Editor's pickMain Slideثقافت

زاهد حسين: ڪوريا ۽ پاڪستان وچ ۾ رابطي جي پُل، تمغئہِ امتياز لاءِ نامزد

تمغئہِ امتياز اهڙن فردن کي ڏنو ويندو آهي جن مختلف شعبن ۾ بيمثال ڪارڪردگي ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون هجن.

لِي سانگ-ڪِي

ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ “دي ايشين” جو پبلشر

سيئول: هڪ پاڪستاني زاھد حسين کي، جنهن لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا ڪوريا ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستي ۽ باهمي سمجھوتي کي هٿي وٺرائڻ ۾ گذاريا آهن، پاڪستان جي معتبر سول اعزاز “تمغئہِ امتياز” (ميڊل آف ايڪسيلنس) لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جي حڪومت 14 آگسٽ، پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن تي، پنهنجن قومي سول اعزازن حاصل ڪندڙن جو اعلان ڪيو.

زاهد حسين کي پاڪستان لاءِ سندس خدمات، خاص ڪري ڪوريا ۾ ملڪ جو مثبت ۽ بهتر تصويري رخ پيش ڪرڻ ۽ ٻنهي قومن وچ ۾ ثقافتي توڙي عوامي سطح تي تعلقات کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن جي اعتراف ۾ هن اعزاز جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي. هي اعزاز رسمي طور تي 23 مارچ 2027ع (يومِ پاڪستان) تي عطا ڪيو ويندو.

زاهد حسين 2008ع ۾ڪوريائي گورنمينٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت ڏکڻ ڪوريا پهتو هو ۽ تڏهن کان وٺي هن تعليم، براڊڪاسٽنگ (نشريات)، ڪاروبار ۽ ثقافتي مٽاسٽا جهڙن شعبن ۾ پنهنجي زندگي ۽ ڪيريئر جو سفر جاري رکيو آهي.

هن ڪوريا يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ سنگڪيونڪوان يونيورسٽي جي SKK گريجوئيٽ اسڪول آف بزنس مان MBA جي ڊگري حاصل ڪئي. سالن کان وٺي هو پاڪستاني شاگردن ۽ برادريءَ جي تنظيم سان گڏوگڏ پاڪستاني ۽ ڪوريائي سماج کي جوڙيندڙ مختلف پروگرامن ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو آهي.

زاهد حسين JTBC جي مشهور ٽيليويزن پروگرام ايبنارمل سمٽ (Abnormal Summit) ذريعي ڪيترن ئي ڪوريائي ڏسندڙن لاءِ ڄاتل سڃاتل بڻجي ويو، جتي هن پاڪستاني نمائندي طور شرڪت ڪئي. براڊڪاسٽنگ، ليڪچرز، ثقافتي سرگرمين ۽ سوشل ميڊيا ذريعي هن ڪوريائي ماڻهن کي پاڪستان، اسلام ۽ مسلم ثقافت کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پاڪستانين کي به ڪوريا جي گهري فهم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني.

سندس انهن ڪوششن کي ڪوريا ۾ به ساراهيو ويو آهي. ٻين اعزازن سان گڏ هن کي سيئول جو اعزازي شهري به بڻايو ويو آهي ۽ هن سياحت توڙي ثقافتي واڌاري جي سرگرمين ۾ حصو ورتو آهي.

هن اعزاز جي خبر ملڻ کان پوءِ زاهد حسين ٿورا مڃيندي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو: “هميشه منهنجي حمايت ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ توهان جي مهرباني. مون کي فخر آهي ته گذريل 18 سالن دوران منهنجي ڪيل ڪوششن کي تسليم ڪيو ويو آهي. آئون ايندڙ سالن ۾ به توهان جي مسلسل حمايت جو طالب آهيان.”

سندس سرگرميون صرف پنهنجي ملڪ جي واڌاري تائين محدود نه رهيون آهن. جڏهن به ڪوريا ۾ ڪو سانحو ٿيو آهي، زاهد حسين ڪوريائي ماڻهن سان عوامي طور تي همدردي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. مثال طور، موئان (Muan) هوائي اڏي واري فضائي حادثي کان پوءِ هن متاثرين ۽ انهن جي خاندانن لاءِ تعزيتي پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام ڪوريا سان گڏ بيٺل آهي.

اهڙا قدم ان اهم ڪردار جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪو زاهد حسين ڪوريا ۾ گذاريل سالن دوران ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: هو صرف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ناهي، پر ٻنهي سماجن کي جوڙيندڙ هڪ پُل طور ڪم ڪري رهيو آهي.

تمغئہِ امتياز پاڪستان جي قومي سول اعزازن مان هڪ آهي، جيڪو انهن فردن کي ڏنو ويندو آهي جن مختلف شعبن ۾ ممتاز ڪارڪردگي ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون هونديون آهن.

زاهد حسين لاءِ هن اعتراف جي هڪ خاص اهميت آهي،ڇاڪاڻ ته سندس گهڻو ڪم وطن کان پري سرانجام ڏنو ويو آهي. ڪوريا ۾ سندس لڳ ڀڳ 18 سالن جو وڏو حصو روايتي تصورن ۽ خبرن کان هٽي ڪري ڪوريائي ماڻهن آڏو پاڪستان کي پيش ڪرڻ ۽ پاڪستانين کي ڪوريائي سماج توڙي ثقافت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ وقف رهيو آهي.

ان ڪري، تمغئہِ امتياز لاءِ سندس چونڊ صرف هڪ شخصي اعزاز ناهي، بلڪه هي ڪوريا ۽ پاڪستان وچ ۾ عوامي سطح تي سفارتڪاريءَ جي وڌندڙ اهميت کي به ظاهر ڪري ٿي.

زاهد حسين چيو ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ باهمي سمجھه کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي اميد رکي ٿو.

ميڊل رسمي طور تي ايندڙ سال مارچ ۾ پيش ڪيو ويندو، پر ان پويان ٿيل ڪم لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن تي پکڙيل آهي — اهڙو سفر جيڪو 2008ع ۾ ڪوريا پهچندڙ هڪ پاڪستاني اسڪالرشپ شاگرد کان شروع ٿيو ۽ اڄ ڪوريا ۽ پاڪستان کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

_______________ 

Lee-Sang-ki-2-150x150

لِي سانگ-ڪِي، ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ “دي ايشين” جو پبلشر

ھيءُ ليک ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري دِي ايشيا اين  The AsiaN جي انگريزي ۽ ڪوريائي ٻوليءَ جي سروس جي ٿورن سان شائع ڪيو ويو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button