Editor's pickMain Slideماحول

فطرت جي توازن، طاقت، ڪمزوري ۽ بقا جو فلسفو:  هڪجهڙائيءَ کان محروم دنيا

فطرت، فطرتي نظام ۽ ان ۾ موجود محرڪن ۽ ٻين ويڙهاڪ توڙي ويچارن سمورن ساهوارن تي سنڌي علم، ادب ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ اهڙو بحث شروع ڪرڻ گھرجي جيڪو پاڻ کي، پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا سان ڳنڍي، ڇو ته پاڻ نه رڳو هيڪلا ٿي چڪا آهيون پر کوڙ مامرن ۾ آخري قطارن ۾ به نه ٿا ڳڻيا وڃون۔ اچو ته فطرت ۽ فطرتي نظام تي لکڻين جي حوالي سان ئي شروعات ڪيون۔

فطرت ڇا آھي، جي موضوع تي سيريز جو آخري مضمون.

حميد منگي

اڪثر سمجهو ماڻهن جي سمجهه مطابق جن شين ۾ توازن قائم رهي يا هجي ٿو, اهي شيون سمورن ساهوارن لاءِ سولايون ۽ سڻايون پيدا ڪنديون آهن ۽ وري جن شين جو توازن وقت ۽ حالتن سبب وڌي يا گهٽجي ٿو, ان سان ساهوارا بنا ڪنهن ڏوهه جي سزائون ڪاٽيندا آهن. پاڻ هن ئي موضوع تي اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته, فطرت توڙي ان جي چئني اهم محرڪن (يعني ڌرتي، سج، هوا ۽ پاڻيء) ۾ وڏي پيماني تي طاقتون به موجود آهن ته ڪي ٿورڙيون پر، ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندڙ تمام وڏيون ڪمزوريون به موجود آهن، جيڪي فطرت کي تمام گهٽ يعني نه هجڻ برابر متاثر ڪنديون آهن پر ساهوارن ۾ وڌيڪ تبديلين جا سبب بڻجي پونديون آهن۔ جنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

”هوا” جو ڪڏهن ته وڏي پيماني تي هوائي ۽ سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ ۽ وري ڪڏهن ان جو هلڪڙو جهوٽو به نه لڳڻ، جنهن سان ساهوارن جا ساهه منجهڻ ۽ ڪمزور ساهواريون شيون پوئين پساهن ۾ پئجي وينديون آهن.

ڌرتيءَ تي مخصوص موسمن ۾ ڪجهه هنڌن تي ”سج” جو گرمي پد ڪڏهن پلس (+) 50 کان وڌي وڃڻ, ڪڏهن وري خطري جي حد تائين (-) مائينس ٿي وڃڻ. ان سان به فطرتي نظام تي ڪو خاص اثر ڏسڻ ۾ ناهي ايندو، بلڪي منهنجي ننڍڙي سمجهه مطابق فطرت کي شايد ان جي سخت ضرورت هوندي، تڏهن اها پنهنجي اهم محرڪ کان اهڙو ڪم وٺندي هوندي۔ پر سج جي اهڙن شديد اثرن جي موٽ ۾ ڪئي ساهوارا پنهنجا ساهه وڃائي ويهندا آهن۔

وڌيڪ مينهن (برساتون) پوڻ جي صورت ۾ ٻوڏن جا آثار پيدا ٿيڻ يا واقعي ٻوڏن جو سلسلو جڙي پوڻ۔ جڏهن ته برساتن جي نه پوڻ ڪري وري سوڪهڙن جو پيدا ٿيڻ. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته انهن ٻنهي عملن سان فطرتي نظام کي ڪي به خطرا لاحق ناهن ٿيندا، ها البته وڌيڪ برساتن سبب يا بلڪل نه پوڻ سبب سوڪهڙن سان ڌرتيء جا ڪجهه ٽڪڙا ۽ انهن تي رهندڙ ساهوارن کي ٿورا ڪي گهڻا نقصان پلئه پوندا آهن پر فطرت يا فطري نظام کي ڪو لهر نه لوڏو۔

”ڌرتي” ڪڏهن ڪڏهن وڏي پيماني تي زلزلن جي زد ۾ اچي ويندي آهي، جنهن سبب وسيع ۽ وشال ڌرتيء جا ڪجهه ٽڪڙا توڙي انهيء جاء تي رهندڙ ساهوارن جا ته صدين کان نقصان ٿيندي ڏٺا ويا آهن پر، فطرت يا فطرتي نظام جو ته وار به ونگو ناهي ٿيندو۔

دنيا جي اڪثر سامونڊي ڪنارن تي سوناميءَ جهڙن توڙي ميداني علائقن ۾ به وقت به وقت هوائي طوفان ۽ واچوڙا اڀري، انساني آبادين ڏانهن منهن ڪندا آهن، جن سان ساهوارن ۽ علائقن جي تباهي ته مقدر بڻجي ويندي آهي، پر فطرت جيئن جو تيئن پنهنجي جوڀن ۾ برقرار رهندي ڏٺي وئي آهي۔

دنيا ۾ کوڙ اهڙا هنڌ به آهن، جتي خاص ڪري اونهاري جي موسم ۾ اوچتو ئي اوچتو پاڻمرادو يا انساني غلطين سبڀ، باهه لڳڻ جا واقعا ٿين ٿا، جنهن سبب نه رڳو ان علائقي جي جنگلات جو نقصان ٿئي ٿو، پر اتي رهندڙن جو جاني ۽ مالي نقصان به ٿئي ٿو، پر فطرت تي ڪو خاص اثر ناهي ڏٺو ويو۔

اهي ته آهن فطرت ۾ رونما ٿيندڙ ڪجهه مثال پر، جيڪڏهن ان کان به ٿورو اڳتي سوچجي, پاڻ کي اها ڄاڻ به ملندي, ته فطرت منجهه انهن چئن اهم محرڪن کان سواءِ ٻيون به کوڙ اهڙيون شيون موجود آهن, جن ۾ يا ته طاقت ئي طاقت نظر ايندي يا وري ڪمزوريءَ وارا عنصر نظر ايندا. اڳ ۾ پاڻ نظر ڦيرايون ٿا طاقتور ساهدار جانورن, پکين ۽ جيت جڻن تي, جن ۾ شينهن, هاٿي, رڇ, باز, نانگ, وڇون، واڳون وغيره وغيره، جيڪي هر دئور ۾ ڪمزور ساهوارن لاءِ خوف جي علامت بڻيل رهيا آهن۔ جڏهن ته انهن سڀني کان گهڻو نقصان ڏيندڙ عمل وري انسان جو وحشي پڻو به رهيو آهي, جيڪو جنگجو حڪمرانن جي شڪل, ڪاسائي قومن ۽ نسلن توڙي بدمعاش قسم جي ماڻهن جي روپ ۾ نظر ايندو رهيو آهي. جن جي معمولي مفادن خاطر, هن وقت تائين دنيا ۾ اربين کربين انساني جانيون، تاريخون, تمدن, نسل, قومون ۽ معيشتون تباهه ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي شاهدي آثار قديمه جا نشان به ڏين ٿا.

بلڪل اهڙيءَ طرح فطرت ۾ ڪجهه اهڙيون شيون به موجود آهن, جيڪي ڏٺيون وائٺيون ڪمزوريءَ جا واضح ثبوت آهن. انهيءَ حوالي سان وڌيڪ غور ڪري جاچبو ته, اسان کي اهڙا ساهوارا به ملندا, جيڪي پنهنجي پوري زندگي بچاءَ ڪندي ڪندي گهاري ڇڏيندا آهن، جن ۾ هرڻ, جهرڪي، ڪانءُ، سيهڙ, نوريئڙو, ڪِوِلِ, مور, ٻڪري, مينهن, ڳئون ۽ ٻيا ڪيترا ئي جانور، پکي ۽ جيت جڻا ڳڻائي سگهجن ٿا. گڏوگڏ انهن ۾ ڪجهه تعداد انساني نسلن جو به آهي، جن مان اڪثر ته ڊپ ۾ مري ويندا آهن يا ٻين نسلن ۾ ضم ٿي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهندا آهن. دنيا جي کوڙ سارن خطن ۾ گدڙ قومون ۽ ماڻهو به ڏسڻ لاءِ ملندا, جيڪي صدين کان مارن موچڙن جي ڊپ کان ذلتن واريون زندگيون گهاريندي يا هڪ جاء تان ٻي جاء ڊوڙندي ۽ جان بچائيندي نظر ايندا آهن پر, ڪنهن ظالم ۽ ظلم جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ناهن ڪڍندا. چوڻ وارا انهن انسانن کي امن پسند ڪوٺين ٿا، منهنجي نظر ۾ انهن جي سوچن ۾ امن واري سوچ به شامل هوندي پر انهن جي اندر ۾ ڪي ڪمزوريون به پلٿي ماري ويٺل هونديون. انهن مثالن کي فطرت جي چئني اهم عنصرن سان ڳنڍبو ته، فطرت جي چئني اهم عنصرن جو به ڪٿي ڪٿي ته جوش رڪجڻ جو نالو ناهي وٺندو, پر ڌرتيء جا ڪي هنڌ اهڙا به آهن, جتي انهن جون سُسُتايون ۽ ٿڌايون صاف ظاهر ٿينديون آهن. جنهن جا ڪجهه مثال هي به ڏئي سگهجن ٿا، دنيا ۾ کوڙ سارا اهڙا خطا آهن, جتي ڪجهه فطري ڪمزورين سبب مينهن نه وسڻ ڪري صدين کان ڏڪار ۽ سوڪهڙا ڏسڻ لاءِ ملندا رهيا آهن، ڪٿي سج معمول مطابق پنهنجي روشني ۽ گرمي پهچائڻ کان قاصر هوندو آهي ۽ برف جا پهاڙ جمع ٿي ويندا آهن، ڪٿي ڌرتي سواءِ مخصوص اناجن جي وڌيڪ اپت ناهي ڏيندي، نتيجي ۾ اتي ويرانيون به واڪا ڪنديون آهن.

هتي سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته، ساڳئي فطرت ۽ ان ۾ موجود ساڳين اهم محرڪن جي موجودگيءَ باوجود مختلف خوبين ۽ خامين واريون شيون ۽ جنسون, ڇو ٿيون ڄمن, پلن ۽ وڌن. ٻڪري به انهيءَ جهنگلي يا ٻيلي ۾ ڄمي ٿي، جتي هاٿي پلن ۽ وڌن ٿا. اهي مختلف طبعيتن ۽ اهميتن وارا جانور فطرت جو ساڳيو ”پاڻي” به پيئن ٿا, ”زمين” جو ڦٽي نڪتل گاهه ۽ وڻن جا پن به کائن ٿا, ساڳين هنڌن ۽ جهنگن ۾ رهن ٿا، ساڳئي ”سج” جي گرمي ۽ روشنيءَ سميت ساهه طور ”هوا” به جهٽين ٿا ۽ پڻ ساڳين موسمن ۾ رهن ٿا, پر انهن جي جسامت توڙي طاقت مختلف ڇو ٿي رهي؟ هتي ٻيو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته, فطرت ۾ اهڙيون هڪٻئي کان مختلف طاقتور يا ڪمزور جنسون ڇو ٿيون پئدا ٿين؟ سڀ ساهوارا خونخوار يا بي ضرر ڇو نه ٿا هجن, يعني انهن جي طاقتن ۽ جسامتن ۾ هڪجهڙائي ڇو نٿي رهي؟ اهڙيءَ طرح سموري ڌرتيءَ تي ساڳئي وقت ساڳيون موسمون ڇو نه ٿيون رهن؟ مختلف نسلن، قومن، خطن ۽ ملڪن جي ماڻهن جا قد, رنگ ۽ طبعيتون هڪ جهڙيون ڇو ناهن؟ برساتون به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڪ ڪريون ڇو نه ٿيون وسن؟ پوري ڌرتيءَ تي سج پنهنجي ”گرمي” ۽ ”روشني” هڪ ڪري ڇو نه ٿو پهچائي؟

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته, فطرت ۾ موجود شين جي طاقتن, جنسن, قدن، ڪاٺن ۽ رنگن جي توازن ۾ ايترو فرق ڪهڙي سبب آهي؟ ڇا ايئن سمجهجي ته, خود فطرت ۽ ان جي اهم چئن محرڪن منجهه به ڪمزورين ۽ طاقتن وارا اهي سمورا گڻ ۽ اوگڻ موجود آهن، جيئن دنيا جي مختلف علائقن جي ماڻهن ۽ ٻين ساهوارن ۾ آهن؟ انهيءَ حوالي سان ڪجهه ماڻهو, بنا سوچ ويچار جي انهن ڳالهين جو سالن ۽ صدين وارو گسيل پٽيل جواب ڏيندا آهن ته, هڪڙن هنڌن جون حالتون توڙي موسمون ٻين هنڌن کان مختلف ٿين ٿيون. ڪٿي ”سج” جي ٿوري گرمي ۽ روشني پهچي ٿي ته ڪٿي وڌيڪ. ڪٿي ”هوا” جو داٻ گهڻو ٿو ٿئي، ڪٿي گهٽ ٿو هجي۔ زمين جو سج جي چوڌاري ۽ سج جو زمين جي گول چڪر لڳائڻ سان به زمين جا ڪجهه حصا گرمي, روشني, هوا, پاڻي توڙي جھُڙن ۽ مينهن کان رهجي وڃن ٿا، ڪي جانور گوشت کانئن ٿا ڪي وري گاهه.

هتي اها ڳالهه وري به ورجائجي ٿي ته، سج، زمين جي چوڌاري ۽ زمين، سج جي گول اهڙي نموني ڇو نٿا چڪر لڳائن، جو سڀني خطن ۾ هڪ جهڙي گرمي يا ٿڌ قائم رهي؟ زمين گول ڇو آهي، چوڪور يا ٽڪور ڇو ناهي؟ سج به چوڪور يا ٽڪور هجي ها, جيڪي جھُڙَ ٺهن ٿا، اهي پوري ڌرتيءَ تي هڪ ڪرا ئي وسن ها ته ڪهڙو فرق پوي ها، هوا به زمين جي چوڪور جي بنياد تي چڪر هڻندي رهي ها جيڪر دنيا جا سمورا علائقا, خطا، ملڪ، ماڻهو, موسمون، فصل، ريتون, رسمون, تهذيبون, ٻوليون هڪ جهڙيون ئي هجن ها، ماڻهن جا رنگ به ساڳيا هجن ها، انهن جا پاڻ ۾ جھيڙا جهڳڙا به نه ٿين ها، ڪو به طاقتور يا ڪمزور نه هجي ها ۽ پڻ سڀني جا ويچار به ساڳيا هجن ها.

مطلب ته هتي انهيءَ حقيقت کي سمجهجڻ جي شديد ضرورت آهي ته، فطرت هجي يا ان جا چار سرگرم اهم محرڪ, هڪڙين جنسن ۽ شين کي بي انتها طاقتور بڻائين ٿا، ته وري ڪجهه شين کي نٻل ۽ ڪمزور ڪن ٿا، اهي ئي عنصر وري ڪجهه شين کي توازن ۾ به رکيو ويٺا آهن. هتي سوچڻ جي هڪ ٻي ڳالهه اها به آهي ته, سموريون شيون توازن ۾ هجن ها ته, فطرت جو ڪهڙو نقصان ٿئي ها؟ جڏهن ته, ان مامري تي به ويچارڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙا فطرتي عمل، فطرت جي کوٽ سمجهجن يا خوبي؟ جيڪڏهن اها کوٽ آهي ته، اها کوٽ ڪيئن پوري ٿيندي؟ جيڪڏهن ان کي فطرت جي خوبي سمجهجي ته, ڪمزور جنسن مٿان صدين کان زورآور شين جا وڏا ۽ تاريخي ظلم ڇو پيا ٿيندا اچن ۽ انهن مٿان ظلم جو انت ڇو نه ٿو اچي؟ مطلب ته پاڻ اهو سمجهون ته فطرت هڪڙين جنسن ۽ ساهوارن کي، ڏاڍ ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي ۽ ٻين کي ظلم سهڻ جو، جيڪڏهن ايئن آھي ته آخر ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

اهي ۽ ان جهڙا کوڙ اهم ۽ ضروري سوال انساني ذهنن ۾ مختلف وقتن تي ڦيراٽيون پائيندا رهندا آهن. مان هتي اهو بحث به ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇا انهن سمورن سوالن جا جواب ڳولهڻ جي به فطرت انسان کي ئي اجازت ڏني آهي؟ جنهن جي بنياد تي انسان لڳاتار تحقيقون به ڪري ٿو ۽ نين تخليقن جا بنياد به وجهي ٿو. منهنجي سمجهه فطرت کي بس ايترو ئي سمجهي سگهي آهي ته، فطرت پنهنجي اهم محرڪن ذريعي هڪڙين شين کي ڪمزور بڻايو آهي ۽ ڪجهه شين کي مناسب ته ڪن کي وري انتهائي طاقتور بڻائي، ڄڻ ته درندگيءَ جا دروازا به کوليا آهن. منهنجي خيال ۾ پڙهندڙن ۽ ايندڙ نسلن کي انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ جي ضرورت ضرور پوندي. ٿي سگهي ٿو، موجوده دئور ۾ ئي اهڙا ماڻهو موجود هجن، جن کي اهڙن سوالن جا جواب ايندا هجن پر انهن کي جواب ڏيڻ جو موقعو نه مليو هجي يا ڪن جواب ڏنا به هجن جيڪي مون سميت ٻين جي آڏو نه آيا هجن. منهنجي خيال ۾ هيءُ موضوع يا مضمون اهڙن سڀني سوالن جا جواب ڳولهڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري اچو ته هن فطرت، فطرتي نظام ۽ ان ۾ موجود محرڪن ۽ ٻين ويڙهاڪ توڙي ويچارن سمورن ساهوارن تي سنڌي علم، ادب ۽ ٻوليء ۾ بحث جو هڪ اهڙو سلسلو جوڙيون، جيڪو پاڻ کي پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا سان ڳنڍي، ڇو ته پاڻ نه رڳو هيڪلا ٿي چڪا آهيون پر کوڙ مامرن ۾ آخري قطارن ۾ به نه ٿا ڳڻيا وڃون۔ اچو ته فطرت ۽ فطرتي نظام تي لکڻين جي حوالي سان ئي شروعات ڪيون۔

_______________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. سائين عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سينيئر ساٿي آهي ، سدا سلامت هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button