Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

فطرت جي ھنج ۾ پساھ کڻندڙ جهمپير ۽ ڪينجھر سرمائيدارن جي اک ۾

۽ 1990 واري ڏهاڪي ۾ انھيءَ علائقي کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪندي فيڪٽرين جو ڄار وڇايو ويو جنهن جي ڪري قديم آثارن ۽ جھنگلي جيوت کي گهڻو نقصان پهتو.

ھتان جا ماڻهو برسات پوڻ تي گهڻو خوش نہ ٿيندا آھن ڇو تہ مينھن جي موسم ۾ 20 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل ڪيميڪل وارو پاڻي چاليھ پنجاھ ڪلوميٽر تائين وڪڙ کائي اچي ڪينجهر ۾ ڪرندو آھي جنهن جي ڪري مڇي ۽ ٻي سموري جيوت متاثر ٿيندي آھي.

فاروق سرگاڻي

سنڌ جي ھر ھڪ ڀاڱي جي پنهنجي ھڪڙي خصوصيت آھي. اھڙي طرح ڪوھستان بہ پنهنجي ھڪڙي خاص سُڃاڻپ رکي ٿو. جنهن ۾ لطيف جي ڇڏيل واٽن، گسن، سُرن جو حقيقي رنگ ۽ کيرٿر جون خوبصورت جابلو قطارون آھن. کيرٿر جون قطارون ۽ قدرتي بيھڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ صدين کان ڳنڍيل سياسي، معاشي ۽ ادبي لاڳاپن جو ثبوت بہ ڏين ٿيون.

گهڻن ماڻهن کي سنڌ ۾ اھا ڄاڻ نہ ھوندي تہ اڳوڻو سُپر ھاءِ وي يعني موجودہ ھٿ ٺوڪيو ايم نائين موٽروي ٺھيو تہ کيرٿر جا ٻہ اڌ ٿي ويا. ھڪڙو حصو ڪراچيءَ جي ڪوھستان کان وٺي ڄامشورو، دادو، ۽ قمبر شهدادڪوٽ تائين جنهن کي بعد ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ ٻيون حصون نوري آباد کان ويندي جهمپير تائين لاوارث ۽ ڪنهن بہ قانون ۾ نہ آندو ويو. جنهن جا نتيجا اھي نڪتا تہ 1980۽ 1990 واري ڏهاڪي ۾ کيرٿر جي ان حصي کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪندي فيڪٽرين جو ڄار وڇايو ويو جنهن جي ڪري قديم آثارن ۽ جھنگلي جيوت کي گهڻو نقصان پهتو. وڏي ڳالهه تہ ڪا بہ قانون سازي نہ ھجڻ جي ڪري، سرمائيدارن، سردارن، وڏيرن، لُٽ مار جي ديڳڙي چاڙھي ڇڏئي، اھو سلسلو ھن وقت تائين جاري آھي.

تازي سفر ۾ اسان جو جهمپير ۾ ٻيون ڏينهن ھيو. مون رسول بخش درس جي شخصيت، ڪردار ۽ فن تي سهيڙيل ڪتاب پڙھيو پئي، جنهن ۾ ھڪ ھنڌ رسول بخش لکيو ھو: ڪينجهر ڪناري ڌرتيءَ سان عشق، دنيا جي سڀني عشقن کان وڌيڪ مھانگو آھي.

جڏهن شام ٿيڻ تي ھئي تہ اسين وھنجڻ لاءِ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي وياسين. اسان کي ايڏي تازگي ۽ سڪون مليو جو ڪڏھن ڪونہ مليو ھو. پوءِ اندر مان آھ نڪتي تہ واقعي ڪينجهر ۽ جهمپير جو ميلاپ ڪمال آھي.

پر ھن علائقي ۽ ڪينجھر جي خوبصورتيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. ڪڏھن تہ ڪينجھر ۾ زھريلو ڪيميڪل وارو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو.

چيو وڃي ٿو تہ ڪوھستان ھڪ اھڙو علائقو آھي، جتي ماڻهو برسات جي ڦڙي لاءِ ترسندا آھن پر انھيءَ ڪوھستان جو ھڪ حصو جهمپير بہ آھي، جتي ماڻهو برسات جي آمد تي گهڻو خوش نہ ٿيندا آھن. ڇو تہ مينھن جي موسم ۾ 20 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل ڪيميڪل وارو پاڻي چاليھ پنجاھ ڪلوميٽر تائين وڪڙ کائي اچي ڪينجهر ۾ ڪرندو آھي جنهن جي ڪري مڇي ۽ ٻي سموري جيوت متاثر ٿيندي آھي. جيڪڏهن ان پاڻيءَ کي فلٽر پلانٽ سان ٽريٽمينٽ ڪري، ڪينجهر ۾ ڇڏيو وڃي تہ مڇيءَ ۽ ٻي جيوت کي نقصان نہ ٿيندو ۽ ماھيگيرن جي روزگار ۾ پڻ واڌارو ايندو پر بدقسمتي اھا آھي تہ فيڪٽرين جا مالڪ سرمائيدار اھو نٿا چاھين تہ عام ماڻهو خوش رھن ۽ ماحول صاف سٿرو رھي. ان کان وڌيڪ کين پنهنجا مفاد وڌيڪ عزيز آھن.

جڏھن اسين ڪينجھر تان موٽي آياسين تہ ڪمال پالاريءَ سان ھڪڙو دفعو ٻيهر ڪچھري ٿي. ھن ٻڌايو تہ جڏهن پاڪستان ٺھيو ۽ ٻاھران ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا تہ سنڌو درياءَ مان واھہ ڪڍيو ويو جيڪو ڪوٽڙيءَ کان نڪري اچي ڪينجهر ۾ پوي ٿو.

 ”ماضيءَ ۾ ڪينجهر ۾ ايڏي مڇي ھوندي ھئي جو مڇيءَ جا مال گاڏا ھتان ڀرجي ويندا ھئا ۽ ان سان گڏوگڏ بسون الڳ سٿجي وينديون ھيون پر 1980ع کان پوءِ اھو سلسلو رڪجي ويو ۽ ھاڻي تہ مڇيءَ نہ ھجڻ جي برابر آھي،“ ھُن افسوس ڏيکاريندي چيو.

واقعي جهمپير شهر ۾ ماڻهو مڇيءَ لاءِ پريشان ھئا ڇوتہ مڇي جلدي ختم ٿي وڃي ڇوتہ تہ مڇيءَ جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آھي. ۽ ماھيگيرن جي زندگيءَ ۽ روزگار تي گھڻو اثر پيو آھي.

ھيءَ انهيءَ ڪينجهر ڍنڍ جي تباهيءَ جي ڳالهه آھي جنهن کي ماضيءَ ۾ لطيف سرڪار ڳايو ھو.

تهڙو ڪنجھر ڪين ٻيو، جهڙي سونھن سندياس..

اڄ مجموعي طور تي جهمپير ۽ ڪينجهر جي حالت تمام گهڻي خراب آھي. انھيءَ کي بچائڻ لاءِ ھنگامي طور قدم کڻڻا پوندا. جهمپير جي ڳوٺن جي واري حصي کي وائلڊ لائيف سينڪچئري ٺاهيو وڃي ۽ اتي پکين ۽ جنگلي جيوت جي شڪار جي پابندي لڳائي وڃي. ان سان گڏوگڏ جهمپير ۾ ايندڙ قديم علائقن کي سنڌ جي ڪلچر ھيريٽيج جو حصو بڻايو وڃي. ڪينجهر کي وڌيڪ خراب نہ ڪيو وڃي ۽ فيڪٽرين جو گندو پاڻي ھن ۾ نہ ڇڏيو وڃي.

______________

فاروق سرگاڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آھي. ھُو فري لانس ليکڪ آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button