Editor's pickMain Slideثقافتدنياڏکڻ ايشيا

دنيا جي 45 کان وڌيڪ ملڪن ۽ 150 شھرن ۾ سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو

سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر مظھر لاکي سمورا تفصيل گڏ ڪري پنھنجي فيس بُڪ وال تي انھن سمورن ملڪن ۽ شھرن جا نالا لکيا آھن جتي سنڌي ثقافتي ميلا مچايا ويا.

ڪراچي، سنڌ

 اڄ ستين ڊسمبر 2025 تي دنيا جي 45 ملڪن ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شھرن ۽ علائقن ۾ سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو جنھن کي ايڪتا ڏينھن بہ سڏيو وڃي ٿو. انھيءَ ڏينھن تي سنڌين جي مختلف تنظيمن ثقافتي پروگرام ڪوٺايا ۽ جلوس ڪڍيا جن ۾ لکين سنڌي اجرڪ، ٽوپيون ۽ ثقافتي لباس پائي شريڪ ٿيا.

آمريڪا ۾ رھندڙ، سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر مظھر لاکي سمورا تفصيل گڏ ڪري پنھنجي فيس بُڪ وال تي انھن سمورن ملڪن ۽ شھرن جا نالا لکيا آھن جتي سنڌي ثقافتي ميلا مچايا ويا. سندس رپورٽ موجب ھيٺين ملڪن ۾ سنڌي ثقافتي ميلن جا رنگ رچايا ويا:

پاڪستان ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت سمورا ننڍا وڌا شھر، لاھور، اسلام آباد، راولپنڊي، ڪوئٽا، پشاور. انڊيا جا شھر ممبئي، پُونا، اُلھاس نگر، احمد آباد، ودودرا (بڙودا)، سُورت، جئپور، جوڌپور، اجمير، ڀوپال، اندور، ناگپور، نئين دھلي، چنديڳڙھ، چناءِ، حيدرآباد دکن، بنگلور، ڪلڪتو، لکنو، رائپور، رانچي، گانڌيڌام، ڪڇ جو علائقو (ڀُڄ ۽ مانڊوي).

آمريڪا جي شھرن ھيوسٽن (ٽيڪساس)، ڊلاس (ٽيڪساس)، شڪاگو، نيويارڪ، واشنگٽن، سئن فرانسسڪو، سان ڊيگو، فوئنڪس، ائٽلانٽا، سيئٽل، بوسٽن ۽  نيوجرسيءَ جا شھر.     

ڪئناڊا: ٽورنٽو، مِسيساگا، برمپٽن، اوٽاوا، مونٽريال، وينڪوئر، گالگيري، ايڊمونٽن ۽ وِنپيگ.   

يونائيٽيڊ ڪنگڊم: لنڊن، برمنگھم، مانچيسٽر، لِيڊس، ليستر، گلاسگو.  

آسٽريليا: سڊني، ميلبرن، پرٿ، برسبين، ايڊيليڊ ۽ ڪينبرا.

نيوزيلينڊ: آڪلينڊ. ويلنگٽن، ڪرسچرچ.

گڏيل عرب امارتون: دُبئي، شارجا، ابو ظھبي، عجمان.

اومان، مسقط، بحرين مناما، سعودي عرب جا شھر رياض، جدہ، دمام، دوحا (قطر)، ملائيشيا جا شھر ڪوالالمپور، پينانگ، جوھور باھرو، سنگاپور، انڦونيشيا جا شھر جڪارتا، بالي، فلپائين جي گادي منيلا، ويٽنام جي گادي ھوچي منھ سٽي، چين جا مختلف شھرن گانگزو، شنگھائي، بيجنگ ۽ ھانگ ڪانگ. ڏکڻ آفريقا جا شھر جوھانسبرگ، ڊربن، ڪيپ ٽائون، جرمنيءَ جا شھر برلن، فرينڪفرٽ، ميونخ، ھيمبرگ، فرانس جي گادي پئرس، اٽليءَ جا شھر ميلان، روم، اسپين جا شھر بارسيلونا ۽ ميڊرڊ، سويڊن جي گادي اسٽاڪھوم، نيدرلينڊس جا شھر ايمسٽرڊم ۽ روٽرڊم، ڊينمارڪ جو شھر ڪوپنھيگن، بيلجيم جو شھر برسيلز، سئزرلينڊ جا شھر جنيوا ۽ زيورچ.

 ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ ۽ شھر: ارجنٽائن (بيونس آئرس)، برازيل (سائو پائولو ۽ ريو ڊي جنيرو)، چلي (سانتياگو). روس جا شھر ماسڪو ۽ سينٽ پيٽرسبرگ، جپان جا شھر ٽوڪيو ۽ اوساڪا. ڪينيا جا شھر نيروبي ۽ ممباسا. تنزانيا جا شھر دارالسلام ۽ زنجبار.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. Hats off to Doctor Lakho Saheb for collecting data and sharing with us.wonderful by Editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button