سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ حيدرآباد ۾ مائينڊ ۽ باڊي فٽنيس جِم جو افتتاح
مائينڊ ۽ باڊي فٽنيس جِم جو مقصد صحتياب ٿيندڙ مريضن جي جسماني، ذهني ۽ نفسياتي بحاليءَ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندي کين جديد سھولتون فراهم ڪرڻ آھي.

حيدرآباد
سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائڪائٽري ۽ بيھيويئرل سائنسز، حيدرآباد ۾ جسماني طور معذور ماڻھن کي بااختيار بنائڻ واري کاتي جي خاص تعاون ۽ مالي سھڪار سان قائم ڪيل “مائينڊ ۽ باڊي فٽنيس جِم” جو 22 جولاءِ تي افتتاح ڪيو ويو. هن سھولت جو مقصد صحتياب ٿيندڙ مريضن جي جسماني، ذهني ۽ نفسياتي بحاليءَ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندي کين جديد سھولتون فراهم ڪرڻ آھي.

افتتاحي تقريب کان اڳ اداري پاران هڪ گڏيل پريزنٽيشن ڏني وئي، جنھن ۾ ڊاڪٽر حنا عزيز، ڊاڪٽر شفق جبين، ڊاڪٽر قلب حيدر ۽ ڊاڪٽر سُميرا اعواڻ ذهني نشوونما واري معذوري (Intellectual Disability)، آٽزم، اي ڊي ايچ ڊي (ADHD) ۽ ڊائون سنڊروم جي مريضن لاءِ خاص خدمتن، پيرينينٽل مينٽل هيلٿ ڪلينڪ ۾ ابتدائي تشخيص، مرگهي (Epilepsy) ڪلينڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جديد تشخيصي سھولتن، سموريون خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺ فراهم ڪرڻ جي رٿائن، موجوده فٽنيس جِم جي توسيع، جديد اوزارن جي فراھمي ۽ عورتن لاءِ الڳ فٽنيس جِم جي قيام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

سنڌ حڪومت جي کاتي جي سيڪريٽري، طٰھ احمد فاروقيءَ يقين ڏياريو ته سر ڪائوسجي جئھانگير انسٽيٽيوٽ جي گڏيل ڪوششن سان انهن رٿائن کي حتمي شڪل ڏئي جلد کان جلد وڏي وزير آڏو پيش ڪيو ويندو، تہ جيئن انهن تي عملي ڪم ممڪن ٿي سگهي ۽ صوبي ۾ ذهني معذوري، صحتيابي ۽ خاص ماڻهن لاءِ فراهم ڪيل خدمتن کي وڌيڪ وسعت ڏئي سگهجي.
ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ، ڊاڪٽر نثار احمد سوهو مھمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ اڳتي هلي اداري پاران صحتيابيءَ جي خدمتن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي.

کاتي جو سيڪريٽري طٰہ احمد فاروقي ھو. ڊائريڪٽر ڊي اي پي ڊي حيدرآباد ڊويزن امتياز احمد خان، چيئرمين سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجه، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جو نمائندو، مختلف سرڪاري اسپتالن جا ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ، سينئر آفيسر ۽ ٻيا معزز مھمان شريڪ ٿيا.

ڊاڪٽر مشتاق عزيز سرگاڻي، آرگنائيزر، سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائڪائٽري ۽ بيھيويئرل سائنسز، حيدرآباد موجب تقريب جي پڄاڻيءَ تي سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين، سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجه پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته لاڳاپيل ادارن جي گڏيل سھڪار سان ذهني صحت، صحتيابي ۽ خاص ماڻهن جي فلاح و بهبود لاءِ معياري ۽ جديد سھولتن جي فراھميءَ جو سلسلو وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جاري رکيو ويندو. (پريس رليز)
______________



