جڏهن جنگ نار جي ٻارن جي گيتن کي خاموش ڪري ڇڏيو
بحرين ۽ ٻين نار جي مُلڪن جي ٻارن لاءِ، گرگائون رمضان المبارڪ جي اها رات آهي جنھن جو کين شدت سان انتظار هوندو آهي. اُن رات جي تقريب ٻارن کي روزي رکڻ تي انعام ڏيڻ ۽ کين سماجي محبت جي گھيري ۾ آڻڻ لاءِ ملهائي ويندي آهي .
ڇوڪرا روايتي بحريني ثوب، جيڪٽن ۽ ٽوپين ۾ گھر گھر ويندا آهن ۽ گرگائون جا اهي مشھور گيت ڳائيندا آهن جيڪي کين پنھنجن بزرگن کان مليا آهن
جنگ، پنھنجي سموري تباهي ۽ غير يقيني صورتحال سان، گذريل پنجن ڏينھن ۾ روزاني زندگيءَ کي ڪيترن ئي ظاهر ۽ لڪل طريقن سان بدلائي ڇڏيو آهي. پر، اها گرگائون کي ختم نه ڪري سگهي آهي.
حبيب تومي

مناما: بحرين ۽ سموري نار (Gulf) جي ٻارن لاءِ، گرگائون (Gargaoon) رمضان المبارڪ جي اها رات آهي جنهن جو کين شدت سان انتظار هوندو آهي. هي اهو مقدس مهينو آهي جنهن کي مسلمان عبادت، سخاوت ۽ برڪتن سان منسوب ڪندا آهن.
هيءَ هڪ اهڙي رسم آهي جيڪا ننڍپڻ جي يادن ۾ نقش ٿيل آهي. رمضان جي وچ واري هيءَ تقريب ٻارن کي روزي رکڻ جي ڪوشش تي انعام ڏيڻ ۽ کين سماجي محبت جي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ ملهائي ويندي آهي. ھيءَ روايت ڪيترائي نسل اڳ کجور ۽ مٺائين جي هڪ سادي مٽاسٽا سان شروع ٿي هئي، پر وقت گذرڻ سان گڏ شاندار گڏجاڻين ۽ روشن علائقائي جشنن ۾ تبديل ٿي وئي آهي.
ھن رسم دوران گھٽيون رنگين روشنين سان جرڪنديون آهن ۽ گهرن جا دروازا کليل هوندا آهن. ڇوڪريون زريءَ جي ڪم وارن خوبصورت لباسن (جلابيه) ۽ سوني زيورن سان سينگاريل هونديون آهن، جڏهن ته ڇوڪرا روايتي بحريني ثوب، جيڪٽن ۽ ٽوپين ۾ گهر گهر ويندا آهن. هو گرگائون جا اهي مشهور گيت ڳائيندا آهن جيڪي کين پنهنجن بزرگن کان مليا آهن، ۽ سهڻين ٿيلهين ۾ مٺائيون ۽ ميوو گڏ ڪندا آهن. هي صرف ٻارن جو ٻاهر نڪرڻ ناهي، پر پنهنجي ثقافت سان جڙيل رهڻ جو هڪ گڏيل اظهار آهي.

پر هن سال جنگ ان خوشيءَ تي هڪ گھاٽو پاڇو وڌو آهي.
جيتوڻيڪ ڪو سرڪاري ڪرفيو ناهي لڳايو ويو، پر بحرين جي شهرن ۽ ڳوٺن جون گھٽيون غير معمولي طور تي خاموش ۽ ويران آهن. مختلف پاڙن ۾ جيڪي ٽهڪ گونجندا هئا، تن جي جاءِ هاڻي احتياط والاري ورتي آهي. والدين، خطي ۾ ميزائلن ۽ ڊرون حملن جي سرڪاري اعلانن ۽ خطرن کي نظر ۾ رکندي، پنهنجن ٻارن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪي رهيا آهن. نه ڪي سينگار آهن، نه ئي ڪي گيت.
ٻارن ۽ خاندانن لاءِ هي نقصان معمولي ناهي. گرگائون معصوميت جي هڪ علامت آهي، هڪ اهڙي مٺي شام جڏهن ٻار گھٽين ۾ نڪرندا ۽ پنهنجو حق مڃائيندا آهن. گرگائون جو نه ٿيڻ ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ انهن قوتن آڏو هڪ ٻي خاموش شڪست هجي جيڪي انهن جي اختيار ۾ ناهن. اهي ٻار اڳي ئي پنهنجي معمول جي زندگيءَ ۾ خلل ڏسي چڪا آهن ۽ ھاڻي کين آن لائن تعليم لاءِ گهرن تائين محدود رهڻ جو چيو ويو آهي.

تنهن هوندي به، انهن ڏکين حالتن ۾ ڪجهه ماڻهن ٻارن جي خوشي برقرار رکڻ لاءِ گرگائون ملهائڻ جا محفوظ ۽ تخليقي طريقا ڳولي ڪڍيا آهن. مٺائين ۽ ميون سان ڀريل ٽوڪريون اڳواٽ تيار ڪيون ويون ۽ انهن والدين جي حوالي ڪيون ويون جيڪي پنهنجن ٻارن کي مخصوص علائقن تائين گاڏين ۾ وٺي آيا.
هي “ڊرائيو-باءِ گرگائون” شايد گذريل سالن وانگر گھٽين ۾ آزاديءَ سان گهمڻ جهڙو ته نه هو، پر هن هڪ اهم ڳالهه کي بچائي ورتو: “خوف کي ٻارن جي خوشين جو قتل ڪرڻ نه ڏيڻ.” انهن لاءِ جيڪي هن موقعي کي ملهائڻ تي ضد ڪري بيٺا هئا، ان کي رد ڪرڻ جو مطلب هڪ گهرو محروميءَ جو احساس هجي ها، خاص ڪري انهن ٻارن لاءِ جن کان اڳ ئي گهڻو ڪجهه قربان ڪرايو ويو آهي.
جڏهن ٻارن کي اندر رهڻ جو چيو ويو، جڏهن گيت خاموش ٿي ويا ۽ دروازا بند رهيا، ته ان جي قيمت تمام گهڻي آهي. معصوميت وڏي خطري ۾ آهي.
شايد هن سال جو گرگائون روشنين يا کليل رستن جي ڪري نه، پر انهن خاندانن جي عزم جي ڪري ياد رکيو ويندو جن پنهنجي پياري روايت کي هٿان ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. ڪار جي کڙڪيءَ مان احتياط سان ٽوڪري ڏيڻ ۾، يا گهر جي اندر ٻار جي هڪ گيت ۾، هڪ خاموش پيغام لڪيل آهي: جنگ جي حالتن ۾ به، خوشيون تحفظ جون حقدار آهن.
جنگ، پنهنجي سموري تباهي ۽ غير يقيني صورتحال سان، گذريل پنجن ڏينهن ۾ روزاني زندگيءَ کي ڪيترن ئي ظاهر ۽ لڪل طريقن سان بدلي ڇڏيو آهي. پر، اها گرگائون کي ختم نه ڪري سگهي آهي.
__________________

سينئر صحافي حبيب تومي ڪوريا جي خبر ايجنسي The AsiaN جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر ان چيف آھي ۽ بحرين ۾ رھي ٿو



