آريرانگ: جنگ جي دور ۾ زندگيءَ جو پيغام ڏيندڙ ڪوريائي گيت
آريرانگ ڏک جو گيت آهي، پر اهو ڪڏهن به مايوسيءَ ۾ نٿو رهي. هي جدائيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو پر ٻيهر ملڻ جو يقين رکي ٿو. بيشمار جنگين ۽ نوآبادياتي دور جي تڪليفن دوران، ڪوريائي ماڻهن ڪڏهن به آريرانگ ڳائڻ نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان موسيقيءَ ۾ ٻيهر جنم جي اها طاقت آهي جيڪا انسان کي ٻيهر بيهڻ جي همت ڏئي ٿي
اسان هڪ اهڙي دور ۾ رهون ٿا جتي ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڳايل گيت ايران جي هڪ نوجوان کي تسلي ڏئي سگهي ٿو ۽ لبنان جي هڪ شاگرد کي اميد ڏياري سگهي ٿو. هي ”سافٽ پاور“ جو هڪ اهڙو طاقتور روپ آهي جيڪو ڪوبه سفارتي دستاويز ڪڏهن به حاصل نٿو ڪري سگهي — زندگيءَ جو هڪ اهڙو رشتو جيڪو انسانن کي سرحدن کان ٻاهر ڳنڍي ٿو.
سياست ماڻهن کي ورهائي ٿي، پر ثقافت انهن کي ٻيهر گڏ ڪري ٿي. بندوقون انساني آوازن کي خاموش ڪري ڇڏين ٿيون، پر گيت ماڻهن کي ٻيهر ڳالهائڻ تي مجبور ڪن ٿا.

(پبلشر جو ڪالم)
لي سانگ ڪي، باني ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن (AJA)، پبلشر دي ايشيا اين
21 مارچ 2026 تي، سيول جو گوانگھوامون اسڪوائر سڄي دنيا جي شهرين ۽ مداحن جي نظرن سان گرم ٿي رهيو آهي، جيڪي بي ٽي ايس (دنيا جو سڀ کان وڏو ميوزڪ بينڊ) جي واپسيءَ جي اسٽيج جو انتظار ڪري رهيا آهن. جيئن ئي ميمبر پنهنجي فوجي خدمت مڪمل ڪري هڪ مڪمل گروپ جي حيثيت سان سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، هڪ نئين البم ۽ پرفارمنس لاءِ اميدون وڌي رهيون آهن. سندن واپسي جو هي اسٽيج صرف پاپ ڪلچر جو جشن ناهي. فوجي ڊيوٽي جي هڪ ڊگھي وقفي کانپوءِ انهن ستن نوجوانن جي واپسي ايئن محسوس ٿئي ٿي ڄڻ وقت ٻيهر هلڻ شروع ڪيو آهي، هڪ اهڙو اعلان ته اسان جو دور اڃا تائين ٻيهر جنم (Rebirth) جي قوت ناهي وڃائي ويٺو.
پر ساڳئي وقت، دنيا جي ٻئي پاسي وچ اوڀر جي آسمانن ۾ گولاباريءَ جو آواز گونجي رهيو آهي. بين الاقوامي سياست قومي مفادن جي سرد فريم ورڪ اندر حرڪت ڪري ٿي، ۽ سفارتي بيان اڪثر ڪري جنگ جي ميدان مان ايندڙ رڙين جي سامهون بيوس نظر اچن ٿا. بيشمار گڏجاڻيون ۽ معاهدا ٿين ٿا، پر انساني تڪليفون آسانيءَ سان ختم نٿيون ٿين. اهڙي وقت ۾، تاريخ هميشه اسان کان هڪ سوال پڇي ٿي:
”اهو ڇا آهي جيڪو انهن تڪرارن تي غالب اچي سگهي ٿو جن کي سياست حل نٿي ڪري سگهي؟“
2004 ۾ ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن (AJA) قائم ڪرڻ کان وٺي، مان سڄي ايشيا جي صحافين سان گڏ جنگين ۽ تڪرارن جي فرنٽ لائنن تي بيٺو آهيان. جنگ، بغاوتن ۽ مذهبي ڇڪتاڻ سبب ورهايل علائقن ۾ صحافين سان گڏ گذاريل طويل راتين دوران، مون هڪ سچ سکيو آهي: سياست ماڻهن کي ورهائي ٿي، پر ثقافت انهن کي ٻيهر گڏ ڪري ٿي. بندوقون انساني آوازن کي خاموش ڪري ڇڏين ٿيون، پر گيت ماڻهن کي ٻيهر ڳالهائڻ تي مجبور ڪن ٿا.
2002 ۾، جڏهن مان AJA جي قيام جي تياري ڪري رهيو هوس، مونکي ياد آهي ته ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ بيٽلس (Beatles) جو گانو ليٽ اٽ بي (Let It Be) انهن صحافين سان گڏجي ڳايو هو جيڪي اڳتي هلي باني ميمبر بڻيا — سنگاپور کان آئيوان لِم، ملائيشيا کان نوريلا دائود، ۽ ڪمبوڊيا کان سوفال چي. ان وقت کان وٺي، جڏهن به اسان مليا آهيون، اسان اهو گيت گڏجي ڳايو آهي. اڄڪلهه، اهو گيت اڳي کان وڌيڪ ذهن ۾ اچي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو بي ٽي ايس (BTS) کي سڄي دنيا مان محبت ملي ٿي. اسان هڪ اهڙي دور ۾ رهون ٿا جتي ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڳايل هڪ گيت ايران جي هڪ نوجوان کي تسلي ڏئي سگهي ٿو ۽ لبنان جي هڪ شاگرد کي اميد ڏياري سگهي ٿو. هي ”سافٽ پاور“ جو هڪ اهڙو طاقتور روپ آهي جيڪو ڪوبه سفارتي دستاويز ڪڏهن به حاصل نٿو ڪري سگهي — زندگيءَ جو هڪ اهڙو رشتو جيڪو انسانن کي سرحدن کان ٻاهر ڳنڍي ٿو.
نالو ”آريرانگ“ (Arirang)، جنهن جو اڪثر هن نئين سرگرميءَ جي علامت طور ذڪر ڪيو وڃي ٿو، وڏي اهميت رکي ٿو. آريرانگ ڏک جو گيت آهي، پر اهو ڪڏهن به مايوسيءَ ۾ نٿو رهي. هي جدائيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو پر ٻيهر ملڻ جو يقين رکي ٿو. بيشمار جنگين ۽ نوآبادياتي دور جي تڪليفن دوران، ڪوريائي ماڻهن ڪڏهن به آريرانگ ڳائڻ نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان موسيقيءَ ۾ ٻيهر جنم جي اها طاقت آهي جيڪا انسان کي ٻيهر بيهڻ جي همت ڏئي ٿي.
24 ڊسمبر 1980 تي پنهنجي پهرين رت جي عطئي کان وٺي، مون چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين رت جي عطئي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو آهي، جنهن سان مون زندگيءَ جي قدر کي سکيو آهي. جنهن طرح هڪ شخص جي رت جو هڪ قطرو ٻئي جي جان بچائي سگهي ٿو، منهنجو يقين آهي ته هڪ سچو گيت هڪ دور جي زخمن کي ڀري سگهي ٿو. بندوقون ۽ ميزائل شهرن کي تباهه ڪري سگهن ٿا، پر ثقافت ٽٽل دلين جي کنڊرات تي گهر ٻيهر تعمير ڪندي آهي. جيستائين انسانيت جيئڻ جو ارادو نه ڇڏيندي، تيستائين گيت ڪڏهن به نه رڪبا.
ايراني فلم ساز محسن مخملباف مون کي هڪ دفعو چيو هو:
”فن تڏهن مري ويندو آهي جڏهن اهو تڪليفن کي نظرانداز ڪري ٿو، ۽ تڏهن جيئرو ٿئي ٿو جڏهن اهو انهن کي پنهنجي اندر سمائي ٿو.“
برطانوي شاعر ڊيلن ٿامس چيو هو:
”ان ڀلي رات ۾ خاموشيءَ سان نه وڃو.“ (مطلب ته مايوسيءَ جي سامهون خاموش نه رهو).
هي هڪ پڪار آهي ته انسانيت کي مايوسيءَ جي سامهون ڪڏهن به خاموش نه رهڻ گهرجي.
اڄ رات، مان اميد ڪريان ٿو ته گوانگھوامون تان جيڪو گيت اڀرندو، اهو اهڙي ئي هڪ پڪار بڻجي پوندو. مان اميد ڪريان ٿو ته هي انهن سڀني لاءِ زندگيءَ جو پيغام بڻجي ويندو جيڪي جنگ جي پاڇي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. مان وچ اوڀر جي انهن نوجوانن بابت سوچيان ٿو جيڪي گوليون هلڻ جي آوازن جي وچ ۾ سڀاڻي جا خواب ڏسندي ميوزڪ ٻڌن ٿا. جيڪڏهن اهي هڪ ڪوريائي گيت ٻڌندي امن جي تڙپ جو هڪ لمحو به ونڊي سگهن ٿا، ته ان گيت اڳي ئي هر سرحد پار ڪري ورتي آهي.
امن صرف تڏهن ناهي ايندو جڏهن بندوقون خاموش ٿي وينديون آهن. جڏهن اسان امن جا گيت ڳائڻ کان انڪار نه ڪندا آهيون، تڏهن جنگ جو خاتمو اڳي ئي شروع ٿي چڪو هوندو آهي. بي ٽي ايس جو ٻيهر ظاهر ٿيڻ هڪ نشاني آهي ته اسان جي دور ۾ اميد اڃا زنده آهي، اهو ثبوت ته اسان اڃا تائين نفرت جي بدران اميد کي چونڊي سگهون ٿا.
دعا آهي ته اها موسيقي جيڪا گوانگھوامون کان شروع ٿي رهي آهي، ايشيا کان ٻاهر وچ اڀرندڙ تائين، ۽ هر زخمي سرزمين تائين، هڪ ڀيرو ٻيهر زندگيءَ جي گيت طور پکڙجي وڃي.
گيت نه رڪجڻ گهرجن.
۽ نه ئي انسانيت، نه امن، ۽ نه ئي خواب.
بي ٽي ايس (BTS) جو مطلب ۽ پس منظر
بنيادي طور تي هي هڪ ڪوريائي مخفف آهي، جنهن جا ٻه مکيه مطلب آهن:
بينگٽن سونينڊن (Bangtan Sonyeondan):
ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ان جو لفظي مطلب آهي “بلٽ پروف بواءِ اسڪائوٽس (Bulletproof Boy Scouts) ان نالي جو مقصد اهو هو ته هي گروپ نوجوانن تي ٿيندڙ سماجي تنقيد، تڪليفن ۽ توقعات جي “گولين” کي روڪڻ لاءِ هڪ حفاظتي ڍال بڻجي.
2017 ۾، هن گروپ پنهنجي برانڊنگ کي نئين سر ترتيب ڏنو ۽ انگريزيءَ ۾ پنهنجو مطلب “Beyond the Scene” (منظر کان اڳتي) رکيو. ان جو مقصد اهو ظاهر ڪرڻ هو ته هو رڳو هڪ ميوزڪ گروپ ناهن، پر اهي ترقي ڪندڙ نوجوان آهن جيڪي حالتن کي بدلائڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
هن گروپ ۾ ڪل 7 ميمبر آهن (آر ايم، جن، شوگا، جيهوپ، جمن، وي، ۽ جنگ ڪوڪ).
هن گروپ جي شروعات 2013 ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني بگ هٽ انٽرٽينمينٽ هاڻوڪي HYBE ذريعي ٿي.
اڄڪلهه بي ٽي ايس دنيا جو سڀ کان وڏو ميوزڪ بينڊ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جا مداح (جنهن کي ARMY چيو ويندو آهي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود آهن.
______________

لِي سانگ ڪِي ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ ’دي ايشين‘ جو پبلشر آھي.
ڪوريائي خابرو اداري The Asian جي ٿورن سان



