Editor's pickMain Slideماحولوڻج واپار

عمودي زراعت: شھرن ۾ عمارتن جي ڇتين، بالڪنين ۽ ڀتين تي ڀاڄيون پوکيو

عمودي زراعت هڪ اهڙو جديد تصور آهي جنهن سڄي دنيا ۾ کاڌي جي پيداوار ۽ شهرن جي بناوت بابت اسان جي سوچ کي بدلائي ڇڏيو آهي. ويٽنام ۾ عمارتن جي ڇتين تي برسات جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو آهي. ان کانپوءِ ڪنهن به موٽر يا بجلي واري پمپ جي استعمال بنا رڳو ڪششِ ثقل (Gravity) ذريعي پاڻيءَ کي ڇت تان هڪ کان ٻئي ماڙ تائين وھائبو آهي.

مانيٽرنگ ڊيسڪ

اڄ جي تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ جتي شهر وڌي رهيا آهن، پئرس معاهدي يا ماحولياتي تبديلين سبب زرعي زمينون متاثر ٿي رهيون آهن، اتي سڀ کان وڏو سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آيندڙ نسل جو پيٽ ڪيئن پالبو؟

روايتي زراعت لاءِ وڌيڪ زمين، پئٽروليم تي هلندڙ ٽرانسپورٽ، ۽ وڏي مقدار ۾ پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي. پر حقيقت اها آهي ته انھيءَ جو حل زمين کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ نه، بلڪه موجودہ شهري جڳهين کي نئين سوچ تحت استعمال ڪرڻ ۾ آھي.

انھيءَ حوالي سان عمودي زراعت هڪ اهڙو جديد تصور آهي جنهن سڄي دنيا ۾ کاڌي جي پيداوار ۽ شهرن جي بناوت بابت اسان جي سوچ کي بدلائي ڇڏيو آهي.

ويٽنام جو مثال

عمودي زراعت بابت عام طور تي سوچيو ويندو آهي ته ان لاءِ تمام گهڻين پيچيدہ شين جي گھرج ھوندي ، پر ويٽنام جي شهري زراعتي ٽاورن (Urban Farming Towers) هڪ نئون ۽ سادو مثال قائم ڪيو آهي.

ويٽنام جي هن سادي طريقي مان اسان کي ڪجهہ تمام اھم سبق ملن ٿا:

برساتي پاڻي ۽ ڪششِ ثقل (Gravity) جو استعمال:

عمارتن جي ڇتين تي برسات جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو آهي. ان کانپوءِ ڪنهن به موٽر يا بجلي واري پمپ جي استعمال بنا رڳو ڪششِ ثقل (Gravity) ذريعي پاڻيءَ کي ڇت تان هڪ کان ٻئي ماڙ تائين وھائبو آهي.

بجلي جي بچت

پمپ نه هلڻ ڪري توانائي يا بجلي نٿي ضايع ٿئي، جنهن سان ڪاربان جي اخراج ۾ وڏي گهٽتائي اچي ٿي.

پاڻيءَ جي صحيح ري سائيڪلنگ:

برسات جي هر ڦڙي کي قيمتي بڻائي استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن سان پاڻيءَ جو هڪ به ڦڙو ضايع نٿو ٿئي.

روايتي زراعت جي مقابلي ۾ عمودي زراعت 80% کان 90% تائين گھٽ پاڻي واپرائي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتي پاڻي گڏ ڪري بار بار استعمال (Recycle) ڪري سگهجي ٿو.

جڏهن شهر جي اندر ئي ڇتين ۽ ديوارن تي ڀاڄيون پوکيون وينديون، ته انهن کي ڳوٺن مان ٽرڪن يا ٻين گاڏين ذريعي آڻڻ جي ضرورت نه پوندي. جنهن سان ٽرانسپورٽ جو خرچ پڻ بچندو ۽ ڪاربان جو اخراج (Transport Emissions) به گھٽبو.

شهرن جون خالي ڇتيون، ويران ڀتيون ۽ ڪنڪريٽ جون عمارتون سبز زراعتي هٽس ۽ فارمز ۾ بدلجي وڃن ٿيون.

تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ واري دنيا ۾ هر نئين آيل چئلينج (جهڙوڪ سخت گرمي يا برساتون) کان بچي ماڻهن کي تازيون، ڪيميائي دوائن کان پاڪ ۽ تازيون ڀاڄيون ۽ خوراڪ ملي سگهندي.

سائنس ۽ حڪمت اسان کي سيکاري ٿي ته هڪ سٺي ايجاد اها ناهي جيڪا تمام گهڻي پيچيده هجي، بلڪه اها آهي جيڪا سادي، قيمت ۾ گهٽ ۽ اثرائتي هجي.

ويٽنام جي هن ماڊل اسان کي ٻڌايو ته اسان کي جديد ٽيڪنالاجي پٺيان ڊوڙڻ بجاءِ، اسان جي روايتي علم ۽ ڏاھپ کي جديد گهرجن آهر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اسان جو ملڪ ۽ خاص طور سنڌ، ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي جهڙا انھيءَ جا وڏا شهر اهڙن خطن ۾ شمار ٿين ٿا جتي گرمي پد روز بروز وڌي رهيو آهي، پاڻيءَ جي کٽڻ جا امڪان وڌي ويا آهن ۽ آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.

جيڪڏھن اسان جي شهرن جي ڇتين ۽ عمارتن کي ڪنڪريٽ جي جنگل مان  سبز زراعتي زون ۾ تبديل ڪريون تہ شهرن جو گرمي پد (Urban Heat Island Effect) گھٽجي ويندو؛ گهرن جو خرچ گهٽبو ۽ مقامي ماڻهن کي تازو اَن ۽ سبزي ميسر ٿيندي. برسات جي پاڻيءَ کي گٽرن ۾ ضايع ٿيڻ بجاءِ پوکيءَ ۾ آڻي سگهبو.

پائيدار شهر (Sustainable Cities) رڳو قدرتي وسيلن جا محتاج نه هوندا آهن، پر اهي پنهنجا وسيلاب پاڻ پيدا به ڪندا آهن.

ورٽيڪل اربن فارمنگ يعني عمودي زراعت رڳو هڪ سائنسي خيال ناهي، پر اسان جي سائي مستقبل جي ضرورت آهي. مستقبل جي زراعت تمام پري، وڏن فارمن ۾ نه، پر اسان جي پنهنجي گهرن جي ڇتين، بالڪونين ۽ ديوارن ۾ آهي!

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button