دنيا جي ٽوڪن ۾ انسان جي حوصلي جو سفر: طعنن جا تِير ھڻڻ دنيا جي پُراڻي عادت آھي
جڏهن به ڪو ماڻهو سچ، اصول يا آعليٰ مقصد لاءِ همت ڪري اٿي بيهندو آهي، تڏهن دنيا جا ڪيترائي آواز سندس رستي ۾ شور بڻجي بيهندا آهن۔ اهي آواز ڪڏهن طنز جي صورت ۾، ڪڏهن الزام جي شڪل ۾، ۽ ڪڏهن سخت مخالفت جي روپ ۾ ظاهر ٿيندا آهن

حڪيم پريم چاندواڻي
بُري دنيا ڀونڪندي آ، هر هر ڇو ٽوڪيندي آ،
ڪڏهن وري بي دردي، جيئڻ کان به روڪيندي آ۔
انساني سماج جي تاريخ تي اگر نظر وجهبي ته اها حقيقت بار بار سامهون ايندي آهي ته جڏهن به ڪو ماڻهو سچ، اصول يا آعليٰ مقصد لاءِ همت ڪري اٿي بيهندو آهي، تڏهن دنيا جا ڪيترائي آواز سندس رستي ۾ شور بڻجي بيهندا آهن۔ اهي آواز ڪڏهن طنز جي صورت ۾، ڪڏهن الزام جي شڪل ۾، ۽ ڪڏهن سخت مخالفت جي روپ ۾ ظاهر ٿيندا آهن۔ دنيا جي اها عادت پراڻي به آهي ۽ عجيب به، جو هو هميشه ان کي ٽوڪيندي آهي جيڪو پنهنجي راهه پاڻ ٺاهڻ جي جرئت رکي ٿو۔
انسان جڏهن ڪنهن نيڪ مقصد لاءِ قدم کڻي ٿو ته کيس گهڻو ڪري همت افزائيء بدران تنقيد ملندي آهي۔ ماڻهو سوال ڪندا آهن، شڪ ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو ماحول پيدا ڪندا آهن جو انسان جو جيئڻ ئي ڏکيو بڻجي ويندو آهي۔ پر حقيقت ۾ اهي ئي امتحان انسان جي حوصلي کي پرکيندا ۽ وڌائيندا آهن۔ دنيا جو ڀونڪڻ دراصل ان ڳالهه جي نشاني هوندو آهي ته انسان ڪنهن اهڙي راهه تي هلي رهيو آهي جيڪا عام ماڻهن کان مختلف آهي۔
دنيا جو هڪ مزاج اهو به آهي ته اها ڪمزورن کي ڏسي زور وٺندي آهي۔ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مايوس ٿي ويهي رهي ته دنيا جا طعنا وڌيڪ تيز ٿي ويندا آهن۔ پر جيڪڏهن انسان صبر، همت ۽ ثابت قدميء سان اڳتي وڌندو رهي ته ساڳي دنيا آهستي آهستي خاموش ٿيڻ لڳندي آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو شروعات ۾ دنيا جي طنز جو نشانو بڻيا، وقت گذرڻ سان اهي ئي ماڻهو عزت ۽ عظمت جا نشان بڻجي ويا۔ اصل ۾ دنيا جو شور گهڻو ڪري ان ڪري به پيدا ٿيندو آهي جو ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهڻ بدران مقابلي جي نگاهه سان ڏسندا آهن۔ ڪنهن جي ڪاميابي کين پنهنجي ناڪامي لڳندي آهي ۽ ڪنهن جي سچائي کين پنهنجي ڪوڙ جو آئينو محسوس ٿيندي آهي۔ اهڙي حالت ۾ دنيا جو ڀونڪڻ دراصل اندروني بيچينيء جو اظهار هوندو آهي۔ جيڪو ماڻهو پنهنجي ضمير سان سچو هوندو آهي، ان لاءِ دنيا جا اهي آواز رڳو هڪ عارضي شور کان وڌيڪ اهميت نٿا رکن۔
زندگيءَ جي سفر ۾ اهڙا لمحا به ايندا آهن جڏهن انسان کي لڳندو آهي ته ڄڻ دنيا واقعي کيس جيئڻ کان به روڪي رهي آهي۔ مايوسيءَ جا پاڇا دل تي پکڙجي ويندا آهن ۽ رستا بند محسوس ٿيڻ لڳندا آهن۔ پر اهڙن وقتن ۾ ئي انسان جي اندر جو حوصلو جاڳندو آهي۔ اهو حوصلو کيس ياد ڏياريندو آهي ته زندگيء جو اصل مقصد دنيا جي شور کان ڊڄي بيهڻ نه، پر پنهنجي سچائيء سان اڳتي وڌڻ آهي۔
جيڪو ماڻهو دنيا جي طعنن کي پنهنجي تقدير نه بڻائي، پر انهن کي پنهنجي عزم جي قوت بڻائي ٿو، اهو ئي زندگيءَ جي ميدان ۾ ڪامياب ٿيندو آهي۔ ڇو ته دنيا جو شور عارضي هوندو آهي، جڏهن ته انسان جو سچو عمل دائمي اثر ڇڏي ويندو آهي۔ تاريخ جا ورق اهڙن ماڻهن سان ڀريا پيا آهن جن دنيا جي مخالفت باوجود پنهنجو بهتر عمل جاري رکيو ۽ آخرڪار پنهنجي نالي کي عزت سان امر ڪري ڇڏيو۔
حقيقت ۾ دنيا جو ڀونڪڻ ۽ ٽوڪڻ هڪ آزمائش آهي، پر انسان جي همت ان جو جواب آهي۔ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي مقصد تي يقين رکي، پنهنجي ضمير کي ساٿي بڻائي ۽ حق جي راهه تي ثابت قدم رهي ته دنيا جا سڀئي شور آهستي آهستي پس منظر ۾ گم ٿي ويندا آهن۔
انهيءَ ڪري ضروري آهي ته انسان دنيا جي ٽوڪن ۽ طعنن کان خوفزده ٿيڻ بدران پنهنجي اندر جي روشنيءَ تي ڀروسو ڪري۔ ڇو ته جڏهن دل سچي هجي، نيت صاف هجي ۽ مقصد آعليٰ هجي ته دنيا جو ڪو به شور انسان کي پنهنجي راهه کان هٽائي نٿو سگهي۔
آخرڪار حقيقت اها ئي آهي ته دنيا شايد هميشه ڀونڪندي رهندي، ٽوڪيندي رهندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي رحمي سان روڪڻ جي ڪوشش به ڪندي رهندي، پر جيڪو ماڻهو پنهنجي حوصلي، ايمان ۽ سچائيء سان اڳتي وڌندو رهي ٿو، ان جي راهه آخرڪار روشنيءَ سان ڀرجي ويندي آهي۔
اهو ئي هن شعر جو پيغام آهي ته دنيا جو شور عارضي آهي، پر انسان جي همت ۽ سچائي دائمي آهي۔ جڏهن ماڻهو پنهنجي سچ تي قائم رهي ٿو ته دنيا جو هر طعنو آخرڪار سندس ڪاميابيءَ جي داستان جو حصو بڻجي وڃي ٿو۔
بي دردي دنيا، درد ڏيندي،
هم سفر بنھہ ڪونہ ٿيندي۔
____________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



