سنڌالاجيءَ ۾ ليمبرڪ ڪارنر ڇو بند ٿيو؟ سندس موڪليل 400 ڪتاب ڪاڏي ويا؟
پروفيسر لعل بخش جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”مون پِريان سين نينھن“ ۾ انگريز راڄ ۾ ھليل حُر ھلچل جي ھڪ تڪراري ڪردار ايڇ ٽي ليمبرڪ جي حوالي سان ھڪ ليک
ليمبرڪ جو پُٽ پنھنجي وَني ۽ ٻارن سان گڏ سنڌ گھمڻ آيو ھو. ھُو پنھنجي پيءُ جي وصيعت موجب چار سئو اڻلڀ ڪتاب سنڌالاجيءَ کي ڏيڻ لاءِ کڻي آيو ھو.
انگريزي اخبار ڊان کي ڏنل انٽرويءَ ۾ ليمبرڪ چيو ھو تہ ”مون جيڪي ڪجھ ڪيو، انگريز سرڪار جي حڪمن جي تعميل ڪئي ھئي. ان عمل ۾ منھنجو ذاتي عمل دخل ڪونہ ھو. مان سنڌ سان بيحد محبت ڪريان ٿو.“
ڪتاب: مون پريان سين نينھن
ليکڪ: لعل بخش جسڪاڻي
موضوع: خاڪا، شخصيتون، تعارف، اڀياس ۽ نثري ٽُڪرا
پبلشر: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
ھيءُ ڪتاب مختلف موضوعن جو ڳُٽڪو آھي. ليکڪ پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي پاڻ ئي مُھاڳ ۾ لکي ٿو تہ ”مون پِريان سين نينھن“ مختلف عنوانن ۽ موضوعن تي آڌاريل آھي، جنھن ۾ سھيوڳي ترقي پسند ۽ قومپرست اديبن جا پروفائيل ۽ ٻيا مقالا شامل آھن. ٻئي نمبر تي اھم چونڊ ڪتابن تي تبصرا ۽ ٽئين نمبر تي مختصر نوٽس يا نثري ٽُڪرا، ننڍا ننڍا غير معروف واقعا، حادثا ۽ ڳالھيون، جيڪي حق جو آواز ھجڻ ڪري دٻيل ھجن، ھن ڪتاب ۾ شامل آھن. ڪي اھڙا موضوع بہ آھن جن کي ليکڪ گھٽ اھميت ڏين ٿا، يا وساريل موضوع آھن. ليکڪ پاڻ ئي چوي ٿو: اصل ۾ مون ھڪ منفرد نوعيت جو تجربو ڪيو آھي، جيڪو اُميد تہ پسند ايندو.

ھڪ سئو ڇاھتر صفحن جي ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ ڊزن کان وڌيڪ علمي ادبي شخصيتن جا پروفائيل آھن. ٻيو حصو ”علمي ادبي ڪچھري“ جي عنوان سان آھي جنھن ۾ مختلف ادبي شخصيتن سان ڪچھري شامل آھي. ٽيون حصو ”وڇڙيل شخصيتون“ جي عنوان آھي جنھن ۾ آغا ڪريم خان، مولانا ابوالڪلام آزاد، آزاد سنڌ جي آخري حڪمران مير نصير خان، ابراھيم جويو، ڊاڪٽر حميدہ کھڙو، ممتاز علي ڀُٽو ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ سميت سترھن شخصيتن تي خاڪا شامل آھن. اھڙي طرح ھڪ باب سنڌي ثقافت، سنڌو درياھ ۽ سنڌي ٻولي بابت، ھڪ باب نو ڪتابن تي تبصرن، ڪجھ پنھنجي ڪتابن جي اڀياس ۽ آخري باب سنڌ جي وڻن، جھنگل، سنڌي سماج، ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۽ ٻين متفرق موضوعن تي آھي.
ھيءُ ڪتاب انيڪ موضوعن جو ڳُٽڪو آھي پر ھر موضوع سنڌ سان جُڙيل آھي ۽ پڙھندڙن کي اُن ۾ سنڌ جي تاريخ بہ ملندي، سنڌ جون درد ڪٿائون بہ ملنديون تہ ادبي چاشنيءَ جو بہ مزو ايندو. ھتي خاص طور پھرين باب ۾ سڀ کان اول شامل ھڪ شخصيت ايڇ ٽي ليمبرڪ بابت ليک جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. جسڪاڻي صاحب لکي ٿو:
ليمبرڪ جو پُٽ پنھنجي گھر واريءَ ۽ ٻارن سان گڏ پنھنجي والد جون يادگيريون کڻي سنڌ گھمڻ آيو ھو. ھُن اُھي ماڳ مڪان ڏٺا جتي ليمبرڪ ڪليڪٽر ۽ ٻين عھدن تي ٽيھن سالن کان مٿي رھي سنڌ ۾ ڪم ڪيو ھو. مون پير عبيداللہ راشديءَ جي گھر ليمبرڪ جي پُٽ ۽ سندس وَنيءَ سان ڪچھري ڪئي ھئي، جتي ھُو مھمان ٿي ترسيل ھو. پير عبيداللہ جي وڏن سان ليمبرڪ جا ذاتي تعلقات ھئا.
ليمبرڪ جي پُٽ ٻُڌايو ھو تہ سندس والد سنڌ جي حوالي سان چار سئو اڻلڀ ڪتاب سنڌالاجيءَ کي ڏيڻ چاھيا ٿي، جيڪي ھُو والد جي وصيعت موجب کڻي آيو آھي.
ليمبرڪ تہ سنڌ صدين کان سيمينار ۾ سنڌ ڏسڻ جي شديد خواھش ڏيکاري ھئي، پر نہ آيو. ھُن ڪوھستان تي مقالو لکي موڪليو ھو، جيڪو سندس خواھش تي ڊاڪٽر حميدہ کھڙو پڙھيو. (ليمبرڪ سندس پي ايڇ ڊي ۾ گائيڊ ھو، پر نالو ٻئي پروفيسر جو ڄاڻايل آھي).
سنڌالاجيءَ ۾ ليمبرڪ ڪارنر بہ قائم ٿيو پر شايد حُر موومينٽ ۾ ليمبرڪ جي تڪراري ڪردار سبب نہ رُڳو بند ٿي ويو پر برباد ٿي ويو ۽ افسوس تہ ڪتاب ئي گُم ڪيا ويا.
انگريزي اخبار ڊان کي ليمبرڪ ھڪ انٽرويو بہ ڏنو ھو، جنھن ۾ ھُن چيو تہ ”مون جيڪي ڪجھ ڪيو، انگريز سرڪار جي حڪمن جي تعميل ڪئي ھئي. ان عمل ۾ منھنجو ذاتي عمل دخل ڪونہ ھو. مان سنڌ سان بيحد محبت ڪريان ٿو.“
لعل بخش جسڪاڻي لکي ٿو تہ سنڌ صدين کانپوءِ سيمينار کان ھڪدم پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ”وفات کانپوءِ پي ايڇ ڊي جون اعزازي ڊگريون“ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ھو. اھي ڊگريون ايڇ ٽي سورلي۽ ڊاڪٽر اينميري شمل کي تہ ڏنيون ويون پر ليمبرڪ جي ڊگري روڪي وئي تہ متان پير صاحب پاڳارو ۽ حڪومت ناراض نہ ٿين.
ليمبرڪ جي پُٽ سان ڪچھريءَ جو حوالو ڏيندي لعل بخش جسڪاڻي لکي ٿو: ”ليمبرڪ جي پُٽ ٻُڌايو تہ ھي ڪتاب انھيءَ ڪري بہ اھم آھن تہ انھن ۾ سنڌ جي باري ۾ اھم حوالا ۽ مواد موجود آھن.“ سندس انھيءَ ڳالھ جي پيش نظر يقين ڏنو وڃي تہ ليمبرڪ جي پُٽ جا آندل چار سئو ڪتاب محفوظ آھن. ليمبرڪ جي ڪردار جي حوالي سان اختلافن جي نتيجي ۾ جيڪڏھن ليمبرڪ ڪارنر بند ڪيو ويو آھي تہ ڊپ آھي تہ اھي ڪتاب بہ نُ گُم ڪيا ويا ھجن.
_______________
تبصرو: نصير اعجاز