سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو ٺھراءُ ڪڏھن ٿا پاس ڪرايو؟
پيپلزپارٽيءَ کي سنڌ جي وحدت جو ايڏو اونو آهي جو ھن پنھنجي طويل دور اقتدار ۾ 3 ڀيرا سنڌ جي وحدت جو ٺھراءُ آندو آهي. ھاڻي بہ وقت ويو تہ ناھي، ھاڻي ئي کڻي سنڌ اسيمبليءَ مان اھو ٺھراءُ پاس ڪرائين تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي.
پيپلزپارٽي ۽ سنڌ سرڪار کان اھو پڇڻ جي گستاخي ڪري سگھجي ٿي تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو ٺھراءُ ھن گھڻا ڀيرا سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آندو آھي؟
ھاڻي تہ مريم نواز کي بہ پنجابي ٻوليءَ جو درد جاڳي پيو آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ بہ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ آھن تہ اھي گڏجي سنڌي ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻولين جي قرارداد آرام سان پاس ڪرائي سگھن ٿا
جگديش آھُوجا
راوي ٻڌائي ٿو تہ پيپلزپارٽي پنهنجي 18سالن جي دور اقتدار ۾ ٻي تہ سڄي تباھي ڪئي آهي پر سنڌ جي وحدت جي سوال تي ھڪ نہ، ٻہ نہ، سڄا سار ٽي ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ مان قرارداد پاس ڪرائي آھي! 2014ع ۾، 2019ع ۾ ۽ تازو ھاڻي 2026ع.

ڇا تہ ڪمال سنڌ دوستي آھي! سڄي سنڌي سماج جو سياسي، سماجي، اخلاقي تاڃي پيٽو تباھ ڪري، سڄي سنڌ کي مافيائي جاگيرن ۾ ورھائي، سڄي سنڌي قوم جي نرڙ تي ‘ڪرپٽ قوم’ جو تلڪ ھڻي، ھو ڏند ٽيڙي چون ٿا، “اسان سنڌ جي بھترين ‘خدمت’ ڪئي آھي، ھاڻي پنجاب بہ اسان جي حوالي ڪيو.” ڇا ھو ايترا بيوقوف آھن؟ 18 سالن کان وٺي لاڳيتو سنڌ پيپلزپارٽيءَ جي جھوليءَ ۾ ڇو وجھي ڇڏي اٿن؟ اڄ اسٽيبلشمينٽ منجھانئن ھٿ ڪڍي تہ خبر پئجي ويندي تہ سنڌي ماڻھو پيپلزپارٽيءَ جو ڪھڙو حشر ٿا ڪن؟ ھر ڀيري اھو ئي رينگٽ تہ پيپلزپارٽي نہ تہ ٻيو ڪير؟ سدائين سنڌ جي ورھاڱي جو ۽ پيپلزپارٽي کان بدتر حڪمرانن جو خوف ڏئي پيپلزپارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي انتھائي عوام دشمن، سنڌ دشمن ايجنڊائن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ راھون سازگار ڪيون وينديون آهن، آخر ڪيستائين؟ ھي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا ٽوپي ڊراما ڇا نوان آھن؟ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) تہ ھاڻي ڪراچي جي عوام جي بہ ڪا نمائندہ جماعت نہ رھي آھي، کين ڪيئن اسيمبلين ۾ پڄايو ويو آهي تنھن جي ڪنھن کي خبر ڪونھي؟ جن ٻن پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي کي ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن تن تہ کليءَ ريت ڪراچي صوبي جي مطالبي جي مخالفت ڪئي آھي. ڇا ايم ڪيو ايم لنڊن، جنھن کي چونڊ عمل کان ٻاھر رکيو آھي، تنھن جي باني الطاف حسين ڇا ڪراچي صوبي جو مطالبو ڪيو آھي؟ ھي حمايت ڪرڻ واري ايم ڪيو ايم ۽ مخالفت ڪرڻ واري پيپلزپارٽي ٻئي اسٽيبلشمينٽ جا لاڏلا ۽ ھڪ ئي سڪي جا ٻہ پاسا نہ آھن؟
پيپلزپارٽيءَ کي سنڌ جي وحدت جو ايڏو اونو آهي جو ھن پنھنجي طويل دور اقتدار ۾ 3 ڀيرا سنڌ جي وحدت جو ٺھراءُ آندو آهي، ڀلا پيپلزپارٽي ۽ سنڌ سرڪار کان اھو پڇڻ جي گستاخي ڪري سگھجي ٿي تہ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو ٺھراءُ ھن گھڻا ڀيرا سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آندو آھي؟ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو ٺھراءُ پاس ڪرائڻ تہ پيپلزپارٽي لاءِ کٻي ھٿ جو کيل آهي پوءِ 18 سالن ۾ ھڪ ڀيرو بہ اھو نيڪ ڪم نہ ڪيو اٿن؟ ۽ ھاڻي بہ وقت ويو تہ ناھي، ھاڻي ئي کڻي سنڌ اسيمبليءَ مان اھو ٺھراءُ پاس ڪرائين تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي.
ھاڻي تہ مريم نواز کي بہ پنجابي ٻوليءَ جو درد جاڳي پيو آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ بہ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ آھن تہ اھي گڏجي سنڌي ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻولين جي قرارداد آرام سان پاس ڪرائي سگھن ٿا، جي سچائي تي اچن تہ؟ پر حقيقي عوام دوست، سنڌ دوست، خود پنجاب دوست ايجنڊا بہ سندن سياست جو حصو ناھي تہ پوءِ عوامي مزاحمت جو رستو ئي باقي بچي ٿو.
جيڪڏھن سنڌ جو شعور پيپلزپارٽي کي مجبور ڪري، پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جو گهيراءُ ڪري تہ فوري طور سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو بل پاس ڪرايو تہ اھو ڪو ايڏو ڪو ناممڪن ڪم ڪونھي.
آخر سوچڻ جي ڳالهه آهي تہ مشرقي پاڪستان جي بنگالي عوام تہ اٺن سالن جي جدوجھد سان بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪرائي ورتو پر 5 سال سنڌي بادشاھ ڀٽي جي حڪومت ھوندي، بينظير ڀٽو جي اڍائي اڍائي سال 2 دور حڪومت ھوندي ۽ 18 سالن کان زرداري ۽ بلاول جي ‘اسان جي پنهنجي حڪومت’ ھوندي بہ اسان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو جائز رتبو ڏيارڻ ۾ ڇو ناڪام ويا آهيون ۽ ائين لڳندو آهي تہ اسان پاڻ ڄڻ ھٿيار ڦٽا ڪري ان مطالبي تان ھٿ کڻي ويا آھيون! آخر ڇو؟ سنڌ ھند ۾ تہ شامل ناھي ۽ نہ ئي اتي ڪي ڪروڙين سنڌي رھن ٿا پر ھتان سڀ ڪجھ لٽائي ھند وڃي بہ اسان جي سنڌين پنهنجي پيرن تي بيھي ايتري ادبي، قومي ۽ سياسي سفارتڪاري واري جدوجھد ڪئي جو 20 سالن اندر سنڌي ٻوليءَ کي ھند جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ھتي اسان آھيون جو آسرو ئي پلي ويٺا آهيون!
ائين بہ ناھي تہ ڪو پاڪستان ۾ سدائين اردو ئي واحد قومي ٻولي رھي آھي. 1956ع کان 1971ع تائين اردو ۽ بنگالي پاڪستان جون قومي ٻوليون ھيون. ان کانپوءِ ٿيڻ تہ ائين کپندو ھيو تہ 1973ع جي آئين ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو کي بہ قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ھا پر ھتان جي سڀني اقتداري قوتن کي ملڪ کان وڌيڪ پنهنجو اقتدار پيارو ھوندو آھي. پيارو پاڪستان بہ کين اوستائين پيارو آھي جيستائين ھو ان جي مسند اقتدار تي ويٺا ھوندا آھن نہ تہ سندن طرز عمل اھو ھوندو آھي تہ، ‘ہم نہیں تو ملک بھی نہیں۔’
پيپلزپارٽي بہ 18 سالن کان اقتدار جا مزا تڏھن ماڻي رھي آھي تہ، ‘اوھان جيڪا چئو، سنڌ جي ڀينگ ڪيون، پر اسان کي ھر حال ۾ اقتدار ۾ رھڻ ڏيو!’
سنڌ کي تباھ ڪري، سنڌ جي وحدت جا تہ ھو 3 ڀيرا چيمپيئن بڻيا آهن، ڀلا ھو آخر ۾ ويندي ويندي ھڪڙو نيڪ ڪم ڪري سگھن ٿا جو رڳو سنڌ اسيمبليءَ مان ٺھراءُ پاس ڪرائين تہ، ‘سنڌ اسيمبلي جو ھي ايوان وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿو ڪري تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.’
ھندستان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏئي سگھي ٿو، پاڪستان ڇو نہ؟
__________________

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.




زبردست سائين