انور پيرزادو: بي ڊپو، نرالي لهجي وارو مقرر ۽ عوامي حقن جي وڪالت ڪندڙ لکاري
انور پيرزادي سمجھندو ھو تہ جيستائين انسان سياسي ۽ معاشي غلاميءَ مان آزاد نه ٿو ٿئي، تيسيتائين دنيا ۾ امن رڳو نعرو ئي رهندو ۽ ڪڏهن به حقيقت نه بڻجي سگهندو۔
حميد منگي ڪراچي
فطرت، جيڪا ازل کان پاڻ ته مختلف طاقتن سان وڏي مالا مال رهي آهي، پر ان جي ڪک مان جيڪي شيون پيدا ٿين ٿيون يا ان جي هنج ۾ پلن، وڌن ويجهن ٿيون، انهن ۾ به هوء وقت بوقت ننڍيون وڏيون طاقتون اوتيندي رهي ٿي۔ انهيء حوالي سان پاڻ ٿورڙو غور ڪنداسين ته، فطرت ۾ موجود هر ساهواري يا غير جاندار شين ڪنهن ۾ ٿورڙي ته ڪنهن ۾ تمام گهڻي طاقت ضرور نظر ايندي۔ پاڻ ڪول کان وٺي هاٿيء تائين نظر ڊوڙايون، پاڻيء جي ننڍن ڦڙن کان اوچن جبلن تائين جو اندازو لڳايون يا زمين جو سينو چيري پنهنجي وجود جو اعلان ڪندڙ، ننڍڙن ٻوٽن کانوٺي انسانن تائين جو جائزو وٺون ته، انهن سڀني شين ۾ طاقت ئي طاقت نظر ايندي۔ مطلب ته فطرت اندر جن به شين جو وجود پوندو يا قائم ٿيندو آهي، انهن ۾ هوء سندن گهاڙيٽي مطابق توڙي انهن جي سهپ آڌار مقرر مقدار ۾ پنهنجي طاقت ضرور اوتيندي رهي آهي۔

جڏهن ته فطرت ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور شئي جي جيڪڏهن ڳولها ڪبي ته، ذهن ڦري گهري انسان تي ئي اٽڪي بيهي رهندو، جنهن لاتعداد فطري ۽ غيرفطري مشڪلاتن يعني ٻوڏن، زلزلن، طوفانن، سخت موسمن جي عملن، رد عملن ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان نه رڳو صدين کان پنهنجو وجود بچائيندو آيو آهي، گڏوگڏ فطرت جي اڪثر وڏين طاقتن ۽ طاقتور شين تي هو حاوي ٿيڻ جي به ڪوشش ڪندو رهيو آهي۔ اڳ جو انسان جيڪو جيت جڻن کان ڊڄندو هئو، ان هاڻي شينهن، بازن کان ٿيندي واڳوئن ۽ ازدها بلائن تائين خطرناڪ ساهوارن کي چڙيا گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، هلندڙ دئور ۾ اهي سڀ خوفناڪ ساهوارا ان لاء ڄڻ ته معمولي جانور، پکي ۽ جيت جڻا ٿي پيا آهن۔ جڏهن ته انسان هاڻي موتمار موسمن سان به مقابلا ڪرڻ سکي ورتا آهن، جيڪو پاڻي ٻوڏن جي صورت ۾ انساني وستين کي تهس نهس ڪندو هئو، ان تي بند ٻڌي ۽ ڊيم ٺاهي پنهنجي وس ۾ ڪرڻ سان گڏ ٻيا وڌيڪ ايڏا وڏا ڪم ڪيا آهن جو انهن تي لکبو ته پنهنجو موضوع ئي مٽجي ويندو، انڪري پاڻ اڳتي ٿا وڌون۔
انسان رڳو ان تي بس نه ڪئي، پر اڳتي وڌي جڏهن ٻن ٽنگن تي بيهڻ ۽ هلڻ سکي پنهنجون ٻه ٻانهون آزاد ڪرايون ۽ انهن مان ڪم وٺڻ شروع ڪيا ته، هو اشرف المخلوقات ٿي پيو۔ هن ٻنهي هٿن مان هڪ طرف کاڌ خوراڪ ۽ روزي روٽيء جا ذريعا ڳولهي ڪڍيا ته، ٻئي پاسي عقل جي بنياد تي قلم ٺاهي، آڱرين ۾ ڦاسائي، علم جهڙي عظيم تخليق پيدا ڪري، پاڻ جهڙن انسانن جون تقديرون ئي تبديل ڪري ڇڏيون۔ علمي اڏاوت کان پوء پهرين مرحلي ۾ هن خواب ڏٺا ۽ انهن جي تعبيرن جون پڇائون ڪندو رهيو، ٻي مرحلي ۾ پنهنجا ننڍا ننڍا خيال سرجيا، اڳتي هلي سوچن کي اڻيندي مختلف ٻولين ۾ نظرين، فڪرن، فلسفن ۽ ادبن جا بنياد وڌا، جن کانپوء انهن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، اڄ هو پنهنجن ئي ڪمن تي پاڻ حيران آهي۔ بهرحال پنهنجو موضوع هي به ناهي، ان ڪري اڃان ٿورو اڳڀرا ٿيون ٿا۔

انسان پنهنجو پهريون گڏيل سفر ڪٽنب کان شروع ڪيو، اڳتي هلي ٽولن ۾ ورهائجي ويو، اتان نڪري ڪجهه صدين تائين نسلي متڀيد جو شڪار ٿيو، اهڙا سفر ڪندي ڪندي، ڪڏهن هو مذهبي ٿيو، ڪڏهن فرقيواريت ۾ ڦاٿو، بعد ۾ بد مغز بادشاهتن مان جان ڇڏائيندو، آمريت پسنديء مان پير ٻاهر ڪڍي، سرمائيداراڻي نظام جو شڪار ٿيو، انهيء سموري سفر ۾ انسان کي ايترا ته تجربا ٿي چڪا هئا، جو هو پهريون ڀيرو حقيقت پسند ٿي سوچڻ لڳو۔ انهيء دوران اڻويهين صديء ۾ مارڪس ۽ اينجلس پوري انسانذات جي ترجماني ڪندي، ڪميونزم جي نالي هڪ لچڪدار نظريو پيش ڪيو، جنهن ۾ انسانن جي اڪثر مسئلن جا حل ڏنل هئا، انهيء بنياد تي ويهين صدي ۾ پوري دنيا جدوجهد ڪندي نظر آئي۔ نتيجي ۾ ساڳي صديء ۾ اٽڪل ٻن ڊزن کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪميونزم نافذ ٿي چڪو هئو۔ جڏهن ته انکانسواء پوري دنيا ۾ ننڍيون وڏيون جدوجهدون ۽ هلچلون شروع ٿيون، جنهن جا اثر اسان جي ملڪ جي سياست ۽ ادب تي به پيا۔ انور پيرزادو، انهيء پنڌ جي شروعاتي پانڌيئڙن مان هڪ هئو۔
انور پيرزادو، سياست، ادب ۽ صحافت ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت جو نالو آهي۔ هن نه صرف صاف سٿري، عوامي ۽ ترقي پسند سياست لاء پنهنجي پوري زندگي ارپي پر، شعور تي ٻڌل لکڻين سان سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ به هڪ خاص سڃاڻپ قائم ڪئي۔ انور پيرزادي جي تحريڪن ۽ تحريرن مان سياسي حالتن تي هڪ گهري سوچ ملي ٿي۔ هو ڳنڀير موضوعن کي به عام پڙهندڙن لاءِ آسان انداز سان پيش ڪندي نظر اچي ٿو۔ هن جيڪي به لکڻيون لکيون، انهن ۾ عوامي بحث مباحثن کي جنم ڏنو۔ هن سڄي زندگي ادب کي سماجي تبديليءَ جو اوزار سمجهي لکيو۔ انور پيرزادي جي عمل، علم ۽ قلم جو مقصد وندر نه هئو، پر پيڙهيل ۽ ڏتڙيل عوام ۾ نئين سوچ پيدا ڪرڻ، سوالن ۽ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ وارو رهيو۔ هن زندگيء جي آخري گهڙين تائين سياست توڙي ادب کي “غيرجانبدار” نه، پر ذميوار ۽ باخبر عوامي ذريعو سمجهي لکيو به ۽ ماڻهن کي سمجهايو به۔ سندس خيالن، سوچن ۽ لکڻين مان مون جيڪا ڳالهه سمجهي آهي، اها هيء آهي ته، جيڪا لکڻي، سياست يا صحافت ناانصافين تي چپ رهي ٿي، اها سواء بي حسيء جي ٻيو ڪجهه به ناهي۔
انور پيرزادو سڌو، بي ڊپو ۽ نرالي لهجي وارو مقرر ۽ لکاري هئو، جيڪو تاريخي حوالن سان وقت جي حالتن جو تجزيو ڪندي، ڏاڍ تي ٻڌل مڙني نظامن تي تنقيد ۽ عوامي حقن جي وڪالت ڪندڙ هئو، هو پنهنجن پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي رڳو معلومات نه ڏيندو هئو، پر فڪري اوچ نيچ کان واقف به ڪندو هئو، ان جي اها سوچ اڳتي هلي، اسان جهڙن اٻوجهه ڪارڪنن لاء وڏي ذهني تبديليءَ جو بنياد بڻي۔ انور پيرزادي جي سياسي ڪچهرين ۾ اظهار خيال جو انداز توڙي علمي، ادبي ۽ صحافتي لکڻين جو اسلوب سادو ته هئو پر، گهرو به هئو، عوامي به هئو ته فڪري سوچن سان ٽمٽار به هئو، هو عوامي اهنجن کي ڏسي جذباتي به ٿيندو هئو پر، ان جون اڪثر ڳالهيون دليلن سان ڀرپور به هونديون هيون، اهو به سچ آهي ته، هو ڏکين سياسي اصطلاحن کي اهڙي نموني سان بيان ڪندو يا لکندو هئو، جو عام ماڻهو يا پڙهندڙ به ڳالهه جلدي سمجهي وٺندو هئو۔ انور پيرزادو، اسان کي انهن اڳواڻن ۽ ليکڪن جي قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، جن ادب کي جدوجهد سان جوڙيو، قلم کي هٿيار بڻايو ۽ ڪنهن به ظلم تي خاموشيءَ کي سراسر ڏوهه سمجهيو۔
هن سياست، ادب ۽ صحافت جي جديديت ۾ رڳو لفظن جا واهڙ نه وهايا، پر پيڙهيل عوام جي اجتماعي ضمير جو ترجمان به بڻيو۔ هو اهڙو ليکڪ ٿي رهيو، جنهن ادب کي عشق، محبت ۽ ذهني تفريح بدران شعور ۽ سوال جو وسيلو بڻايو۔ هن جي سمورين لکڻين جو جيڪڏهن ڳوڙهو ويچار ڪبو ته، ان جا ٻه مرڪز نظر ايندا، انهن مان هڪ انسان ۽ ٻي ڌرتي۔ هو سمجهندو هئو ته جيستائين انسان سياسي ۽ معاشي غلاميءَ مان آزاد نه ٿو ٿئي، تيسيتائين دنيا ۾ امن رڳو نعرو ئي رهندو ۽ ڪڏهن به حقيقت نه بڻجي سگهندو۔ انڪري سندس تقريرون ۽ تحريرون امن ۽ انصاف کان الڳ نه هيون۔ هو ان خيال جو به وڏو حامي رهيو ته، “غيرجانبداراڻي سياست ڪرڻ يا ادب سرجڻ، معني ظالم جي حق ۾ بيهڻ برابر آهي۔” انهيء سوچ تحت ئي هو پنهنجي لکڻين ۾ ادب کي سماج سان ڳنڍيندي نظر اچي ٿو۔ هن جون سموريون ڳالهيون يا لکڻيون، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ غلاميءَ خلاف واضح موقف رکندڙ آهن۔ هو پنهنجي لکڻين ۾ پڙهندڙن کي صرف صورتحال کان واقف نه ٿو ڪري، پر ماڻهن کي لڳاتار سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ پنهنجي موقف تي اٽل بيهڻ تي به مجبور ڪري ٿو۔ هن لفظن کي ڪڏهن به جملن جي سينگار لاءِ استعمال ۾ نه آندو، پر انهن کي انساني ضمير جاڳائڻ لاءِ استعمال ڪندو رهيو۔ ان ڪري سندس ڳالهيون هجن يا لکڻيون رڳو ٻڌيون ۽ پڙهيون نه ويون، پر هينئين سان هنڊايون ۽ محسوس به ڪيون ويون۔ ان جو وڏو ثبوت اڄ پاڻ گڏ ٿي ان کي ساريون به ٿا ۽ کيس ڳايون به ٿا۔
ان جي سار دوران پاڻ ان جي علمي، ادبي ۽ صحافتي تخليقن جو ذڪر نه ڪنداسين ته، هي مضمون يا مقالو اڌورو لڳندو، ان ڪري اچو ته هن جي پورهئي تي نظر وجهون۔انور پيرزادي جي زندگي، جيڪا 25 جنوري 1945ع کان شروع ٿي، 7 جنوري 2007ع تي ختم ٿئي ٿي۔ انهيء لڳ ڀڳ 62 سالن جي عرصي ۾ هن جيڪي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون انجام ڏنيون، انهن ۾ هن ٻارنهن عدد سنڌي ڪتاب لکيا، جن جا نالا هن ريت آهن، پڻ جهڻ، انٽرويوز ۽ تقريرون، مهين جو دڙو، ڀٽائي، تاريخ مونکي بيڏوهي قرار ڏيندي، بمبئي ياترا، اي چنڊ ڀٽائيء کي چئجانء، سنڌ، متان وساريو، انور پيرزادي جون ڪهاڻيون، تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن ۽ جديد سنڌي ادب شامل آهن۔ جڏهن ته هڪ اردو ڪتاب ”دریا سندہ کے ساتھ ساتھ“ ۽ پڻ ڏهه کن انگريزيء جا ننڍا وڏا ڪتاب شامل آهن۔
سنڌي ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب جڳ مشهور ترقي پسند اڳواڻ ڪيوبا جي فيڊل ڪاسترو جي ڪورٽ ۾ اها تقرير ترجمو ٿيل آهي، جنهن سامراجي ملڪن جي ماڻهن جا ڇرڪ ڪڍي ڇڏيا هئا۔ سندس ٻين ڪتابن مان هڪ ڪتاب (شاعري)جو، هڪ ڪتاب (ڪهاڻيون) جو، هڪ ڪتاب (ڀيٽا) بابت ۽ هڪ ڪتاب ۾ کائنس ورتل انٽرويوز ۽ ڪيل تقريرون آهن، جن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته، هو ڪيڏو نه گهڻ رخو اديب هئو، جڏهن ته هن جا باقي سڀئي ڪتاب ڪالمن ۽ مضمونن جا اٿس۔ مضمون منهنجي نظر ۾ اها صنف آهي، جنهن ۾ حقيقت پسندي وڌيڪ ۽ تعريف توڙي تنقيد جو عنصر تمام گهٽ يعني نه هجڻ جي برابر هوندو آهي، جيڪڏهن مضمونن ۾ ڪنهن حوالي سان ڪي تعريفي ۽ تنقيدي جملا هوندا به آهن ته، انهن بابت دليل ڏنل هوندا آهن۔ ڪجهه ڪتابن جي پڙهڻ سان اها به ڄاڻ ملي ٿي ته، انور پيرزادي جا سمورا ڪتاب ان جي زندگيء ۾ ڇپجي نه سگهيا هئا، جيڪي هن جي وڇوڙي کانپوء ڇپايا ويا، لازمي طور تي انهن بعد ۾ ڇپيل ڪتابن تي انور پيرزادي صاحب پاڻ آخري نظر نه وڌي هوندي۔

انور پيرزادي علمي ۽ ادبي پورهئي کانسواء صحافت کي به چڱو خاصو وقت ڏنو، هن جن اخبارن ۾ ڪم ڪيو انهن ۾ ”هلال پاڪستان“، ”عوامي آواز“، ”سنڌ سجاڳ“ کانسواء انگريزي اخبار ”ڊان“ ۽ ”اسٽار“ به شامل آهن انهيء سلسلي ۾ سندس هڪ انگريزيء جو ڪتاب به آهي، جنهن ۾ سندس چونڊ ايڊيٽوريل شامل آهن۔ انور پيرزادي بابت کوج لڳائڻ سان اها ڳالهه به معلوم ٿئي ٿي ته، هو سنڌ جي آثار قديمه ۾ به خاص دلچسپي رکندو هئو، انهيء حوالي سان سندس بدر ابڙو، ايم ايڇ پنهور ۽ حاڪم علي شاهه بخاري سان گهڻي ويجهڙائي نظر اچي ٿي۔ ڪجهه ڪتابن ۾ انور پيرزادي جو شيخ اياز ۽ سوڀي گيان چنداڻي سان ملاقاتن جو به ذڪر ملي ٿو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو هو ڪيڏي نه وڏي سطح جو ماڻهو هئو۔
اڄ جڏهن پاڻ انور پيرزادي جي ورسيء ۾ گڏ ٿيا آهيون ته، مون کي ايئن محسوس ٿو ٿئي ڄڻ هو اسان سان گڏ ويٺو آهي ۽ اسانکي گڏ ڏسي، نه رڳو سرهو ٿو ٿئي پر، اهو به چوي ٿو، ”ڌرتيء تي امن تڏهن قائم ٿيندو، جڏهن عوامي سطح تي انسان پاڻ جهڙي انسان کي انسان سمجهڻ لڳندو، سمورا طبقاتي نظام ڊهي پٽ ٿي پوندا ۽ عالمي طور تي سمورين قومن کي برابريء جو درجو ڏنو ويندو“۔ مان ته ايترو به چوندس ته، انور پيرزادي پنهنجي سياسي فڪر، ادبي ۽ صحافتي پورهئي کي عالمي علم، ادب، سياست ۽ صحافت سان جوڙيندي گذاري ۽ هو ڄڻ ته ان ڳانڍاپي جي هڪ مضبوط ڪڙي هئو، جيڪا ڪڙي اڄ اسان ۾ جسماني طور موجود ناهي، پر ان جو فڪر ۽ فلسفو ضرور موجود آهي، ان جا خواب ۽ خيال به اسان سان گڏ آهن، هن جا منزل ڏانهن ڏس پتا به موجود آهن ۽ پڻ اسين ان جا ڪارڪن به جيئرا ويٺا آهيون۔ اچو ته ان جي فڪر، فلسفي، خوابن ۽ خيالن کي ساڻ ڪري، هو سڄي عمر جنهن راهه جو راهي ٿي رهيو، ان تي گڏجي هلون۔ پاڻ هن جي وئي کان پوء جيتوڻيڪ هڪٻئي کان ٿورڙا وٿيرڪا ٿي ويا آهيون، پر هڪ ڀيرو وري گڏجي به سگهجي ٿو۔
دنيا جي مختلف ملڪن جي کوڙ سارين عوامي جدوجهدن، ڪوششن ۽ تحريڪن ثابت ڪيو آهي ته، اصل ۾ منزلون ڏور ناهن هونديون، البته پانڌيئڙن ۾ ڪي گهٽ وڌايون ٿي سگهن ٿيون۔ انور پيرزادي جي وڇوڙي ۽ وئي کان پوء، جيڪڏهن پاڻ ۾ ڪي گهٽ وڌايون يا کوٽون پيدا ٿي پيون آهن، اچو ته انهن کان پنهنجا پاند آجا ڪرايون ۽ ان جي ڏسيل واٽ ڏانهن ٻيهر سفر شروع ڪيون۔ اهڙي عمل سان ئي پاڻ، انور پيرزادي کي درست نموني سان خراج عقيدت پيش ڪري سگهون ٿا۔
______________

انور پيرزادي جي ورسيءَ واري تقريب ۾ حميد منگيءَ ھيءَ تقرير پڙھي




Mashallah…
LajawaaB Buht Umdaaah..