Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

توکي ڪير وساري سائين: نظرياتي اديب ۽ شاعر مير محمد پيرزادي جون يادگيريون

مير محمد پيرزادي جو نظرياتي تعلق سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙيل هيو، اِن لاءِ سَن ڏانهن سندس پنڌ هوندو هيو. ھُو اڪثر سڪرنڊ واري پَئي ٻيلي کان ٿيندو سَن ويندو ھو.

رحمت پيرزادو

1969ع ۾ جڏهن بابا سڪرنڊ ۾ نوڪريءَ سانگي آيو ته زرعي فارم تي دوستن سان ڪمرو وٺي رهڻ لڳو. زرعي فارم جا اهي سرڪاري ڪوارٽر انگريزن جا ٺهرايل هئا، جن تي 1936 ۽ 1940ع جون ماربل جون اڇي رنگ جون تختيون لڳل هونديون هيون. گھرن ۾ وائکا آڳر، ويڪرا ورانڍا، ڪشادا ڪمرا ۽ ڪَچين سِرن سان گڏ ڪنهن اڇي مصالحي جي اوساري ٿيل جڳهيون هيون. ڪمرَن ۾ ڪارنس، باهه جا بخارا، وڏا روشندان، واش روم، اسٽور روم ۽ ٻن وڏن ڪمرَن سان گڏ ٽيون هڪ ننڍو ٽڪنڊو ڪمرو به هيو، جيڪو شايد ٻارن لاءِ هوندو. اُهو به هَوادار ۽ ٻاهر کلندڙ دريءَ سان هئو، جنهن کي ٻاهران لوهه جي سنهي ڄاري لڳل هوندي هئي. چئوڪاٺا ۽ دروازا ساڳوان جي اُچي ڪاٺيءَ سان ٺهيل، جن کي شيشا لڳل هوندا هئا. ديوارون ٿلهيون ۽ ورانڍي ۾ چار دروازا وَنگ وانگر ۽ بنا درن جي هئا پر ڪجھ گھرن کي ورانڍن ۾ به ڪاٺ جا جافري دروازا هئا. گھڻو ڪري گھر ۾ هڪ وڻ يا ٻن گھرن جي جوڙي (Pair) جي اڳيان ٻه وڏا وڻ جيڪي لم يا ٽالهيءَ جا هئا. اُن وقت سڪرنڊ شهر محدود هئو ۽ اُن جون ٻهراڙيون به ايتريون ڦهليل نه هيون. جنهن ڪري چوڌاري وڻ، فصلَ ۽ گاهه، سَرَ، کٻڙَ ۽ هر طرف خودرُو هريالي هوندي هئي.

اُنهن ڏينهن ۾ سڪرنڊ ۽ هالا تائين ڄڻ ڄامشوري جهڙي هوا هوندي هئي. پَئي ٻيلو پنهنجي اوج تي هئو. بابا جو جيئن ته نظرياتي تعلق سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙيل هيو، اِن لاءِ بابا جو سَن ڏانهن پنڌ هوندو هيو. منهنجي خيال ۾ پَئي ٻيلي مان ٽي پَها سن جي پتڻ ڏانهن نڪرندا هئا، هڪڙو مائي رُونجھيءَ وارو پَهو، ٻيو پيرزادن وارو پَهو ۽ ٽيون شالماڻين وارو پَهو. (اِهي پيرزاده جن جي نالي سان اُهو پَهو مشهور هيو، خبر ناهي ڪهڙا هيا پر ماضيءَ جو ڪو داستان ضرور انهن بابت تاريخ جي ورقن ۾ دفن ٿيل هوندو.) تڏهن ٻيلو گھاٽو هئو ۽ ماڻهو بتال ٿي ويندا هئا، ان لاءِ ڪنهن سُونهين کي ساڻ ڪري وڃڻو پوندو هئو، پر سَن واري سائينءَ جا عاشق ته ايئن هليا ويندا هئا جو جذبو پاڻ سندن رهنمائي ڪندو هئو.

بابا جو تعلق جيئن ته اُتر جي ڪچي سان هئو ۽ سنڌو درياهه سان واهپو پراڻو هئس، اِن لاءِ سَن اچڻ وڃڻ جي ڪري يقينن هُن کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي آسيس به ايندي هوندي. قومي ڪارڪُن ۽ اڳواڻ به سَن کان سڪرنڊ ڏانهن ڦرندا ايندا هئا، ان لاءِ سائين ميرمحمد سڪرنڊ ۾ هڪڙو قومي سياست جو مرڪز ٺاهي ويٺو هئو.

بابا جڏهن سڪرنڊ آيو ته يونيورسٽي پاس ڪري ايندڙ اڃا ڦوهه جوان ڇوڪرو هئو، ان ڪري زراعت کاتي جي حوالي سان ماڻهن کي مشورا ڏيڻ، آس پاس جي ڳوٺن ۾ نمائشي پلاٽ لڳرائڻ ۽ خاص طور هن تَر جي پوڙهن سان ڪچهريون ڪرڻ ڄڻ ته سندس مشغلو هئو. انهن کان لوڪ ڏاهپ جا نُڪتا، چوڻيون، پهاڪا، ڳجھارتون، بيت، نڙ بيت، لفظ، لهجا، محاورا، ڳوٺن جا نالا، انهن نالن جو پس منظر، چهرا شناسي ۽ اخلاق جا اکر ۽ وکر ميڙيندو، انهن کان لوڪ قصن کان واقفيت حاصل ڪندو ويو.

ننڍا توڙي وڏا زميندار کيس آفيسر هجڻ ۽ لکئي پڙهئي ماڻهوءَ هجڻ ناتي ”سائين“ ڪري سڏيندا هئا ۽ انهيءَ وقت ۾ هن شهر ۾ آفيسر ئي ڪي ٿورا هئا، انهن کي خاص طور قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هئو. بينڪ جا مئنيجر وڏي ڳالهه هوندا هئا، انهن کي ماڻهو سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا هئا. ڪو سعوديءَ کان آيو ته انهن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ وٺي ايندو هئو. ان وقت تائين، ايئن ڪنهن لاءِ ڪجھ آڻڻ جي پويان ڪا لالچ يا خوشامند به نه هوندي هئي بس اهو اخلاقي قدر سمجھيو ويندو هئو ته ڪنهن لاءِ بوسڪيءَ جو وڳو وٺي اچبو، مطلب اسان اوهان کي اتي به ياد پئي ڪيو. اهو هڪ قرب جو ماحول هيو. هڪڙو پوڙهو ماڻهو هيو جنهن جو نالو ڌڻي بخش مگسي هيو شايد، سعوديءَ مان آيو هئو، هڪ صبح جو اسان جي در تي آيو ۽ هڪ ننڍڙو ڳاڙهي رنگ جو ٽيپ رڪارڊر ڏئي ويو. اُهو مون کي اڃا ياد آهي.

بابا ان وقت آفيس جي ڪم سان گڏ ماڻهن ۾ سياسي شعور جو ٻج پڻ ڇٽڻ شروع ڪيو. هن انهن کي درخواست لکڻ ۽ پنهنجي دانهن پيش ڪرڻ، شڪايت درج ڪرڻ يا پنهنجي خواهش جو اظهار ڪرڻ سيکاريو. زميندارَن سان گڏ عام ماڻهن جي پٽن کي مفت ۾ ٽيوشن پڙهائڻ، انهن جي سهائتا ڪرڻ، انهن سان ايمرجنسيءَ ۾ اسپتال به هليو ويندو هئو، ايئن هُو هِن تَر جي ٻيءَ جنريشن لاءِ هڪ ڇپر ڇانوَ وارو ڪردار بڻجي ويو.

پنهنجي گھر وارا پريشان ٿيندا هوندا يا جن دوستن سان ڇڙو رهندو هئو، انهن کي پڻ پريشاني ٿيندي هوندي پر ڪنهن جو ڪم ڪري وٺندو هئو. جن نوجوانن کي پڙهائيندو هئو، انهن کي نوڪريون به وٺي ڏيندو هئو، سوين ماڻهن کي نوڪريون به بابا وٺي ڏنيون. نوجوانن کي اڳتي وڌڻ ۾ سٺيون صلاحون ڏيندو هيو، تان جو ماڻهن اهو چوڻ شروع ڪيو ته بابا پنهنجا ٻار سائينءَ جي صحبت ۾ موڪليو.

ايئن هڪ کيپ اڳيان اچي وئي، جنهن ۾ خاص طور ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ هر هفتي ويهه ويهه ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويا، خاڪي جويو، تاج جويو، فيض الله، مٺل ملاح، منير شاهه، حنيف شاهه، حاجي خان ڪيريو، احمد نواز سومرو، غلام رسول زئونر، حفيظ ٻرڙو، ماڻڪ ملاح، وسيم سومرو، وريام سنجراڻي، شاهنواز لاشاري، عبدالرحمٰن منگيو، محمد صديق منگيو، عثمان ڪيريو، صالح سنڌي، قادر کوسو، شبير مگسي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست اچڻ شروع ٿي ويا ۽ ادبي پروگرام ۽ ”شاهه لطيف ڊي“ ملهائجڻ شروع ٿي ويا، ته آس پاس جا ٻيا شهر به سڪرنڊ جي ادبي سرڪل ۾ شامل ٿيڻ لڳا. عبدالحڪيم ارشد، راشد مورائي، حافظ محمد بخش، ادريس جتوئي، علي نواز گھانگھرو، علي خان چانڊيو، مولا بخش ٻرڙو، لونگ خان چنا، رمضان ٻرڙو، رکيل مورائي، نماڻو سنڌي، گدا خاصخيلي، لطيف پيرزادو، نور محمد سومرو. غلام نبي سومرو، منير ٻٻر، معشوق ڌاريجو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست اچڻ لڳا. وڏن پروگرامن جون صدارتون محمد ابراهيم جويو، سيد امداد محمد شاهه، استاد بخاري، راشد مورائي ۽ ٻيا نالي وارا ماڻهو ڪرڻ لڳا. ان ئي دور ۾ گھڻن ماڻهن جي آمد ڏسي هُنن مهيني ۾ هڪ گڏجاڻيءَ بجاءِ ”ماهوار پروگرام“، ترتيب ڏيڻ شروع ڪيا، جيڪي اڪثر پارڪن، اسڪولن ۽ هوٽلن تي ٿيندا هيا.

خاڪي جويي جو ڪتاب گھر اديبن جو ٿاڪ بڻجي ويو، ٻيو لطيف پيرزادي جو به ڪتاب گھر سڪرنڊ ۾ کُلي ويو. جيڪي ڪتاب ڪٿان به نه ملندا پڪ سان سڪرنڊ مان ملي ويندا هئا، (پابنديءَ هيٺ آيل ڪتاب ۽ خاص طور روسي ادب جا ڳاڙهي رنگ وارا ڪتاب وٺڻ جو مرڪز سڪرنڊ هئو، ڇو ته هر ماڻهوءَ جي پهچ وڏن شهرن تائين نه هئي ۽ سڪرنڊ مئن هاءِ وي تي هيو، ان لاءِ اتي ڪتابن جو مرڪز هئو.) نه رڳو مرڪز هئو پر هتان جي پوليٽيڪل ورڪرن کان دانشور به لهرائيندا هئا ته انهن جا ڪتاب پڙهيل آهن ۽ سوال ڪري سگھن ٿا. اوهان کي مٺل ملاح به ”مارڪسٽ فلاسافيءَ ۾ ناڪاريءَ جي ناڪاريءَ“ بابت سوال ڪري پَئي سگھيو. مطلب ته هڪ پڙهيل لکيل ڪلاس، هڪ تحريڪ بڻجي ويو ۽ سڪرنڊ شهر سنڌ جي نقشي ۾ اڀري آيو.

مون کي هاڻي لاڙڪاڻي جي بَلا جي فڪشن پڙهيل دوست منور سولنگيءَ ٻڌايو ته مان به ڪجھ خاص ڪتاب وٺڻ لاءِ سڪرنڊ ۾ خاڪي جويي جي ڪتاب گھر تي آيو هوس. ايئن هي سڄو تَرُ علم، ادب ۽ سياست جو هڪ حوالو بڻجي ويو هو، وڏن رسالن ۾ ولڻ ملاح جون ڪهاڻيون ڇپبيون هيون، محرم ڪيريي جون ڪهاڻيون، محمد صديق منگيي جا ليک، ماڻڪ ملاح جا گيت، مٺل ملاح جا ”جانب“ جي نالي سان سياسي مضمون، فدا سنجراڻيءَ جا ادبي تجزيا، حاجي خان ڪيريي جون ڪهاڻيون، ان سڄي ماحول ٺاهڻ وارو ماڻهو مير محمد پيرزادو هئو.

بابا وٽ جيڪي قومي ڪارڪن ۽ اديب ايندا هئا انهن ماڻهن جا ڪپڙا هلڪن رنگن جا ۽ سدائين صاف سٿرا هوندا هئا، اديب هجن يا قومي ڪارڪُن، کين هٿ ۾ ڪتاب، اخبار يا ڪو نه ڪو رسالو هوندو هئو. سامهون واري کيسي ۾ پين ضرور رکندا هئا، انهن جا غريباڻا جوتا ۽ سينڊل به صاف سٿرا ۽ پالش ٿيل هوندا هئا. هنن کي ڪي عطر لڳل نه هوندا هئا پر انهن جي پگھر ۾ محنت ۽ سچائيءَ جي خوشبوءِ هوندي هئي، هڪ الڳ سونهن منجھن ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جيڪا ڏسڻ واري اک ۾ هنن لاءِ هڪ احترام پيدا ڪندي هئي، وڏي عمر وارَن ساٿين کي اڪثر عينڪ هوندي هئي. جنهن به هوٽل يا دوڪان تي اچي ويهندا يا سامان رکي ويندا هئا، ماڻهو کين قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. قومي ڪارڪُن ڪوڙ نه ڳالهائيندو هئو، ڪنهن سان ٺڳي نه ڪندو هئو، ڪنهن سان نا انصافي نه ڪندو هئو. ڇو ته اُهي تربيت يافته، باشعور، سڌريل ۽ سُلڇڻا هوندا هئا ۽ انهن جي پنهنجي وطن سان بي لوث محبت هئي. 

بابا به پنهنجي کيسي ۾ سدائين مس واري پين رکندو هئو ۽ ان قلم سان ڪي ئي ڪارا ٿيل ڪاغذ اسان اکين سان ڏٺا جن سنڌ کي شعور جي روشني ڏني. (حاجي بچل جلباڻيءَ بابا کي هڪ ڀيرو ”پارڪر 15“ ڏني هئي، ان پين سان بابا ڏاڍو لکيو، وري ادا مولا بخش ٻرڙي به بابا کي ”پارڪر 21“ ڏني، اُها ڳاڙهي رنگ جي پين اڄ به مون وٽ سانڍيل آهي.)

بابا کي عينڪ ۽ رومال به کيسي يا هٿ ۾ سدائين هوندو هيو، کيس ساهه جي بيماري هئي، جنهن ڪري آخر ۾ وينٽولين انهيلر به اڪثر پاڻ سان گڏ رکندا هيا. کين سائين علي خان هڪ ڪاري گاڏڙ سنڌي ٽوپي سوکڙي ڪري ڏني، جيڪا اڪثر آخري ڏينهن ۾ بابا پائي رکندو هيو، جيڪا سندس آخري ڦوٽُن ۾ به کيس پهريل نظر ايندي.

بهر حال مٿئين ماحول ٺاهڻ کان پوءِ هاڻي قومي تحريڪ ۽ مارڪسي فلاسافي، توڙي علم، ادب ۽ عالمي سياست تي ڪچهريون ته ٿينديون هيون پر بابا وارا هاڻ ناولن ۾ پڙهي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي جاکوڙي ورڪرن وانگر جنسي (Physically) فصلن ۾ هارين سان وڃي گڏ بيهندا هئا، ٽيپ رڪارڊر به ساڻ هوندو هئن، ان تي ڪجھ فضيلت ڀريا ڪلام هلائي محنت ڪندڙ ماڻهن کي ڪجھ وندرائيندا رهندا هئا ۽ پوءِ مانيءَ جي ساهيءَ ۾ انهن کي قومي فڪر کان آگاهه ڪندا هئا. ڪجھ ٻهراڙيءَ جا سياسي ورڪر ته ڏاٽو کڻي ماڻهن سان ڪم ۾ به ساٿ ڏيندا هئا.

1. اوهان جو حق آهي. جيڪو اوهان کي نه پيو ڏنو وڃي.

2. مارڪيٽ ۾ اوهان جي محنت جو اصل حق ۽ اضافي (فائدو) اوهان کي ملڻ کپي.

3. اوهان تاريخي طور هڪ عظيم قوم آهيو، جنهن جا اهڃاڻ موهن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب کان اڳ به ملن ٿا.

4. اوهان وٽ شاهه لطيف جهڙو شاعر آهي ۽ جي ايم سيد جهڙو مفڪر آهي، جنهن سيڪيولر سنڌ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، قيد ڪاٽيا آهن ۽ ماڻهن تائين حق ۽ سچ جي ڳالهه پهچائي آهي.

5. دنيا جي مسئلن ۽ عالمي مونجھارَن جو حل صرف سنڌ جي سيڪيولر فڪر ۾ آهي. (جيڪو علامه آءِ آءِ قاضي ۽ جي ايم سيد جي خطن ۽ خطبن ۾ چيل آهي.)

6. اسان جي وڏن هي ملڪ ان لاءِ نه ٺاهيو هيو ته اسان عالمي ونگار وهندا ۽ ڀاڙ جا طنبا بڻجي وينداسين.

7. سنڌ کي ڪنهن فتح نه ڪيو هيو پر سنڌ پنهنجي خودمختيار حيثيت سان هِن ملڪ کي نه فقط ٺاهيو پر هن جو اهم حصو پڻ بڻي هئي.

8. توهان جي ملڪيت رڳو توهان جي اَبي ڏاڏي جي ڇڏيل ملڪيت ناهي پر جنهن خطي ۾ توهان رهو ٿا، اُن جي سڄي معدنيات ۾ توهان ۽ توهان جي ٻچن جو به حصو آهي.

9. ماڻهو گُلن، گاهه، ٻوٽن، پکين ۽ ٻين جانورَن وانگر آزاد پيدا ٿيو آهي، اُن جا ڪجھ فطري حق به آهن، جن کان اُن کي وانجھو رکيو ويو آهي.

10. اظهار جي آزادي اوهان جو پهريون حق آهي. پاڻي، ماني، گھر، روزگار، تحفظ اوهان جا بنيادي حق آهن، جيڪي ڪنهن به اسٽيٽ کي ضرور ڏيڻا آهن.

سنڌ جي معاشري ۾ ماڻهن تي اهي مٿيون شيون روڪيون ويون آهن، اوهان جي محنت جو اجورو اهي بنيادي نقطا ماڻهن کي سمجھائڻا هيا ۽ ان سان گڏوگڏ ڪرنٽ افيئرس جا عالمي تضاد سلجھائڻ ۽ پنهنجي ماڻهن تائين انهن جا فڪري حل ۽ حقيقتون پهچائڻيون هيون.

هاڻي هر ڳوٺ مان ڪي ٻه ٻه ٽي ٽي سياسي ورڪر ۽ اديب نوجوان به تيار ڪري کڻي آيا، جيئن ساند ڪيريي ۽ ڀرسان لاشارن واري ڳوٺ مان وريام سنجراڻي، شاهنواز لاشاري، حسين بخش ڪيريو، تليءَ مان سونو ملاح، ولڻ ملاح، عثمان ڪيريو، ماڻڪ ملاح، حاجي ڪيريي مان ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريو، سدورو ناز ڪيريو وغيره مجيد ڪيريي مان صالح سنڌي، اسد ڪيريو ۽ اُتي تاج جويو ۽ خاڪي جويو خود به رهن پيا جيڪي بابا سان ٻانهن ٻيلي هيا ۽ هِن تَرَ ۾ شعور جي جاڳرتا ۾ ساڻ ڪم ڪندڙ هيا. ايئن غلام رسول زئونر، وفا سنجراڻي، علي نواز ڏاهري، پير ذاڪري مان منير شاهه، حنيف شاهه، صفر چانڊيو، سڪرنڊ شهر مان ڪافي ماڻهو هيا جن ۾ مٺل ملاح، احمد نواز سومرو، حفيظ ٻرڙو، شاهه محمد راڄپر، قادر کوسو، سائين عبدالرحمٰن منگيو، محمد صديق منگيو، لطيف پيرزادو، عامر رند، منصور مري نواب شاهه مان علي خان چانڊيو، لونگ خان چنا، وسيم سومرو، ٻيءَ کيپ ۾ بخشل باغي، منور سراج، ستار سندر يا سائين عبدالحڪيم ارشد ۽ مير حسن لاکو، انهن مان هڪ هڪ ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ ناول جو هيرو هيو (سائين ميرحسن لاکو اُن سڄي تَر جي هر روڊ تي پنڌ هليو، وري سائيڪل ورتئين ته سائيڪل تي ايترو هليو، جو سوچ کان چڙهيل سفر آهي. ڄڻ چنگيز اعتما توف جي ”دوشين“ ۽ ”جميلا“ ناول جا هوبهو ڪردار هجن. مير محمد پيرزادو اِن سڄي ماحول ۾ ريڙهه جي هڏيءَ (Back Bone) جو ڪردار هيو.

اسان جڏهن صفا ننڍا هئاسين ته گھر ۾ جيڪو ٽڪنڊو ڪمرو هئو ان ۾ سائين تاج جويو روپوش هيو ته رهيل هوندو هيو. رڳو ڪمري ۾ ڪتاب کليل هوندا هيا، قادر مگسي اڪثر ايندو هيو، تڏهن هن جي لٽن مان به پگھر جي خوشبوءِ ايندي هئي. هڪ ڀيري زخمي ٿي قادر مگسي آيو جنهن کي بابا جن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پار پهچايو. اهي سڀ اتي ڪجھ نه ڪجھ لکي ايندا هئا.

تڏهن پنج روپين ۾ پڪي جلد واري ڀلي ڪاپي (بُڪ) ملندو هيو، پيلي رنگ جي پيانو پين جنهن کي نيرو يا ڪارو ڍڪ هوندو هيو، قادر مگسي ڪاپيءَ ۾ لکندو هيو ”جيئي سنڌ“ پوءِ مون کي هٿ مان هٿ وٺي چوندو هيو ”ببلو تون به لک“ پوءِ مان ڏسي ايئن ئي لکندو هيس، پوءِ بابا کي چوندا هئا ”سائين ببلو هاڻي ئي جيئي سنڌ ٿو لکي.“ ادريس، فيض الله، منير شاهه مون کي تمام گھڻو ڀائيندا هئا. سياست جي خشڪ موضوع ۽ تلخ ڪچهرين ۾ ”ببلو“ جيڪو سائين مير محمد جو معصوم پٽ هيو، اُهو هنن لاءِ وڏي تفريح هوندو هيو.

آريسر صاحب به مون کي اُن ڪوڏائڻ واري نالي سان سڏيندو هيو، جيڪو منهنجو گھر جو نالو هيو (اها اڄ جي دور جي سستي ٺري جي موالن کي خبر ئي ناهي. آريسر جون جيڪي ڪيسٽون ۽ ليڪچر مون وٽ پيا آهن اهي ته ڪنهن ٻڌا ئي ناهن.) عبدالواحد آريسر پنهنجي آخري ڏينهن ۾ منهنجي وڏي پڦيءَ جي تعزيت تي بابا وٽ آيو ته چئي پيو ”سائين ببلو ڪٿي آهي؟“ آريسر صاحب کان مون ۽ تاج جويي عبدالله سينٽر تي ميڊيا سينٽر ۾ انٽرويو به ورتو هئو، جيڪو شايد پوءِ ”الک اخبار“ جي رسالي ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر ادريس جتوئي هيو.

ادريس جتوئي مون کي ڏاڍو پيار ڪندو هئو، سدائين بابا جا دوست ايندا هئا ته مان انهن جي کيسن مان پين کڻي ويندو هيس. ادريس جي ته هر ڀيري پين کڻي ويندو هيس. هڪ ڀيري ادريس هڪ ڪارڊ کڻي آيو ۽ اهو خاص مون لاءِ آندو هيئين. اهو کولبو هئو ته ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي ويندي هئي، وري بند ڪبو هئو ته ماٺ ٿي ويندو هئو، پوءِ ته مان اُهو حيرت مان ويٺو وڄائيندو هيس.

اِهو بي لوث محبتن جو دور هيو. فيض الله پيرزادو، تاج جويو، ادريس جتوئي، منير شاهه، لياقت رضوي، مٺل ملاح انهن ۾ سڳن ڀائرَن کان وڌيڪ محبتون هيون. ادريس جتوئيءَ سان واسطو هيو ته عرس جتوئي ۽ اسحاق سان به ساڳيون محبتون ته هدايت الله پيرزادي کي به فيض الله جي ڀاءُ هجڻ ڪري ساڳيو ئي پيار ملندو هيو. نواب شاهه، مورو، نوان جتوئي، قاضي احمد، دولت پور، سڪرنڊ هڪ ڳالهه هئي. اِهو مير محمد پيرزادي جو حلقو هيو، محبتن ۽ قرب جو حلقو، ادب ۽ سياسي شعور جو حلقو.

ماڻهو هنن سڀني همراهن کي سَڌَ مان ڏسندا هئا ۽ انهن وانگر ٿيڻ جي خواهش ڪندا هئا. ايم اي سنڌي ڪبي ته سڀ گڏجي ڪندا هئا، مونوگراف لکبو هيو ته سڀ ان عنوان تي هڪ جهڙا هوشيار ٿي، (Discussion) ڪري ڀَڙُ ٿي ويندا هئا. ادريس جتوئيءَ جي ڪري سڀني نوان جتوئيءَ مان جمال الدين خاصخيليءَ واري ڪاليج ۾ فارم جمع ڪرايا ۽ پيپر موري ۾ ڏيڻ ويا ۽ ڊگري خيرپور مان شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيئون. جڏهن مان به ايم اي سنڌي ڪرڻ چاهي ته ساڳي رستي سان ڪري آيس.

بابا کي راڳ ۽ موسيقيءَ جي به ڏاڍي ڄاڻ هئي. استاد منظور علي خان سان دوستي هيس. اها ڳالهه مون لاءِ بلڪل نئين هئي ته استاد منظور علي خان هر هفتي سڪرنڊ ۾ شهيد جيو جُنگ تي محفل ڪرڻ ايندو هئو. استاد منظور علي خان سان اتي هڪ هاءِ اسڪول جو ميوزڪ ٽيچر جيڪو پڻ ذات جو پيرزادو هيو (نالو وسري ويو آهي) اُهو باجو يا ڪڏهن بينجو وڄائيندو هيو. بابا چيو ته اُهو ماحول ٺاهيندو هيو ته استاد کي ڪلاسيڪل انداز ۾ کڻي وڃي، شايد اُن جي سنگت ۾ هيڏو وڏو استاد هر هفتي سڪرنڊ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ بنا معاوضي جي هليو ايندو هيو ۽ فقيرن سان ويهي محفل ڪري ويندو هيو. ايئن به ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ٻُڌڻ لاءِ به ماڻهوءَ کي ڪا جڳهه پسند اچي ويندي آهي، سو بابا چوندو هيو ته اها اسان جي خوش نصيبي هئي جو اهڙي وڏي استاد جون نويکليون محفلون نصيب ٿيون.

مير محمد پيرزادو ۽ رحمت پيرزادو

باقي استاد گلزار دايو بابا جو سُٺو دوست هيو. ان کي اسان به سڪرنڊ ۾ بابا سان گڏ ڏٺو، هڪ ڀيري بنا ڍولڪ جي باجي تي استاد ڪجھ ڪلام به ٻڌايا هئا. بابا جي استاد سان دوستيءَ جو هڪ سبب استاد نصير دايو به هيو، جيڪو بابا جو درزي هيو، بابا کي اُن کان سواءِ ڪنهن جو سبيل وڳو وڻندو ئي نه هيو. پوءِ اُهو هالا هليو ويو هيو، جتان مون به هڪ وڳو کانئس سبرايو هيو. اُهو استاد گلزار دايي جو سڳو سئوٽ هيو. ان ڪري بابا جي استاد گلزار دايي سان هڪ ته نصير دايي جي ڪري دوستي ٿي، ٻيو اسان جو ڪاڪو غلام پيرزادو پڻ استاد گلزار دايي جو شاگرد هيو. ان حوالي سان به استاد گلزار دايو اسان جي ڳوٺ به ايندو هيو ۽ اُتي به بابا ساڻس مليو هئو. جيڪڏهن تفصيل ۾ وڃان ته ڳالهيون گھڻيون آهن، ڇو ته بابا ٻڌايو ته استاد گلزار دايي ڳوٺ جي اوطاق ۾ اسان کي ”راڳ درگا“ مان خيال ٻڌايو ۽ ”راڳ ڌناسريءَ“ مان ڪلام ”محب مئيءَ جي گھر آيو، ٿيو ملڻ جو سايو“ ٻڌايو. اِن لاءِ بابا ڀيم پلاسيءَ راڳڻيءَ کي اڪثر ڌناسري ڪوٺيندو هئو، جڏهن ته اهو ڪلام ٻنهي راڳڻين مان ڳايل آهي، اسان ”ڌناسري راڳ“ مان اُهو ناهي ٻڌو، باقي ”ڀيم پلاسيءَ“ مان ته ڪيسيٽن ۾ به ڳايل ملي ٿو.

سڪرنڊ ۾ هڪ ڀيري بابا کي ڊسٽرڪ گورنمينٽ جي هڪ ٽيم گھرايو، ته سڪرنڊ مان ڪنهن ڪراچيءَ جي فنڪشن لاءِ فنڪارَ سليڪٽ ڪرڻا هئا، اتفاق سان استاد گلزار دايو به نصير دايي وٽ آيل هيو، سو بابا کيس سليڪشن لاءِ وٺي هليو. اهڙي ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي فنڪار کي ڏسي سڪرنڊ جا ڳائڻا اٿي بيهي رهيا ۽ انهن استاد آڏو ڪلام ڳيا ۽ استاد انهن مان جن فنڪارن جي چُونڊ ڪئي، اها سليڪشن سڀن کي قابلِ قبول هئي.

بابا چوندو هيو ته استاد گلزار دايي جي خواهش هئي ته”يار منهنجي ڪا اهڙي محفل ڪرايو، جنهن ۾ رڳو اڙدو غزل ڳايان، مون وٽ وڏو مواد آهي پر ڪو موقعو ناهي مليو.“ پر پوءِ اُها خواهش پوري ٿي نه سگھي.

استاد منظور علي خان وانگر استاد گلزار علي خان سانگھڙائي به سانگھڙ مان خاص طور تاج علي شاهه جي مزار تي دليل ديري ۾ اڪثر ايندو هيو ته نياپو ملندو هيو ۽ اسان اوڏانهن ڪچهريءَ تي هليا ويندا هئاسين. استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ تي مون هڪ تفصيلي مضمون ۾ انهن يادگيرين بابت ڪافي شيون لکيون به آهن.

بابا ٻڌائيندو هيو ته ايئن ڪا ساوڻ جي رات هئي فارم تي ئي ڪو ايڪڙ زمين جو ٽيڪٽر تي کيڙڻو هيو، سو ڊرائيور مولابخش عمراڻي اسان کان استاد منظور علي خان جون ڪيسٽون وٺي ويو، رات جو دير تائين ٽيڪٽر جي ٽيپ رڪارڊر تي وڏي آواز سان استاد جا سرگم، پلٽا، مُرڪون، مِينڍون ۽ آلاپ ٻڌندي خبر ناهي ڪڏهن ننڊ کڻي وئي.

جڏهن بابا علي حسن بلوچ وارن سان ايگريڪلچر فارم جي ڪوارٽرن ۾ ڇڙو رهندو هيو ته علي حسن صاحب جو هڪ وڏو ريڊيو هوندو هيو، تن ڏينهن ۾ جاپان جا نيشنل جا ننڍا ريڊيا ڏاڍا خوبصورت آيا هيا ۽ ڏاڍا مشهور ٿيا هيا پر جيئن ته علي حسن صاحب جو ريڊيو اڃا هلندڙ ڪنڊيشن ۾ هيو، ان لاءِ بابا وارا آل انڊيا ۽ ٻين لوڪل چينلس تان روز رات جو ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ميوزڪ ٻڌندا هئا.

هڪ رات چور آيا ۽ ريڊيو کڄي ويو. صبح جو ٻانگ مهل اعلان ٿيو ته پرنسيپال جي گھر مان چور سامان کڻي ويا آهن ۽ ٻين گھَرن مان چورايل ڪجھ سامان ڇڏي ويا آهن، ان لاءِ جنهن جو به رات سمان چور کڻي ويا آهن، اُهي اچي پنهنجو سامان سڃاڻي کڻي وڃن. بابا وارن ڏٺو ته انهن جي گھر مان به ريڊيو غائب آهي. هاڻي خبر نه هئي ته چور ريڊيو کڻي ويا آهن يا پرنسيپال جي گھر ۾ ڇڏي ويل سامان سان گڏ ڇڏي ويا آهن. سو بابا علي حسن صاحب کي (Brain Wash) ڪرڻ لاءِ چوندو ويو ته ”ادا! چور الله ڪري ريڊيو کڻي ويا هجن، هونءَ به پُراڻو هئو، مان توهان کي نيشنل جو نئون ريڊيو وٺي ڏيندس.“ جڏهن پرنسيپال جي بنگلي تي پهتا ته ڏٺن ته ريڊيو اتي ئي رکيو پيو هيو. اتان ريڊيو ڏسي کلندا کڻي آيا، پوءِ اها ڳالهه مشهور ٿي وئي، ڪو وقت پيا کلندا هئا ته اِهو اُهو ريڊيو آهي جيڪو چور به ڇڏي ويا هيا.

عامر رند جيئن ته علي حسن صاحب جو موڀي پُٽ هيو، جنهن جي مون سان ڏاڍي لڳندي هئي ۽ اسان گڏجي زرعي يونيورسٽيءَ مان ايم ئي (ME) ڪئي پئي ۽ هونءَ به اسان جي ڪافي لڳندي آهي. اِن لاءِ اسان اڃا به اُن ريڊيو جو ذڪر اڪثر مسڪرائيندي ڪندا آهيون، سو اِهو محبت ۽ سهپ وارو مثالي دور هيو. (جاري)

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button