اجتماعي طاقت، مزاحمت ۽ اتحاد نہ ھجڻ سبب سماج لاچار ٿي ويو آھي
اڄ جا افسوسناڪ واقعا ان ڪري به وڌي رهيا آهن، جو اسان ڪمزور ٿي ويا آهيون. اسان ۾ اها اجتماعي طاقت، مزاحمت ۽ اتحاد باقي نه رهيو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سماج جو دفاع ڪندو هو. نتيجي ۾ اسان لاچار، بي وس ۽ بي زبان بڻجي حالتن جي بي رحميءَ جو شڪار ٿيندا پيا وڃون. سنڌ جي نامياري فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊراما نگار مترجم بيدل مسرور جون ڳالھيون

نسيم بخاري
سنڌ جي نامياري فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊراما نگار مترجم ۽ نقاد، بيدل مسرور شڪارپور جي موجوده سماجي صورتحال، شهر جي بگاڙ ۽ ان جي ذميوارين توڙي شيخ اياز بابت ڪجھ ڌيان طلب ڳالهيون ڪيون آھن ، سي اسان سڀني لاءِ سوچڻ ۽ پاڻ کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جو جواز پيش ڪن ٿيون .
بيدل مسرور جو چوڻ آهي ته شڪارپورکي تباهه ۽ برباد ڪندڙ ماڻهو گهٽ، پر شهر کي سنوارڻ، جوڙڻ ۽ بچائڻ وارا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود آهن. افسوس رڳو اهو آهي ته مخلص ماڻهو ان انداز سان متحرڪ ۽ منظم ناهن، جنهن انداز سان کين متحرڪ ٿيڻ گهرجي. شڪارپور جا دشمن هڪ ٻئي جي طاقت بڻيل آهن، جڏهن ته شهر سان محبت ڪندڙ ماڻهو هڪ ٻئي کان ڇڙوڇڙ بيٺل نظر اچن ٿا.
اھا ڳالهه رڳو شڪارپور جي نه، پر اسان جي سموري سماجي نفسيات جي عڪاسي ڪري ٿي.
بيدل مسرور پاڪستان ٽيليويزن ۾ پروڊيوسر واري پنھنجي دور جو هڪ واقعو ٻڌائيندي چيو ته هن شڪارپور کي ڪوريج ڏيارڻ لاءِ پنهنجي اعليٰ انتظاميا ۽ منتظمين سان ڳالھائي اجازت ورتي. ان سلسلي ۾ جڏهن ٻڍل فقير جي درگاھ تي رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ ويو ته اٽڪل ٽيهه لک رپين جي قيمتي ڪئميرا چوري ٿي وئي. هن اتان جي لاڳاپيل شخصيت کي چيو ته اهو واقعو مناسب ناهي. صوفي بزرگ جي مزار جي دروازي تي بيهي اعلان ڪيو وڃي ته جنهن به ڪئميرا چورائي آهي، اهو واپس ڪري، ٻي صورت ۾ هُو انڌو ٿي ويندو. بيدل مسرور اهو به واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪئميرا سندس ڪراچيءَ واري گهر تائين به آندي وئي ته هُو اها واپس وصول نه ڪندو.

هن سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي چوريءَ جو ڪيس داخل ڪرايو. ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ معزز شخص ڪئميرا کڻي ڪراچيءَ ۾ وٽس پهتو، پر بيدل مسرور ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آخرڪار عدالتي فيصلي کان پوءِ اها ڪئميرا لاڳاپيل اداري کي حوالي ڪئي وئي.
هن واقعي جو هڪ پاسو چوريءَ جو آهي، پر ٻيو پاسو ان کان وڌيڪ اهم آهي: اصول تي بيهڻ ڪا معمولي ۽ نظرانداز ڪرڻ واري ڳالھ ناھي.
بيدل مسرور جو خيال آهي ته موت برحق آهي. اهو ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿو، تنهنڪري انسان کي خوف ۾ نه، پر بهادري ۽ جرئت سان زندگي گذارڻ گهرجي. خوف، ڊپ ۽ مسلسل پريشانيءَ ۾ گذاريل زندگي، حياتيءَ جو صحيح لطف نٿي ڏئي.

برصغير جي وڏي شاعر شيخ اياز جي شڪارپور ۾ تدفين جي حوالي سان منهنجي اها خواهش هئي ته کيس سندس وصيت مطابق شڪارپور جي الف شاهه شهيد قبرستان ۾ سندس ڀيڻ جي ڀرسان دفن ڪيو وڃي. پر اڄڪلهه شڪارپور جي قبرستانن جا جيڪي حال ڏسي رهيا آهيون، جنهن نموني اهي گندگي، بي ڌياني ۽ لاوارثيءَ جو شڪار آهن، تنهن کي ڏسندي هاڻي اهو احساس ٿئي ٿو ته سندس ڀٽ شاهه ۾ ئي دفن ٿيڻ بهتر هو.
بهرحال، مٽي به انسان کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿي. جتان جنم ٿيندو آهي، انسان اتي ئي وڃي دفن ٿيندو آهي. تنهنڪري مون کي به خبر ناهي ته منهنجي مٽي آخر ڪٿي آهي. اسان غلط کي غلط چوڻ کان ڊڄون ٿا، طاقتور کان سوال ڪرڻ کان گهٻرايون ٿا ۽ پنهنجي ذاتي مفاد جي خاطر اجتماعي مفادن کان منهن موڙي وٺون ٿا.
بيدل مسرور جو چوڻ هو ته جڏهن ڪو ماڻهو بنا ڪنهن مفاد ۽ لالچ جي عوامي مفادن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندو آهي ته ڪائنات جون سموريون قوتون سندس مددگار بڻجي وينديون آهن. قدرت ۽ فطرت انسان کي حوصلي سان گڏ نتيجو به ڏين ٿيون.
پر سوال اهو آهي ته اسان پنهنجي سماجي ذميوارين سان ڪيترو انصاف ڪري رهيا آهيون؟
اسان کي پنهنجا سماجي فرض ادا ڪرڻا آهن، پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون آهن، پر بدامنيءَ جي خاتمي لاءِ اسان کي اهو به طئہ ڪرڻو پوندو ته جيڪي ماڻهو ڌاڙيلن، ڏوهارين، چورن ۽ سماج دشمن عنصرن جي پناهه گاهه بڻجن ٿا، انهن جي سرپرستي ڪن ٿا ۽ انهن جي ڏوهن تي پردو وجهن ٿا، انهن کان سماج کي ڪهڙي نموني فاصلو رکڻ گهرجي.
بيدل مسرور جي ڳالهه جو سڀ کان سخت پاسو اهو هو ته انهن ڏوهارين ۽ سندن سرپرستن جي درن تي اسان جا پڙهيل لکيل ۽ سماجي تبديليءَ جا دعويدار ماڻهو به ويٺل نظر اچن ٿا.

جيڪو سردار، وڏيرو يا سياستدان عوام جي اجتماعي مفادن جي نگهباني ۽ ترجماني نٿو ڪري، ان کان ڪناره ڪشي ڪرڻ گهرجي. اهڙن ماڻهن سان غيرضروري لاڳاپا رکڻ، انهن جي محفلن کي رونق بخشڻ ۽ سندن طاقت ۾ اضافو ڪرڻ، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سماج ۾ وڌندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ ۾ پنهنجي حصيداريءَ جو ثبوت ڏيڻ برابر آهي.
اسان جي اجتمائي مفادن سان ذاتي لا تعلقي شهر کي ۽ مجموعي طور عوام کي آهستي آهستي لاوارث بڻائي رهي آهي.
بيدل مسرور ماضيءَ کي ياد ڪندي چوي ٿو ته هڪ وقت هو، جڏهن ويهه، ٽيهه نوجوان گڏ ٿي ڪنهن مسئلي جي حوالي سان بيهندا هئا ته ڪنهن ڌاڙيل، چور يا وحشي درندي کي مجال نه هوندي هئي ته هُو انهن ڏانهن اک کڻي به ڏسي.
اڄ جا افسوسناڪ واقعا ان ڪري به وڌي رهيا آهن، جو اسان ڪمزور ٿي ويا آهيون. اسان ۾ اها اجتماعي طاقت، مزاحمت ۽ اتحاد باقي نه رهيو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سماج جو دفاع ڪندو هو. نتيجي ۾ اسان لاچار، بي وس ۽ بي زبان بڻجي حالتن جي بي رحميءَ جو شڪار ٿيندا پيا وڃون.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي هڪ ٻئي سان متعارف ڪرايون. کين اهو ٻڌايون ته اسان پنهنجي دور ۾ خالي هٿن باوجود مضبوط خيالن سان ڪيئن استحصالي قوتن سان مقابلو ڪيو.
جڏهن نوجوان هڪ ٻئي سان ملندا، هڪ ٻئي کي سڃاڻندا ۽ انهن ۾ اتحاد پيدا ٿيندو ته هُو زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪندا. انهن جي اها ئي اجتماعي طاقت سندن مستقل دفاع بڻجي سگهي ٿي، جيڪا سندن بقا، وجود، ڪردار ۽ مستقبل جي نگهباني ڪندي.
اسان کي پنهنجي زندگيءَ، پنهنجي لغت ۽ پنهنجي روزمرهه جي روين مان اهو جملو ڪڍڻو پوندو ته: ”اسان جو ڇا وڃي؟“
هي جملو ئي شايد اسان جي اجتماعي زوال جو وڏو سبب بڻجي رهيو آهي.
اسان جو سڀ ڪجهه آهي. شهر به اسان جو آهي، رستا به اسان جا آهن، ادارا به اسان جا آهن ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهو به اسان جا آهن. جيڪڏهن اسان هر مسئلي کان لاتعلق ٿي وينداسين ته پوءِ سماج کي ٺيڪ ڪير ڪندو؟
اسان جي خاموشي آخر ڪهڙو پيغام ڏئي رهي آهي؟

بيدل مسرور ٻڌايو ته سچل ڳوٺ ۾ ويهه ماڻهو گڏجي چوڪيداري ڪندا هئا ۽ هنن اتي قبضه خورن کي ٽڪڻ نه ڏنو. هي واقعو ٻڌائي ٿو ته سماج کي هميشه وڏن وسيلن جي ضرورت ناهي هوندي؛ ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙا باشعور ۽ متحد ماڻهو به وڏي طاقت بڻجي ويندا آهن.
اصل ضرورت حقوق العباد کي پوري ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ جي آهي. افسوس اهو آهي ته اسان جو زور گهڻو ڪري حقوق الله جي ادائيگيءَ تائين محدود ٿي ويو آهي، جڏهن ته انسانن جا حق، سماجي ذميواريون، پاڙي وارن جا حق، شهر جا حق ۽ ڪمزور ماڻهن جا حق پوئتي رهجي ويا آهن.
عبادت رڳو پنهنجي ۽ خدا جي وچ ۾ معاملو ناهي؛ سماج سان انصاف به دين ۽ انسانيت جي اهم تقاضا آهي.
جيڪڏهن اسان عبادت ڪريون ٿا، پر پنهنجي سامهون ٿيندڙ ظلم تي خاموش رهون، ڏوهاريءَ جي سرپرستي ڪندڙ سان دوستي نڀايون، مظلوم جي بدران طاقتور جو ساٿ ڏيون ۽ شهر جي اجتماعي مسئلن کان لاتعلق رهون، ته پوءِ اسان کي پنهنجي ڪردار تي ضرور سوچڻو پوندو.
شڪارپور کي وڌيڪ مخلص ماڻهن جي اتحاد جي ضرورت آهي.
هتي مسئلو ماڻهن جي کوٽ جو ناهي، مسئلو اتحاد، تنظيم، جرئت ۽ اجتماعي ذميواريءَ جي کوٽ جو آهي.
شهر کي بچائڻ لاءِ شايد اسان کي ڪنهن وڏي انقلاب جي انتظار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ويهه، ٽيهه يا پنجاهه باشعور ماڻهو به جيڪڏهن بنا ذاتي مفاد جي هڪ نقطي تي گڏ ٿي وڃن ته ماحول تبديل ٿي سگهي ٿو.

ضرورت صرف ايتري آهي ته اسان تماشائي ٿيڻ بدران ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪريون. ڇو ته شهر تڏهن ئي بچندا آهن، جڏهن انهن جا ماڻهو پنهنجي شهر کي پنهنجو سمجهندا آھن .۽ شڪارپور کي اڄ سڀ کان وڌيڪ انهن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي ان کي صرف ياد نه ڪن پر ان لاءِ عملي ڪردار به ادا ڪن .
بيدل مسرور بدويءَ جو پروفائيل
اصل نالو بيدل بخش مسرور آهي. هن 11 جولاءِ 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. تعليم ايم اي سنڌي اٿس. هن 1974ع ۾ ايم اي سنڌيءَ دوران شڪارپور جي لئبريرين ۾ رکيل ڪتابن جو ڪيٽلاگ عنوان سان مونوگراف لکيو. بيدل مسرور جو 1974ع کان پاڪستان ٽيليويزن سان واسطو رهيو آهي، پاڻ ڪوئٽا سينٽر تي پنج سال پروڊيوسر ۽ اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر بہ رهيو. ٿورو وقت پي ٽي وي نيشنل جو پروگرام مئنيجر بہ رهيو. سنڌي، اردو ۽ براهوي زبانن ۾ پروگرام پيش ڪري جولاءِ 2007ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ڪيو اٿس. هن ميوزڪ ۽ ڊرامن جي پروگرامن تي گولڊ ميڊل ۽ پي ٽي وي ايوارڊن سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز حاصل ڪيا آهن. سندس مشھور پروگرامن ۾ ’هٿين گل ميندي‘ ۽ محبتون ڪي سفير (سنڌي شاعرن جي اردو ڪلام تي مبني) شامل آهن. روايتي صوفياڻي شاعري ڳائڻ سان گڏوگڏ سنڌي موسيقيءَ کي جدت ڏيڻ ۾ هن جون تمام وڏيون خدمتون آهن. خاص ڪري شيخ اياز ،امداد حسيني، استاد بخاري، قمر شهباز، ۽ ٻين وڏن شاعرن جي شاعريءَ کي هن مختلف راڳن ذريعي، پنھنجي تخليقي ڪمپوزيشن ۾ ڳائي، سنڌ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس چار آڊيو ڪيسٽون بہ بازار ۾ آيون. سندس تصنيفن ۾ راڻي (ناوليٽ: 1971ع)، ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻيون 1988ع )، چاهتن جي ٽِواٽي تي ۽ آءِ لو يو (ٻہ جاڙا ناول: 1999ع)، بعد ۾ چاهتن جي ٽواٽي تي (2018ع) ۽ ’آءِ لو يو‘ (2020ع) ۾ ڇپيا. ’رانول رمزن وارو‘ (قادر بخش بيدل جي ڪلام جو مطالعو 2011ع). قلوپطره (اردو ناول جو ترجمو، 2005ع)، ڪرشن چندر جي ٽن ناولن: محبت بہ قيامت بہ (2012ع)، ڪارنيوال (2013ع) ۽ ’ايڪ وائلن سمندر ڪناري‘ (2016ع) جو ترجمو، ’سپنن جو سنسار‘ (خوابن جو. نفسياتي جائزو 2007ع) ۽ ’خوابن جي تشريح‘ (سگمنڊ فرائيڊ جي مشھور ڪتاب جو ترجمو، 2020ع) شامل آهن. سندس ترتيب ۽ تاليف ڪيل ڪتابن ۾: ’ساگر جي لهرن تي‘ (حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو مجموعو، 1976ع)، ‘پيار جو ٽڪنڊو‘ (هند جي نَوَن سنڌي ليکڪن جو سهيوڳي ناول، 2014ع)، ’بيدل نامو‘ (2000ع) ’ڪليات مسرور ‘ ڀاڱو پهريون (مارچ 2000ع )، ‘فوائد المعنوي‘ (قادر بخش بيدل جا فارسي قول، سنڌيڪار فقير مسرور 2001ع)، ڪليات مسرور ڀاڱو ٻيو: 2010ع، ’پريم ساگر‘ (فقير مسرور جو سرائڪي، هندي ۽ فارسي ڪلام، 2005ع) ’مثنوي هير رانجهو‘ (تصنيف: فقير غلام علي مسرور)، ’مثنوي هير رانجهو‘ (فقير مسرور جي طبعزاد تصنيف، 2007ع)، شهيدِ حق (حسين بن منصور متعلق سچل سائين جي فارسي شاعري، 2011ع)، ‘قيامت نامو‘ (شاهھ رفيع الدين جي تصنيف جو ترجمو، سنڌيڪار: فقير مسرور 2015ع)، راڳ جي شرعي حيثيت (امام غزالي جي تصنيف احياءُ العلوم جي هڪ باب جو ترجمو، سنڌيڪار فقير مسرور، 2016ع)، ’سلطاني سهاڳ‘ (فقير مسرور جا طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل مضمون، 2016ع)، ’مسدس مسرور عرف هيرن جو هار‘ (فقير مسرور جو طويل مسدس اٺون ڇاپو، تشريح سان، 2019ع)، ’تون ئي منهنجو محور آن‘ (بينا بيدل جو شعري مجموعو، 2020ع) شامل آهن.
_____________
نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



