Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

گووا کان ڪياماڙيءَ تائين: گووا جا عيسائي جن ڪراچيءَ جي زندگيءَ ۾ رنگ ڀريا

ماضيءَ ۾ ڪراچي هڪ اهڙو گھڻ ثقافتي شهر هو جتي سڄي دنيا جا هنرمند، سماج سڌارڪ ۽ امن پسند انسان ڇڪجي هليا ايندا هئا. انهن ئي قديم ۽ معزز برادرين مان هڪ “گوون ڪميونٽي” هئي، جنهن ڪراچيءَ کي هڪ پٺتي پيل ساحلي وسنديءَ مان کڻي برصغير جو سڀ کان صاف سٿرو، پڙهيل لکيل ۽ متحرڪ جديد شهر بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. تاريخي ثبوت ٻڌائين ٿا ته برطانوي قبضي (1839ع) کان اڳ، يعني گھٽ ۾ گھٽ چار سال اڳ 1835ع کان ئي ڪراچيءَ ۾ گوون برادريءَ جا شروعاتي نشان ملن ٿا، جڏهن ڪجهه مھم پسند ۽ واپاري بمبئي جي رستي هن ٽالپر دور جي ساحلي وسنديءَ ۾ قدم رکي چڪا هئا.

ڪراچي گوون ائسوسيئيشن جي ورھاڱي کان گھڻو اڳ قائم ڪيل ڪلب

ليکڪ ابراهيم صالح محمد

ڪنهن به شهر جو روح ان جي ڪنڪريٽ جي ڍانچن، آسمان کي ڇُھندڙ عمارتن يا ڪشادين سڙڪن  سان نہ، بلڪ انهن انسانن ۽ برادرين جي دم قدم سان ساهه کڻندو آهي جيڪي پنهنجي رَت ست سان ان جي ڪينواس تي تهذيب ۽ تمدن جا رنگ وکيرن ٿا. اڄوڪي ڪراچي، جيڪا مسئلن جي انبار ۽ ڪنڪريٽ جي جهنگل ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، ماضيءَ ۾ هڪ اهڙو گھڻ ثقافتي شهر هو جتي سڄي دنيا جا هنرمند، سماج سڌارڪ ۽ امن پسند انسان ڇڪجي هليا ايندا هئا. انهن ئي قديم ۽ معزز برادرين مان هڪ “گوون ڪميونٽي” هئي، جنهن ڪراچيءَ کي هڪ پٺتي پيل ساحلي وسنديءَ مان کڻي برصغير جو سڀ کان صاف سٿرو، پڙهيل لکيل ۽ متحرڪ جديد شهر بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھيءُ انھيءَ مهذب ۽ وضع دار برادريءَ جي تاريخ، عروج ۽ پوءِ هجرت جي ان المئي جو داستان آهي، جنهن جي ذڪر کانسواءِ ڪراچي جي تاريخ  اڻپوري رھندي.

هن داستان جي شروعات اڻويهين صدي جي پهرين اڌ ۾ ٿئي ٿي، جڏهن لزبن، گووا ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ هڪ غير معمولي نوآبادياتي ٽڪنڊو جنم وٺي رهيو هو. عام طور سمجهيو ويندو آهي ته گوون برادري انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هتي آباد ٿي، پر تاريخي ثبوت ٻڌائين ٿا ته برطانوي قبضي (1839ع) کان اڳ، يعني گھٽ ۾ گھٽ چار سال اڳ 1835ع کان ئي اسان کي ڪراچيءَ ۾ گوون برادريءَ جا شروعاتي نشان ملن ٿا، جڏهن ڪجهه مھم پسند ۽ واپاري بمبئي جي رستي هن ٽالپر دور جي ساحلي وسنديءَ ۾ قدم رکي چڪا هئا. بھرحال، 1850ع واري ڏهاڪي دوران جڏهن برطانوي راڄ سنڌ کي فتح ڪري ڪراچيءَ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي ماتحت هڪ بين الاقوامي تجارتي ۽ فوجي مرڪز بنائڻ شروع ڪيو، ته انهن جي اچڻ ۾ باقاعدي تيزي آئي.

ڪراچيءَ جون گوون ناريون

انگريزن کي هڪ اهڙي افرادي قوت جي ضرورت هئي جيڪا انگريزي ٻوليءَ کان واقف هجي، دفتري نظم و ضبط کي سمجهندي هجي ۽ وفادار هجي. ٻئي طرف، پورچوگيز نوآبادي گووا ۾ رومن ڪيٿولڪ عيسائيت قبول ڪندڙ مقامي آباديءَ وٽ مغربي رهڻي سھڻي ۽ انگريزيءَ جي مهارت ته هئي، پر اتي معاشي موقعا انتهائي محدود هئا. تنهنڪري، گووا جا اهي هنرمند عيسائي بحري جهازن جي ذريعي ڪراچي اچڻ شروع ٿيا. انگريزن لاءِ اها برادري هڪ بهترين چونڊ ثابت ٿي ۽ وقت سان گڏوگڏ انهن ئي ماڻهن شهر جي دفتري، تعليمي ۽ سماجي نظام  جي ذميوارين کي سنڀالي ورتو. هندستان جي ورهاڱي وقت 1947ع ۾ ڪراچي ۾ سندن انگ پندرهن هزارن جي لڳ ڀڳ هو، جن صدر، گارڊن ۽ پاڪستان چوڪ جهڙن مرڪزي علائقن کي پنهنجو مسڪن بڻايو.

گوون برادري جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ سندن تعليمي نظام، صحت، موسيقي ۽ راندين جي ميدان ۾ غير معمولي خدمتون هيون. انهن وٽ تعليم جي شرح  سئو سيڪڙو هئي ۽ هو تعليم کي دنيا جي سڀ کان وڏي دولت سمجهندا هئا. اهو ئي سبب ھو جو سندن قائم ڪيل يا زيرِ انتظام هلندڙ مشنري ادارن قائد اعظم محمد علي جناح سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي نسلن جي ڪردار سازي ڪئي. سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج، جتي جي پرنسپلز ۽ استادن جي اڪثريت گوون هئي، شهر ۾ علم جا سڀ کان وڏا ڳڙهه بڻجي ويا. اهڙي طرح سينٽ جوزف ڪنوينٽ اسڪول ۽ ڪاليج، ڪنوينٽ آف جيسس اينڊ ميري، سينٽ لارينس گرلز اسڪول ۽ سينٽ پائولس انگلش هاءِ اسڪول جهڙن ادارن نه صرف علم ورهايو بلڪ هڪ اهڙو مهذب طبقو پيدا ڪيو جنهن اڳتي هلي ملڪ جي بئنڪن، ريلوي ۽ سول سروسز ۾ اعليٰ ترين انتظامي عهدا سنڀاليا. انهن اسڪولن ۾ گوون پادرين ۽ راهبائن جي سخت پر شفيق تعليمي نظام شهر جي گڏيل ثقافت کي هڪ خاص حياتي بخشي.

تعليم سان گڏوگڏ، گوون عورتن ڪراچيءَ جي ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ جيڪو انقلاب برپا ڪيو، اهو پنهنجو مثال پاڻ هو. ان دور ۾ جڏهن مقامي خاندانن ۾ عورتن جو گهرن مان نڪرڻ عيب سمجهيو ويندو هو، گوون برادري پنهنجي عورتن کي ملازمت جي مڪمل آزادي ڏني ۽ حوصلي افزائي ڪئي. پنهنجي شاندار انگريزي، ٽائپنگ، شارٽ هينڊ جي پيشيور تربيت ۽ بين الاقوامي آداب  جي ڪري اهي عورتون پرڏيهي سفارتخانن، ايئر لائنز، بئنڪن ۽ وڏن ڪارپوريٽ ادارن ۾ ايگزيڪيوٽو سيڪريٽريز ۽ ايڊمنسٽريٽو اسسٽنٽس جي طور تي لازمي بڻجي ويون. سندن دفتري رک رکاءُ ۽ ديانتداري ڪراچي جي ڪاروباري ماحول کي هڪ مغربي رنگ ۽ پيشيور وقار عطا ڪيو.

ڪراچيءَ ۾ ان دور جي طبي منظرنامي تي نظر وجهون ته صحت ۽ طب جو شعبو به هن برادري کانسواءِ اڌورو نظر اچي ٿو. 1948ع ۾ سولجر بازار ۾ قائم ٿيندڙ هولي فيملي هسپتال ڪراچي جي معتبر ترين ادارن ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن کي هلائڻ ۽ مريضن جي بي لوث سار سنڀال ۾ گوون ڊاڪٽرن ۽ نرسن جو ڪردار مُکيہ رهيو. ڊاڪٽر ميري بريگنزا، ڊاڪٽر هيزل مسڪيٽا جهڙين نامور معالجن ڏهاڪن تائين انسانيت جي خدمت ڪئي. حڪومتِ پاڪستان پاران 2002ع ۾ قومي اعزاز حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر هرمي نيگلڊ ڊراگو ۽ سينٽ لارينس چرچ ڪمپائونڊ ۾ غريبن جو مفت علاج ڪندڙ ڊاڪٽر فلپا ڊراگو طب کي تجارت جي بجاءِ عبادت بڻائي ڇڏيو. ان کان به وڌيڪ، گوون عورتن نرسنگ ۽ مڊوائفري (دائپي) جهڙن شعبن کي اپنائي ان کي هڪ انتهائي معزز ۽ پيشيور مقام ڏياريو، ۽ هولي فيملي نرسنگ اسڪول جي ذريعي ڪيترين ئي مقامي عورتن کي ان مقدس پيشي جي جديد تربيت فراهم ڪئي.

ڪراچيءَ کي “روشنين جو شهر” بنائڻ ۽ ان جي شاندار نائيٽ لائيف، لائيو ميوزڪ ۽ تفريحي ڪلب ڪلچر جا اصل معمار به اهي ئي گوون فنڪار هئا. 1940ع واري ڏهاڪي کان وٺي 1970ع واري ڏهاڪي تائين، صدر ۽ ايم اي جناح روڊ جي آس پاس واقع ميٽروپول هوٽل، بيچ لگزري، پيلس هوٽل ۽ تاج محل جهڙن نائيٽ ڪلبن ۾ گوون بينڊز راڄ ڪندا هئا. انهن ڪراچيءَ جي اشرافيه ۽ عام شهرين کي جاز (Jazz)، سوئنگ (Swing) ۽ پاپ ميوزڪ سان متعارف ڪرايو ‘The In-Crowd’ جهڙي مقبول ترين جاز بينڊ جي قيادت ڪندڙ نورمن ڊيسوزا، ‘The Talismen’، ‘The Keynotes’ ۽ ملوڪ سيڪسوفون پليئر ايلڪس روڊريگز جون ڌنون ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا هئا. اهي فنڪار صرف ڪلبن تائين محدود نه هئا، بلڪ ماسٽر نيسٽر، فيلڪس ڪارڊوزو ۽ ڪواڊروس برادرز جهڙن موسيقارن پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستاني فلمن جي پسِ پرده موسيقي ۾ وائلن، پيانو ۽ ٽرمپيٽ جهڙا مغربي ساز شامل ڪري قومي موسيقي کي جديد خطن تي استوار ڪيو. بال روم ڊانسنگ، والٽز ۽ مغربي طرز جي ٿيٽر ۽ اوپيرا جو بنياد رکي انهن شهر کي هڪ اهڙو کليل، گھڻ ثقافتي ۽ سيڪيولر ماحول ڏنو جتي هر نسل ۽ مذهب جو انسان ساهه کڻندو هو.

جيڪڏهن اسان ڪراچي جي لائف لائن يعني ان جي بندرگاهه جو ذڪر ڪريون، ته برطانوي راڄ ۾ جڏهن 1843ع کانپوءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ  جو ڍانچو تيار ٿيو، ته ان ڍانچي کي ڪاميابي سان هلائڻ جي پٺيان به گوون برادري جي ذهني ۽ پيشيور صلاحيتون ڪارفرما هيون. ڪي پي ٽي  جي هيڊ آفيس جي تاريخي عمارت هجي يا ڪسٽمز هائوس، چيف ڪلرڪ، اڪائونٽنٽس ۽ لاجسٽڪس مينيجرز جي عهدن تي گوون آفيسر پنهنجي ديانتداري ۽ برطانوي بيوروڪريسي کي سمجهڻ جي صلاحيت جي ڪري لازمي هئا. ڪياماڙي جي وسندي، جيڪا بندرگاهه جي دل آهي، اتي گوون برادري جي هڪ وڏي ۽ سرگرم آبادي مقيم هئي، جن جو پنهنجو سينٽ جيگوز چرچ ۽ سماجي ڪلب هئا. بحري انجنيئرنگ کان وٺي بين الاقوامي مسافر بردار بحري جهازن تي مغربي مسافرن لاءِ ڪيٽرنگ ۽ مھمان نوازي جي معاملن تائين، گوون برادريءَ ڪراچي کي برصغير جو سڀ کان وڏو اناج برآمد ڪندڙ پورٽ بنائڻ ۾ مُکيہ ڪردار ادا ڪيو.

راندين جي ميدان ۾ به هن برادري پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو. جان پرمل، جيڪو 1964ع کان 1974ع تائين مسلسل پاڪستان جو سڀ کان تيز ترين انسان (Fastest Man) رهيو ۽ جنهن 1972ع جي ميونخ اولمپڪس ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي، انهي ڪراچي جي صدر جي گهٽين جي پيداوار هو. هن برادريءَ پاڪستان کي اولمپڪ ليول جا هاڪي رانديگر ۽ قومي ائٿليٽس ڏنا. نوجوانن کي سماجي برائين کان پري رکڻ لاءِ انهن اسپورٽس ڪلب قائم ڪيا ۽ صدر ۾ واقع تاريخي ڪراچي گووا ايسوسي ايشن (KGA) هال ۽ گوون جمخاني تحت فٽبال ۽ ڪرڪيٽ جا اهڙا ٽورنامنٽ منعقد ڪرايا جن ۾ شهر جا نوجوان بنا مذهبي متڀيد جي حصو وٺندا هئا.

گوون برادري جون سياسي ۽ بلدياتي خدمتون به تاريخ جو هڪ روشن باب آهن. 1945ع کان 1946ع  دوران هن برادري جو اڳواڻ مينول روزاريو مسڪيٽا (Manuel Misquita) ڪراچي جو ميئر چونڊيو ويو، ۽ سندس دور ۾ ڪراچي کي برصغير جو سڀ کان صاف سٿرو ۽ ماڊل شهر قرار ڏنو ويو. سندن خانداني ڪاروبار “مسڪيٽا بيڪري” صدر جو هڪ مشهور لينڊ مارڪ هو. اهڙي ئي طرح، برصغير ۾ “ڪوآپريٽو هائوسنگ” جو پهريون ڪامياب تجربو ڪندڙ سنسيناٽس فابين ڊي ائبريو 1908ع ۾ ڪراچي جي پهرين منصوبه بندي ڪيل هائوسنگ سوسائٽي قائم ڪئي، جنهن کي سندس نالي تي “سنسيناٽس ٽائون” ‘Cincinnatus Town’ چيو ويو ۽ جيڪو اڄ گارڊن ايسٽ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان جو مقصد وچولي طبقي جي ملازمن کي سستا، هوادار ۽ باغيچن وارا گھر فراهم ڪرڻ هو. تعميرات جي شعبي ۾ جيروم ڊي سلوا ورهاڱي کانپوءِ رهائشي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مسلم ڀائيوار سان گڏجي مشهور “حسين ڊي سلوا ٽائون” ٺاهيو. جڏهن ته سينٽ پيٽرڪس مان پڙهيل فرينڪ ڊي سوزا برطانوي راڄ ۾ انڊين ريلوي بورڊ جو پهريون مقامي ميمبر بڻيو. انهن ئي شخصيتن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري برٽو روڊ، پيڊرو ڊي سوزا روڊ ۽ ڊي سلوا اسٽريٽ جهڙا نالا اڄ به ڪراچي جي نقشي تي نقش آهن.

سندن گفتگوءَ جو انداز ۽ لهجو به هڪ منفرد ثقافتي سڃاڻپ هئي. سندن اصل مادري ٻولي ڪونڪني هئي، جنهن تي گووا جي 450 سالا پرتگالي راڄ جي ڪري پرتگالي ٻولي جا گهرا اثر هئا. هو ان کي رومي رسم الخط ۾ لکندا هئا، پر ڪراچي اچڻ کانپوءِ انگريزي سندن پهرين ۽ بنيادي ٻولي بڻجي وئي. سندن انگريزي جو معيار برطانوي تلفظ جي تمام ويجهو هوندو هو، تنهن هوندي به گفتگو دوران سندن هڪ مخصوص، مٺو ۽ گائڪي جهڙو انداز هوندو هو، جنهن ۾ پرتگالي اثرن جي ڪري ‘T’ ۽ ‘D’ جا اکر تمام نرمي سان ادا ڪيا ويندا هئا، ۽ جملن جي وچ ۾ پيار مان “Men” يا “Baba” جو تڪيو ڪلام استعمال ٿيندو هو. ڪراچي جي ماحول ۾ ڍلجڻ کانپوءِ هنن اردو به سکي، ۽ سندن مخصوص لهجي ۾ اردو ڳالهائڻ ٻڌندڙن کي مٺڙو لڳندو هو.

مذهبي عقيدن جي معاملي ۾ اها برادري سئو سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ عيسائي هئي ۽ گووا ۾ مقيم پنهنجي سرپرست بزرگ سينٽ فرانسس زيوير سان گهري عقيدت رکندي هئي. صدر جو شاندار سينٽ پيٽرڪس ڪيٿيڊرل ۽ گارڊن ايسٽ جو منفرد مغليہ طرزِ تعمير  جو شاهڪار سينٽ لارينس چرچ سندن مذهبي زندگي جا مرڪز هئا. آچر جي ڏينهن ڪوٽ پينٽ ۽ روايتي گائون پائي سنڊي ماس (Sunday Mass) ۾ شرڪت ڪرڻ، ۽ ڪرسمس يا ايسٽر تي روايتي گوون ڪيڪ ۽ مٺايون (جهڙوڪ ببنڪا ۽ ڊوڊول) ورهائڻ سندن روايت هئي. پنهنجي عقيدي ۾ پختو هجڻ جي باوجود هو بين المذاهب رواداري جو اعليٰ نمونو هئا. سندن سماجي مرڪز KGA هال، جيڪو 1886ع ۾ قائم ٿيو، ان جو ڊيزائن هنن ڪراچي جي مشهور يھودي ماهرِ تعميرات موسيٰ سوميڪ (Moses Somake) کان ٺھرائي هڪ خوبصورت علامت قائم ڪئي. آگسٽ 1947ع جي خوني فسادن وقت گوون برادري شهر ۾ مسلم ۽ هندو برادرين جي وچ ۾ امن جي پل بڻجڻ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هندستان مان ايندڙ لکين مهاجرن لاءِ پنهنجن اسڪولن جا دروازا کولي انهن لاءِ ڪيمپن، خوراڪ ۽ طبي امداد جو انتظام ڪيو. قائد اعظم محمد علي جناح پاڻ هن برادري جي ديانتداري جو مڃيندڙ هو ۽ محترمه فاطمه جناح جي قريبي حلقي ۽ سماجي ڪمن ۾ گوون عورتون هميشه اڳڀريون رهنديون هيون.

پر افسوس، 1970ع واري ڏهاڪي کانپوءِ ڪراچي جو اهو شاندار ۽ پرامن رنگ آهستي آهستي ميسارجڻ لڳو. ملڪ جي بدلجندڙ سياسي ۽ ثقافتي حالتن، نائيٽ لائيف ۽ تفريحي ڪلبن تي پابندين سندن روايتي لائف اسٽائل کي متاثر ڪيو. رهيل ڪسر 1972ع ۾ مشنري تعليمي ادارن کي قوميائڻ (Nationalization) جي پاليسي پوري ڪري ڇڏي، جنهن سان نه صرف سندن تعليمي اثر رسوخ ختم ٿيو بلڪ سندن روزگار جو سڀ کان وڏو ذريعو به کسيو ويو. بعد ۾ 1980ع ۽ 1990ع وارن ڏهاڪن ۾ ڪراچي جي حالتن ۽ معاشي عدم استحڪام جي ڪري هن برادري جي نوجوان نسل ڪينيڊا (خصوصاً ٽورنٽو)، آسٽريليا، برطانيه ۽ آمريڪا جو رخ ڪيو، جتي کين سندن اعليٰ تعليم ۽ انگريزيءَ جي ڪري آساني سان شهريت ملي وئي.

هاڻي يعني 2026ع ۾، ڪنهن دور ۾ پندرهن هزار ماڻهن تي مشتمل اها متحرڪ برادري گھٽجي صرف چند سئو خاندانن يا اٽڪل ٻن کان ٽن هزارن ماڻهن تائين محدود رهجي وئي آهي. انهن ۾ هاڻي وڏي عمر جي بزرگن جي اڪثريت آهي جيڪي گارڊن ايسٽ ۽ صدر جي پنهنجي آبائي، پُراڻن بنگلن ۽ فليٽن ۾ ماضي جي يادن جي سهاري زندگي گذاري رهيا آهن. جيڪي چند خاندان باقي آهن، اهي هاڻي به ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ تعليمي ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ٿي اشرافيه جو درجو رکن ٿا. ڪي جي اي (KGA) هال ۽ گوون جمخانو هاڻي به سرگرم آهن، پر اتي ماضي جهڙي گهما گهمي ۽ جاز موسيقي جون ڌنون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، ۽ انهن ڪلبن جي بقا لاءِ هاڻي ٻين برادرين کي به شامل ڪيو ويندو آهي. گرجائن ۾ به هاڻي ٻيون مقامي عيسائي برادريون وڌيڪ نظر اچن ٿيون. ڪراچي جي گوون برادري هاڻي هجرت جي ڪوھيڙي ۾ گم ٿي وئي آهي، پر صدر جون پراڻيون عمارتون، سڙڪن جا ڪتبا ۽ شهر جو تعليمي توڙي بلدياتي ڍانچو اڄ به چئي رهيو آهي ته هن شهر کي خوبصورت بنائڻ وارا اصل معمار ڪير هئا. ڪراچي جي تاريخ سندن ذڪر کانسواءِ هميشه اڻپوري رهندي.

____________________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button