Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

رات ۽ ڏينهن جو فلسفو: وقت جو وهڪرو سدائين ساڳيو نٿو رهي

انسان جي زندگي بہ ڏينهن ۽ رات جيان هڪ تسلسل آهي۔ ڪڏهن خوشين جا لمحا هوندا آهن تہ ڪڏهن ڏکن جا پاڇا، ڪڏهن ڪاميابين جو سج چمڪندو آهي ته ڪڏهن ناڪامين جي رات لهي ايندي آهي۔ پر فطرت جو اصول اهو ئي آهي تہ رات هميشہ لاءِ قائم نہ رهندي آهي۔ هر رات جي پٺيان هڪ نئون ڏينهن جنم وٺندو آهي، جيڪو نئين اميد، نئين سوچ ۽ نئين همت سان ڀرپور هوندو آهي۔

حڪيم پريم چاندواڻي

ڪو ڏينهن خوشي کڻي اچي ٿو،

ڪو ڏينهن غمي کڻي اچي ٿو۔

زندگيءَ جو سڀ کان وڏو استاد وقت آهي۔ وقت اهڙو استاد آهي، جيڪو نہ رڳو سکيا ڏئي ٿو پر انسان جي هر عمل ۽ هر سوچ کي امتحان مان بہ گذاري ٿو۔ فطرت جو هڪ لازوال اصول آهي تہ ڪا بہ حالت سدائين قائم نه رهندي آهي۔ اونداهيءَ کان پوءِ روشني ايندي آهي ۽ خاموشيءَ کان پوءِ تحرڪ پيدا ٿيندو آهي۔ اها ئي فطرت جي خوبصورتي آهي، جيڪا انسان کي اميد جو پيغام ڏئي ٿي۔ رات جڏهن پنهنجي ڪاري چادر سان ڌرتيءَ کي ڍڪي ٿي تہ لڳندو آهي ڄڻ سڄي دنيا ماٺ ۽ سڪون جي آغوش ۾ هلي وئي هجي۔ پر اها ماٺ هميشہ لاءِ نہ هوندي آهي۔ ٿوري دير ۾ اوڀر کان سج جا ڪرڻا نمودار ٿيندا آهن ۽ نئين ڏينهن جي شروعات ٿيندي آهي۔ اهو منظر انسان کي اهو سيکاري ٿو تہ زندگيءَ جي هر اونداهي گهڙيءَ کان پوءِ روشنيءَ جو امڪان ضرور موجود هوندو آهي۔

انسان جي زندگي بہ ڏينهن ۽ رات جيان هڪ تسلسل آهي۔ ڪڏهن خوشين جا لمحا هوندا آهن تہ ڪڏهن ڏکن جا پاڇا، ڪڏهن ڪاميابين جو سج چمڪندو آهي ته ڪڏهن ناڪامين جي رات لهي ايندي آهي۔ پر فطرت جو اصول اهو ئي آهي تہ رات هميشہ لاءِ قائم نہ رهندي آهي۔ هر رات جي پٺيان هڪ نئون ڏينهن جنم وٺندو آهي، جيڪو نئين اميد، نئين سوچ ۽ نئين همت سان ڀرپور هوندو آهي۔

زندگيءَ جي هن تسلسل ۾ هر ڏينهن پنهنجي هڪ اهميت رکي ٿو۔ هر ڏينهن انسان جي ڪردار، سوچ ۽ عمل تي پنهنجو اثر ڇڏي ويندو آهي۔ جيڪڏهن انسان پنهنجي ڏينهن کي شعور سان گذاري، سچائيء ۽ محنت کي پنهنجو اصول بڻائي، تہ وقت جو وهڪرو بہ سندس حق ۾ شاهدي ڏيندو آهي۔ پر جيڪڏهن ڏينهن کي بي مقصد ۽ بيحسيءَ سان ضايع ڪيو وڃي، تہ وقت بہ خاموشيءَ سان ان ضايع ٿيل پلن جو حساب رکندو رهي ٿو۔

اڄ جي جديد دور ۾ انسان وقت جي تيزيءَ سان وهندڙ درياهہ ۾ اهڙو مصروف ٿي ويو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي وجود جي اصل مقصد کي وساري ويهندو آهي۔ ٽيڪنالاجي، ترقي ۽ سهولتن جي باوجود بہ انساني دل اندر هڪ خال محسوس ٿئي ٿو۔ ان خال جو سبب اهو آهي تہ انسان پنهنجي ڏينهن جي اثر کي سمجهڻ بدران صرف وقت گذارڻ کي ئي زندگي سمجهي ويٺو آهي۔

حقيقت ۾ هر ڏينهن هڪ نئون موقعو آهي۔ اهو موقعو آهي پنهنجي سوچ کي سنوارڻ جو، پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ جو ۽ سماج لاءِ ڪا مثبت تبديلي آڻڻ جو۔ جيڪڏهن انسان پنهنجي ڏينهن کي شعوري طور استعمال ڪري، تہ اهو ڏينهن سندس زندگيءَ ۾ روشني بڻجي سگهي ٿو۔ پر جيڪڏهن ڏينهن کي غفلت ۾ وڃائي ڇڏبو، ته اهو ئي ڏينهن مستقبل ۾ پڇتاءَ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو۔

سماج جي ترقي بہ ڏينهن جي اثرن سان جڙيل آهي۔ جڏهن ماڻهو پنهنجي روزمرهہ جي عملن ۾ سچائي، ايمانداري ۽ ذميواري اختيار ڪن ٿا، تہ اهو ئي اثر آهستي آهستي سماج جي مجموعي فضا کي بهتر بڻائي ٿو۔ پر جڏهن بي حسي، مفاد پرستي ۽ خود غرضي عام ٿي وڃي، تہ پوءِ ڏينهن جا اثر بہ سماج کي اونداهين طرف ڌڪين ٿا۔

فطرت جو هي دائمي چڪر انسان کي هڪ وڏو سبق ڏئي ٿو تہ وقت جو هر لمحو قيمتي آهي۔ رات جي اونداهي انسان کي سوچڻ جو موقعو ڏئي ٿي ۽ ڏينهن جي روشني عمل ڪرڻ جو حوصلو ڏئي ٿي۔ جيڪڏهن انسان انهن ٻنهي مرحلن کي سمجهي زندگي گذاري، تہ سندس وجود هڪ معنيٰ خيز سفر بڻجي سگهي ٿو۔

زندگيءَ جي کري حقيقت اها آهي ته وقت ڪنهن لاءِ بہ نہ بيهندو آهي۔ هر رات گذري ويندي آهي ۽ هر ڏينهن پنهنجو نشان ڇڏي اڳتي وڌي ويندو آهي۔ انسان جي دانائي ان ۾ آهي تہ هو وقت جي هن وهڪري کي سمجهي، هر نئين ڏينهن کي اميد ۽ عمل جو نئون باب بڻائي۔

انهيءَ ئي حقيقت کي نهايت سادي پر گهري انداز ۾ شاعر بيان ڪيو آهي ته:

هر رات پٺيان جو ڏينهن اچي ٿو،

هر ڏينهن پنهنجو، اثر رکي ٿو۔

هر ڏينهن، آهي قيمتي،

گذري اجائي ڇو گهڙي۔

ڪو  ڏينهن آھي سائل،

ڪو ڏينهن آھي حاصل۔

_______________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button