انتھا پسنديءَ جو وائرس: ملڪ جي رستن تي انتها پسنديءَ جو رقص…
انتھاپسنديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ رياست کي اڻ ڌريو ٿي قدم کڻڻو پوندو. ٻي صورت ۾ انتهاپسند، ملڪ جي هر روڊ ۽ رستي تي نظر ايندا ۽ ان سان ملڪ ۽ عوام بابت تاثر به خراب ٿيندو رهندو.
الهه بخش راٺوڙ
جنهن ملڪ جو بنياد ئي انتهاپسنديءَ تي پيل ھجي ۽ اُھو انتھا پسنديءَ کي هٿي وٺرائيندو هجي، اتي نيڪي، چڱائي ۽ عوام دوستيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. ان نوعيت جي ملڪن جي آئيڊيولوجي ئي وچٿري سوچ واري نه هجي ۽ رياست پاڻ انتهاپسنديءَ جي وائرس کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي هجي ته اهڙي ملڪ ۾ ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته مذهبي ڀائيچارو پيدا ٿيندو. هينئر هڪ ئي وقت ٻن اهم هنڌن تي انتها پسندي پنهنجي انتها تي نظر اچي رهي آهي. هڪ طرف پاڪ افغان سرحد جي هُن پار انتهاپسندي رياست کي کائي رهي آهي ته هِن پاسي وري ملڪ جو گاديءَ وارو شهر اسلام آباد ۽ جاڙو شهر پنڊي به ان وائرس کان بچيل ناهي. رياستي ادارا ان مرض جو خاتمو ڪرڻ بدران مختصر وقت تائين ئي سهي، انتهاپسندن کي خاموش ڪرائي، ڀاڙو ڀتو ڏئي گهر روانو ڪن ٿا. پر وري هيءُ جِن بوتل کان ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽ ساڳي نوعيت جا ڪرتب ڏيکاري ٿو. هي سلسلي ڪيستائين جاري رهندو،ان بابت شايد ڪا اڳڪٿي به ڪري نٿي سگهجي.
اسان وٽ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي هڪ قسم جي ناهي، نه ئي وري اها ساڳين مقصدن هيٺ وڌي ويجهي رهي آهي. هيءُ ھڪ اهڙو سلسلو آهي، جنهن کي مختلف وقتن ۽ موسمن ۾ رستن تي گشت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن اجگر بلا کي رياست ئي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال پي ڪيو آهي، هاڻ اها ايتري سگهاري ٿي وئي آهي، جو پنهنجن پاليندڙن کي ئي چَڪي رهي آهي.

اطلاع آهن ته افغانستان ۾ هينئر 27 ملڪن جا ويڙهاڪ موجود آهن، جيڪي پنهنجي ڪِرت ۾ رڌل آهن ۽ سندن ڪي اھڙا مِشن آهن، جيڪي ڪڏهن به ختم ٿيڻا ناهن. سندن مڪاني توڙي عالمي ايجنڊا آهي، جنهن تحت هو ٽارگيٽس کي نشانو بڻائين ٿا. افغانستان مان هٿ ٺوڪيو ”جهاد“ ته ختم ٿي ويو، پر ان جي باوجود ايترن ملڪن جا ويڙهاڪ اتي ڇو رهيل آهن؟،ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته انهن ويڙهاڪن مان ڪيترائي اهڙا آهن،جيڪي بارڊر ليس آهن، جن جي ڪابه شهريت ناهي، پر ڪي اهڙا به آهن، جن کي لاڳاپيل ملڪن پاڻ موڪليو آهي، جيئن اهي مصروف هجن ۽ پنهنجي ملڪ کي نقصان نه پهچائين.
هينئر جڏهن پاڪستان سان واسطو رکندڙ انتهاپسندن جي خلاف ڪو قدم کڄي ٿو ته دانهن وري سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارتن مان اچي ٿي. هو چاهين ٿا ته انهن انتهاپسندن کي ڪوبه هٿ نه لائي. هي اهي ساڳيا آهن، جن جي تربيت اسان ئي ڪئي آهي، پر هاڻ هو ”خارجي“ ٿي ويا آهن. انهن کي اسان عاق ڪري ڇڏيو آهي، ان جي باوجود هو پاڪستان کي دارالحرب سمجهن ٿا. انڪري هو پنهنجو فرض سمجهن ٿا ته سرحد پار ڪري شهرين جو شڪار ڪن. اهي ايترا ته سفاڪ آهن،جو سندن ”ڪارنامن“ کي ميڊيا جي ڪنهن به آئوٽ ليٽ تي بيان ڪري نٿو سگهجي.
اسان وٽ مذهبي انتهاپسنديءَ سان گڏ سياسي، نسلي ۽ سماجي انتهاپسندي موجود آهي. هي جيترا به قسم آهن، انهن ۾ مذهب يا مسلڪ جي بنياد تي انتهاپسندي سڀني کان سگهاري صورت ۾ موجود آهي. انهن سمورين انتهائن جي سئوٽ وري دهشتگردي آهي، جنهن کي انهن کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. اھا الڳ ڳالهه آهي ته رياست جنهن دهشتگردي جي وصف بيان ڪري ٿي، اها الڳ آهي ۽ جن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، اهي وري حڪمرانن کي ساڳي وصف تي پورو لاهڻ جا جتن ڪن ٿا. جيڪڏهن وسيع نظري سان ڏسجي ته انهن سڀني جو بنياد رياست ئي وڌو آهي. رياستي ادارن جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، انهن بابت دستاويزي ثبوت موجود آهن. هڪڙا گروپ اهڙا به رهيا، جن کي افغانستان کان وٺي ڪشمير، ايستائين جو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به استعمال ڪيو ويو، پر انهن اهڙا ڪرتب ڏيکاريا جو پاڪستان دهشتگرد ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو پئي ويو جنھن سان ملڪ جو ئي نقصان ٿيو. آخرڪار گڏيل قومن جي نگراني ۾ انهن انتهاپسندن خلاف ڪارروائي ڪندي، کين غير قانوني قرار ڏئي انهن جي سرگرمين کي ٻنجو ڏنو ويو.
هينئر جيڪو گروپ گاديءَ واري شهر کي جام ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿو ڇڏي، ان جي اميدوارن کي ٿوري عرصي اندر لکين ووٽ مليا، ڪي اميدوار ته ڪامياب ٿي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پهچي ويا. سنڌ اسيمبلي ۾ به ان ڌر جا ايم پي ايز موجود هئا ۽ هينئر به آهن. ان گروپ جي سربراهه جي هليو وڃڻ کانپوءِ هي تاثر ڏنو ويو ته شايد هاڻ ٺاپر ٿي ويندي پر ايئن نه ٿيو. هي اهڙو جِن آهي، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر بوتل مان ٻاھر نڪري آيو آهي. هينئر هي گروپ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪرڻ گهري ٿو. ان کان اڳ جماعت اسلامي جي بغل بچه تنظيم به ساڳي نوعيت جو ڪم ڪيو هوجنهن جي پاڪستان کي گهڻي قيمت ادا ڪرڻي پئي، هينئر به ساڳئي ماضيءَ کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙي وقت جڏهن پاڪستان جا ”ٻه عظيم شخص“ آمريڪي صدر سان ملي آيا، اهي ڪيئن چاهيندا ته سندن ملڪ ۾ انڪل سام جي سفارتخاني کي نشانو بڻايو وڃي.

مذهبي انتهاپسندي سان گڏ جيڪي ٻيون بدعتون موجود آهن، انهن سڀني جي ڪوششن سان ڪم ڪيا ويا ۽ بندوق جو استعمال ڪيو ويو. ان جي نتيجي ۾ 65 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن ۾ ويڙهاڪ پاڻ به شامل آهن. پر جنهن نوعيت جا لاڙا سامهون آيا آهن، انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. مختلف ڏهاڪن جي انگن اکرن تي نظر وجهجي ته سن ٻه هزار جي ڏهاڪي ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي. ان حوالي سان ڪيترائي عنصر آهن، جن کي ڳڻائي سگهجي ٿو، هينئر سڀ کان وڌيڪ استعمال ڊجيٽل ميڊيا جو ٿئي ٿو، جنهن ذريعي انتهاپسندي جي لهر کي تيز کان تيز ڪيو ويو آهي. ڇا ڊجيٽل ميڊيا تي پابندي لڳائي معاملي کي پاڙ کان ختم ڪري سگهجي ٿو؟ جواب آهي نه. ان حوالي سان سخت نظر رکڻ جي ضرورت آهي، ان سان گڏ اهي حڪومتي ادارا جيڪي انهن گروپن سان همدردي رکن ٿا، انهن کي به نيوٽرلائيز ڪرڻو پوندو. هي ڌريون، ڊجيٽل ميڊيا جو جيترو به استعمال ڪن ٿيون، اهو ريڪارڊ تي موجود آهي، انهن خلاف ڪو به قدم کڻي سگهجي ٿو، پر معاملو داخلي نوعيت جو آهي. افغانستان ۾ انتهاپسنديءَ تي نظر رکندڙ آمريڪي صحافي ڪارلوٽا گال اڳ ۾ ئي پنهنجي ڪتاب ۾ ان جي وضاحت ڪري چڪي آهي.
ڪارلوٽا گال (Carlotta Gall) هڪ مشهور آمريڪي صحافي، ليکڪا ۽ جنگي رپورٽر آهي، جنهن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغانستان، پاڪستان، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ ڪم ڪيو آهي۔ هوءَ خاص طور تي “New York Times” سان پنهنجي ڊگهي عرصي کان خدمتن جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي، جتي هن دهشتگردي، طالبان، القاعده ۽ آمريڪا جي جنگين بابت تحقيقاتي رپورٽون لکيون. سندس مشهور ڪتاب
“The Wrong Enemy: America in Afghanistan, 2001–2014”
آهي،جنهن ۾ هن Enemy within جو تصور پيش ڪيو. سندس اھا ڳالهه اڄ به درست آهي.
جيڪڏهن رياست اندر انتها پسندن سان همدردي وارو رويو هجي، ته پوءِ ان کي ختم ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جو تاريخي فيصلو به موجود آهي،جنهن ۾ انهن ڪردارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ Enemy within جو واضح اظهار ڪيو ويو آهي. هينئر انتهاپسنديءَ جي سمورن تصورن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ رياست کي اڻ ڌريو ٿيڻو پوندو ۽ اهي ڪردار جيڪي بُرائي جي علامت آهن، انهن کي پاسيرو ڪرڻو پوندو،جنهن بعد صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ انتهاپسند، ملڪ جي هر روڊ ۽ رستي تي نظر ايندا ۽ ان سان ملڪ ۽ عوام بابت تاثر به خراب ٿيندو رهندو.
____________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو