قديم ڪراچيءَ جو جمخانه ڪلچر: صحت مند زندگي، بين المذاهب مقابلا ۽ زمينن جا الميا!
ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ ۾ راندين ۽ صحت مند سرگرمين کي هڪ بنيادي سماجي حيثيت حاصل هئي. ان دؤر جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته هتي جون مختلف برادريون الڳ ٿيڻ بدران پنهنجن پنهنجن جمخانن (اسپورٽس ڪلبن) جي ذريعي هڪ ٻئي سان جڙنديون ۽ ڳالهائينديون هيون.

اهي ڪلبون رڳو راندين جا ميدان نه پر بين المذاهب هم آهنگي جا ادارا هئا. اڄ مسلم ۽ هندو جمخانه جو اصل رڪارڊ ۽ زمينون وکري چڪيون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي جمخانه ۽ پارسي انسٽيٽيوٽ جهڙن فعال ادارن جي تاريخي اسپورٽس رڪارڊ کي سرڪاري سطح تي دستاويزي شڪل ڏني وڃي ۽ هندو جمخانه جهڙن شاهڪارن جي زمين کي وڌيڪ پامال ٿيڻ کان بچايو وڃي،
ليکڪ؛ ابراهيم صالح محمد
اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪراچي رڳو بمبئي پريزيڊنسي جي هڪ اڀرندڙ واپاري مرڪز طور پنهنجي سڃاڻپ نه پئي ٺاهي، پر هتي جي شهري زندگيءَ ۾ راندين ۽ صحت مند سرگرمين کي هڪ بنيادي سماجي حيثيت حاصل هئي. ان دؤر جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته هتي جون مختلف برادريون الڳ ٿيڻ بدران پنهنجن پنهنجن جمخانن (اسپورٽس ڪلبن) جي ذريعي هڪ ٻئي سان جڙنديون ۽ ڳالهائينديون هيون. اهي ميدان برصغير جي مشهور پينٽينگيولر ( پنج ڏهاڙا) ڪرڪيٽ ٽورنامنٽس جي ذريعي پاڻ ۾ رواداري، ٻڌي ۽ سخت پر صحت مند مقابلن جو سڀ کان وڏو وسيلو هئا. انھن مقابلن ۾ برادرين جي بنياد تي ٽيمون (يورپين، پارسي، هندو ۽ مسلم اليون) ٺهنديون هيون، جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي ڪراچي گڏ ٿيندي هئي.

۱. ڪراچي جمخانه (1886ع): ڪرڪيٽ جو سونهري دور
ڪلب روڊ تي ڪمشنر هائوس جي سامهون واقع ڪراچي جمخانه جو بنياد 1886ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جي مرڪزي عمارت ۽ پيويلين جي تعمير 1890ع ۾ مڪمل ٿي. هي برصغير ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي، پولو ۽ بيڊمنٽن جو تاريخي مرڪز رهيو آهي. هن گرائونڊ کي برصغير جي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهو ئي مقام حاصل آهي جيڪو راولپنڊي جي پنڊي ڪلب يا لاهور جي باغِ جناح (سابقہ لاورنس گارڊنز) کي حاصل آهي. 1926ع کان 1986ع تائين هن ميدان ڪيترن ئي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ميچن جي ميزباني جو اعزاز حاصل ڪيو.
۲. ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ (1893ع) ۽ آغا خان جمخانه (1902ع)
ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ (KPI):
ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پارسي واپارين 1893ع ۾ ‘پارسي جمخانه’ موجوده KPI جي نالي سان شهر جي مرڪز ۾ هن شاندار گرائونڊ جو بنياد رکيو. هي ميدان ڪراچيءَ ۾ رواداري ۽ سيڪيولر اسپورٽس لائف جي سڀ کان وڏي علامت هو، جتي پارسي، هندو، مسلمان ۽ انگريز ٽيمون باقاعدگيءَ سان ميچ کيڏنديون هيون.
آغا خان جمخانه:
1902ع ۾ سلطان محمد شاهه (آغا خان ٽيون) جي ٻيھر ڪراچي آمد سان اسماعيلي برادريءَ هن جمخانه گارڊن کي آباد ڪيو. هن ڪلب ڪراچيءَ جي گنجان آباد علائقن جي مسلم نوجوانن ۾ فٽبال، ڪرڪيٽ ۽ ٽينس کي مقبول بڻائڻ ۾ تاريخي ۽ انقلابي ڪردار ادا ڪيو.
۳. حاجي عبدالله هارون مسلم جمخانه (1927ع): عزم، صحت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ جا معمار
مسلم ڪميونٽي جي راندين ۽ سماجي زندگيءَ جو اصل مرڪزِ ثقل *مسلم جمخانه* هو، جنهن جو باقاعده قيام 1927ع ۾ ڪراچيءَ جي نامياري فلاحي، تجارتي ۽ سياسي شخصيت *سر حاجي عبدالله هارون* جي سرپرستي ۾ عمل ۾ آيو. هن جمخانه جو مقصد مسلم نوجوانن ۾ “مهارت ، صحت ۽ تنظيم جي روح کي بيدار ڪرڻ هو.
مسلم جمخانه ۽ ان جا پينٽينگيولر(پنجن ڏينھن وارا) ميچز صرف تفريح جو ذريعو نه هئا، پر هنن اهڙا ناميارا رانديگر پيدا ڪيا جن اڳتي هلي پاڪستان جي ڪرڪيٽ جو بنياد رکيو:

ميان محمد سعيد، مسلم جمخانه جي ڪلچر جي پيدائش، جنهن 1948ع ۾ وسٽ انڊيز جي خلاف پاڪستان جي پهرين (غير سرڪاري) ٽيم جي تاريخي ڪپتانيءَ جو اعزاز حاصل ڪيو.
نذر محمد، مسلم اليون جو ملوڪ اوپنر، جنهن1952ع ۾ پاڪستان جي تاريخ جي پهرين آفيشل ٽيسٽ سينچري (124 رنز ناٽ آئوٽ، ڀارت جي خلاف) اسڪور ڪئي ۽ پچ تي ‘ڪيرينگ دي بيٽ’ (Carrying the bat) جو اعزاز ماڻيو.
انوار حسين، پينٽينگيولر ميچن جي دؤر جو بهترين آل رائونڊر، جيڪو 1952ع ۾ پاڪستان جي پهرين باقاعده ٽيسٽ ميچ ۾ عبدالحفيظ ڪاردار جو نائب ڪپتان (Vice-Captain) هو.

4. هندو جمخانه (1925ع):
اڏاوتي سونهن ۽ زمين جو زوال
هندو جمخانه ڪراچيءَ جي تاريخ جو هڪ عظيم الشان اڏاوتي شاهڪار آهي، پر ورهاڱي کان پوءِ ان جي داستان انتهائي تلخ رهي آهي:
طرزِ تعمير:
سرور شهيد روڊ تي واقع هيءَ عمارت ڪراچيءَ جي پهرين عوامي تعمير هئي جنهن ۾ راجپوت-مغل ريوائيول اسٽائل اپنايو ويو. ان جي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڇٽين جو ڊيزائن آگره ۾ واقع اعتماد الدوله جي مقبري تان ورتو ويو هو. ان کي سيٺ رام گوپال گورڌن داس موهٽا ۽ هندو برادريءَ 47،000 چورس وال جي وسيع ايراضيءَ تي قائم ڪيو هو.
زمين جو الميو ۽ قانوني جنگ:
1947ع کان پوءِ هي عمارت متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي حوالي ٿي. افسوسناڪ طور تي، 1978ع ۾ ان جي 60 سيڪڙو زمين پوليس ڊپارٽمينٽ کي، 6 هزار گز FPSC کي ۽ 3500چورس وال علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي کي الاٽ ڪئي وئي. نتيجو اهو نڪتو ته 47،000 هزار چورس وال جو هي تاريخي جمخانه سُڪڙجي رڳو 4 هزار 5 سؤ چورس والن رهجي ويو!
موجوده حالت:
2005ع ۾ هي عمارت ‘ناپا’ (NAPA) کي 30 سالا ليز تي ڏني وئي، جنهن جي خلاف هندو برادري 2007ع کان سپريم ڪورٽ تائين قانوني جنگ وڙهي رهي آهي ته جيئن ان عمارت جو اصل ثقافتي ۽ ڪميونٽي مقصد بحال ڪري سگهجي.
قديم ڪراچيءَ جا اهي جمخانه ان ڳالهه جي زندهه شاهدي آهن ته هي شهر هميشه کان صحت مند، متحرڪ ۽ روادار ماڻهن جو مسڪن رهيو آهي. اهي ڪلب رڳو راندين جا ميدان نه پر بين المذاهب هم آهنگي جا ادارا هئا. اڄ جتي مسلم ۽ هندو جمخانه جو اصل رڪارڊ ۽ زمينون وکري چڪيون آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي جمخانه ۽ KPI جهڙن فعال ادارن جي تاريخي اسپورٽس رڪارڊ کي سرڪاري سطح تي دستاويزي شڪل ڏني وڃي ۽ هندو جمخانه جهڙن شاهڪارن جي زمين کي وڌيڪ پامال ٿيڻ کان بچايو وڃي، ته جيئن پراڻي ڪراچيءَ جو هي روشن ۽ صحت مند چهرو ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رهي سگهي.
________________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



