ کان اڳ اجازت کان وڌيڪ خوف کي ڏسي؟

جيڪڏهن جواب نه آهي، ته پوءِ حل به صاف آهي: قانون واضح هجي، پابندي واضح هجي، اجازت واضح هجي، اختلاف کي برداشت ڪيو وڃي ۽ هر ڌر پنهنجي فيصلي بابت عوام کي جوابده هجي.

سنڌ کي خاموش ماڻهو نه، باشعور ماڻهو گهرجن.

سنڌ کي اهڙا اديب گهرجن جيڪي سوال ڪن، اهڙا صحافي گهرجن جيڪي تحقيق ڪن، اهڙا دانشور گهرجن جيڪي دليل ڏين ۽ اهڙا حڪمران گهرجن جيڪي تنقيد ٻڌي جواب ڏين.

جيڪڏهن وطن سان محبت جو مطلب پنهنجي سماج جي خامين ڏانهن اکيون بند ڪرڻ نه آهي، ته پوءِ وطن دوست اديب جو سوال به وطن جي خلاف نه، پر وطن جي بهتريءَ لاءِ سمجهڻ گهرجي.

ڪل سنڌ وحدت مشاعرو آخرڪار منعقد ٿي ويو. پر مشاعرو ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه سوال اڃا ختم ناهن ٿيا.

____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button