Editor's pickMain Slideثقافت

سنت ھِردارام نگر ۾ عظيم شاعر نارائڻ شيام جو جنم ڏينھن ملھايو ويو  

نارائڻ شيام جي ھڪ سئو پنجين جنم ڏينھن تي سنڌين جي ثقافتي تنظين ”سنڌو“ پاران گيت سنگيت ۽ ڪوتائن جو شاندار پروگرام پيش ڪيو ويو

سنت ھردارام نگر، ڀوپال

ساھتيڪ سنسٿا ’سنڌو‘ پاران 22 جولاءِ اربع ڏينھن سنڌيءَ جي عظيم شاعر نارائڻ شيام جي 105 جنم ڏينھن جي موقعي تي ھتان جي ديپ مالا پڳاراڻي سنسڪار پبلڪ اسڪول ۾ گيت سنگيت ۽ ڪوتائن جو ھڪ شاندار ۽ يادگار ڪاريڪرم پيش ڪيو ويو.

ھتان جي پرمک ساھتيڪ سنسٿا ’سنڌو‘ پاران سال 1989 کان وٺي لڳاتار ھر سال عظيم شاعر نارائڻ شيام جي جنم ڏينھن جي موقعي تي گيت سنگيت ۽ ڪَوي سَميلن جو پروگرام پيش ڪيو ويندو آھي.

پروگرام جي شروعات دليپ لالواڻي، مڌو موھناڻي، دِشا چانڊواڻي، سُمن ھرڇنداڻي، ديپتي سِڌواڻي ۽ تنميہ واسواڻيءَ سرستي وندنا سان ڪئي. پوءِ سُمن ھرچنداڻيءَ نارائڻ شيام جي رچنا ’پرين ننڊ ۾ پڻ مون توکي پُڪاريو‘ سُريلي اَنداز ۾ پيش ڪئي.

ان کانپوءِ ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ جي ڪھاڻين جي مجموعي ”ھيءُ ڇا ٿي ويو“ جي روُنُمائي (وِموچن) ناگپور مان آيل خاص مھمانن ڊاڪٽر ونود آسوداڻي، دليپ آسوداڻي، راجيش آسوداڻي ۽ رام ھٻلاڻيءَ سان گڏ مڪاني اَديبن ناري لڇواڻي، نندڪمار سنمکاڻي، ڪنعيو شيواڻي، پرسو ناٿاڻي، وغيرہ گڏجي ڪئي. ڊاڪٽر ونود آسوُداڻيءَ ھن ڪِتاب بابت پنھنجا ويچار بہ ظاھر ڪيا.

 پوءِ وري شروع ٿي سنگيت جي برکا جنھن ۾ نارائڻ شيام جا رچيل 9 گيت ۽ غزل دليپ لالواڻي، ناري لڇواڻي، دِشا چانڊواڻي، دروپدي چندناڻي، مڌوُ موھناڻي، ديپتي سِڌواڻي، سُمن ھرچنداڻي، روشني تنواڻي، تنميہ واسواڻي، پَرسو ناٿاڻي، سپنا لڇواڻي، رَوي سَتاڻي، پرديپ آرتواڻي، سَتيا موُرجاڻي، ۽ اَنيشا چمناڻيءَ پيش ڪيا.

گيت سنگيت جي وچ ۾ ڊاڪٽر وِنود آسوداڻي، دليپ آسوداڻي ۽ راجيش آسوداڻيءَ پنھنجي شاعري پيش ڪري ٻُڌندڙن کان واہ واہ حاصل ڪئي.

گيت سنگيت جي سلسلي ۾ پڇاڙيءَ وارا ٽي گيت ساوڻ ۽ مينھن جي مُند تي ٻڌل ھُئا جن ماحول کي رومانٽڪ بڻائي ڇڏيو. ٽئي گيت مڪاني ڪَويُن- ناري لڇواڻي، ڀڳوان ٻاٻاڻي ۽ ڪنعيو شيواڻيءَ جون رچنائون ھُيون. انھن گيتن جي اثر ھيٺ اندر ديو بہ موج ۾ اچي ويو ۽ رمجهم جي ڦوھار شروع ڪري ڇڏيائين. اڪثر گيتن جون ڌُنون (طرز) سنگيت آچاريہ ٻلرام ناگديو، دليپ لالواڻيءَ ۽ ناري لڇواڻيءَ جون تيار ڪيل ھُيون.

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button