Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سرڳواسي ڪشنچند خوبچنداڻي ۽ سنڌ جي ساھتي شھر ڀرين جي پيڙن جي ياد  

ڀرين جي پيڙن جو معيار ۽ سواد اھڙو ھو جو ان تي شرط ھڻبي ھئي ته پيڙو کائڻ سان واڇُن مان کير ڳڙي نه نڪتو ته اھو ڀريا جو پيڙو ئي ڪونه چئبو“، شري ڪشنچند اھڙي انداز سان ٻڌايو ھو ڄڻ ته ڀرين جا کير پيڙا سندس اکين آڏو تري آيا ھجن.

ڀريا اڳي ننڍڙي وسندي ھئي ۽ تاريخ جا گھڻا ئي لاھا چاڙھا ڏٺا ھئائين. انھن لاھن چاڙھن جي ڪري ڀريا بابت ڪي چوڻيون به مشھور ھيون.4 دادا ڪشنچند اھڙي ھڪ چوڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. ”اسان سنان ڪندي وڏن کان ٻُڌل چوڻي ”ڀريا ڀِت تان ڪِريا، گڏھه ڏني ھِينگ ته ڀريا ٿِي ڀِينگ“ پيا ڳائيندا ھئاسين.“

نصير اعجاز

ھندستان جي گجرات رياست جي گادي احمدآباد ۾ رھندڙناليوارو اديب ۽ شاعر ڪشنچند ايسرداس خوبچنداڻي سال سوا اڳ لاڏاڻو ڪري ويو،  پر ڇھ ست ورھيہ اڳ ساڻس فون تي ڳالھائيندي مونکي محسوس ٿيو ھو ڄڻ مان ٽائيم مشين ذريعي ماضيءَ ۾ وڃي ورھاڱي کان اڳ واري ڀريا گھمي رھيو آھيان ۽ ان وقت جي ڪنھن ڪردار سان ملي رھيو آھيان.

مونکي ساھتي پرڳڻي جي تاريخي شھر ڀريا جي پراڻن ڪردارن جي ڳولا ڪندي احمدآباد ۾ رھندڙ سنڌياڻي ادي ھِينا ھِير اڳناڻيءَ جو نمبر ھٿ آيو ھو، جنھن جو نه رُڳو والد ڀڳوان نردوش سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو اديب ھو پر پاڻ به ادب ۾ ناماچاري ماڻي اٿائين ۽ کيس ادب جا ايوارڊ ملندا رھيا آھن. تازو بہ ھڪ ادبي  کيس مليو آھي. آل انڊيا ريڊيو تان خبرون پڙھندڙ ھِينا جو والد ته اصل دريا خان مري ڳوٺ جو ھو پر ھِينا جا ساھرا ڀريا جا اڳناڻي ھئا ۽ انھيءَ ڪري خوبچنداڻي گھراڻي سان به سندس ڏيٺ ويٺ ھئي.  ڪشنچند خوبچنداڻيءَ جي لاڏاڻي جي خبر بہ ھِينا ئي ئي ٻُڌائي جڏھن تازو ساڻس منھنجو ڳالھائڻ ٿيو.

ھِينا ٻڌايو ھو ته ھوءَ ڀرين جي اشوڪ نالي سنڌيءَ کي سڃاڻي. وٽانئس اشوڪ جو واٽس ايپ نمبر جيئن ئي مليو ته کيس نياپو ڪيم ته مان به ڀريا جو آھيان ته ٿوري دير اندر ئي ھن مون کي فون ڪئي ھئي.

سال 2019 ۾ ساڻن ٿيل ڳالھ ٻولھ جيئن جو تيئن ھيٺ ڏيان ٿو. ڪشنچند خوبچنداڻيءَ جون ڳالھيون ٻُڌي منھنجي ذھن ۾ انھيءَ وقت جي ڀريا جو نقشو ذھن تي تري آيو ھو.  

”مون ته احمدآباد ۾ سال 1965 ۾ جنم ورتو پر منھنجي دادا (بابا) ڪشنچند جو جنم ڀريا ۾ حڪمت جي شعبي سان واڳيل سرڳواسي ايسرداس جي گھر ۾ پھرين جنوري 1934 تي ٿيو ھو ۽ سندن عمر اڃان چوڏھن ورھيه ھئي ته اباڻا پٽ ڇڏڻا پيا ھئن. ڏاڏي ايسرداس جا ڪُل ٽي پُٽ ۽ چار نياڻيون ھيون“، دُعا سلام کانپوءِ اشوڪ ٻڌايو. ھُو بلڪل صاف سنڌي ڳالھائي رھيو ھو. جنھن مھل اشوڪ ڳالھائي رھيو ھو ته پويان سندس دادا ڪشنچند ايسرداس جو آواز به اچي رھيو ھو. ”اسان اَڌواڻي پاڙي ۾ رھندا ھئاسين جتي ھڪ کوھه ھوندو ھو ۽ ان مان ڪنگرين سان پاڻي ڪڍبو ھو“ ھُو وڏي واڪي ٻڌائي رھيو ھو ته جيئن اشوڪ سندس ڳالھيون مون تائين پھچائي سگھي. سندس آواز ۽ انداز مان پنھنجي جنم ڀُوميءَ لاءِ ڇِڪ محسوس ٿي رھي ھئي. اشوڪ ٻڌايو ته دادا ڪشنچند جي ٻُڌڻ جي سگھه ڪجھه گھٽجي وئي آھي ۽ اھڙو ماڻھو ڳالھائيندو به وڏي واڪي آھي ۽ اھوئي ڪارڻ آھي جو مان سندس آواز پري کان ٻُڌي رھيو آھيان. پر منھنجي خواھش تي اشوڪ واليوم وڌائي فون دادا ڪشنچند جي ڪن ڀرسان جھلي ته جيئن اسان سڌوسنئون ڳالھائي سگھون. جيتوڻيڪ ڪشنچند جي ڄمار پنجاسي ورھيه ٿي چُڪي ھئي ۽ ورھاڱي وقت سندس عمر ڪا گھڻي ڪانه ھئي پر کيس پنھنجي ڳوٺ جون ڪي ڳالھيون اڄ به ياد ھيون. ”اسان جي گھر ڀرسان ھڪ مندر ھوندو ھو جيڪو مَسند مائي سنڀاليندي ھئي ۽ انھيءَ ڪري ان کي سڏبو ئي مَسند مائيءَ جو مندر ھو. ان ساڳئي علائقي ۾ ڀائي ھريرام جي درٻار به ھئي.“ پنھنجي گھر کي ياد ڪندي ھُو ٻڌائي ٿو ته سندن اوطاق ۾ اوڙي پاڙي جا بزرگ گڏ ٿي رھاڻيون ڪندا ھئا.

ڇھين درجي تائين ڀرين جي تاريخي اسڪول ڪوڙومل چندنمل اڪئڊميءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڪشنچند ايسرداس کي ڀرين جا پيڙا به اڃان ڪونه وسري سگھيا ھئا. ”ڀرين جي پيڙن جو معيار ۽ سواد اھڙو ھوندو ھو جو ان تي شرط ھڻبي ھئي ته پيڙو کائڻ سان واڇُن مان کير ڳڙي نه نڪتو ته اھو ڀريا جو پيڙو ئي ڪونه چئبو“، ھن اھڙي انداز سان ٻڌايو ڄڻ ته ڀرين جا کير پيڙا سندس اکين آڏو تري آيا ھجن.

جڏھن دادا ڪشنچند ٿورو ٿڪيو ته اشوڪ پيءُ جون ٻُڌايل ساروڻيون پاڻ بيان ڪرڻ لڳو. ھن ٻڌايو ته خوبچنداڻي ”ڀاڳيا“ نُک جا ھئا ۽ سندن وڏا ڀرين ۾ مالوَند ھئا ۽ ڳئون ۽ ٻيا ڍور پاليندا ھئا. دادا ڪشنچند کي ياد آھي ته ھُو گھڻو وقت ھڪ ٽڪاڻي ۾ پنھنجي چاچيءَ وٽ گذاريندو ھو. اشوڪ سندس امڙ جون ٻڌايل ڳالھيون به ونڊيون جن موجب ڪنڊياري جو ھڪ شخص ٻير وڪڻڻ ايندو ھو جنھن کي ٻارن سان گھڻو پيار ھوندو ھو. ”دادا اسڪول جي اسڪائوٽ ٽيم ۾ شامل ھوندو ھو. کيس جڏھن اسڪائوٽ يونيفارم پھريل ھوندو ھو۽ ٻير وڪڻڻ وارو ايندو ھو ته ھُو ھڪ پائِيءَ ۾ دادا جي يونيفارم جو وڏو کيسو ٻيرن سان ڀري ڇڏيندو ھو.“  

ڀريا اڳي ننڍڙي وسندي ھئي ۽ تاريخ جا گھڻا ئي لاھا چاڙھا ڏٺا ھئائين. انھن لاھن چاڙھن جي ڪري ڀريا بابت ڪي چوڻيون به مشھور ھيون. اشوڪ سان ڳالھائڻ مھل پٺيان دادا ڪشنچند اھڙي ھڪ چوڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. ”اسان سنان ڪندي وڏن کان ٻُڌل چوڻي ”ڀريا ڀِت تان ڪِريا، گڏھه ڏني ھِينگ ته ڀريا ٿِي ڀِينگ“ پيا ڳائيندا ھئاسين.“

ڪشنچند کي پنھنجي مائٽن سان گڏ فبروري 1948 ۾ اباڻا پَٽ ڇڏڻا پيا. ”اسان ڀرين کان ڪراچيءَ آياسين جتان ”انگلستان“ نالي ھڪ اسٽيمر ۾ سوار ٿي ممبئيءَ لاءِ روانا ٿياسين پر واٽ تي وِيراوَل نالي بندر تي ئي لھڻو پيو ۽ اُتان وري ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي ڪُتيانه وياسين.“

”شروع ۾ ته اُتان جي ماني ئي ڪانه ٿَي وڻي ڇو ته سنڌ ۾ سچي گيھه جون مانيون کائبيون ھيون ۽ ھتي کاڌو بوھي مُڱن (مُڱ ڦرين) جي تيل ۾ پچندو ھو“، ڪشنچند سنڌ ۾ سندن خوشحاليءَ کي ياد ڪري ٿو. کانئس پُڇيم ته ڀرين ۾ ڪي ھندو مسلم فساد ته ڪونه ٿيا ھئا، تڏھن به ڇو ھنن لڏپلاڻ ڪئي. ”فساد ته ڪونه ٿيا ھئا پر چوريون وڌي ويون ھيون. مَسند مائيءَ جي مندر مان به چوري ٿي ھئي. ان ڪري خوف ھراس وارو ماحول ھو.“

ھندستان ۾ ٻين سنڌين جيان ڪشنچند کي به جياپي لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پئي پر ھن تعليم حاصل ڪرڻ کي اوليت ڏيندي گجرات يونيورسٽيءَ مان انگلش ميڊيم ۾ ايم اي ۽ وڪرم يونيورسٽيءَ مان بي ايڊ ڪري ورتي ۽ ڪتيانه جي ھڪ اسڪول ۾ پڙھائڻ لڳو پر جلد ئي ھڪ سرڪاري نوڪري ورتائين جيڪا پڻ ڇڏي ڏنائين. ھن 1953 کان 1955 تائين جھوناڳڙھه جي ڪُتيانه ضلعي جي ٻن لائبريرين جي انچارج طور به ڪم ڪيو. وطن ڇڏڻ ۽ لڏپلاڻ وارين ڏکين حالتن ۾ سندس لاڙو ادب ڏانھن ٿي ويو ۽ گڏوگڏ تعليم جي شعبي سان به ايترو ئي لاڳاپجي ويو جو احمدآباد جي ھڪ ھائر سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائر ٿيو.

اشوڪ، جيڪو پاڻ به ھڪ استاد آھي، پنھنجي دادا ڪشنچند جي ادبي ڪاوشن بابت ٻڌائڻ لڳو ھو. ”دادا جو تخلص آھي ”رنجايل“.سندس پندرھن ڪتاب ڇپجي چُڪا آھن، جن مان ڪيترن ئي ڪتابن تي کيس ايوارڊ مليا. ھن شاعري به ڪئي ته ادبي مضمون به لکيا ۽ ھنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجما به ڪيا.“

ڪشنچند ”رنجايل“ جي ڪتابن جو وچُور ھن ريت آھي: سُجاتا (ھنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول 1964)؛ ساھت سريتا (ادبي مضمون 1982)؛ ڪرڻا، جَي مُشڪڻ لڳا (ڪھاڻيون 1993)؛ بانوري باک (ڪويتائون 1993)؛ وڻ ۾ منھنجو ساھه (ٻارن لاءِ لوڪ ڪٿائون 1995)؛ پل پل تندتنوار(ڪويتائون 1997)؛ ڏات جا ڏيئا (ڪويتائون 2002)؛ رنجايل جا پنجھتر غزل (2008)؛ ساھت ساگر(ادبي مضمون 2009)؛ مُحب نه ڪنھنجي ياد ۾(2011)؛ پارا ڪن ٿا اشارا (ٻارن لاءِ شاعري، گيت، غزل 2012)؛ ٻار گُل گُلزار (ٻارن لاءِ شاعري 2013)؛ ايڪاسي آلاپ (غزل 2014)؛ ادب جا اُھڃاڻ (ادبي مضمون 2015) ۽ ٻار من ٺار (ٻارن لاءِ شاعري 2016). کين سندن ڪتابن تي لال ڪرشن آڏواڻيءَ ھٿان انٽرنيشنل ايڊيوڪيشنل ايوارڊ، گجرات سرڪار پاران تڏھوڪي وڏي وزير موديءَ ھٿان ڪھاڻين جي ڪتاب تي پھريون ايوارڊ، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا جو ايوارڊ، ادبي مضمونن جي ڪتاب تي ھڪ ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ ملي چُڪا آھن جڏھن ته سال 2018 ۾ کيس نيشنل سنڌي ڪائونسل ممبئيءَ پاران پنج لک رُپين جو لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.

ڪشنچند رنجايل 1958 کان لکڻ، 1963 کان شاعري شروع ڪئي جڏھن ته 1967 کان سماجي رسالي ”جھِرمِر“ جو ايڊيٽر به رھيو ۽ ڪيترن ئي درسي ڪتابن جي ادارت به ڪندو رھيو. انگريزي، ھندي ۽ گجراتي ٻولين مان ڪھاڻين جا ترجما توڙي درسي ڪتاب به ڇپجندا رھيا اٿن جڏھن ته ريڊيو ۽ ٽي وي پروگرامن جون اسڪرپٽ به لکندا رھيا آھن. انھن سمورين مصروفيتن ھوندي ڪشنچند ايسرداس ادبي، تعليمي ۽ سماجي تنظيمن جا عھدا به سنڀاليا.

ٽيليفون تي اسان جي ڪچھري ختم ٿيڻ کانپوءِ به مان ڄڻ ته ڀرين جي انھيءَ پراڻي پاڙي ۾ گھمي رھيو ھُيس جتي ڪشنچند ايسرداس جو گھر ھو ۽ جنھن کي تڏھن اڌواڻي پاڙو سڏيو ويندو ھو. ھن وقت اھو راجپوت پاڙو سڏجي ٿو پر اُتي اڃان به پراڻي زماني جون عمارتون موجود آھن ۽ ڀرين جي اوج جي ثابتي ڏئي رھيون آھن.

ڀرين جي پراڻن ڪردارن مان ادي ھينا ھير اڳناڻيءَ جي سھري واسديو پرمانند اڳناڻيءَ جو ديھانت ٿي چُڪو ھو پر ھينا جي سسُ اڃان حيات ھئي. سرڳواسي واسديو شايد پنج ڇھه ورھين جو ھو ۽ سندس گھرواري ٽن ورھين جي ھئي جڏھن سندن مائٽن کي ڀريا مان لڏڻو پيو ھو. واسديو جي والد پرمانند جون ڀرين ۾ اٽي پيھڻ جون چڪيون ھونديون ھيون پر ھندستان لڏڻ بعد ھنن گجرات جي شھر ڀاوِنگر ۾ صابڻ جو ٻَڌي جو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ پوءِ صابڻ جو پنھنجو ڪارخانو قائم ڪين. ھينا ھير پنھنجي سھري ۽ سس جي زباني جيڪو ڪجھه ٻڌو، انھيءَ موجب ڀريا ۾ اڳناڻي ڪٽنب وارا سڀ گڏ رھندا ھئا. ”منھنجي سھري ۽ سس جي عمر ته تڏھن ننڍي ھئي پر ھنن پنھنجي وڏڙن کان جيڪو ڪجھه ٻُڌو ھو، تنھن موجب ڀريا ۾ ديوي ماتا جو وڏو مندر ھوندو ھو، جتي پُوڄا پاٺ لاءِ اھي اڪثر گڏ ويندا ھئا. ۽ ھا، ڀرين جي کير پيڙن جي مشھور ھجڻ جي به خبر ھئي“، ھينا ڀرين جي ٻين پراڻن ڪردارن کي ڳولڻ ۽ حال احوال وٺي ڏيڻ ۾ مدد جو وعدو ڪندي ڳالھه ختم ڪئي ھُئي.  

_______________

نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ ڏھن ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button