ساروڻيون: اروڙ جو الستي – ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي
رشيد ڀٽي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هئو، هو هڪ بهترين وڪيل سان گڏ متحرڪ ۽ بي ڊپو سياسي اڳواڻ به هو ۽ علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سدائين پيش پيش رهيو،
رشيد ڀٽيءَ ڏکي ۾ ڏکي ترقي پسند سياست به ڪئي، جيڪا تمام گهڻين سهوليتن ملڻ باوجود به اڄ پاڻ کان نه ٿي پڄي۔ هن نه رڳو ترقي پسند سياست جا سنڌ ۾ بنياد پختا ڪيا پر هزارين نون سيکڙاٽن لاء رستا به ٺاهي ويو۔
مرحوم رشيد ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هڪ هئو، هو تنوير عباسيءَ کانپوءِ يارنهن سالن تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو. شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو
حميد منگي
انسان جو شعوري لحاظ کان سوچڻ، مختلف شين، ڳالهين ۽ ڪمن کي سمجهڻ، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ, سٺن ۽ خراب ڪمن يا شين جا فرق رکڻ وارا عمل ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ مختلف رهيا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا ساهوارا اڪثر صدين کان لڪير جا فقير رهيا آهن۔ جڏهن ته انسان پنهنجين ۽ ٻين جي ماضيء وارين ڀلائين ۽ براين کي ياد به رکي ٿو، ڪجهه ڳالهيون وساري اڳتي وڌي، حال ۽ حالتن کي سڌاري ۽ مخصوص مفادن تحت ڄاڻي ٻجهي بگاڙي به ٿو۔ ايندڙ وقت لاء پاڻ سان گڏ ٻين جو آئيندو بهتر ڪرڻ بابت اڳواٽ رٿابنديون جوڙڻ ۽ ڊاهڻ جي سگهه به رکي ٿو۔ مطلب ته انسان اهي ٻئي يعني مثبت ۽ منفي عمل هر دور ۾ ڪندو آيو آهي۔ نتيجي طور تي هڪ طرف ذاتي، نسلي، مذهبي، صنفي، طبقاتي، سماجي ۽ سياسي جهيڙن ۾ ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون اجل جو شڪار بڻجي ويون ته، ٻئي پاسي ساڳيو ئي انسان انهن جهيڙن ۽ ويڙهين مان نوان رستا ڪڍندو، ترقيء جي رفتار کي تيز ڪندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء واري دئور ۾ داخل ٿي، تمام وڏين سهوليتن جو موجد بڻجي چڪو آهي۔

ڪجهه صديون اڳ، جڏهن علم ايترو عام نه هئو، انسان عقل جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪندو هو، نتيجي ۾ هن پهريان علم جا بنياد وڌا پوء ترقي ڪندي سائنس، فلسفن، نظرين، سوچن ۾ واڌارا ۽ نوان فڪر ۽ فن تخليق ڪندو، هن موجوده دئور ۾ داخل ٿيو آهي۔ جنهن ۾ اتفاق سان يا سوچي سمجهي عقل کي الوداع ڪري رڳو علم جي آڌار تي، ٻين سٺن ۽ خراب ڪمن سان گڏ اڪثر انساني ضرورت واريون شيون فطريء مان تبديل ڪري مصنوعي بڻائي ڇڏيون۔ دنيا جي ڪجهه مخصوص گروهن ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ کاڌ خوراڪ وارين شين جنهن ۾ کير، آنا، فارمي مرغي، مڇي ۽ ڀاڻ کان وٺي، دوائن تائين الائي ته ڪيترين شين جا ڪيميڪل بڻائي انهن مان هٿرادو شيون ٺاهي، انسان کي آرٽيفيشل طور تي جيئرو رکڻ جا جتن ڪري ٿو، علاج کانپوء ڊاڪٽر کلم کلا مريضن کي چون ٿا، اهي دوائون ۽ کاڌا جيسيتائين واپرائيندئو، جيئرا رهندئو، جيڪڏهن نه ته زندگيء جي ڪا گارنٽي نه هوندي۔
اهو ڪڌو ڪم اڃان هلندڙ ئي هئو ته، مٿان وري مصنوعي ذهانت جا بنياد وجهي، گڏهه ۽ گهوڙي کي هڪ ڪري ڇڏيو ويو آهي، هڪ معمولي لکيل پڙهيل ماڻهوء کي ChatGPT جا رستا ڏيکاري، ڪنهن به موضوع تي Search ڪرائي، جن ماڻهن اٺ ڪتابن جا پڙهي، ذاتي تجربا ڪندي ڪندي، سالن کانپوء جيڪو علم حاصل ڪيو آهي، انهن آڏو هاڻي مصنوعي ذهين ماڻهن کي بيهاري، مقابلو ڪرائي، مصنوعي عالمن کي کٽرائڻ ۽ ايوارڊ ڏئي مٿي آڻڻ جا سعيا به ٿي رهيا آهن، ايندڙ وقت ۾ ته اها به خبر نه پوندي ته، سچ ۽ ڪوڙ ۾ باقي ڪيتري وٿي وڃي بچي آهي۔ انهيء حوالي سان اهو دليل به تيار ڪيو ٿو وڃي ته ”سڀئي انسان برابر ڪرڻ لاء اها مصنوعي ذهانت ضروري عمل هئو“۔ جڏهن ته انهيء ChatGPTذريعي تاريخون تبديل ڪرڻ وارا خدشا به پيدا ٿي پيا آهن۔
هڪ ٻه صدي پهريان ايئن بلڪل به نه هئو، اڳ ۾ لائق ماڻهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، سڀ کان بهتر ماڻهن جي چونڊ ٿيندي هئي، پوء کين پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاء سفارشون نه پر وڌيڪ ڪوششن ڪرڻ لاء همٿايو ويندو هئو، جنهن کان پوء به اهڙن ماڻهن کي وڏا ڪشالا ڪڍڻا پوندا هئا ۽ وت کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي هئي۔ تڏهن وڃي ڪي، ”هر“ ۽ ”گهر“ هلائڻ جهڙا ٿيندا هئا۔ اهڙا ماڻهو سڄو سڄو ڏينهن ۽ اڌ اڌ رات تائين محنت ڪري جڏهن کٽ تي آهلي پوندا هئا ته، ننڊ وراڪا ڏئي کين اهڙيء دنيا ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي، جتان سندن امڙيون، ڀينرون ۽ زالون صبح جون ڌوڻي ڌوڻي اٿارينديون هيون۔ اهڙيء طرح ڪي ٿورا الستي پيدا ٿيندا هئا، جن کي سماج جي ڪريم (سڻڀ) سمجهيو ويندو هئو، جيڪي جسماني پورهئي سان گڏ ذهني پورهيو ڪري, معاشري ۾ پنهنجي حيثيت مڃائيندا هئا۔
اهڙن ٿورڙن محنتي ۽ گهڻ طرفا ڪم ڪندڙ ماهر ماڻهن منجهان، هڪ مرحوم رشيد ڀٽي به هئو، جنهن جسماني پورهيا ڪري پنهنجو گهر هلايو، ٻار ٻچا سنڀاليا ۽ پڙهايا، دوستيون توڙ نڀايون، مٽن مائٽن سان ملهايو، اوڙي پاڙي وارن جي ڏک سک ۾ آخري گهڙيء تائين ساٿ ته ڏنو پر گڏوگڏ ذهني پورهيا به ڪري علمي، ادبي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون انجام ڏيندي، نه رڳو سکر جو نانء روشن ڪيو پر پوري قوم آڏو پنهنجو سر به اوچو ڪري ويو ۽ پڻ انهيء دور جي اها ڏکي ۾ ڏکي ترقي پسند سياست به ڪئي، جيڪا تمام گهڻين سهوليتن ملڻ باوجود به اڄ پاڻ کان نه ٿي پڄي۔ هن نه رڳو ترقي پسند سياست جا سنڌ ۾ بنياد پختا ڪيا پر مون جهڙن هزارين نون سيکڙاٽن لاء رستا به ٺاهي ويو۔ هو بيباڪ، بهادر ۽ وڏي رک رکاء وارو ماڻهو هئو، بهرحال هو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هئو جن جا مثال سالن تائين ڏنا ويندا۔
مان ان جي بي پناه محنتن ۽ عام ماڻهن سان سچيء دل سان محبتن جو، اکين ڏٺو شاهد آهيان، جو ڪيترن ئي سالن تائين هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ان جي پٽ خالد ۽ سندس پاڙيسري قربان منڱريو سان ملڻ ويندو هوس، جيڪي ٻئي منهنجا ڪلاس فيلو به رهي چڪا هئا ۽ سياسي سٿ جا ساٿي به هئا۔ مان جڏهن ساڻن ملڻ ويندو هوس، ته مانواري رشيد ڀٽيء سان به هلڪي ڦلڪي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي، جو هو مونکي سڃاڻيندو هو ڪڏهن ڪڏهن مون کي بيٺو ڏسي چوندو هئو، ٻچا، جيسيتائين ٻئي لاٽ صاحب جا پٽ گهر کان نڪرن تيسيتائين ڪرسيء تي ويهه۔ پوء ڪجهه سوال جواب ڪري منهنجو ذهن ۽ سوچون ماپي، ڪجهه صلاحون ڏئي، وري ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويندو هئو۔ گهڻي ڊيگهه انڪري نه ٿيندي هئي ته، مان ننڍپڻ کان ئي گهٽ ڳالهائو هيس، ضروري ڳالهه ڪري، تفصيلي جواب جو انتظار ڪرڻ منهنجي سٺي يا خراب عادتن مان هڪ عادت هئي، جنهن جي پروڙ مون کي اڄ تائين پاڻ کي به پئجي ناهي سگهي ته اها عادت خراب هئي يا درست۔
اهو منهنجو نوجوانيء وارو دور هئو، انهيء وقت نه ته مونکي سماجي ڍانچي جي ڪا سڌ ٻڌ هئي، نه ئي علم ۽ ادب جي الف – ب کان واقفيت هئي، بس شروعاتي سياسي سيکڙاٽ هيس۔ مان جڏهن به ويس کيس المنار پريس جنهن جي ڀرسان سندس وڪالت واري آفيس به هئي، شام جو ان جي ٻاهر ڪرسيون وجهي، مختلف ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون ۽ بحث مباحثا ڪندي ڏٺو، جنهن ڏينهن ان سان ماڻهو نه هوندو هئو ته، ڪتاب پڙهندو هئو، مطلب مون ورلي کيس واندو ڏٺو۔ نوجوانيء مان نڪري جڏهن جوانيء ۾ داخل ٿيس ڪجهه سمجهه به آئي، تڏهن خبر پئي ته، هو رڳو وڪيل ۽ صحافي نه پر علمي، ادبي، فڪري، سماجي ۽ سياسي شخصيت به آهي۔ جڏهن مونکي ڪتابن جي پڙهڻ جو شوق ورايو ته، ٻين ترقي پسند اديبن سان گڏ هن جا ڪتاب پڙهڻ جو به موقعو مليو، تڏهن وڌيڪ ڄاڻ پئي ته رشيد ڀٽي ڪيڏي وڏي شخصيت جو مالڪ آهي۔
ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، اصل سنڌ جي تاريخي شهر ”اروڙ“ جيڪو هاڻي هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ شمار ٿئي ٿو، اتي 20 آگسٽ 1933ع تي ڄائو. هن جي والد محترم جو نالو حافظ عبدالحميد ڀٽي هئو، جيڪو به پنهنجي وقت جي وڏي نالي واري شخصيت هئو، جنهن جون اروڙ ۾ اڄ به علمي ۽ ديني خدمتون ڳايون وڃن ٿيون پر هو جڏهن سکر شهر ۾ لڏي آيو ته، ان جاگيراڻي پاڙي ۾ هڪ مسجد جوڙائي، جتي پاڙي جا ماڻهو نماز پڙهندا ۽ ٻار ديني تعليم به حاصل ڪندا هئا، جڏهن ته مسجد جي بلڪل سامهون ”المنار“ نالي پريس جو بنياد به وڌو، جيڪا منهنجي ڄاڻ مطابق شايد سکر شهر جي پهرين پريس هئي۔ اڄ ان پريس جي ڪهڙي صورتحال آهي مونکي ڪابه ڄاڻ ناهي۔ ها ايتري ڄاڻ اٿم ته مرحوم رشيد ڀٽيء جو سڀني کان ننڍو پٽ سچل ڀٽي وڪالت ڪري ٿو، پر وڏي وقت کان نه ان سان نه ئي ريٽائرڊ پروفيسر خالد ڀٽيء سان ملاقات ٿي سگهي آهي۔
مرحوم رشيد ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هڪ هئو، هو تنوير عباسيءَ کانپوءِ يارنهن سالن تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو. شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو. رشيد ڀٽي جن دوستن جي صحبت ۾ رهيو، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، غلام رباني آگرو، حميد سنڌي، عبدالواحد سنڌي، غلام محمد گرامي، نياز همايوني، شمس الدين شاھ، فتاح ملڪ، نبي بخش کوسو، فتح الله عثماني، عبدالڪريم گدائي، رڪن الدين قاسمي، ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ ٻيا شامل هئا۔ رشيد ڀٽي ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، کيس ڪو سياسي عهدو هيس يا نه مون کي وڌيڪ ڄاڻ ناهي، ها البته اها خبر ضرور آهي ته 1971ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ هن 9 مهينا جيل به ڪاٽيو. بعد ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطا الله مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشي ۽ ٻين سان گڏجي عوامي حقن لاءِ پنهنجي وت کان وڌيڪ جدوجهد ڪئي.
جڏهن ته سنڌ هاري ڪميٽيء ۾ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين. هو پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو. هن ڪجهه وقت لاء سکر لا ڪاليج ۾ اعزازي پروفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون، هو سکر جو ناميارو وڪيل هو. 1971ع ۾ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو۔1972ع ۾ سنڌي ٻولي، قومي ٻولي تحريڪ شروع ٿي ته، رشيد ڀٽي ان تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو۔ پنهنجي آخري وقت ۾ نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري، عوامي تحريڪ جو حصو بڻيو، جڏهن ته ايم. آر. ڊي جي جدوجهد ۾ سندس پوري خاندان جو وڏو ڪردار آهي. 1987ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو. هن جي فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي جديد ۽ سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو.
مرحوم رشيد ڀٽيء جي علمي ۽ ادبي پورهئي ۾ هونئن ته هن جي پهرين ڪهاڻي ”چوري“ 1951ع ڌاري هفتيوار روشني سکر ۾ ڇپي۔ جنهن کانپوء هن باقائده لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، دنيا جا عظيم افسانا، آڏي ڍال مَ ڍار، عاشق زهر پياڪ، رياست ۽ آزادي، آدرشي، پاڪستان جا پراڻا شهر، ديس ستا دل وارا جاڳيا، اوڀاريون لهواريون، سياري جي رات، سياسي مسئلن جو حل، سچ جو فلسفو، ڪميونسٽ پڌرنامو، چتر ليکا، وِيرين جي وسندي، سنڌ جا پراڻا شهر، ڀلاري ڀونءَ، پاپ ۽ پيڙا، باغي، جيءُ جياريو جن، جڏهن جهوڪ جهريو، بين الاقوامي انقلاب جو راههِ عمل، تضادن بابت، تصوف اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري ۽ هڪ انگريزي ڪتاب ‘Birth of a Great Poet (Kalhora Period 1700-1784). مطلب ته هن جا اٽڪل 26 ڪتاب ڇپيل آهن۔ جن ۾ ڪجهه انگريزي ۽ اردو ڪتابن جا ترجما، ڪجهه پنهنجا مضمون ۽ ڪهاڻيون، افسانه توڙي شاعريء جا ڪتاب شامل آهن، جنهن ۾ هن جا مزاحيه شاعريء جا ٻه مجموعا به شامل آهن۔
جڏهن ته انکانسواءِ رشيد ڀٽيءَ شيخ اياز جي ڪتاب ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ 118 صفحن جو شاهڪار مهاڳ لکيو، جنهن ۾ دنيا ۽ سنڌي ادب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪردارن ۽ شيخ اياز سميت ٻين ساٿين جي جدوجهد تي روشني وڌي آهي. اهڙيءَ طرح هن شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ تي 31 صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکي ڀڳت سنگهه ۽ ساٿين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو. سندس هي ٻئي مهاڳ سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا۔ رشيد ڀٽي اصل ۾، محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي کانپوءِ ٽيون اهو اديب ليکيو ويندو آهي، جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو جائزو وٺندي، اڀياس لکي سندس شاعراڻي عظمت کي ڀٽائيءَ کانپوءِ 20 صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني. هن لعل جوڻيجي جون لکيل يادگيريون ”انگلينڊ جا اڍائي سال“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو. ان سميت رشيد ڀٽيءَ جو ٻيو به کوڙ سارو قلمي پورهيو آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن جي موضوع تي هن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا.
منهنجي نظر ۾، هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هئو، هو هڪ بهترين وڪيل سان گڏ متحرڪ ۽ بي ڊپو سياسي اڳواڻ به هو علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سدائين پيش پيش رهيو، هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ بهترين مقرر به هئو، بحث مباحثن ۾ نواڻ سان ڀريل نقطا اٿاريندڙ، مزاحيه پيروڊي جو ماهر، ويٺي ويٺي ڪنهن به گاني جي نون خيالن ۽ جديد سوچن تي مبني گيت گهڙڻ جو وڏو ماسٽر هئو، هو سدائين سيريئس نه هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن مزاق جي موڊ ۾ ايندو هو ته، دوستن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هئو۔ مون پنهنجي زندگيء ۾ ايڏين خوبين وارا ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن۔ اصل ۾ ايترين سارين خوبين جا مالڪ ئي گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هوندا آهن۔
مرحوم رشيد ڀٽي بابت ناليواري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو چوڻ هئو ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کانپوءِ رشيد ڀٽي ئي پاڻ پتوڙيو آهي“. نالي واري اديب ۽ سندس ويجهي دوست غلام رباني آگري ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو ٻيو) ۾ رشيد ڀٽيءَ لاءِ لکيو آهي ته, ”رشيد ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب، ڪهاڻيڪار، مزاحيه نگار، سنڌ جو محب وطن ۽ مظلومن جو حمايتي هو، پر مون سان سندس هڪ ئي نسبت هئي، اها هيء ته رشيد ڀٽي منهنجو يار هئو“. نالي واري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب ڪنهن جاء تي لکيو آهي ته، ”عام زندگيءَ جيان سياسي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ناساز حالتن سان هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر لکڻين ۾ به هن اوليت پنهنجي نظرين کي ڏني جنهن ۾ ڦيرڦار آڻڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هئو“. ڊاڪٽر خليل انصاريءَ هڪ جاء تي لکيو آهي ”رشيد ڀٽي جديد ادب جي مهندارن جي اڳواڻ دستي جو جرنيل هو“ جڏهن ته شيخ اياز کي رشيد ڀٽيءَ جي وفات تي وڏو ذهني صدمو رسيو، جو هو سندس جگري دوست هئو. هن رشيد ڀٽيء جي ياد ۾ ڪيترائي بيت لکي کيس خراج پيش ڪيو آهي، سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان 16فيبروري 1988ع تي وفات ڪري ويو.
____________________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.




معروف ترقي پسند اديب رشيد ڀٽي جي متعلق بھترين مضمون.