خُواب ۽ ڏُڪار! ٿر ۾ معاشي، سماجي ۽ انساني بحران جي شروعات
ٿر ۾ جڏهن برساتون وسنديون آهن ته اميدون موٽي اينديون آهن، پر جڏهن اهي ناڪام ٿي وڃن ته سڄو خطو بحران ڏانهن وڌڻ لڳندو آهي. هن سال جُون جي پڄاڻيءَ تائين ڪا به خاطر خواه برسات نه پوڻ سبب ٿر جا ماڻهو پنهنجيون اميدون آهستي آهستي اجهامندي ڏسي رهيا آهن. مهينن جي محنت سان گڏ ڪيل بچت هاڻي بوجھ بڻجي چڪي آهي. ٻج اڌار تي خريد ڪيا ويا آهن، ٽريڪٽر بڪ ڪرايا ويا آهن، پر زمين اڃا تائين رڃ بڻيل خشڪ پئي آهي. ان سان گڏوگڏ مهانگائيءَ گهريلو ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان پهرين ئي مشڪل سال وڌيڪ ڪٺن ٿي ويو آهي.

شيوارام سوٽھڙ
گهڻن پاڪستانين لاءِ چوماسي جي دير رڳو موسم جي هڪ تبديلي آهي. پر ٿر لاءِ هيءَ معاشي، سماجي ۽ انساني بحران جي شروعات آهي.
ٿرپارڪر ۾ ماڻهو وقت جو حساب ڪيلنڊر سان نه، پر برسات سان لڳائيندا آهن. هر سال چوماسو اهو طئہ ڪندو آهي ته ٻار اسڪول ويندا يا نه، مالوندن جو چوپايو مال زنده رهندو يا نه، ۽ مٿن چڙهيل قرض ادا ٿي سگهندا يا نه. جڏهن برساتون وسنديون آهن ته اميدون موٽي اينديون آهن، پر جڏهن اهي ناڪام ٿي وڃن ته سڄو خطو بحران ڏانهن وڌڻ لڳندو آهي. هن سال جُون جي پڄاڻيءَ تائين ڪا به خاطر خواه برسات نه پوڻ سبب ٿر جا ماڻهو پنهنجيون اميدون آهستي آهستي اجهامندي ڏسي رهيا آهن.
مئي مھيني جي آخر کان ئي خاندان پنهنجي وس پڄندي بچت ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ڪجهه ماڻهو مال وڪڻي ڇڏيندا آهن ته ڪجهه وري پنهنجي روزاني جي پورهئي مان چند سئو رپيا ڌار ڪري رکندا آهن. هيءَ رقم ٻج، ٽريڪٽر ۽ پهرين وسڪاري سان ئي زمين تيار ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. ٿر ۾ ٻني ٻارو مڪمل طور تي چوماسي جي برساتن تي منحصر آهي. ٽن کان چار سٺيون برساتون هڪ خاندان جو سڄو سال گذارو ڪرائي سگهن ٿيون، پر انهن کان سواءِ هر سيڙپ زيان ٿي ويندي آهي.
موسمياتي تبديلين نسلن کان هلندڙ برساتن جي روايتي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي. عام طور تي ٿر ۾ جُون جي شروعات ۾ پهرين برسات ٿي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ هاري ايندڙ برساتن جي غيريقيني صورتحال جي باوجود ڇٽ ڪري ڇڏيندا آهن. پر 2026 ۾ مونسون تقريباً هڪ مهينو دير جو شڪار آهي. ٿر ۾ بنا برسات جي هڪ مهينو سڄي سال جي روزيءَ جو نقصان بڻجي سگهي ٿو.
مهينن جي محنت سان گڏ ڪيل بچت هاڻي بوجھ بڻجي چڪي آهي. ٻج اڌار تي خريد ڪيا ويا آهن، ٽريڪٽر بڪ ڪرايا ويا آهن، پر زمين اڃا تائين رڃ بڻيل خشڪ پئي آهي. ان سان گڏوگڏ مهانگائيءَ گهريلو ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان پهرين ئي مشڪل سال وڌيڪ ڪٺن ٿي ويو آهي.
هر گذرندڙ ڏينهن غيريقينيءَ کي وڌيڪ گهرو ڪري رهيو آهي. بچتون ختم ٿي رهيون آهن، قرض وڌي رهيا آهن، ۽ ڪيترائي هاري هاڻي باقي بچيل ٿورڙا پئسا خرچ ڪرڻ جو حوصلو به نٿا رکن. ٻني ٻاري لاءِ رکيل رقم هاڻي کاڌي خوراڪ ۽ اوزارن/دوائن لاءِ محفوظ ڪئي پئي وڃي. ٿر جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آباديءَ جو دارومدار سڌوسنئون باراني زراعت تي آهي. برسات نه پوي ته نه فصل ٿيندو، نه آمدني ٿيندي، ۽ نه ئي قرض لاهڻ جو ڪو رستو بچندو — جنهن سان خاندان قرض جي هڪ گهري ڦيري ۾ ڦاسي پوندا آهن.
ان جو نفسياتي اثر به گهٽ ناهي. هاري سڄي رات آسمان ڏانهن نهاريندي سمهي نٿا سگهن ۽ پنهنجن ٻارن جي ان سوال جو جواب نٿا ڏئي سگهن ته فصل ڪڏهن ڄمندا. ڊگهي غيريقينيءَ جي ذهني پيڙا سبب ڊپريشن، بيچيني ۽ ذهني دٻاءُ واريون بيماريون تيزيءَ سان عام ٿي رهيون آهن.
ڏڪار ماڻهن کي لڏپلاڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. هر ڏڪار واري سال ۾ ڪيترا ئي خاندان، خاص ڪري ڀيل برادريءَ جا ماڻهو، روزگار جي تلاش ۾ عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين ۽ سانگهڙ هليا ويندا آهن. ٻار اسڪول ڇڏي ڏيندا آهن، وسنديون ويرام ٿي وينديون آهن، ۽ ٿر جو منفرد ڪلچر ۽ روايتون آهستي آهستي مٽجڻ لڳنديون آهن.
برساتن جي ناڪامي مال متاع لاءِ به تباهه ڪن ثابت ٿيندي آهي، جيڪو زرعي زمين کانپوءِ هن خطي جو ٻيو قيمتي اثاثو آهي. چراگاهون ختم ٿيڻ ۽ چاري جي کوٽ سبب ٻڪريون، ڳئون ۽ اُٺ ڪمزور ٿي مرڻ لڳندا آهن. غريب خاندانن لاءِ چوپائي مال جو هڪ ننڍڙو ڌڻ وڃائي ويهڻ به سالن جي جمع پونجي ضائع ٿيڻ برابر هوندو آهي.
هن ٻوجھ کي شايد سڀ کان وڌيڪ عورتون کڻنديون آهن. پاتال جي پاڻيءَ جي سطح مسلسل ڪرندڙ هجڻ سبب کوهه پهرين جي ڀيٽ ۾ سئو پير وڌيڪ اونھا کوٽڻا پوندا آهن. عورتون روزانو ڪيترا ئي ڪلاڪ صحرائي اس ۾ ڊگها پنڌ ڪري پاڻي ڀري آڻڻ ۾ صرف ڪنديون آهن، جنهن سان سندن پهرين ئي ڪٺن زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي آهي.
موسميات جا ماهر ان کي زرعي ڏڪار قرار ڏين ٿا. ٿر جا ماڻهو ان کي محض “قحط جو سال” (ڏڪار جو سال) چوندا آهن. موسمياتي تبديلين هڪ اهڙي بحران کي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو، هاڻي هڪ وڌندڙ حقيقت بڻائي ڇڏيو آهي. گهڻن پاڪستانين لاءِ چوماسي جي دير محض موسم جي تبديلي آهي، پر ٿر لاءِ هي معاشي تنگي، سماجي انتشار ۽ انساني مصيبتن جي شروعات آهي.
ٿر جو تحفظ صرف هنگامي امداد سان ممڪن ناهي. ان لاءِ موسمياتي تبديلين جي گهرجن مطابق زراعت، پاڻيءَ جي پائيدار انتظام، چوپائي مال جي تحفظ، سماجي تحفظ جي نظام ۽ اثرائتي ابتدائي وارننگ سسٽمز (Early Warning Systems) ۾ سيڙپ ضروري آهي.
سنڌ حڪومت کي انهن علائقن ۾ زرعي ٽيوب ويلن لاءِ سولا قرض متعارف ڪرائڻ تي به غور ڪرڻ گهرجي جتي پاتال جو پاڻي آبادگاريءَ لاءِ موزون آهي. هي ڪم سائنسي بنيادن تي پاتال جي پاڻيءَ جي جائزي، شمسي توانائيءَ (سولر سسٽم) سان هلندڙ پمپن ۽ ٽيڪنيڪل سهڪار سان ڪيو وڃڻ گهرجي.
چوماسي جي اڻ چتين برساتن تي انحصار گهٽ ڪرڻ سان خوراڪ جو تحفظ ٿيندو، معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ ٿر جون برادريون ٻيهر وَر وَر ايندڙ ڏڪار جو وڌيڪ مضبوطيءَ سان مقابلو ڪري سگهنديون.
_________________
ليکڪ ٿر ۾ رھندڙ سماجي ڪارڪن آھي



