اچو ته بحث ڪيون: مادري ٻولين جي ترقيءَ ۾ علم، ادب، فڪر ۽ فلسفن جي اهميت
سنڌيء ۾ هن وقت تائين ڇپجندڙ علم ۽ ادب جو ڇيد ڪڍون ته، پنهنجو ادب تنزليء جو شڪار ڏٺو ويو آهي۔ سالن کان اهي ئي عشق، پيار ۽ محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون يا حقن جي حاصلات جي نالي ۾ جنگين جي نغارن وڄائڻ جهڙيون شاعريون ۽ گيت۔
مضمون وري اهڙا جو بنا تيل هارڻ ۽ تيلي اڇلائڻ جي ماحول ۾ باهه لڳيو وڃي، جڏهن ته اڪثر آتم ڪٿائون سڌي يا اڻسڌيء طرح پاڻ کي پروموٽ ۽ ٻي کي ڪجهه به نه سمجهڻ جون ڪوششون لڳنديون رهيون آهن
حميد منگي
مادري ٻولين جي اهميت ۽ مسئلن تي لکڻ کان اڳ جيسيتائين مدر يعني ”امڙ“ تي ڪجهه اکر نه ٿا لکون ته منهنجي خيال ۾ نه رڳو امڙ جي نالي سان ناانصافي هوندي پر، ٻوليء سان به زيادتي ٿيندي۔ ٻار کي 9 مهينن تائين پنهنجي ڪک ۾ سانڍي، مختلف قسمن جون تڪليفون برداشت ڪندي دنيا ۾ آڻڻ، ان جي سنڀال ڪرڻ خاطر تتيء ٿڌيء جو خيال رکڻ، جيت جڻن، نانگ بلائن، جانورن، باهه، هوا، پاڻيء توڙي بيمارين کان بچائي, نپائي وڏو ڪري ماحول ۾ متعارف ڪرائڻ وارو ماء جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي۔ ٻار جي حوالي سان ماء جي ڪردار کي، انهيء ڪري به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، جو ماء، ٻار کي رڳو ڄڻي، نپائي ۽ پالي وڏو نه ٿي ڪري، پر کيس کائڻ پيئڻ، اٿڻ، ويهڻ، صاف سٿرو رکڻ، ڪپڙا پارائڻ ۽ پنڌ سيکارڻ سميت زندگيء بابت کوڙ سارن حوالن سان بنيادي سکيا ڏئي، سنوار ۽ سينگار ڪري، سماج آڏو بهتر کان بهتر ڪري پيش ڪرڻ سميت وس آهر زماني سان مقابلا ڪرڻ به سيکاريندي آهي۔ جڏهن ته، اها ماء جي محنت ئي هوندي آهي، جيڪا معاشري ۾ اولاد جي الڳ سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪندي آهي۔

جيڪڏهن ماء لکيل پڙهيل هجي ٿي ته، پالنا دوران ٻار جي ذهن ۾ هلندڙ دئور جا نوان خيال ۽ آئيڊيا به اوتيندي آهي، اهڙيء طرح هوء ڄڻ ته دنيا ۾ نون فلسفن، فڪرن، نظرين جا بنياد وجهڻ ۾ به ٻار جي سڌي يا اڻ سڌيء طرح مددگار ٿئي ٿي۔ اتفاق سان ماء اڻپڙهيل به هوندي، تڏهن به اولاد کي ورثي ۾ مليل ڄاڻ يا عقل جي آڌار تي نه رڳو خراب عملن ۽ عادتن کان بچائيندي آهي، گڏوگڏ ٻار جو چڱن ڪمن ڏانهن ڌيان به ڇڪرائيندي آهي، جيئن اولاد کي پنهنجي نه هجڻ جي صورت ۾ ڪنهن ڏکئي صورتحال سان منهن ڏيڻو نه پوي۔ اصل ۾ امڙ جي اهڙي احتياط ۾ اولاد جي ڀلائيء جو اونو به لڪل هوندو آهي۔ مائرن جون اهي سموريون ڪوششون ثابت ڪن ٿيون ته اهي، جنهن ڏينهن ”امڙ“ جو رتبو حاصل ڪن ٿيون، انهيء ڏينهن کان ئي هڪ عظيم ڪم ۾ پاڻ وساري، نئين زندگيء کي سنوارڻ جي ڪم ۾ جنبجي وڃن ٿيون۔
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته، ڪو به ٻار، سڄي عمر صرف ماء جي اثر هيٺ زندگي ناهي گذاريندو، هن کي پيء، چاچن، پڦين، ماسين، مامن، نانين، ڏاڏين سميت دوستن، اوڙي پاڙي وارن ۽ سماج مان به کوڙ سارين ڳالهين سکڻ جو موقعو ملندو آهي، ساڳيو ٻار استاد وٽ علم پرائيندي، هنر سکندي، ٻالڪپڻ واري سفر کان جوانيء ۾ پير رکندي، ڌڪا ٿاٻا کائيندي، ٻين جي سڌن ۽ جڏن تجربن مان سکندي، پنهنجا تجربا ڪندي، نوان دڳ، نوان رستا ڪڍي، ڪنهن نه ڪنهن راهه جو راهي ٿي، ڀٽڪندو يا منزلون ماڻيندي، پنهنجو سفر پاڻ ڪرڻ جو عادي ٿيندو ويندو آهي، پر پوء به ماء اهو ئي محسوس ڪندي آهي، ان جي ٿورڙي به غلطي يا بي ڌياني، هن جي زندگي برباد ڪري سگهي ٿي ۽ ٻار سٺو شهري ٿيڻ بدران غلط رستي جي چونڊ به ڪري سگهي ٿو۔
جيتوڻيڪ ٻارڙن ۾ اڪثر بڇڙا عمل، امڙين کان گهٽ منتقل ٿيندا آهن، جو مائرن جي سدائين اها ڪوشش هوندي آهي، ان جو ٻار وڏو ٿي ماءُ، پيءُ ۽ خاندان جو نالو روشن ڪري سماج ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي، گهٽ ۾ گهٽ ٻين لاء نه به سهي، پنهنجي ۽ ايندڙ نسل لاء ڇپر ڇانو رهي پر، سماجي ڍانچن ۾ جيڪي خرابيون هر دور ۾ ٻارن کان اڳ ئي موجود رهنديون آهن، اهي ڪڏهن ڪڏهن معصوم ذهنن تي غلط اثر وجهي، والدين جي محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏين ٿيون۔ ان سڄي عمل ۾ ڪجهه مائٽن ۽ پاڙي وارن سان گڏ ٻارن ۽ نوجوانن جي دوستن ۽ عزيزن جو به عمل دخل هوندو آهي پر، اها ڳالهه طئي آهي ته ان حوالي سان ڪو چوي يا نه، اڪثر مائرون پاڻ کي ئي ذميوار سمجهنديون آهن، جو معاشري جا طعنا کيس ئي ٻڌڻا پوندا آهن۔ جيڪا امڙ جهڙي رتبي سان ناانصافي ضرور آهي۔
ماء اولاد کي رڳو ڄڻي، نپائي ۽ کيس وڏو ڪري سماج ۾ متعارف ناهي ڪرائيندي پر ٻار جي سمجهه جي سطح کي اوچو رکندي، سندس زندگيء جا ڏينهن وڌائيندي وڌائيندي، پنهنجي ئي حياتيء جا ڪئي سال گهٽائي وجهندي آهي۔ سنڌ جي هڪ ڏاهي جي نظر ۾، ماء هن ڌرتيء تي خدا جو جيئرو جاڳندو پاڇو آهي، پر منهنجي خيال ۾ “ماء” خدا جو پاڇو نه پر خود پنهنجي ذات ۾ هڪ خدا جي صورت آهي، جيڪا هڪ ئي وقت ۾ ٻار تي سختي ڪري سڌارڻ جي ڪوشش به ڪندي آهي ته، مٿس ٻاجهه واري نظر به رکندي آهي۔ ڪن خاص موقعن تي، جڏهن ٻار کان ڪا اتفاقي غلطي ٿي ويندي آهي، موٽ ۾ پيء، مائٽ، معاشرا يا ملڪي قاعدا، قانون کيس سزا ڏيڻ جو سوچيندا آهن، تڏهن ماء جو ئي در کليل هوندو آهي، جتان کيس اڻ گهري معافي ملي ويندي آهي ۽ پڻ انهيء امڙ جي اها خواهش به هوندي آهي ته ان جي اولاد، بنا ڪنهن سزا جي سڌري وڃي۔
امڙين جي اهڙن نفيس جذبن اندر جهاتيون پائجن ٿيون، ته انساني ذهن اچرج ۾ پئجيو وڃي۔ اڄ انسان ايتري ساري ترقي ڪندي ڪنهن به ڏوهاريء کان سچ اوڳاڇڻ تائين جي مشين ايجاد ڪري ورتي آهي، پر کانئس اهڙو ڪو اوزار ٺهي ناهي سگهيو، جنهن مان اها خبر پئجي سگهي ته، امڙين جو پنهنجي اولاد لاء ايترو اڻ کٽ پيار ڪٿان ٿو پلٽجي؟ ماء جو ٻار جي غلطيء تي مار ڏيڻ ۽ ٻار جي روئڻ تي کيس ڳراٽڙي پائي، پاڻ به روئڻ ۾ اهو ڪهڙو جذبو لڪل هوندو آهي، جنهن کي سائنس به اڄ تائين سمجهي ناهي سگهي۔ ماء جهڙو عظيم رشتو جيڪڏهن ايتري حد تائين محدود هجي، تڏهن به ان کي کڻي سندس پيء يا باقي سماجي ڪردار برابر ڪجي پر، ماء ٻار ۾ پنهنجا، ان جي پيء توڙي ٻين ڀلوڙ مائٽن، سماجي ۽ قومي شخصيتن جي زندگين جا سمورا گڻ ۽ تجربا اوتڻ سان گڏ، هڪ اهڙي ٻولي به سيکاريندي آهي، جيڪا سموري زندگي کائنس وسري ناهي سگهندي۔ امڙين جي اهڙين زبردست ڪوششن جي ڪري ئي، دنيا جي سمورين ٻولين کي مادري ٻولين جو درجو مليو آهي۔
مادري ٻولي يعني امڙ جي سيکاريل يا ٻوليء جا هونئن ته، ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن، پر وڏو فائدو اهو آهي ته، ان ٻوليء جي سبقن، خيالن ۽ ويچارن جا ماڻهن جي ذهنن تي سنوان سڌا اثر پوندا آهن، ماڻهو مادري ٻوليء ۾ ڪنهن به سوال، خيال ۽ ويچار ٻڌڻ شرط ئي، ترت جواب ڏيڻ جي لائق به ٿي پوندو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڌاري ٻوليء جي ٻڌل ٻولن کان پوء وڏي ۾ وڏو ماڻهو به، اڳ ۾ لفظن جي تور تڪ ڪندو يا ڪاٿو لڳائيندو آهي، پوء ئي جواب ۾ لفظ ۽ جملا جوڙي، پنهنجو من پسند اظهار ڪندو آهي۔ اهڙي ذهني ڪشمڪش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايتري ته دير ٿي ويندي اٿس جو، حالتون ئي مٽجي وينديون آهن ۽ ڪنهن وڏي ڏاهي جو جواب به پنهنجا اثر وڃائي ويهندو آهي، نتيجي ۾ جيڪو ڪم مناسب موقعي تي ٿيڻ گهرجي، اهو ٿيڻ کان رهجي ويندو آهي۔
مادري ۽ ڌاري ٻوليء جي سوالن يا ويچارن جي جوابن جي ڳولا ۾ جتي دير جا منفي اثر پوندا آهن، اتي لفظن ۽ جملن جي جوڙجڪ ۽ چونڊ نه ٿيڻ ڪري درست اثرن جي به کوٽ نظر ايندي آهي۔ جڏهن ته مادري ٻولي ان جي ڀيٽ ۾ اڪثر موقعن تي وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿيندي ڏٺي وئي آهي، درست ۽ ترت جواب انساني زندگين ۾ نيون تبديليون آڻڻ سان گڏ، ماڻهن جي عملي ترقيء ۾ به مددگار ثابت ٿيندا آهن۔ پنهنجي ملڪي تعليمي نظام کي پاسيرو رکندي، جيڪڏهن ترقي يافته ملڪن جي تعليمي نظامن جا وچور ڪڍنداسين ته، پاڻ کي اها ڄاڻ ملندي، جتي به مادري ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، اتي هر شعبو ترقيء تي پهتل نظر ايندو آهي۔ ان جي ڀيٽ ۾ جتي ٻار کي تعليم ڌاري يا گاڏڙ ساڏڙ ٻولين ۾ ڏني وڃي ٿي، ان ملڪ ۾ ترقيء جي رفتار ڳڻتيء جوڳي حد تائين گهٽجي ويندي آهي۔
پاڻ هڪڙو مثال سنڌ يا پوري ملڪ جي تعليم جو ٿا وٺون، اسان جي معصوم ٻارن جي ڳچي ۾ مادري ٻوليء سميت، رابطي واري اردو، مذهبي حوالي سان عربي، عالمي ٻوليء جي نالي ۾ انگريزي يعني پرائمريء کان ميٽرڪ تائين چئن ٻولين وارو بار، اٽڪل مني صديء کان وڌل آهي۔ مطلب ته سنڌ سميت ملڪ جي هر ٻار کي پڙهائيء دوران 4 عدد ٻولين سان منهن ڏيڻو ٿو پوي، نتيجي ۾ ٻارن جي تعليم جا نتيجا ايترا چڱا نه ٿا اچن جيترا اچڻ گهرجن۔ موٽ ۾ سنڌ سميت ملڪ جا اڪثر ٻار اسڪولن کان ٻاهر يعني اڻپڙهيل رهجي ٿا وڃن، جو اڪثر ٻار پنهنجن ننڍڙن ذهنن ۾ چئن ٻولين جو بار برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ ڪنهن به هڪ ٻوليء جي سمجهه ۾ نه اچڻ سبب، ذهني طور پاڻ کي بيڪار سمجهي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو رخ ڪرڻ بدران، هنر سکڻ کي آسان سمجهن ٿا، جو هنر جي حوالي سان اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته، اهو مادري ٻوليء ۾ سيکاريو ويندو آهي يا کيس وڌ ۾ وڌ به رابطي واري ٻوليء سان واسطو پويس ٿو۔ مان ڪنهن به ٻولي، هنر ۽ فن جو مخالف ناهيان، ڪنهن به معاشري ۾ هنري پورهئي جي به پنهنجي جاء تي وڏي اهميت آهي پر، ان سان ٻار ڳالهائڻ ۾ ته برابر پنهنجي ٻوليء سان سلهاڙيل رهي ٿو پر، ان جو علم، ادب، فڪرن ۽ فلسفن سان تعلق ٽٽڻ سبب، هو مادري توڙي ٻين ٻولين ۾ لکت پڙهت کان رهجي وڃي ٿو۔
جن ملڪن ۾ مادري ٻوليء کي جائز اهميت مليل هوندي آهي، اتان جو علم، ادب، تاريخ، تمدن ۽ ثقافت به اوج ماڻيندا آهن، پر جتي مادري ٻوليء سان گڏ ٻيون ٻوليون به رائج هونديون آهن يا ٻن، ٽن ۽ چئن گاڏڙ ساڏڙ ٻولين سان تعليم لاڳو ٿيل هوندي آهي، اهي معاشرا اڳتي وڌندڙ ملڪن کان تيسيتائين پوئتي ئي هوندا آهن، جيسيتائين اهي پنهنجن پاليسين ۾ تبديليون ناهن ڪندا۔ ان مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، جن ملڪن ۾ ترقيء جي کوٽ آهي، غربت وڌيل يا بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عام جام آهي، اتي اهم سبب مادري ٻوليء کي گهٽ اهميت ڏيڻ ئي آهي۔ انهيء سڄي بحث مان اهو به ثابت ٿئي ٿو، مادري ٻوليء جا اثر لامحدود آهن۔ مادري ٻوليء جي عام ٿيڻ سان ملڪ ۽ قومون واڌ ويجهه وارن عملن مان گذرنديون ۽ ترقيون ڪنديون آهن۔
هتي هڪ ٻي حقيقت جو اظهار ڪرڻ به ضروري آهي، جيئن ته هاڻوڪي دئور ۾ هر انسان کي مادري ٻوليء سان گڏ، دنيا جي ٻين ٻولين سان به واسطو پوندو رهي ٿو، انڪري تعليمي عملدارن، والدين ۽ استادن کي گهرجي ته ڪو اهڙو طريقيڪار اپنائن جو ٻارن مٿان هڪ وقت تي هڪ کان وڌيڪ ٻولين جو بار به نه پئي ۽ ٻار يا نوجوان وڏو ٿي پنهنجي ضرورت واريون ٻوليون سکڻ چاهي ته، سکي انهن مان فائدو به حاصل ڪري۔ هونئن به موجوده دئور ۾ مادري ٻولي سان گڏ ڪجهه ٻين ٻولين جي سکيا به وقت جي اهم ضرورت ٿي پئي آهي، پر ان جي سکڻ ۽ سيکارڻ لاء جنهن وقفي جي ضرورت آهي، اتفاق سان اهو وقفو کين ميسر ناهي۔ باقي جيڪو نوجوان انهيء ضروري عمل کان ڪيٻائي ٿو، اهو هڪ ته ڄڻ پنهنجي اڳتي وڌڻ جا دروازا پاڻ بند ڪري ٿو، ٻيو ته وڌيڪ ڄاڻ ۽ علم کان به پاڻ کي پري رکي ٿو۔
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي، هر ماڻهو روانيء سان هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائڻ ۽ لکڻ جي سگهه ناهي رکندو پر، اها حقيقت به مڃڻ گهرجي، جيڪو ماڻهو رڳو مادري ٻوليء سان ويجهڙائي رکي، ٻين ٻولين کان اڻڄاڻ رهي ٿو، ان کي موٽ ۾ معاشري کان اهي محبتون نه ٿيون ملن، جيڪي وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙن کي ملنديون آهن۔ حاصل مطلب دنيا جيئن ته اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي ۽ جيڪو ماڻهو پاڻ کي تبديل نه ٿو ڪري اهو دنيا کان ڌار ٿيو وڃي، منهنجي هن سڄي پٽاڙ جو اهو مقصد هرگز ڪونهي ته، نوجوان پنهنجي ٻوليء کي الوداع ڪري، هروڀرو دنيا جي مشهور ٻولين کي اپنائن يا مادري ٻوليء کي اهم سمجهي ٻين ٻولين کي نظرانداز ڪن، پر هتي اهو ضرور لکندس ته، مادري ٻوليء کي مناسب اهميت ڏيندي ٻيون ٻوليون سکڻ به موجوده دئور جي ضرورت آهي۔
دنيا جي مختلف حصن سان تعلق رکندڙ ٿوري سوڙهي سوچ وارن ماڻهن جو اهو خيال رهيو آهي ته ٻوليون ماڻهن کي ماڻهن سان ملڻ ناهن ڏينديون ۽ قومن کي پنهنجي الڳ سڃاڻپ تي هرکائينديون آهن۔ ڪجهه ماڻهن جي اها سوچ به رهي آهي ته ڪا ڌاري ٻولي ضرورت کان وڌيڪ ڳالهائڻ يا لکڻ سان ٻار يا نوجوان کان مادري ٻولي وسري ويندي يا گهٽ ڳالهائجندڙ ٿي پوندي آهي۔ جيتوڻيڪ هر ماڻهوء کي مادري ٻوليء سان بي پناهه محبت هوندي آهي، کيس محبت ڪرڻ به گهرجي ۽ پڻ ان جي ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ان جي واڌ ويجهه لاء وس آهر پاڻ پتوڙڻ به گهرجي پر، ان جو مقصد هرگز اهو نه هجڻ گهرجي ته، ماڻهو رڳو پنهنجي ٻوليء سان پيار ڪندي ڪندي، ٻين ٻولين کان پري ٿي وڃي يا نفرت ڪري۔ اڪثر ماڻهن جي زندگين منجهه کوڙ سارا اهڙا موقعا ايندا آهن، جتي ٻيون ٻوليون سکڻ ۽ سمجهڻ وارا عمل، خود انهن جي ترقيء ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن۔ جيئن ته هر ٻوليء ۾ ”محبت“ يا ”نفرت“ جا ڪي لفظ ضرور هوندا آهن، پر ڪا به ٻولي قطعي طور تي ٻين ٻولين سان نفرت ڪرڻ ناهي سيکاريندي، سواء انهن مخصوص ايجنڊائن رکڻ وارن ماڻهن جي، جيڪي ٻولين جي بنياد تي پنهنجا مفاد پورا ڪندا آهن۔
ايمانداريء جي ڳالهه اها به آهي ته جيڪڏهن ڪن خاص موقعن تي ماڻهن کي مادري ٻوليء جي بچاء لاء دليل ٺاهڻ جي ضرورت پوي ٿي ته، کين ٻين ٻولين لاء به ساڳيا دليل هجڻ کپن، ڇو جو سموريون ٻوليون، امڙين جي لولين کان شروع ٿي دعائن تائين ڇيهه ڪندڙ آهن۔ جڏهن امڙين جي لولين کان وٺي دعائن ڪرڻ وارن لفظن ۾ نفرت نالي ڪا شئي ناهي هوندي ته، پوء انسان جو مادري ٻوليء سان محبت ڪندي ٻين ٻولين سان نفرت وارو اظهار به مناسب ناهي۔ دنيا جي اڪثر حصن جا ڪجهه بي سمجهه ماڻهو، مادري ٻوليء ۽ ٻين ٻولين واري مامري تي پنهنجي الڳ الڳ ۽ حساس راء رکندا آهن، ڪٿي ڪٿي ته، ٻوليء کي بڻياد بڻائي، پاڻ به رت وهائيندا آهن، ٻين کي به ڀڙڪائي، جهڳڙن ڪرائڻ جا خاص اهتمام ڪندا آهن۔ منهنجي خيال ۾ اهڙا سڀئي عمل، انسان کي انسان کان يا پنهنجي قوم کي، باقي دنيا کان ڌار ڪرڻ جا سبب بڻجندا رهيا آهن۔
ٻي ڳالهه ته، انسانن وچ ۾ وقت بوقت جهيڙا، جهڳڙا ۽ مارا ماريون رڳو ٻولين جي بنياد تي ته ناهن ٿينديون، ان ۾ مختلف نظرين، سوچن جو ٽڪراء ۽ نسلي، گروهي توڙي ذاتي مفادن وارن عملن جو به، چڱو خاصو حصو هوندو آهي۔ اڄوڪو انسان جيڪو مختلف دئورن مان ٿيندو، ننڍين وڏين ڳالهين تي وڙهندو ۽ پرچندو، هن ترقيء واري دئور ۾ شامل ٿي چڪو آهي، ان کي به هاڻي اها ڀليء ڀت خبر پئجي چڪي آهي ته، دنيا جون سڀئي ٻوليون هڪٻئي سان سهڪار ڪندي نظر اچن ٿيون۔ جنهن جو رڳو هڪ مثال، ٽيڪنالاجيء واري نئين اڀرندڙ نظام جو وٺجي، جنهن ۾ اها لچڪ پيدا ٿيل آهي، جو دنيا جي ٻين ٻولين سميت پنهنجي سنڌي ٻولي به ڪمپيوٽرائزڊ ٿي چڪي آهي۔ جيڪڏهن ٽيڪنالاجيء واري نظام جي جوڙجڪ ڪندڙ ادارا يا ماڻهو چاهين ها ته، شايد سنڌي ٻوليء سميت ٻيون کوڙ ساريون ٻوليون ان نظام ۾ داخل ئي نٿي سگهن ها، پاڻ کي ٽيڪنالاجيء جي انهن ماهرن جي ڪوششن کي هرگز نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي ٽيڪنالاجين کي جديد ڪندي، انهن ۾ ٻين ٻولين جي ترقيء جي به گنجائش رکن ٿا۔
جيتوڻيڪ، هاڻوڪي دئور ۾ داخل ٿيڻ تائين انسان لڳاتار ڪوششن ذريعي پنهنجي لاء “اشرف المخلوقات” جهڙو وڏو لقب ته ماڻي چڪو آهي، اتي اسان کي اهو اظهار ڪرڻ ۾ به شرم محسوس نه ڪرڻ گهرجي ته، ساڳيو ئي انسان هيڏين سارين جاکوڙن باوجود پاڻ مٿان “سوشل اينيمل” وارو لڳل ٺپو مٽائي ناهي سگهيو۔ جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انسان، اڃا انسانيت واري شروعاتي لڪير تائين به پهچي ناهي سگهيو۔ اصل ۾ ڪنهن به انسان جا سمورا عمل ان جي عقل، علم، سرجندڙ ادب، سوچن، فڪرن ۽ فلسفن سان سلهاڙيل هوندا آهن، جڏهن ته اهي سڀ شيون يعني عقل، علم، ادب، فڪر ۽ فلسفا وري ان جي مادري ٻوليء سان گڏ ٻين ٻولين جا به محتاج آهن۔ بهرحال هر دئور جتي انساني ڪارنامن سان ڀريل رهيو آهي، انهن دئورن ۾ انسانن منجهه ڪي نه ڪي ڪس پڪايون به ڏسڻ لاء ملن ٿيون۔ پاڻ کي انهيء حقيقت کي مڃڻ گهرجي ته، انسان کي مڪمل انسان ٿيڻ لاء اڃا ڪي امتحان ڏيڻا آهن، جن مان هو گذري پوء ئي پنهنجو قبلو توڙي ڪردار درست ادا ڪري سگهندو۔
انسان جي عقل، علم، ادب، فڪري ۽ فلسفي ترقيء وارين ڪوششن بابت هڪ ڏکائتي حقيقت اها به سامهون آئي آهي ته، سواء ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪن ۽ ٻولين جي محققن ۽ دانشورن جي دنيا جا باقي لکاري، پنهنجين ٻولين ۾ ڪي اهڙا فڪر ۽ فلسفا متعارف ناهن ڪرائي سگهيا، جنهن سان دنيا هڪ ڪري ٿي سوچي ۽ سمورا انسان گڏجي ڌرتيء تي هٿراڌو پاتل لڪيرن جو انت آڻي سگهن۔ لکڻ جو مقصد اهو آهي ته هن وقت تائين دنيا جو ڪوبه وڏي ۾ وڏو ترقي يافته ادب يا اديب انهيء حوالي سان ڪا وڏي اڳڀرائي نه ڪري سگهيو آهي، جنهن سان انسان ذات جا فرق ختم ٿي سگهن۔ جڏهن ته هن وقت تائين جن به ٻولين ۾ جيترو به علم ۽ ادب ڇپيو آهي، اهو ڪجهه معاشرن يا ملڪن لاء ته سٺو سنوڻ ثابت ضرور ٿيو هوندو پر، انسانيت جي حوالي سان ايترو اثرائتو ثابت ناهي ٿي سگهيو، جو اڄ به مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ انسانن ۾ ويڇا گهٽجي ناهن سگهيا۔ منهنجي خيال ۾ جيسيتائين انسان، ٻين انسانن جي ويجهو نه ايندو، تيسيتائين ٻوليون ٻولين کان وڇڙيل ئي رهنديون ۽ ننڍيون ليکجندڙ ٻوليون واڌ ويجهه نه کائي سگهنديون۔ اها ڳالهه ڪيتري حد تائين درست آهي، ان تي گڏيل ويچار جي سخت ضرورت آهي۔
هتي هڪ ٻي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ضرورت به آهي ته، دنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ سموريون ٻوليون، ٻوليون نه پر انهن ۾ اڪثر زبانون به هونديون آهن، جن کي پنهنجو رسم الخط ناهي هوندو، اهي ٻوليون نه پر زبانون ليکيون وينديون آهن۔ پر ڪجهه اڌ اکري عالم انهن زبانن کي به ٻولين ۾ ڳڻي، پنهنجا مسئلا سلهاڙي ڇڏيندا آهن، جڏهن ته زبانن ۽ ٻولين جا اڪثر مسئلا الڳ الڳ نوعيتن جا هجن ٿا۔ مثال طور پنجابي يا سرائڪي جا ڪجهه اکر اردوء ۾ ناهن، جڏهن ته اهي لفظ سنڌيء ۾ موجود آهن، مثال طور پنجابي ٻوليء ۾ ”ڻ“ ۽ سرائڪي ٻوليء ۾ ”ڳ“ جيڪي اکر سنڌيء ۾ آهن، پر اهي پنهنجي ٻوليء جا اکر هروڀرو اردوء ۾ لکي، پنهنجن اکرن ۾ بگاڙ پيدا ڪري رهيا آهن۔
هاڻي پاڻ اچون ٿا سنڌي ٻوليء جي علم ۽ ادب طرف۔ سنڌيء ۾ هن وقت تائين ڇپجندڙ علم ۽ ادب جو ڇيد ڪڍون ته، پنهنجو ادب تنزليء جو شڪار ڏٺو ويو آهي۔ سالن کان اهي ئي عشق، پيار ۽ محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون يا حقن جي حاصلات جي نالي ۾ جنگين جي نغارن وڄائڻ جهڙيون شاعريون ۽ گيت۔ مضمون وري اهڙا جو بنا تيل هارڻ ۽ تيلي اڇلائڻ جي ماحول ۾ باهه لڳيو وڃي، جڏهن ته اڪثر آتم ڪٿائون سڌي يا اڻسڌيء طرح پاڻ کي پروموٽ ۽ ٻي کي ڪجهه به نه سمجهڻ جون ڪوششون لڳنديون رهيون آهن ۽ مجال آهي جو، ليکڪ آتم ڪٿائن ۾ پنهنجي غلط ڪمن ۽ وڏين وڏين غلطين جو اپٽار ڪري۔ مونکي ته ايئن لڳندو آهي، ڄڻ ڄاڻي ٻجهي اسان جي لکارين کان اهڙو علم ۽ ادب لکرايو پيو وڃي، جنهن جي ايندڙ دئور ۾ ڪا اهميت نه هوندي۔ مطلب ته سالن پڄاڻان، اسان جو اڪثيريتي علم ۽ ادب انهن پراڻن موضوعن مان جند آجي ڪرائي ٻاهر نڪري ناهي سگهيو۔ نتيجي ۾ پڙهندڙ گهٽجن ٿا، جڏهن پڙهندڙ گهٽبا ته ٻولي ڪٿان واڌ ويجهه کائيندي يا بچندي؟
اسان جي اڪثر لکارين کان، پاڻ کي دنيا سان ڳنڍڻ واري موضوع سان گڏ ٻين انساني معاشرتي مسئلن تي الائي ته ڇو، هڪڙو اکر لکڻ به نه پڳو آهي۔ وڏي عرصي کان نه ته دنيا اندر مستقل امن قائم ڪرڻ خاطر ڪو نظم نظر مان گذريو آهي، نه ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي مبني ليک لکجي سگهيا آهن، ورلي ڪو اهڙو ليک پڙهڻ لاء ملي ٿو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هجي، دنيا هيڏي ساري ترقي ڪيئن ڪري ورتي آهي، ان ترقيء جي دائري کي وڌائي غريب ملڪن ۽ قومن توڙي نسلن جي بکن، ڏکن ۽ تڪليفن کي گهٽائڻ سميت ٻين مسئلن کي ڪيئن حل ڪري سگهجي ٿو۔ مان اهو ڪونه ٿو چوان ته اهڙو ادب بلڪل به نٿو سرجي، بلڪل لکيو ويو هوندو، پر هڪ ته ان جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي ۽ ٻيو ته اهڙي ادب جي پٺڀرائي نه ٿي ڪئي وڃي۔
جڏهن اسان سنڌي علم، ادب جي اهڙي حالت ڏسون ٿا ته، ان سوچ جو پيدا ٿيڻ به هڪ لازمي ڳالهه آهي، پاڻ کي آخر اهڙا ڪهڙا اپاء وٺڻ گهرجن، جن سان اسان جو دنيا سان ڀائپي ۽ پنهنجائپ وارو رشتو به جڙي ۽ ٻولي به بچي وڃي، انهيء موقعي تي منهنجي ننڍڙي سوچ اهو سمجهائي ٿي، جنهن ڏينهن اسان جو علم ۽ ادب نواڻ جا نوان پنا پڙهائڻ ۽ انسان دوستي سيکارڻ شروع ڪندو، انهيء ڏينهن يقيني طور تي اسان جو علم ۽ ادب به نه رڳو ڪوما مان نڪرندو، ان سان گڏ ٻولين جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندڙ سنڌي ٻولي به ڪنهن ڪناري سان لڳي، پنهنجو وجود بچائي وٺندي باقي نه ته پنهنجي زبان ۽ ٻولي پنهنجي ئي سنڌ ۾ هڏڪيون کائي رهي آهي، ڪنهن کي تجربو ڪرڻو ۽ اندازو لڳائڻو هجي ته، تعليمي ادارن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن کي ملندڙ تعليم، ڇپائي گهرن جي حالت، وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي ڪاٿي لڳائڻ سان گڏ، سنڌ جي وڏن شهرن جون بازارون گهمي ۽ ڪراچيء کان ڪشمور تائين نيشنل هائي وي جو چڪر لڳائي دڪانن جا بورڊ پڙهي ڏسن، دڪاندارن سان ڳالهائي ڏسن۔
ٿي سگهي ٿو، منهنجي هيء ڳالهه جيڪا مان هاڻي ڪرڻ وڃان پيو، ڪن ڏاهن جي ڏاهپ جي گهرجائو هجي، هيء ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ۽ ڪو منهنجي رهنمائي ڪري۔ “اصل ۾ لکڻين يا ڳالهين جي يڪسانيت ئي ڪنهن به ٻوليء جو موت ڏانهن پهرين وک هوندي آهي” پاڻ جيڪڏهن پنهنجي ٻوليء سان واقعي ئي پيار ڪيون ٿا، کيس يقيني طور بچائڻ به چاهيون ٿا ته، پنهنجين لکڻين ۽ ڳالهين ۾ نواڻ آڻڻ سان گڏ، دنيا جي اڪثر شاهڪار ادب کي سنڌي ٻوليء ۾ ترجما ڪرڻا پوندا ۽ پڻ پنهنجي ٻوليء جي سٺن ڪتابن کي ٻين ٻولين جي پوشاڪ پارائڻي پوندي جيئن ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جو رجحان سنڌي ٻولي سکڻ ڏانهن وڌي جيئن ڀٽائيء کان متاثر ٿي اينيمري شمل ۽ ڪجهه ٻيا غيرملڪي سنڌي سکڻ تي مجبور ٿيا ۽ پڻ اسان جي لکارين کي پنهنجي لکڻين ۾ سموري دنيا سان پاڻ کي ڳنڍڻ وارا باب به شامل ڪرڻا پوندا ۽ ڪجهه عرصي لاء ”تنقيد“ کي گهٽ ڪندي علمي ۽ ادبي ”تربيت“ جيڪا اصل ۾ ڀٽائيء واري واٽ آهي، ان تي هلڻو پوندو۔
_______________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.




مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي بھترين مضمون پڙھڻ لاءِ مليو ، حميد منگي سدائين خوش هجو.