اعصابي جنگ جاري: پاڪستان جون آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالھين لاءِ سفارتي ڪوششون
مذاڪرات جي ايندڙ دور لاءِ ’ڪو به حتمي وقت نٿو ڏئي سگهجي‘ ڇاڪاڻ ته واشنگٽن ۽ تهران ’هڪ ٻئي جي اعصابن کي آزمائي رهيا آهن‘: پاڪستاني ذريعا
آمريڪي ٽيم اڃان اسلام آباد ۾ موجود آھي. پاڪستاني اختيارين اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي انتظام جاري رکيا آهن. شهر جي “ريڊ زون” ڏانهن ويندڙ رستا، جتي اهم سرڪاري عمارتون ۽ اها فائيو اسٽار هوٽل واقع آهي جتي پهريون دور ٿيو هو، عام ٽريفڪ لاءِ بند آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گذريل هفتي کان سمورا تعليمي ادارا ۽ هاسٽلز به بند آهن، ۽ ميٽرو بس سميت عوامي سواريون به معطل آهن.

انادولو اسٽاف | استنبول
ذريعن موجب، ايران سان ڳالهين لاءِ آمريڪي ٽيم ’اڃا تائين پاڪستان ۾ موجود آهي‘، جڏهن ته پاڪستان اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي انتظام برقرار رکيا آهن.
واشنگٽن هڪ طرفي طور جنگ بندي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، ۽ اسلام آباد مذاڪراتي عمل تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ علائقائي ملڪن کان به سهڪار گهري رهيو آهي.
اربع جي ڏينهن انادولو سان ڳالهائيندي، ڪيترن ئي پاڪستاني ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران کي ٻيهر مذاڪرات جي ميز تي آڻڻ لاءِ هڪ “بريڪ ٿرو” (وڏي اڳڀرائي) حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
هي شديد “بئڪ ڊور” (پردي پٺيان) سفارتڪاري ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري تي ايران سان ٻن هفتن جي جنگ بندي جي مدت ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ان ۾ هڪ طرفي واڌ جو اعلان ڪيو.
هڪ ذريعي چيو ته، “ٽرمپ کي ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ختم ڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ نيون ڪوششون جاري آهن، جيڪو ڳالهين جي بحاليءَ لاءِ تهران جو بنيادي شرط آهي.” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اعليٰ قيادت انهن سفارتي ڪوششن ۾ سڌي ريت شامل آهي.
آمريڪا ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن ۽ هو تهران جي يورينيم جو حل چاهي ٿو. تنهن هوندي بہ ذريعن چيو ته ايندڙ دور ڪڏهن ٿيندو، ان بابت “ڪو به حتمي وقت” نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته “ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي اعصابن کي آزمائي رهيون آهن.”
ٽرمپ اربع تي دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان جي ثالثي ۾ ايران سان ڳالهيون “36 کان 72 ڪلاڪن اندر ممڪن آهن.”
ذريعن تسليم ڪيو ته هن ڀيري ڊيڊ لاڪ (جمود) ختم ڪرڻ جو عمل پهرين دفعي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏُکيو آهي، جڏهن اسلام آباد جنگ بندي ڪرائي هئي ۽ 11 ۽ 12 اپريل تي ٻنهي ڌرين کي آمهون سامهون آندو هو. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علائقائي ملڪن سان “مسلسل” رابطي ۾ آهي ته جيئن انهن جي اثر کي استعمال ڪندي ايران کي واپس ميز تي اچڻ لاءِ تيار ڪري سگهجي.
اسلام آباد هن هفتي ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ تيار هو، پر تهران آمريڪا کان ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جيتوڻيڪ آمريڪا نائب صدر جي ڊي وينس کي پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو.
هڪ ٻئي پاڪستاني سرڪاري آفيسر انادولو کي تصديق ڪئي ته آمريڪي ٽيم، جيڪا آچر تي امڪاني ٻئي دور لاءِ اسلام آباد پهتي هئي، اڃا تائين گاديءَ واري هنڌ ۾ موجود آهي. آفيسر چيو ته، “ڳالهيون ناهن ٿيون پر اڃا تائين واشنگٽن پاران کين واپسيءَ جو ڪو حڪم ناهي مليو.”
گذريل هفتي جي آخر ۾ ڪيترائي آمريڪي جهاز عملدارن ۽ سازوسامان سميت اسلام آباد پهتا هئا، پر ايران جا اڳواڻ پاڪستاني گاديءَ واري هنڌ واپس نه پهتا.
پاڪستاني اختيارين اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي انتظام جاري رکيا آهن. شهر جي “ريڊ زون” ڏانهن ويندڙ رستا، جتي اهم سرڪاري عمارتون ۽ اها فائيو اسٽار هوٽل واقع آهي جتي پهريون دور ٿيو هو، عام ٽريفڪ لاءِ بند آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گذريل هفتي کان سمورا تعليمي ادارا ۽ هاسٽلز به بند آهن، ۽ ميٽرو بس سميت عوامي سواريون به معطل آهن.
اعتماد بحاليءَ جا قدم
ذريعن موجب، ٽرمپ جو خيال آهي ته هو ايراني بندرگاهن جي بحري ناڪابندي ذريعي ايران جو “هٿ مروٽي” (دٻاءُ وجهي) سگهي ٿو ته جيئن ٻئي دور جون ڳالهيون “مضبوط پوزيشن” تان ڪري سگهجن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته، “مسئلي جي انتهائي پيچيده هجڻ جي باوجود، پاڪستان کي هڪ وڏي اڳڀرائي جي اميد آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون مڃين ٿيون ته جنگ ان تڪرار جو حل ناهي.”
آمريڪا ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير سردار مسعود خان جو خيال آهي ته ٻنهي طرفن کان ڪجهه “اعتماد بحاليءَ جا قدم”، جهڙوڪ ناڪابندي ۾ نرمي ۽ هرمز پٽيءَ (Strait of Hormuz) ۾ آمد و رفت جي آزادي، بامقصد ڳالهين لاءِ “سازگار” ماحول پيدا ڪري سگهن ٿا.
مسعود خان انادولو کي ٻڌايو ته، “جيڪڏهن آمريڪا تازو قبضي ۾ ورتل ايراني جهازن کي آزاد ڪري ۽ پنهنجي فوجي موجودگي برقرار رکندي بندرگاهن جي ناڪابندي ختم ڪري، ۽ ان جي بدلي ۾ ايران هرمز جي پٽيءَ کي مڪمل طور کولي ڇڏي ته جيئن تجارتي اچ وڃ ٿي سگهي، ته اها هڪ گڏيل بنياد ٿي سگهي ٿو جنهن تي ٻئي ڌريون ميز تي اچي سگهن ٿيون.”
اڱاري تي، صدر ٽرمپ پاڪستاني اختيارين جي درخواست تي ايران سان ٻن هفتن جي جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي هئي ته جيئن تهران کي “گڏيل تجويز” تيار ڪرڻ لاءِ وقت ملي سگهي. واشنگٽن هرمز جي پٽيءَ کي ٻيهر کولڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جيڪا 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن کانپوءِ تقريبن بند آهي.
تهران گذريل هفتي اها پٽي کليل قرار ڏني هئي پر هڪ ڏينهن پوءِ ان وقت ٻيهر بند ڪري ڇڏي جڏهن ٽرمپ ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. آچر تي آمريڪي فوج هڪ ايراني مال بردار جهاز تي فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ کيس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو.
________________
انادولو ايجنسيءَ جي ٿورن سان



