پھلاج نهالاڻي: بالي وُوڊ پروڊيوسر ۽ تڪراري سينسر چيف جو حياتيءَ جو سفر
پھلاج نهالاڻي 4 جون 2026 تي هن فاني دنيا مان ھليو ويو. بالي ووڊ ۾ کيس هڪ اهڙي پروڊيوسر طور ياد رکيو ويندو جنهن 90 واري ڏهاڪي ۾ ڪيتريون ئي تفريحي ۽ ڪامياب فلمون ڏنيون، پر سينسر بورڊ جي چيف طور سندس سڃاڻپ هميشه بحث هيٺ رهندي.
بالي ووڊ جي تاريخ ۾ کيس ان ڳالهه جي ڪري پڻ ياد رکيو ويندو جو هن گووندا ۽ چِنڪي پينڊي سميت ڪيترا ئي نوان ۽ مشهور اداڪار فلم انڊسٽريءَ ۾ متعارف ڪرايا

ڀارتي فلم انڊسٽري (بالي ووڊ) جو مشهور فلم پروڊيوسر ۽ مرڪزي فلم سينسر بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين پھلاج نهالاڻي 4 جون 2026 تي 76 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پيدائش 10 جنوري 1950 تي ٿي هئي. هُو پنهنجي فلمي ڪيريئر سان گڏوگڏ پنهنجي سخت فيصلن ۽ تڪراري بيانن جي ڪري ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز رهيو.
پھلاج نهالاڻي پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1982ع ۾ فلم هٿڪڙي جي پروڊڪشن سان ڪئي. ان کان پوءِ هن ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ٺاهيون. بالي ووڊ جي تاريخ ۾ کيس ان ڳالهه جي ڪري پڻ ياد رکيو ويندو جو هن ڪيترا ئي نوان ۽ مشهور اداڪار فلم انڊسٽريءَ ۾ متعارف ڪرايا، جن مان 1986ع ۾ ريليز ٿيل فلم “الزام” ذريعي هن مشهور اداڪار گووندا کي پهريون ڀيرو فلمي صنعت ۾ آندو. اھڙي طرح 1987ع ۾ هن فلم “آگ هي آگ” ذريعي چنڪي پانڊي کي بالي ووڊ ۾ متعارف ڪرايو.
هن “شعلہ اور شبنم” (1992) ۽ سپر هٽ فلم “آنکين” (1993) سميت ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون پروڊيوس ڪيون. هن 29 سالن تائين “ايسوسيئيشن آف پڪچرس اينڊ ٽي وي پروگرام پروڊيوسرز” جي صدر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون، جتان هن 2009 ۾ استعيفي ڏني.
پھلاج نهالاڻي کي 19 جنوري 2015 تي سينسر بورڊ (Central Board of Film Certification) جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. سندس اڍائي سالن جو مدو تمام گهڻو تڪراري رهيو، جنهن ڪري کيس “سنسڪاري چيئرمين” جو لقب پڻ مليو.
ھُو سخت هدايتن جي ڪري مشھور ھو. عهدو سنڀاليندي ئي هن فلمن ۾ گارگند، تشدد ۽ مذهبي جذبا اُڀاريندڙ مواد تي سخت پابندي لڳائي، ان حد تائين جو فلم ‘A’ (بالغن لاءِ) ڪيٽيگري کي بہ ھُن معاف نہ ڪيو.

سندس ڪجهه وڏا تڪرار مشھور ھئا. مثال طور:
جيمس بانڊ فلم (Specter) فلم ۾ چُميءَ جي منظرن کي ننڍو ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن تي سوشل ميڊيا ۾ مٿس ڏاڍيون ٽوڪون ڪيون ويون.
اُڙتا پنجاب فلم : پنجاب ۾ منشيات جي موضوع تي ٺهيل هن فلم تي نهالاڻيءَ 89 ڪٽس (Cuts) لڳائڻ جي گهُر ڪئي. معاملو عدالت ۾ ويو ۽ سينسر بورڊ ڪيس هارائي ويو، جنهن کانپوءِ فلم صرف هڪ ڪٽ سان ريليز ٿي.
سياسي جھڪاءُ: هُو کلئي عام وزيراعظم نريندر موديءَ جو حامي هو. هن موديءَ جي حمايت ۾ “هر هر مودي، گھر گھر مودي” ۽ “ميرا ديش مهان” جهڙيون وڊيوز پڻ ٺاهيون.
ان کان علاوه، فلم “جب هيري ميٽ سيل” جي ٽريلر ۾ “انٽرڪورس” (Intercourse) لفظ تي اعتراض ڪرڻ تي مٿس منافقت جو الزام به لڳو، ڇاڪاڻ ته هن ماضي ۾ پاڻ “انداز” (1994) جهڙيون فلمون ٺاهيون هيون جن جا گيت ٻي معني وارا هئا.
لڳاتار تڪرارن ۽ فلمي دنيا جي دٻاءُ سبب، 11 آگسٽ 2017 تي حڪومت کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ سندس جاءِ تي مشهور شاعر ۽ اشتهارن جي ماهر پراسوني جوشي کي چيئرمين بڻايو ويو. نهالاڻي دعوي ڪئي هئي ته کيس سياسي سببن ۽ ايمرجنسي تي ٻڌل فلم “اندو سرڪار” کي بغير ڪٽس جي پاس نه ڪرڻ تان هٽايو ويو.
سينسر بورڊ مان هٽڻ کان پوءِ هن فلم “جُولي 2” (Julie 2) کي بطور ڊسٽريبيوٽر ريليز ڪيو، جيڪا هڪ بولڊ فلم هئي، جنهن تي پڻ ماڻهن تعجب جو اظهار ڪيو. 2024ع ۾ اداڪاره نيڪي انيجا پاران مٿس ماضيءَ جي هڪ فلم “مسٽر آزاد” جي سيٽ تي بدتميزي ڪرڻ جا الزام پڻ لڳايا ويا.
پھلاج نهالاڻي 4 جون 2026 تي هن فاني دنيا مان ھليو ويو. بالي ووڊ ۾ کيس هڪ اهڙي پروڊيوسر طور ياد رکيو ويندو جنهن 90 واري ڏهاڪي ۾ ڪيتريون ئي تفريحي ۽ ڪامياب فلمون ڏنيون، پر سينسر بورڊ جي چيف طور سندس سڃاڻپ هميشه بحث هيٺ رهندي.
(وڪيپيڊيا تان کنيل مواد جي آڌار لکيل)
________________



