سکوڙي راوڙي: ورھين کان انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي ھڪ ٻي امڙ جِندو
سکوڙي ھڪ اھڙي جيجل ماءُ آھي جيڪا سالن گذرڻ باوجود پنھنجي پٽ جي قاتلن کي معاف ڪرڻ جو نٿي سوچي، توڙي جو نہ سندس ڪا واھر آھي نہ وسيلا آھن.
سکوڙيءَ جي ڪکائين گھر کي باھيون ڏنيون ويون، لکين روپيا باسيا ويا تہ ڪيس تان ھٿ کڻي، پر پُٽ ملوڪ جي لاش کي سودي ۾ وڪڻڻ جي اجازت کيس نہ ضمير ڏني نہ دل ڏني.
سوشل ميڊيا تان کينل
باغي حنيف
ھي بدين جي سکوڙي راوڙي آھي ۽ ھيءَ سندس سچي درد ڪٿا آھي، جيڪا سکوڙي دنيا داريءَ جي ڳالھ ڪندي به پوڙھين اکين ۾ لڙڪ ڇلڪائي چپن جي سپ ۾ سڏڪا ڇاڻي وجھي ٿي ۽ روئندي رھي ٿي. توڙي جو سندس نالو سکوڙي آھي پر سک کائنس رسي ويا آھن، جنھن ۾ سکوڙيءَ سان ھي ٻه سندس يتيم پوٽڙيون گيتا ۽ انجلي پيرن اگهاڙن سان سندس ڇانوَ ۾ ھلن ٿيون.

سندس پٽ ملوڪ راوڙو سندس دل جي دنيا ۾ ھڪ اھڙي خوشيءَ جو ميلو ھو جنھن کان سواءِ سندس جيئڻ قبرن جي اڪيلائي جھڙو ٿي پيو آھي، پر پوء به جياپو کڻي جيئي پئي ته پنھنجي پٽ ملوڪ راوڙي جي قاتل نارو کي ڦاھيءَ تي ٽنگيل ڏسان جيڪو سندس جوان پٽ کي ھڪ بارات ۾ رڪشي تي گڏ وٺي ويو ۽ وري لاش کڻي گھر آيو ته ملوڪ کي اي سي ڪوچ ڌڪ ھڻي ماري ڇڏيو.
پر پيرسن اٻوجھ سکوڙي کي نہ سک آيو نہ يقين ٿيو ته ملوڪ کي ڪو ڪوچ ماريو آھي. ماءُ جي ھانوَ ۾ زمانن جون اڳڪٿيون پٽن جي ڏکن ۽ خوشين جا پير کڻنديون آھن. سکوڙي راوڙيءَ جو خوشين ڀريو گھر ھو. جيڪا ٽنڊي الهيار مير پور خاص ۾ انبن ليمن زيتونن ۽ ڄموئن جي باغن جا ٺيڪا کڻندي ھئي سا اجڙيل باغن وانگي پٽ ملوڪ جي موت کان پوء اجڙي وئي. سندس ھانوَ کي وڏو کاٽ ان وقت لڳو جڏھن سندس نُھن گُڏي پنھنجي معصوم نياڻين گيتا ۽ انجليءَ کي ڇڏي ان قاتل نارو سان به ان وقت ئي شادي جا ڦيرا ڏنا جڏھن ملوڪ راوڙي جي قبر جي مٽي سندس ماء سکوڙي جي اکين جيئن آلي پئي ھئي. پوءِ سندس امڙ سکوڙيءَ جو شڪ ان پڪ ۾ بدلجي ويو ته ملوڪ کي ماريو ئي گُڏيءَ جي آزادي لاءِ ويو آھي.
۽ پوءِ ھي اڻ پڙھيل اٻوجھ پيرسن ماءُ ڪلھي ۾ بگري پائي نڪري پئي. کيس ڪھڙي خبر تہ ڪيس ڇا ھوندا آھن، حد جي ٿاڻن تي قتل جا ڪيس ڪيئن داخل ڪرائبا آھن. ھيءَ پھرئين ڏينھن ھڪ ٽريفڪ سپاھيءَ وٽ وڃي چوڻ لڳي: منھنجي پٽ ملوڪ کي قتل ڪيو ويو آھي توھان نارو کي گرفتار ڪريو. ٽريفڪ سپاھي سکوڙيءَ کي چريو سمجھي توتليون وڄائيندو رھيو ۽ سکوڙي رلندي رلندي ھر ماڻھوءَ وٽ ملوڪ جي لاش جي انصاف جي ڳالھ ڪندي رھي، پر کيس سڀ چريو سمجھندا رھيا. جتي عقلمند انسانن کي لاش رکي ڌرڻا ھڻڻ کان پوء انصاف جي اميد جاڳندي آھي اتي چري بڻيل سکوڙي ڪيڏانھن وڃي. ايس پي کي درخواستون، ٿاڻن جا چڪر، ڇھ مھينن جو طويل سفر. سکوڙي ٻن صغير پوٽڙين سان ڏينھن جو ٿاڻا ۽ رات جو ملوڪ جي قبر تي حاضريون ڀريندي نيٺ ڪڙيو گھنور ٿاڻي تي ڪيس نمبر 113 جي ايف آء آر نارو ۽ ٻين جوابدارن تي داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سکوڙيءَ جي پٽ ملوڪ جون قبر ڪشائي ٿي جنھن ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪٽ آيا. خبر ناھي گھڻا سال ٿيا جو پاڪستاني قانون جي تاريخن تي رلندي ڪڏھن پريس ڪلبن تي رڙندي پنھنجو ۽ يتيم پوٽڙين جي بکئي پيٽ لاء پورھيا ڪندي رپئي رپئي جي نوٽن کي گڏ ڪري وڪيلن کي في ڏيندي سندس پٽ ملوڪ راوڙي جي قاتلن کي ڦاھي اچڻ وارا خواب ڏسندي روئندي رھي. جنھن قاتل سان ملوڪ جي حسين زال شريمتي گڏي شادي ڪري ڇڏي آھي، اھو ھن پوڙھي ماءُ لاء پل پل جو موت آھي ۽ پڪ آھي تہ گُڏيءَ جي حاصلات پويان سندس جوان پٽ ملوڪ کي قتل ڪيو ويو آھي.
سکوڙيءَ جي ڪکائين گھر کي باھيون ڏنيون ويون تہ جيئن ڪيس تان ھٿ کڻي، پوءِ کيس لکين روپيا باسيا ويا تہ ڪيس تان ھٿ کڻي. توڙي جو سندس پيٽ ۾ بک ھئي، کيس مانيءَ جي به ضرورت ھئي پر پٽ ملوڪ جي لاش کي سودي ۾ وڪڻڻ جي اجازت ھن وقت جي جيجل جندوءَ جي ٻئي روپ کي نہ ضمير ڏني نہ دل ڏني. سکوڙي بدين جي عدالت ۾ اڄ به تاريخن تي ايندي آھي. جج جو ريڊر ھڪ پني تي ڪيس جي شنوائي جي تاريخ لکي کيس ڏيندو آھي. اھو پنو ھر روز نئين سج جي صبح جو ماڻھن کان پڙھائي تاريخ جي پڪ ڪندي آھي تہ متان غير حاضري نہ ٿي وڃي. سندس اڪثر ٺڪاڻو سندس پٽ ملوڪ جي قبر آھي.
سکوڙي ھڪ اھڙي جيجل ماءُ آھي جيڪا سالن گذرڻ باوجود پنھنجي پٽ جي قاتلن کي معاف ڪرڻ جو نٿي سوچي، توڙي جو نہ سندس ڪا واھر آھي نہ وسيلا آھن.
سوچيان ٿو ماڻھو ڪيئن پنھنجي جگرن جي لاشن جا سودا ڪري لاش چٻاڙي کائي ويندا آھن . پر سوچيان ٿو امان جندو، اُمِ رباب ۽ سکوڙي راوڙيءَ جھڙيون مارويون روز روز ٿورئي ڄمنديون آھن .
ڪنھن به جيجل کان سندن پٽ نہ کسجو، جڏھن مائرن جون جهوليون قبرستان ٿي وينديون آھن ته اوھان سواءِ لاشن جي باقي ڪجھ به نہ رھندا آھيو.
_____________



