نوان صوبا: آئيني گهرجون ۽ سنڌ لاءِ پيدا ٿيل انومان! سنڌ جي وحدت خلاف سازش
پاڪستان نالي وفاق بنيادي طور تي چئن صوبن جي تخليق ڪيل معاهدي جو نالو آهي ۽ ڪنهن به هڪ يونٽ ۾ بنيادي تبديلي سڄي وفاق کي لوڏي ڇڏيندي ۽ پورو وفاق ڌڙام سان اچي پَٽ پوندو.
سنڌ هڪ تاريخي وطن رهندو پئي آيو آهي ۽ هيءَ هڪ عظيم قومي وحدت آهي. سنڌي هڪ قوم آهن ۽ هو پنهنجو تاريخي حقِ خوداختياري جو حق رکن ٿا
سنڌ جي قومي تاريخ ۽ قومي وحدت جو تصور سنڌين جي نفسيات ۽ تحت الشعور ۾ هڪ اهم ۽ مرڪزي حيثيت رکي ٿوتنھنڪري سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازش کي سنڌي پنهنجي وجود تي هڪ وار سمجهي رهيا آهن
سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلو (تيرھن سال اڳ جو ليک)
بئريسٽر غلام مصطفيٰ مهيسر
ڪجهه هفتا اڳ جڏهن سرائيڪي ۽ هزاره جي صوبن جي قيام لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ويهون ترميمي بل پيش ڪيو ويو ته هتان جي لساني ڌرين کي پنهنجي مطالعي هيٺ رکندڙ سنڌي ساڃاهه وندن هڪ ڀيرو ٻيهر سوچڻ شروع ڪيو ته هيءُ اوچتو ئي اوچتو هنن همراهن کي وري مظلوم سرائيڪن ۽ هزاره علائقي ۾ رهندڙ هندڪو ڳالهائيندڙ آباديءَ سان وري ڪهڙي همدردي جاڳي پئي آهي، جو مڙس صفا هٿن مان نڪريو بيٺا آهن؟

مگر جيئن هميشه ٿيندو آهي، هن ڀيري به ٻلي ترت ئي پنهنجي ٿيلهيءَ مان نڪري آئي، جڏهن متحده اڳواڻ حيدر عباس رضوي اهو بيان ڏنو ته، ان بل جو اطلاق چئني صوبن جي حدبندين کي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ سان آهي، يعني چئني صوبن کي ڪٽي سٽي نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا.
ٿيلهيءَ مان نڪتل انهيءَ ٻليءَ سنڌ جي فهم ۽ شعور جي ڀنڀور کي باهه ڏئي ڇڏي آهي ۽ سڄي سنڌ تشويش ۾ وٺجي وئي آهي. جيئن ته هيءَ تازي شرارت ۽ چالاڪي پڪڙجي پئي آهي، جنهن ويهين ترميم پيش ڪندڙن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو آهي، مگر پوءِ به متحده ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 239 جي ذيلي شق (4) ۾ ترميمي بل کي نوچي رهي آهي.
ايم ڪيو ايم سنڌ بابت ڇا سوچي رهي آهي؟ اها ڳالهه سمجهڻ ڪڏهن به ڪو ڏکيو ڪم نه رهيو آهي، ڇو ته ان جا ڪجهه ٺوس ۽ واضح سبب آهن. متحده جيترو ڳالهائيندي آهي، ان مان ايترو ته واضح ٿي ويندو آهي ته ان جون ڪي به ڳالهيون راز نه رهنديون آهن ۽ اگر ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪو شخص ان جي ايجنڊا ۽ مقصدن کي سمجهڻ ۾ ڪنهن قسم جي ابهام ۽ غير يقينيءَ جو شڪار آهي ته ان شخص ۾ فهم ۽ فراست جي ڪمزوري هوندي. ٻيو تہ ان ۾ خود متحده جو عمل دخل آهي، ڇو ته هي پارٽي ايترو ته ڳالهائيندي آهي، جو ڳالهين جو هڪ پورو سمنڊ تخليق ٿي ويندو آهي ۽ اتي ئي ڪمزور فهم رکندڙ ماڻهن لاءِ مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي، ڇو ته سمنڊ ۾ بيهي رخ يا طرف جو تعين ڪرڻ هڪ انتهائي ڏکيو عمل آهي.
ان جو مثال انهيءَ بيان ۾ آهي، جيڪو الطاف حسين ويهون ترميمي بل پيش ڪرڻ وقت جاري ڪيو هو ته، سنڌ ناقابلِ تقسيم آهي ۽ متحده سنڌ جو ورهاڱو نٿي چاهي. بيان ائين هو، جيئن 2003ع ۾ عراق تي حملي ۽ قبضي ڪرڻ وقت آمريڪي صدر جارج بش چيو هو ته آمريڪا عراق کي آزاد ڪرائڻ وڃي رهيو آهي.يا اڪبر خان بگٽي ۽ بالاچ مري جي قتل وقت جنرل پرويز مشرف چيو هو ته، حڪومت بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي .
ان قسم جون قوتون جڏهن مظلومن خلاف ڪا وڏي ڪارروائي ڪنديون آهن ته ان کي لڪائڻ لاءِ ڪارروائيءَ جي بلڪل برعڪس ڳالهائينديون آهن. ماري ۽ پوءِ ماتم ڪرڻ هنن جي سياست جو پهريون اصول هوندو آهي. اهڙين قوتن جي سوچ کي آسانيءَ سان سمجهڻ سبب انهن جي مزاج جي سطحيت ۽ کوکلو هجڻ آهي.
متحده جيڪي به رٿون کڻي ايندي آهي، اهي هتان جي اڪثريت کان هضم ٿيڻ جهڙيون ناهن هونديون. ٻيو ته ٺهيو، پر خود اردو ڳالهائيندڙ آبادي به اڪثر ڪري متحده جي رٿن جي آجيان ناهي ڪندي. جيئن ويهين ترميمي بل جي خود اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي اڪثريت وٽ قبوليت ڪونهي.
هاڻي اچو ته ٿورو پاڪستان جي آئين جي مطالعي جو سوليءَ سنڌيءَ ۾ ڇيد ڪريون. پاڪستان جي آئين جي حصي يارهين ۾ آرٽيڪل 238 ۽ 239 جو ذڪر ملي ٿو. آرٽيڪل 238 آئين ۾ ترميم لاءِ پارليامينٽ کي اجازت ۽ اختيار ڏئي ٿو ۽ وري آرٽيڪل 239 ۾ آئين ۾ ترميم بابت طريقيڪار واضح ٿيل آهي. جنهن جون وري ڇهه ذيلي شقون آهن. صوبن جي حدن ۾ ڦير گهير جو تعلق ذيلي شق نمبر 4 سان آهي ۽ ان جو طريقيڪار ڏنل آهي. هن شق ۾ اهو چيل آهي ته، ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ”ڦير گهير“ متعلق ڪو به بل توثيق ڪرڻ لاءِ صدر کي نٿو موڪلي سگهجي، جيسيتائين ان صوبي جي اسيمبلي اهڙو بل ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان پاس نه ڪيو هجي! مگر انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم ڇا آهي؟ انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته:
(1) ڪو به ڌار صوبو وجود ۾ نٿو اچي سگهي.
(2) البته صوبن جي حدن ۾ روايتي ۽ معمولي ڦير گهير ڪري سگهجي ٿي.
يعني ڪنهن به صوبي جا ڪجهه حصا ٻئي صوبي ۾ ضم ڪري سگهجن ٿا، وغيره وغيره. جيئن بلوچستان جا پشتون حصا خيبر پختونخوا ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا،
بلوچستان جا سنڌي حصا سنڌ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا يا پنجاب جا بلوچ علائقا بلوچستان ۾ شامل ته ڪري سگهجن ٿا، مگر ان کان علاوه ٻي ڪا به هٿ چراند نٿي ڪري سگهجي.
(3) آرٽيڪل 239 جو وري دائره ڪار به محدود آهي، يعني ان ۾ ڪا به اهڙي ترميم نٿي ڪري سگهجي، جنهن جي ڪري وفاق جي بنيادي ڍانچي ۽ جوڙجڪ ۾ ڪا وڏي ردوبدل يا ڏڦيڙ پيدا ٿئي.
واضح رهي ته پاڪستان نالي وفاق بنيادي طور تي چئن صوبن جي تخليق ڪيل معاهدي جو نالو آهي ۽ ڪنهن به هڪ يونٽ ۾ بنيادي تبديلي سڄي وفاق کي لوڏي ڇڏيندي ۽ پورو وفاق ڌڙام سان اچي پَٽ پوندو. تنهن ڪري پارليامينٽ کي ترميم ڪرڻ جي لامحدود آزادي ڏنل نه آهي، جو مورڳو ملڪ جي بنيادي خد و خالن جو تاڃي پيٽو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي وڃي. نوان صوبا ٺاهڻ پاڪستان جي وفاق جي بنيادي خدو خالن سان هڪ خطرناڪ قسم جي شر انگيزي آهي.
(4) اهو پاڪستان جو تسليم ٿيل قانون آهي ته جيڪڏهن ڪا به ترميم پاڪستان جي بنيادي خدو خالن سان ٽڪراءَ ۾ اچي ٿي ۽ انهن سان مناسبت نه ٿي رکي ته ان ترميم جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي، ڇو ته اهو اختيار خود پارليامينٽ وٽ به نه آهي ته اها پاڪستان جي آئين جي بنيادي خدو خال سان هٿ چراند ڪري يا ان کي تهس نهس ڪري.
متحده جو ويهون ترميم بل دراصل آئين جي خدو خالن سان هڪ خطرناڪ هٿ چراند آهي ۽ اهو هڪ سنگين جرم آهي.
(5) پاڪستان جي اعليٰ عدالتن کي اهي اختيار مليل آهن ۽ اها انهن جي فرض ۽ ذميواريءَ ۾ شامل آهي ته هو ڪنهن به قانون يا ترميم کي رد ڪري سگهن ٿيون. اگر هنن جي نظر ۾ اهڙو قانون ۽ ترميم پاڪستان جي بنيادي خدو خالن سان ٽڪراءَ ۾ اچي ٿيو.
واضح رهي ته برطانيه جي ابتڙ پاڪستان جو آئين آمريڪي وفاق وانگر آهي، جتي پارليامينٽ جي اختيارن کي محدود ڪيو ويو آهي ۽ اعليٰ عدالتن کي وڌيڪ طاقتور ڪيو ويو آهي. طاقت جي ان توازن جي پٺيان اها سوچ آهي ته وفاق ۾ جيئن ته هڪ صوبي جي اڪثريت آهي، انهيءَ لاءِ پارليامينٽ کي لامحدود اختيار نٿا ڏئي سگهجن، ڇو ته ان سان وفاق نه هلي سگهندو.
برطانيا ۾ پارليامينٽ کي لامحدود اختيار مليل آهن، ڇو ته برطانيا ڪو وفاق نه آهي ۽ هو هڪ وحداني رياست (Unitary state) آهي.
سنڌ هڪ تاريخي وطن رهندو پئي آيو آهي ۽ هيءَ هڪ عظيم قومي وحدت آهي. سنڌي هڪ قوم آهن ۽ هو پنهنجو تاريخي حقِ خوداختياري جو حق رکن ٿا. انهيءَ حق جو استعمال ڪندي سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي ۽ ان اعتبار سان سنڌ پاڪستان جي خالق آهي. سنڌ جي قومي تاريخ ۽ قومي وحدت جو تصور سنڌين جي نفسيات ۽ تحت الشعور ۾ هڪ اهم ۽ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، جنهن ڪري سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازش کي سنڌي پنهنجي وجود تي هڪ وار سمجهي رهيا آهن، ليڪن ڇا متحده کي ان ڳالهه جو ڪو احساس آهي؟ بدقسمتيءَ سان ان سوال جو جواب ”نه“ ۾ آهي.
پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ جيڪا لڏپلاڻ ٿي، حالانڪه ان لڏپلاڻ جو ڪنهن به تاريخي ۽ قانوني دستاويز ۾ ڪو به ذڪر ڪو نه هيو، پر خوشقسمتيءَ سان هينئر سنڌ مختلف آهي. سنڌي متحده جي مقابلي ۾ وڌيڪ متحد ۽ طاقتور آهن، سنڌين جي طاقت جو راز انهيءَ ۾ آهي ته هينئر هو جاڳيل آهن. ڀاڳئي جو جاڳيل هجڻ ئي هن جي طاقت ۽ توانائي جو دليل هوندو آهي ۽ ٻيو ته هو سنڌ جي وحدت بابت ڪنهن به قسم جا ٻه رايا نه ٿا رکن. ٽيون ته خود اهي قوتن ۾ هاڻي اهو پراڻو دم ۽ خم به نه رهيو آهي.
سنڌين سان سڌي مقابلي ۾ اچي وجود جو تتر تيزيءَ سان اڏائيندڙ اهي قوتون پنهنجي ”جوڀن“ جا ڏينهن خيرن سان گذاري چڪيون آهن ۽ هاڻي هو عالمي ۽ ڏيهي اسٽيبلشمينٽ جي رحم و ڪرم تي پنهنجي حياتي جا باقي ڏينهڙا گذاري رهيون آهن، پر چوندا آهن ته
Old habits die hard
يعني پراڻيون عادتون مشڪل سان ختم ٿينديون آهن. اهڙي طرح اهي قوتون به آئين جي آرٽيڪل 239 جي ذيلي شق (4) سان ترميمي بل جي چڻنگ ٻاري پنهنجي پراڻي ”ٻاڙ“ پوري ڪري رهيون آهن.
مرزا غالب ئي ته چيو هو:
هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دم نڪلي،
بهت نڪلي ميري ارمان ليڪن پهر بهي ڪم نڪلي!
هي ڪو ڀوڳ نه آهي، جو ڪنهن کل ۾ ٽاريو وڃي، پر هن وقت هڪ ڀوائتي صورتحال آهي. برصغير جي جنهن خطي ۾ پاڻ رهون پيا، اهو تيزيءَ سان هڪ فيصلا ڪن صورتحال سان دوچار ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي. پوري ايشيا کنڊ جي مستقبل بابت وڏين ۽ عالمي طاقتن ڇا کچڻي تيار ڪئي آهي، انهيءَ جي ڪجهه ”چانورن“ جي خوشبوءِ توهان آمريڪي پاليسين ۾ سنگهي سگهو ٿا، جيڪي هن خطي ۾ نروار ٿي رهيون آهن. تنهن ڪري مُشتري هوشيار باش!
ڌريان ئي ڌاريا مٽ مئيءَ جا نه ٿيا،
مندي ڏيرن مند ۾ آئون کليو کيڪاريان،
صبح ٿي ساريان،
ته اٺ نه اوطاقن ۾!
____________________



