Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سنڌياڻين رياستي ڏاڍ آڏو جھڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان

آئيني ترميمن ۽ سنڌ مخالف رٿائن کي رد ڪريون ٿا. سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي 500 ڪارڪنن مٿان حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪرڻ حڪمرانن جي بُزدليءَ جو ثبوت آھي: سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ  

21 ڊسمبر تي عوامي تحريڪ جي لاڙڪاڻي شهر ۾ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ قبيلائي نظام خلاف اعلانيل احتجاجي ريليءَ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي

حيدرآباد، سنڌ

سنڌياڻي تحريڪ سمورين سنڌ دشمن رٿائن ۽ آئيني ترميمن کي رد ڪندي پُرامن جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي تہ  21 ڊسمبر تي عوامي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي شهر ۾ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ قبيلائي نظام خلاف اعلانيل احتجاجي ريليءَ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.

ياد رھي تہ گذريل آچر ڏينهن سنڌياڻي تحريڪ جي هزارين عورتن ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ملڪ دشمن 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، ڪارو ڪاري ۽ جاگيرداري نظام خلاف حيدرآباد ۾ سٽي گيٽ کان وٺي پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو، جنهن ۾ ٻار، نياڻيون ۽ ٻڍا به شامل هئا.

هيءَ 27هين آئيني ترميم خلاف سڄي ملڪ ۾ ٿيل پهريون وڏو ۽ منظم احتجاج هو، جنهن ۾ هزارين سنڌياڻين  شرڪت ڪئي.

سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي اڳواڻ سڀاني ڏاهري، حسنه راهوجو ۽ ڊاڪٽر آمنہ راحيل حيدرآباد پريس ڪلب ۾ اربع ڏينھن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ  26هين ۽ 27هين آئيني ترميم نه رڳو ملڪ جي عدليه ۽ آئين تي حملو آهي پر بنيادي انساني حقن لاءِ زهر قاتل آهي. جنهن قانون لاءِ دعوى ڪئي ويندي هئي ته قانون سڀني لاءِ برابر هوندو، ان دعوى کي حڪمرانن پنهنجن پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو آهي. 27هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ جي عام شهرين لاءِ هڪڙو قانون ۽ مخصوص ماڻهن لاءِ ٻيو قانون ٺاهيو ويو آهي. حڪمرانن پنهنجي ڦرلٽ، ذاتي ۽ گروهي مفادن، مها ڪرپشن ۽ ڏوهن جي سزائن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي ڪيسن کان ڇوٽ ڏياري آهي، جيڪا بنيادي انساني حقن، عالمي اصولن، اخلاقي قدرن، شهري برابري ۽ انصاف تي ٻڌل نظام جي سنگين توهين آهي.

هڪ طرف ملڪ ۾ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن، سياسي ۽ سماجي ڌرين جا احتجاج جاري آهن ته ٻي طرف ان دوران حڪمرانن جا بيان شروع ٿي ويا آهن ته 28هين آئيني ترميم به آندي ويندي، جنهن ذريعي ملڪ ۾ 12 نوان صوبا ٺاهڻ، بلدياتي نظام کي بدلائڻ، اين ايف سي ايواڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ ۽ ٻيون خطرناڪ ترميمون شامل آهن. ”اسان سمجهون ٿا ته حڪمران اقتدار جي بدمست هاٿيءَ تي سوار آهن ۽ انهن لاءِ بنيادي انساني حق، برابري وارو وفاقي نظام، آئين، عدالتون ۽ قومن جا حق ڪا اهميت نٿا رکن. انهن لاءِ صرف ڪرسي ۽ طاقت اهم آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڪرائڻ لاءِ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ تيار آه،“ ھنن چيو.

ھنن چيو تہ تاريخ شاهد آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ ۽ سنڌي عوام سان مسلسل غداري ڪئي آهي ۽ سنڌ کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچايو آهي. ڌاڙيل واهه چسشمه ۽ تونسا لنڪ ڪينال ڪڍائڻ، بلوچستان تي چڙهائي ڪري بلوچن جو خون وهائڻ، ڊي پي آر ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي جيلن ۾ وجهڻ، سنڌ تي ٻٽو بلدياتي نظام مڙهڻ، ٻيٽ وڪرو ڪرڻ، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقارآباد، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن کي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ، ڇهن نون ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ، ايس آئي ايف سي، پيڪا ايڪٽ، اينٽي ٽيررزم ايڪٽ ۽ ٻيا ڪارا قانون ٺاهڻ، رشوت عيوض نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ ڪرپشن جا وڏا اسڪينڊل، هي سڀ ڪارناما پيپلز پارٽي جي حڪمرانن جا آهن. ان کان سواءِ پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين حوالي ڪري رهي آهي.

سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿ وٺي چوٽ چاڙهيو ويو آهي. سنڌ جي ڪنهن به شهري کي ڪوبه جاني ۽ مالي تحفظ نه آهي. ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. ڌاڙيلن کي نيٽو جا هٿيار وڪرو ڪيا وڃن ٿا ۽ سنڌ جي ڪچي کي نيٽو جي هٿيارن جي منڊي بڻايو ويو آهي. قبيلائي نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي ۽ ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاهي وڏيرن، جاگيردارن ۽ قبيلائي سردارن حوالي ڪيون ويون آهن. ضلعن جا ايس ايس پي قبيلائي سردارن جي مرضي ۽ فرمائش تي مقرر ڪيا وڃن ٿا. عورتن کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو، سڱ چٽي ۽ اغوائن کان وٺي ماڻهن جي جيئڻ مرڻ جا فيصلا به قبيلائي سردار ڪن ٿا.

ھنن چيو تہ اسان سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي هزارين ڪارڪنن حيدرآباد ۾ پر امن احتجاجي مارچ ڪيو ته پيپلز پارٽي جي سرڪار عوامي تحريڪ جي قيادت ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي 500 ڀينرن تي قلم 144 جي ڀڄڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 500 ماڻهن ريلي ڪڍي ۽ پوليس کي ڏسي ريلي وارا سنهين ۽ سوڙهين گهٽين ۾ ڀڃي ويا. ”اسان سنڌ سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان پنج سئو نه پر ڏهه هزار سنڌياڻي تحريڪ جون ڀيرون مارچ ۾ شامل هيوسين. پوليس اسان جي ريلي کي بار بار روڪڻ جي ڪئي پر اسان جون بهادر ڀينرون ۽ ڀائر پنهنجي منزل طرف وڌندا رهيا. 144 هڪ بيٺڪيت ۽ آمراڻو قانون آهي، بادشاهي ۽ شهنشاهي نظام جي علامت آهي جنهن جو مقصد عوامي آواز کي دٻائڻ ۽ عوام کي احتجاج جي آئيني حق کان محروم ڪرڻ آهي. سنڌ جو باشعور عوام اهڙي زبردستي، ڌمڪائي ۽ خاموش ڪرائڻ واري ڪاري قانون کي نه اڳ قبول ڪيو آهي ۽ نه هاڻي ڪندو. سنڌ جي حڪمرانن بزدلي جو مظاهرو ڪندي ڪيس داخل ڪيو آهي.“

ھنن چيو تہ اسان پيپلز پارٽي جي قيادت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اوهان ڀلي ڪوڙا ڪيس ٺاهيو، ڀلي جيلن ۾ وجهو، ڀلي پوليس هٿان تشدد ڪرايو، پر اسان جي پُرامن جمهوري جدوجهد جاري رهندي. ڪارن قانون ذريعي لاقانونيت کي قانون ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ جي ورهاڱي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪينالن ۽ قبيلائي نظام کي ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اسان ڪوڙن ڪيسن کان نه ڊڄڻ وارا آهيون ۽ نه جهڪڻ وارا آهيون. اسان جنرل ايوب جي مارشل لا جو مقابلو ڪيو، جنرل ضياءَ جي ڏاڍ ۽ جبر کي للڪاريو، جنرل پرويز مشرف جي غرور، تڪبر ۽ لاقانونيت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ اڄ به اوهان جي تڪبر، غرور، ڏاڍ، جبر ۽ ڪارن قانونن جو سنڌياڻي تحريڪ مقابلو ڪندي.

سنڌياڻي تحريڪ اعلان ڪيو ته 21 ڊسمبر تي عوامي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي شهر ۾ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ قبيلائي نظام خلاف اعلانيل احتجاجي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي. ان کان سواءِ سنڌياڻي تحريڪ گهر گهر وڃي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندي، سجاڳي مهم هلائيندي، مٿي ڄاڻايل ملڪ ۽ سنڌ دشمن منصوبن کان عوام کي آگاهه ڪندي. (پريس رليز)

__________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button