ڪربلا جو پيغام:حق جو ساٿ، مظلوم جي مدد ۽ ظالم جي مخالفت جو درس
امامِ عالي مقام جي عظمت کي سلام پيش ڪرڻ جو مطلب اهو آهي تہ اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ بہ حق، محبت، رواداري، صبر ۽ انصاف کي جاءِ ڏيون. جڏهن بہ ڪو مظلوم نظر اچي تہ اسان سندس آواز بڻجون، جڏهن بہ ڪو ظلم نظر اچي تہ اسان خاموش تماشائي نہ بڻجون. اهو ئي حسينيت جو اصل روح آهي.

حڪيم پريم چاندواڻي
ڪربلا فقط هڪ تاريخي واقعو ناهي، بلڪہ اها حق، صداقت، حوصلي، وفا ۽ انساني عظمت جو اهڙو روشن مينار آهي، جنهن جي روشني صدين کان پوءِ به انسانيت جي رستن کي روشن ڪري رهي آهي. جڏهن به ظلم پنهنجي طاقت تي ناز ڪندو آهي، تڏهن ڪربلا جو پيغام هڪ نئين قوت سان گونجندو آهي، ۽ دنيا کي ياد ڏياريندو آهي ته حق جو رستو مشڪل ضرور هوندو آهي، پر ان جي منزل هميشه عزت ۽ ڪاميابي هوندي آهي.
امام حسينؑ، جن کي دنيا امامِ عالي مقام جي نالي سان سڃاڻي ٿي، پنهنجي جان، پنهنجي اهلِ بيت ۽ پنهنجن وفادار ساٿين جي قرباني ڏئي اهو ثابت ڪيو ته اصولن جي حفاظت لاءِ هر قرباني ننڍڙي هوندي آهي. سندن عظمت فقط مسلمانن لاءِ نه، پر سڄي انسانيت لاءِ هڪ روشن مثال آهي. هنن دنيا کي سيکاريو ته ظلم آڏو جهڪڻ کان بهتر آهي ته عزت سان بيهي حق جو علم بلند رکجي.
يزيد جي طاقت، لشڪر ۽ حڪومت وقتي هئي، پر امام حسينؑ جو سچ دائمي بڻجي ويو. ڪربلا جي تپندڙ واريءَ تي لکيل اهو داستان اڄ به انسانن جي دلين ۾ زنده آهي. تلوارن جسم زخمي ڪيا، پر حسينؑ جي فڪر کي زخمي نه ڪري سگهيون. نيزن سر جدا ڪيا، پر سندن پيغام کي خاموش نه ڪري سگهيا.
امام حسينؑ جي زندگيءَ جو هر پهلو عظمت سان ڀريل آهي. سندن صبر، سندن بردباري، سندن شجاعت، سندن ايثار ۽ سندن الله سان وفاداري انسانيت جي بلند ترين قدرن جو آئينو آهن. جڏهن فرات جو پاڻي بند ڪيو ويو، جڏهن معصوم ٻار اڃ ۾ تڙپيا، جڏهن خيمن ۾ سڪ ۽ پياس جو راڄ هو، تڏهن به امام حسينؑ پنهنجي موقف تان هڪ قدم به پوئتي نه هٽيا. اها ئي عظمت آهي، اها ئي همت آهي، جيڪا هر دؤر جي آزادي پسند انسانن لاءِ مشعلِ راهه آهي.
ڪربلا جو پيغام فقط ماتم ڪرڻ جو نالو ناهي، بلڪہ اهو پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ، حق جو ساٿ ڏيڻ، مظلوم جي مدد ڪرڻ ۽ ظالم جي مخالفت ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. جيڪڏهن اسان حسينؑ سان محبت جي دعويٰ ڪريون ٿا ته پوءِ اسان کي سندن تعليمات تي به عمل ڪرڻو پوندو. سچ ڳالهائڻ، انصاف ڪرڻ، امانتداري اختيار ڪرڻ ۽ انسانيت سان محبت ڪرڻ ئي اصل “لبيڪ يا حسين” آهي.
اڄ جي دنيا ۾، جتي مفاد پرستي، خودغرضي ۽ ناانصافي جا ڪيترائي منظر نظر اچن ٿا، اتي ڪربلا جو پيغام اڳي کان وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. امام حسينؑ اسان کي سيکارين ٿا ته انسان جو اصل قدر سندس ڪردار ۾ آهي، نه سندس دولت يا طاقت ۾. عزت جو تعلق اصولن سان آهي، نه اقتدار سان.
ڪربلا جي ميدان ۾ ٻاهتر جانثارن جو قافلو تعداد ۾ ننڍو هو، پر مقصد ۾ وڏو هو. اڄ به دنيا انهن کي عزت ۽ محبت سان ياد ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي زندگين کي حق جي راهہ ۾ قربان ڪري امرتا حاصل ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو صدين کان پوءِ بہ “يا حسين” جو نعرو دلين کي گرمائي ٿو ڇڏي ۽ ضميرن کي جاڳائي ٿو.
امامِ عالي مقام جي عظمت کي سلام پيش ڪرڻ جو مطلب اهو آهي تہ اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ بہ حق، محبت، رواداري، صبر ۽ انصاف کي جاءِ ڏيون. جڏهن بہ ڪو مظلوم نظر اچي تہ اسان سندس آواز بڻجون، جڏهن بہ ڪو ظلم نظر اچي تہ اسان خاموش تماشائي نہ بڻجون. اهو ئي حسينيت جو اصل روح آهي.
آخر ۾ ايترو ئي چوندس تہ ڪربلا جو سج ڪڏهن بہ غروب نہ ٿيندو. امام حسينؑ جو نالو رهندي دنيا تائين حق جي علامت بڻيل رهندو. سندن قرباني انسانيت جي تاريخ جو اهڙو باب آهي، جيڪو هر دؤر ۾ ماڻهن کي همت، حوصلو ۽ سچائيءَ جو سبق ڏيندو رهندو.
سلام هجي امامِ عالي مقام حسينؑ تي، سلام هجي شهيدنِ ڪربلا تي، ۽ سلام هجي هر اُن دل تي، جيڪا حق ۽ انسانيت سان محبت ڪري ٿي.
لبيڪ يا حسينؑ!، سلام ياحسين عليه سلام۔ لبيڪ يا حسين عہ۔
حسين ابن علي ڇا تہ تنهن جي عظمت آ،
خدا جي عشق ۾، توکي ملي شهادت آ۔
_______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو



