Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

کوهن کان منرل پاڻيءَ جي بوتلن تائين: موري جي اُڃ ۽ بدلجندڙ وقتن جي ڪهاڻي

جڏهن به توهان جي سامهون منرل پاڻيءَ جي بوتل هجي ته ان تي فخر نه ڪجو پر سوچجو ۽ پاڻ کان پڇجو ته اسان هڪ اهڙي دور ۾ رهون ٿا جتي اسين پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي زهر ڪري چڪا آهيون ۽ هاڻي پنهنجو بنيادي حق پئسن تي خريد ڪري رهيا آهيون. ڇا اها ئي اسان جي ترقي آهي؟

اڳي گندي پاڻيءَ جي کڏن کي حل سمجهيو ويندو هو. پر سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته گندي پاڻيءَ جو اهڙي طرح کليل کڏ ۾ نيڪال هڪ ماحولياتي ٽائم بم آهي. جڏهن اهو گندو پاڻي زمين اندر رسي ٿو ته اهو سڌو سنئون پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ سان وڃي ملي ٿو. ان سان پاڻيءَ ۾ خطرناڪ ڪيميائي مادا، جراثيم، ڪيميڪل، نائٽريٽ، بيڪٽريا ۽ ٻيا الائي ڪيترا ڳرا ڌاتو شامل ٿي وڃن ٿا.

عبدالله عثمان مورائي، سويڊن  

منهنجي ننڍپڻ جون يادون موري شهر جي انهن گهٽين ۽ پارڪن سان جڙيل آهن، جتي زندگي اڄ وانگر تيز نه پر سادي ۽ سحر انگيز هئي. مونکي ياد آهي ته اسان اڪثر الصادق سومرا ڪالونيءَ جي ويجهو عوامي پارڪ ويندا هئاسين. ان وقت وِندر جا وسيلا محدود هئا تنهنڪري اها پارڪ اسان لاءِ وڏي وندر ۽ ڪنهن جنت کان گهٽ نه هئي. پاڻيءَ جا ڦوهارا، سلائيڊون يعني گسڪڻيون، گل ٻوٽا، ساوڪ ۽ پارڪ ۾  ٿورو هلڻ لاء  ٿوري کليل جڳهه اڄ به ذهن تي نقش آهي. زندگي سادي هئي پر خوشيءَ سان ڀرپور هئي. اها پارڪ ڪنهن جي دور ۾ ٺهي سا خبر خدا کي پر جنهن به ٺهرائي، اهو جس لهڻي.

ان دور ۾  يا ان کان ٿورو پوءِ مورو ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيف ميونسپل آفيسر آگاڻي لاڙڪاڻي  جو سائين محمد مراد ڪيهر هوندو هو، سندس فرزند عامر ڪيهر وري اسان جو تمام پيارو دوست ۽ ڪلاسي هو، جنهن سان اڪثر اسڪول کان پوءِ شام واري وقت ملاقاتون ان ميونسپل ڪاميٽي جي باغ يا سندن گهر جي ٻاهران ٺهيل ننڍي باغ ۾ ٿينديون هيون جتي اسان شاگرد پيا رانديون ڪندا هئاسون يا اسڪول جي هوم ورڪ بابت پيا بحث ڪندا هئاسون. عامر جو ڏاڏو به اسان سان اچي اتي ويهندو ۽ ڏاڍي شفقت سان ملندو هو.

ان پارڪ جي ڀرسان هڪ وڏي اوور هيڊ واٽر ٽينڪ يعني پاڻي جي ٽانڪي هوندي هئي جنهن ۾ پمپ ڪيل پاڻي جمع ڪري شهر کي سپلاءِ ڪيو ويندو هو. اها پاڻيءَ جي ٽانڪي اڄ به زبون حالت ۾ موجود آهي. مونکي ياد آهي ته پاڻي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ايندو هو، صبح ۽ شام پر اها پڪ ڪڏهن به نه هوندي هئي ته اڄ پاڻي نلڪن ۾ ايندو يا نه. اها غير يقينيءَ واري صورتحال هميشه ۽ روزمرهه جو حصو رهندي هئي.

ڪجهه يادون: پخالي ۽ کوهيون

ان زماني ۾ موري شهر ۾  کُهيون موجود هيون. ڪجهه استعمال هيٺ ته ڪجهه سُڪي ويل، پر سڀني جو شهر جي تاريخ سان لاڳاپو هو. گهٽين ۾ هڪ ٻه پخالي يا بهشتي به نظر ايندا هئا جيڪي هٿ سان نار ڦيرائي چمڙي جي پخال ۾ پاڻي ڀري ڪجهه گهرن کي ڏئي ايندا هئا يا گهٽين ۾ ڇڻڪار ڪندا هئا ته جيئن مٽي ويهي وڃي. مونکي ياد آهي ته موري جي ممتاز سينيما جيڪا هاڻي خريداريءَ جو مرڪز بڻجي وئي آهي، اناج منڊي ۽ کيڙا بازار (جيڪا هاڻي موبائل مارڪيٽ آهي) جي ويجهو هڪ کُھي هوندي هئي، شايد اڄ به متان هجي. مونکي تجسس وچان انهن اونهن کوهن ۾ جهاتي پائي نهارڻ سان ڊڄ به ٿيندو هو پر ڏاڍو پسند به هو. موري جي مين پرائمري اسڪول ۾ به هڪ پراڻي خشڪ ٿيل کُھي هوندي هئي جيڪا اسان جي ننڍپڻ جي تجسس جو مرڪز هئي. اسان ٻار ان ۾ جهاتي پائي حيران ٿيندا هئاسين ڄڻ ته کُھي جي کوٽائيءَ ۾ ڪو راز لڪل هجي. اهي کُھيون شايد تاريخ جي صفحن ۾ گم ٿي ويون آهن.

ميونسپل جي پاڻيءَ جي ورڇ کان پنهنجي پاڻي جي بندوبست تائين جو سفر جڏهن پنهنجو موٽر پمپ عياشي بڻجي ويو

جڏهن ميونسپل ڪاميٽي جي پاڻيءَ جي سپلاءِ ۾ وڏا وقفا اچڻ لڳا ته بابا ۽ چاچا فيصلو ڪيو ته اسان کي هاڻي پنهنجو ذاتي واٽر پمپ (موٽر) لڳائڻ گهرجي. ان کان اڳ اسان جي پاڙي ۾ هڪ هٿ وارو نلڪو به هوندو هو جيڪو ايمرجنسي ۾ ڪم ايندو هو پر ان جو ڳن وري اڪثر موالي چورائي ويندا هئا. بهرحال جڏهن گهر ۾ بجليءَ وارو موٽر پمپ لڳي ويو ته پاڻي جي استعمال ۾ هڪ قسم جي آسائش اچي وئي. حد کان وڌيڪ پاڻي جو استعمال عام ٿي ويو ڇو ته هاڻي اسان وٽ پاڻي جي ڪا به حد مقرر نه هئي، توڙي جو ان وقت به لوڊشيڊنگ هوندي هئي پر اڄ جيتري جٺ نه هئي، سو جڏهن چاهيون بجلي جو بٽڻ کولي موٽر هلايون ۽ ٽانڪي کوليون ته پاڻي وهڻ لڳي. اها سهولت اُن وقت وڏي عياشي لڳندي هئي. هوريان هوريان جڏهن ٻين ماڻهن ۽ هر گهر پنهنجو پمپ لڳارايو ته ميونسپل جي واٽر سپلاءِ عملي ۽ مڪمل طور تي ختم ۽ بند ٿي وئي.

ان وقت ائين لڳندو هو ڄڻ اسان پاڻي جي سپلاءِ جو مسئلو هميشه لاءِ حل ڪري ڇڏيو هجي. اسان کي لڳو ته هاڻي اسان آزاد آهيون پر اها آزادي عارضي هئي.

گندي پاڻيءَ جون کڏون: نيڪال جو حل يا ماحولياتي مسئلن جي شروعات ۽ تباهي ؟

ان دور ۾ موري ۾ ڪيترائي وڏا نيڪال وارا تلاءَ هئا جن کي پاڻ سنڌي ۾ کڏون چئون، اهي کڏون کليل جاءِ تي رڳو گندو پاڻي گڏ ٿيڻ لاءِ استعمال ٿينديون هيون يا اڃا به سنڌ يا پاڪستان ۾ استعمال ٿينديون هجن. اهو ڪو جديد ٽريٽمينٽ سسٽم ناهي، اهو رڳو گندو نيڪال جو پاڻي گڏ ٿيڻ جي جاءِ هئي. ساٿل کڏ جيڪا خليفي سائين جي قبرستان ڀرسان ڪافي مشهور هئي. هاڻي شايد اها ڀري قبرستان يا ٻي تعمير ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. سُرهين ۽ نولن جي پاڙي ۾ سخي ابراهيم شاهه جي مزار ڀرسان به هڪ کڏ هئي، شايد هاڻي اتي به ڪي اڏاوتون ڪيون ويون هجن سا خبر خدا کي. موري جي وڏي کڏ مين روڊ ۽ گچيرو روڊ جي وچ ۾ هئي جيڪا هاڻي شايد دڪانن يا شاپنگ سينٽر ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

جڏهن پاڻيءَ جو ذائقو بدلجي ويو

هڪ وقت آيو جڏهن سڀني اوسي پاسي جي انهن موٽر پمپن جو پاڻي اڳ وانگر نه رهيو. ذائقو بدليل بدليل، ڪڏهن ڪڙو ته ڪڏهن ڌاتو جهڙو احساس اچڻ لڳو، ٻين لفظن ۾ اهو پاڻي پيئڻ جي لائق ئي نه رهيو. پوء اوسي پاسي جي پاڻي جي نمونن جي جاچ ۾ آرسينڪ جي موجودگي ظاهر ٿي. جنهن سهولت کي شهري عياشي سمجهيو ويٺا هئا اها هوريان هوريان خطري ۾ تبديل ٿي وئي.

آرسينڪ: هڪ پوشيده زهر

ان وقت انهن کڏن کي حل سمجهيو ويندو هو. پر سائنسي لحاظ کان تحقيق ٻڌائي ٿي ته گندي پاڻيءَ جو اهڙي طرح کليل کڏ ۾ نيڪال ڪرڻ هڪ ماحولياتي ٽائم بم آهي. جڏهن اهو گندو پاڻي زمين اندر رسي ٿو ته اهو سڌو سنئون زمين اندر پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ سان وڃي ملي ٿو. ان سان پاڻيءَ ۾ خطرناڪ ڪيميائي مادا، جراثيم، ڪيميڪل، نائٽريٽ، بيڪٽريا ۽ ٻيا الائي ڪيترا ڳرا ڌاتو شامل ٿي وڃن ٿا.

جڏهن ان ئي پاڻيءَ سان فصل پوکيا وڃن ٿا يا ان کي پيئڻ جي پاڻيءَ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ته اهي زهريلا مادا انساني جسم ۽ خوراڪ جو حصو بڻجن ٿا ۽ صحت لاء تمام گهڻا هاڃيڪار ثابت ٿين ٿا. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زميني پاڻيءَ ۾  آرسينڪ يعني سنکئي جي موجودگي ثابت ٿي چڪي آهي.

آرسينڪ ڊگهي عرصي تائين استعمال ٿيڻ جي ڪري ان جا سنگين اثر پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون. مثال طور چمڙي جون بيماريون، ڪينسر، دل جون بيماريون ۽ هيپاٽائيٽس وغيره.

آر او پلانٽ ۽ منرل  پاڻي: ترقي يا شرمندگي؟

هاڻي ميونسپل سطح تي ڪجهه آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن. پر انهن جي معيار ۽ صفائيءَ جي ڪا به پڪي ضمانت ناهي. ماڻهو قطار ۾ بيهي پاڻي ڀرين ٿا. ٻيا سرندي وارا ماڻهو يا ڪي مجبوريءَ ۾ وري منرل پاڻي جون بوتلون خريد ڪن ٿا. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ايڪيهين صديءَ ۾ اهو منرل وارو پاڻي خريد ڪرڻ ترقي آهي يا نظام جي ناڪامي يا اها هڪ اجتماعي شرمندگي آهي؟

صاف ۽ محفوظ پاڻي هر انسان جو بنيادي حق آهي. اهو گهر جي ٽانڪين ۽ نلڪن مان اچڻ گهرجي نه ڪي پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ وڪرو ٿيڻ گهرجي.

ميزن تي پنهنجي سامهون رکيل منرل پاڻي جي بوتل ڪا ترقي يا فخر، عياشي يا آسائش جي ڳالهه ناهي پر حقيقت ۾ اها هڪ سماجي ناڪامي جو ثبوت آهي. پاڻي هڪ بنيادي انساني حق آهي، جنهن کي ترقيءَ جي لسٽ ۾ نه پر انساني ضرورت جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي هجڻ گهرجي.

جديد دور جا حل موجود آهن

جديد دنيا ۾ ترقي يافته ملڪن وٽ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جا جديد نظام ۽ ٽيڪنالاجي موجود آهي. اهي پاڻيءَ کي درياهن ۾ ڇڏڻ کان اڳ گندي پاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ پلانٽس ۾ ايترو صاف ڪن ٿا جو اهو ٻيهر استعمال لائق بڻجي وڃي ٿو. ڊي سيلينيشن پلانٽ جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ کي پيئڻ لائق بڻائين ٿا انهن جي ڪري هاڻي اهو سمنڊ جو کارو پاڻيءَ  مٺو ڪرڻ هاڻي منٽن جو ڪم آهي. جديد فلٽريشن ۽ ورڇ جي صحيح نظام جي ڪري ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ نلڪن يا ٽونٽين ۾ ايندڙ پاڻي سڌو پيئڻ لائق هوندو آهي. پر افسوس ته اسان اڃا تائين پنهنجي گهرن جي نلڪن ۾ صاف پاڻي پهچائڻ کان قاصر آهيون. مسئلو ٽيڪنالاجي جو ناهي. مسئلو ارادي، منصوبابندي ۽ شفافيت جو آهي.

هئمبرگ جرمني جو مطالعاتي دورو

اسان جي ڪمپني اسان سڀني ملازمن کي  سيپٽمبر 2022ع ۾ جرمني جي شهر هئمبرگ مطالعاتي دوري تي وٺي وئي هئي. اسان جي گائيڊ ڇوڪري سڀني کي ساڻ ڪري پهريان زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۽ پوءِ بس جي ذريعي انرجي هل / برگ جورجسورڊر جي سائيٽ تي وٺي آئي.

اتان جي انتظاميه کي پهريان ئي خبر هئي ته سئيڊن مان اسان جي ڪمپني جا ماڻهو ايندا ،سو انهن وٽ اڳ ۾ ئي انگريزي زبان ۾ بريفنگ وغيره جو بندوبست ٿيل هو. بريفنگ ڏيندڙ عورت ٻڌايو ته بنيادي طور تي هي هڪ پهاڙي آهي جيڪا لينڊفل سائيٽ هئي جتي ماضي ۾ گهريلو گند گاهه، اڏاوتي عماراتي ۽ زهريلو فضلو يا گند اڇلايو/ ڊمپ ڪيو ويندو هو. ان سائيٽ کي 1979ع ۾ بند ڪيو ويو هو. 1983 ۾ اوچتو ظاهر ٿيو ته زمين اندر پاڻي ۾ خطرناڪ ڊاءِ آڪسن ظاهر پيو ٿئي. تمام وڏي قيمت سان ان کي سيل ڪري گرائونڊ واٽر کي محفوظ ڪيو ويو. ونڊ ٽربائين پڻ اتي لڳايون ويون. لينڊفل مان وري گيس پيدا ڪئي وڃي ٿي، ونڊ ٽربائين مان بجلي ۽ زهريلي پاڻي کي صاف ڪري پوءِ ٻاهر ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان صاف ڪرڻ واري عمل مان پڻ گيس تيار ڪئي وڃي ٿي. مطلب ته هڪ ڇڙواڳ گند واري جاءِ کي سچي نيت ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٽن قسمن جي رنيوايبل انرجي واري سائيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو. نه رڳو اهو پر اها هاڻي شهر جي هڪ پڪنڪ ملهائڻ واري جاءِ جي طور تي پڻ ڪم آندي وڃي ٿي. بريفنگ کان پوءِ اسان اها سائيٽ پڻ گهمي ڏٺي، ونڊ ٽربائين وارا پکا هلن پيا، پهاڙي تان شهر جو نطارو به ٿئي پيو، ماڻهو اوسي پاسي ۾ گهمن ڦرن ۽ پڪنڪ ملهائين پيا. اها سائيٽ هن وقت به حساس آهي ايندڙ هڪ سئو سالن تائين مشاهدي، نگراني ۽ انڊر آبزرسويشن هوندي ته متان اتي ڪي تبديليون نه وري اچن، ان ڪري اها سائيٽ ڏينهن جا پنج ست ڪلاڪ ئي عام ماڻهن لاء کليل هوندي آهي.

آخر اها ذميواري ڪنهن جي آهي؟

منهنجي خيال ۾ اهو ڪم هڪ ميونسپل ڪاميٽي جي وس کان چڙهيل آهي. زميني پاڻي جي بحالي سنڌ ۽ پاڪستان حڪومتن يا اڃا به مٿي ترقي يافته ملڪن جي گڏيل سهڪار جي وس جي ڳالهه آهي جتي سنڌ مشن ۽ ويزن جي ڇٽي هيٺ ايندڙ پنڌرنهن يا ويهن سالن ۾ ان خراب ٿيل زميني پاڻي کي بحال ڪجي ۽ هر گهر جي نلڪن ۾ صاف ۽ محفوط پاڻي جي رسد کي يقيني بڻائجي، جديد نيڪال جو نطام جوڙجي ۽ گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ کان سواء ڪٿي به ڇوڙ ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو رڳو نيت هجي.

هڪ يادگيري ۽ هڪ سوال

جڏهن به توهان جي سامهون منرل پاڻيءَ جي بوتل هجي ته ان تي فخر نه ڪجو پر سوچجو ۽ پاڻ کان پڇجو ته اسان هڪ اهڙي دور ۾ رهون ٿا جتي اسين پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي زهر ڪري چڪا آهيون ۽ هاڻي پنهنجو بنيادي حق پئسن تي خريد ڪري رهيا آهيون. ڇا اها ئي اسان جي ترقي آهي؟ جڏهن به مان پاڻيءَ جي بوتل ڏسان ٿو ته ذهن ۾ کوهيون، پخالون، پخالي ۽ اوور هيڊ پاڻيء جون ٽانڪيون ياد اچي وڃن ٿيون. پاڻي اسان جي ٻالڪپڻ جي تجسس جو حصو هو ۽ اڄ اهو اسان جي پريشانيءَ جو سبب آهي. اسان کڏن تي عمارتون ته ٺاهيون پر جديد واٽر ٽريٽمينٽ سسٽم نه ٺاهي سگهياسين. ترقي جو مطلب پلاسٽڪ جون بوتلون آهن يا نلڪن ۽ ٽونٽين ۾ ايندڙ صاف پاڻي؟ حقيقي ترقي شاپنگ سينٽر نه پر حقيقي ترقي صاف جر جو پاڻي آهي. حقيقي ترقي گندي پاڻيءَ جو صحيح علاج آهي. حقيقي ترقي اها آهي ته هر گهر جي نلڪي مان صاف ۽ محفوظ پاڻي وهندو رهي.

آخر م چوڻ جو مقصد ۽ حاصل ڪلام ته جڏهن توهان جي سامهون منرل پاڻيءَ جي بوتل هجي ته ان تي فخر نه ڪجو پر سوچجو ته اسان هڪ اهڙي دور ۾ رهون ٿا جتي اسين پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي زهر ڪري چڪا آهيون ۽ هاڻي پنهنجو بنيادي حق پئسن تي خريد ڪري رهيا آهيون. ڇا اها ئي اسان جي ترقي آهي؟ ان ڏينهن تائين جيستائين اهو مسئلو حل ٿئي تيستائين اسان جي سامهون رکيل اهي منرل پاڻيء جون بوتلون اسان کي ياد ڏيارينديون رهنديون ته اسان جو سفر اڃا مڪمل ناهي.

_______________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button