ادارا ۽ فرد: زوال جا ڪارڻ ۽ نئين ساهه وجهڻ جي ضرورت
انسان ئي ادارا جوڙيندا ۽ هلائيندا آهن، پر جڏهن ادارن تي اجتماعي شعور ۽ اصولن بدران فرد پرستي يا مخصوص ٽولن جا مفاد حاوي ٿي ويندا آهن، ته اهي ادارا پنهنجي افاديت وڃائي ويهندا آهن. گذريل ڪجھه ڏهاڪن کان اسان جي سماجي، سياسي ۽ ادبي ادارن اندر ڌڙابندين، دليل جي خاتمي ۽ تنقيد کي بيعزتي سمجهڻ وارن روين سچن ڪارڪنن کي مايوس ڪيو آهي.

حميد منگي
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ماڻهو ئي ادارا جوڙيندا به آهن, هلائيندا به آهن ۽ انهن جي بهتريء لاء ڪوششون به ڪندا آيا آهن، پر جڏهن ادارن تي هڪ اڳواڻ يا ڪجهه خاص ها ۾ ها ملائيندڙ ڪارڪنن جو ٽولو حاوي رهندو آهي يا ڪو پاڻ کي عقلمند سمجهي ٻين اڳواڻن، ڪارڪنن جون ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي، ته اڳتي هلي، اهڙن ادارن جي اهميت ٽڪي برابر به ناهي رهندي، ڀلي ان اداري جا مول متا ڪيڏا به سينگاريل، سڌاريل ۽ سنواريل ڇونه هجن۔ جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ وڌ کان وڌ ڪارڪنن جي شعوري فيصلن سان اهي ادارا هلائبا ته، اهي اڳتي هلي مضبوط ڪارڪن ۽ اڳواڻ به پيدا ڪندا ته، عام ماڻهن، شعبن ۽ سماجن ۾ اتساهه جو سبب به بڻجندا آهن ۽ قومن کي اوج تي به پهچائي ڇڏيندا آهن۔
هونئن به اداري جي معني ڪو هڪ اڳواڻ يا مخصوص ڪارڪنن جو ٽولو نه پر هڪ اهڙو نظام هوندو آهي، جنهن ۾ ڀلي ته ماڻهو ايندا ويندا رهن، اڀريون سڀريون ڪوششون ڪندي حياتيون ارپيندا رهن، پر ادارا پنهنجن مول متن تي ثابت قدميء سان بيٺل هجن ۽ اصولن پٽاندڙ ڪم ڪندا رهن۔ اها الڳ ڳالهه آهي ته، وقت سان گڏ انهن ادارن ۾ ضرورت آهر يا خاص مقصدن تحت، ڦيرڦار لازم ٿئي ٿي۔ جن تي شعوري ۽ گڏيل سوچ ويچار وارا ڪارڪن ۽ قيادتون گڏيل صلاحن سان ان ۾ بهتري آڻين ته، اهو عمل اداري جي ڀلائيء ۾ هوندو آهي۔ جيڪي ڪارڪن يا قيادتون، انهيء عمل جي اهميت کي سمجهندا آهن، اهي رڳو اداري سان نه، انهيء شعبي سان به سچائي ڪندڙ هوندا آهن۔
ادارا، سرڪاري به هوندا آهن ۽ غير سرڪاري به يعني سياسي، سماجي، سائنسي، صحافتي، علمي ۽ ادبي، پر هتي في الحال بحث اهو ٿا ڪيون ته، غير سرڪاري ادارا پنهنجي دائري اندر پنهنجن مول متن يا عام خلق جي ڀلائيء ۾ ڪيترو ڪم ڪندڙ آهن يا مورڳو ئي خاص ماڻهن جي مفادن جي پوراء ۾ رڌل آهن۔ ٻيو ته اهو ادارو جنهن شعبي ۾ ڪم ڪري ٿو، اهو ان جي واڌ ويجهه ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ جيڪڏهن ڪو ادارو سماج، عام ڪارڪنن يا شعبي جي مفاد ۾ ڪم نه ٿو ڪري ۽ ڪن مخصوص اڳواڻن ۽ ماڻهن لاء خدمتون انجام ڏيڻ ۾ پورو آهي، باقي خلق حيران ۽ پريشان آهي ته، پوء اهڙي اداري جو هجڻ نه هجڻ برابر ئي هوندو آهي، منهنجي خيال ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ادارا سماجن لاء نقصانڪار ۽ عام ماڻهن کي تڪليفون پهچائيندڙ به ٿي پوندا آهن ۽ جڏهن ادارا فائدن بدران نقصان ڏيڻ لڳن ته، انهن جو وجود سماجي خطري جي نشاني سمجهي، انهن تي خاص ڌيان ڏئي کين بهتر کان بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ٿيڻ يا ڪرڻ گهرجن۔
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، بلڪي هاڻي ته عملي طور به اهو ڏٺو پيو وڃي، ادارا جڏهن نقصانڪار ثابت ٿيڻ لڳن ٿا ته، ڪارڪن انهن کان پاسيرا ٿي وڃن ٿا۔ اصل ۾ اهڙو ڪو به عمل بلڪل ايئن آهي، جيئن کٽ داخل مريض جو علاج ڪرائڻ بدران کيس مرڻ ۽ بدبوء ڦهلائڻ لاء ڇڏي ڏجي۔ خاص مقصدن تحت ڪم ڪندڙ توڙي عام ماڻهن جي مفادن لاء ٺهيل ادارن ۾ به هلندي هلندي، ڪڏهن ڪڏهن خرابيون يا بيماريون پيدا ٿيڻ فطري عمل هوندو آهي، جن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ، انهن جي سڌارن جي سببن کي ڳولهڻ جي ضرورت هجي ٿي، پر جڏهن انهن تي مناسب ڌيان نٿو ڏنو وڃي ۽ ڄاڻي واڻي کيس لاعلاج سمجهي علحدگي اختيار ڪئي ٿي وڃي ته، اهي خرابيون وڌيڪ واڌ کائن ٿيون، جيڪي سماج لاء به جان ليوا ثابت ٿي سگهن ٿيون۔
جيتوڻيڪ انسانن ۽ ادارن ۾ وڏو فرق هجي ٿو پر، هتي اهو خيال ٺهڪي اچي ٿو، اسان جو ڪو ويجهو مائٽ يا پرين پيارو، جنهن سان زندگيء جو ڳچ وقت يا سرس عرصو گڏ گذاريل هوندو آهي، اهو ڪنهن به سبب ڪري بيمار يا مسئلن حوالي ٿيندو آهي ته، پاڻ ڇا ڪندا آهيون؟ پاڻ اڳ ۾ سبب جاچيندا آهيون کيس ڪهڙي بيماري لڳل يا مسئلو اٿس، پوء وس آهر صلاحون يا مددون ڪري، کيس انهن بيمارين يا مسئلن مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪندا آهيون۔ پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته، اسان جا رويا ماڻهن ۽ مائٽن جي ڀيٽ ۾ پنهنجن ئي ٺاهيل ادارن سان ساڳيا ناهن هوندا۔ ٿورو غور ڪرڻ سان اهو به معلوم ٿيندو ته، ماڻهن جي اهميت به پنهنجي جاء تي اهم آهي پر ادارا فردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت رکندڙ هوندا آهن، جو اهي ڪنهن هڪ ماڻهوء جي فائدي لاء جوڙيل نه پر، ڪنهن به شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن لاء هڪ يونٽ طور قائم ٿيندا آهن، انهن ادارن جو بچاء به ڪنهن هڪ نه پر وڌيڪ ماڻهن يا ڪنهن شعبي جي بهتريء لاء هوندو آهي۔
انهيء سلسلي ۾ هتي ٻيو به بحث ڪندا هلون ته، ادارا روز روز ناهن ٺهندا، سالن جي سوچن ويچارن، ذهني پورهين ۽ خاڪن جي صورت وٺي بعد ۾ اڻ ٿڪ محنتن، قربانين ۽ تجربن کانپوء ئي اهي عملي صورت اختيار ڪندا آهن۔ جڏهن اهي جڙي راس ٿين ٿا ته، ان سان کوڙ سارن ماڻهن جون اميدون ۽ خواهشون لاڳاپجي وينديون آهن۔ تنهنڪري اهڙا ادارا پاڻ کي ڪنهن هڪ ماڻهو يا ٽولي جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي اڪثريت لاء وڌيڪ پيارا هجڻ گهرجن، نه صرف پيارا پر انهن جي عزت ۽ ناموس تي وار پنهنجي مٿان حملو سمجهڻ گهرجي۔ انهيء حوالي سان هتي هروڀرو اهو به سمجهڻ نه گهرجي ته، ڪنهن معمولي يا حل ٿيندڙ ڳالهه تي به ور وجهي مقابلا ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃون، پر جيئن ته اداري جي جوڙجڪ مهل سوچ ويچار ۽ صلاحون ٿيون هيون، ان طريقي سان مامرن کي سلجهائي اداري کي ڪارآمد بڻائجي ته، اهو عمل اداري کي ڇڏڻ واري عمل کان وڌيڪ بهتر ليکبو، ڇو ته ان ۾ ”لعل“ به لڀندو آهي ۽ ”پريت“ به قائم رهندي آهي۔
ويجهي ماضيء يعني 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن کان هيل تائين، اسان جي ماڻهن کوڙ سارا شاندار ادارا جوڙيا پر، انهن اندر جذباتي عمل ڪري تباهيون آڻي، سوجهرن مان اونداهيون به ڪيون۔ نتيجي ۾ يا ته اهي ادارا پنهنجي هستي ۽ مستي وڃائي ويٺا يا وري مختلف گروهن ۽ گروپن ۾ ورهائجي پنهنجا اثر ضايع ڪري ڇڏيا آهن ۽ پوء سالن جون ڪوششون، ڪارڪنن جون محنتون، خواهشون ۽ اميدون پاڻي ٿي وهي وينديون رهيون۔ وقت گذرڻ کان پوء انهيء حوالي سان جڏهن ڪو سچو پچو ڪارڪن يا همدرد ان جي سار ساريندي، افسوس جو اظهار ڪري ٿو ته، ان تي چٿرون به ٿوڪ جي حساب سان ٿينديون رهن ٿيون، نتيجي ۾ ٻيا سچا ڪارڪن به ڪن ڪيٽا ڪري، انهيء ڪري چپ ٿي ٿا وڃن ته، پاڻ سان به ساڳيو حشر نه ڪيو وڃي۔ اهڙا ۽ ان جهڙا ٻيا سمورا عمل، ماڻهن ۾ مايوسيون پيدا ڪندا رهيا آهن۔
هتي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه اها به آهي ته، جيڪڏهن انهن مامرن تي پاڻ کان به ڪچايون ۽ ڦڪايون ٿيون آهن ته ان جو بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي نه رڳو اظهار ڪجي ۽ پڻ جن سازشن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون، اهي به عام آڏو اهڙي نموني رکجن جو وڌيڪ ويڇن بدران مسئلن جا حل نڪرن، ڇو ته اسان جي هڪ عادت اها به رهي آهي، اول ته ٻڙڪ به ٻاهر ناهيون ڪڍندا پر، جڏهن ڪڇندا آهيون ته، اهڙيء طرح ته ان جا آنڊا گونڊا ڪڍي اڇلائيندا آهيون جو، جن تائين بدبوء پهتل ناهي هوندي، انهن تائين به سربستو احوال پهچي ويندو آهي۔ ان سلسلي ۾ پهرين ڳالهه اها ٿا ڪيون، اچو ته پنهنجا ڦٽل ادارا وري جوڙڻ جي ڪوشش ڪيون اهي به بنا ڪنهن دل ڏکائڻ جي ۽ ڪنهن کي ميار ڏيڻ بدران، ڇو ته آخر اسين سڀئي غلطين جا گهر ئي آهيون، پنهنجين پنهنجين زندگين ۾ الائجي ڪيتريون غلطيون ڪري چڪا آهيون ۽ اڳتي به لازمي طور تجربا ڪندي، غلطيون ٿي سگهن ٿيون پر ان جو مقصد اهو هرگز ناهي ته، ادارن کي رلهيء وانگر ويڙهي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيون۔
لڳ ڀڳ اڌ صدي اڳ، پاڻ وٽ جيڪي به غير سرڪاري سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ادارا هئا، اهي هاڻي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا فعال هئا، خيالن جي ڏي وٺ سان گڏ بحث مباحثا ٿيندا هئا، تنقيدن ۽ تعريفن کان سواء انهن ۾ اٿلون پٿلون ۽ ردوبدل به معمول جو حصو هئا، جيسيتائين اهي فعال رهيا، ڪارڪنن ۽ ماڻهن جي شعور ۽ ڏڍ جو سبب بڻيل رهيا، وڏي ڳالهه ته ان وقت جي شاگردن کي هارين جي مسئلن جي به ڄاڻ هوندي هئي، پورهيت پنهنجن حقن سان گڏ عورتن جي حقن جي به ڳالهه ڪندا هئا، سياسي اڳواڻ، سٺا ليکڪ ۽ شاعر به هوندا هئا، صحافي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سميت سماجي سڌارن تي به ماهراڻا رايا رکندا هئا، ٻارن جي تنظيمن سان لاڳاپيل ننڍڙا اڳواڻ به علمي حوالن سان وڏي ڄاڻ رکندا هئا۔ پوء اوچتو ئي اوچتو الائي ڇا ٿيندو ويو جو، هر ادارو بي ساهو ٿيندو ويو، انهن ۾ ايتريون ته ڌڙابنديون ٿي پيون يا ڪيون ويون، جو ذرو ذري سان نه ٿو ملي۔ بحث مباحثن ۾ هڪ ٻئي سان اٽڪي پوڻ وارا جوڌا جوان به خاموشي اختيار ڪري گهرن اندر گم ٿي ويا آهن۔
هاڻي ته ڪٿان چون چان جو آواز به ٻڌڻ لاء نٿو ملي، مهيني سوا ۾ ڪو سياسي، سماجي، علمي يا ادبي پروگرام ٿئي ٿو ته، ساڳيا ماڻهو ڳالهائڻ وارا به ۽ ٻڌڻ وارا به۔ صدارتون ۽ مهمان خاص لاء به چند نالا ڄڻ ته، مخصوص ٿي چڪا آهن، اتفاق سان جن کي ڳالهائڻ جو موقعو نٿو ملي، اهو همراهه يا ته اڌ پروگرام مان اٿيو هليو ٿو وڃي يا وري ٻئي پروگرام ٻڌائڻ وقت ميارون ڏئي پروگرام جي صدارت جي پڪ وٺڻ کانپوء پروگرامن ۾ ٿو اچي۔ جڏهن ته جن تنقيدن کي اڳ تربيتون سمجهيو ويندو هئو، اهي اڄ بيعزتون ٿيون ڀاسجن ۽ تعريفون وري عزت افزائيون ٿي پيون آهن۔ مختلف فورمن تي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڪارڪنن کي ڄڻ ته پنهنجين پارٽين ۽ تنظيمي اڳواڻن جي جدوجهدن تي تعريفون ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل هوندو آهي۔
مطلب ته اڄ ڪلهه ڪنهن تنظيمي گهٽ وڌائيء تي ڳالهائڻ شجر ممنوع بڻيل آهي، ڪو ڪارڪن هانو جي باهه مارڻ لاء خاموش نٿو ٿئي ته، کيس ٽنگو ٽالي ڪري در ٻاهران ويهاريو ٿو وڃي۔ اڳ گوڙ ڪرڻ جو جواب دليلن سان ڏئي چپ، ڪرايو ويندو هئو، پر هاڻي جڏهن دليل ئي نه پيا ڏئي سگهون ته، تڪرارن ۽ ڌڙا بندين سان نبيرا پيا ٿين۔ اهڙا ٻيا به کوڙ سارا عمل ٿين پيا، جن تي رت ست ڏيندڙ ڪارڪنن کي ڪٿي ڪٿي ته ڳٽا ڳاڙها ڪري ڪڍيو وڃي ٿو۔ مطلب ته عام ۽ سچا پچا ڪارڪن مايوسين جي گهيري ۾ آهن۔ اهڙيون کوڙ ساريون ”ککرون“ جيڪي مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي ڇتين ۽ وڻن تي آکيرا ٺاهي ويٺل آهن، جن کان سچا پچا ڪارڪن روز ڏنگجن پيا۔ ڪڇن ٿا ته ڪافر قرار ڏنا پيا وڃن ۽ نٿا ڪڇن ته کين ضمير ملامت پيو ڪري۔
_____________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو



