چيني ڪُئا سنڌي ٻولي ڪونہ سمجھن، چين ۾ ماڻھن جيان ڪُئن جي آبادي بہ وڌي ٿي
اڄ ڏينھن تائين چين ۾ ڪابه جهرڪي، ڪانگ، ڪٻر يا ڪو پکي، پکڻ نه ڏٺو اٿم. جتي وڻ هوندا آهن، اُتي پکي پکڻ ته هوندو آهي پر جتي وڻ پکين کان خالي آھن. حيدرآباد ۾ صبح شام وڻن مان پکين جي چهه چهه جا آواز ڪنن تي پيان پوندا آھن
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
چوويھ آڪٽوبر 2024: صبح جو سوير اٿي جوگر پاتم ۽ واڪ تي نڪري ويس، هتي ڪي دڪان خاص ڪري، ڊبل روٽي ۽ جوسن وارا سوير ئي کليو وڃن، ڪي ته وري سڄي رات بند ڪونه ٿين. آءٌ سڌو رستو ڏيئي گوانگسي يونيورسٽي سب وي اسٽيشن تائين ويس ۽ پوءِ وري موٽي واپس پنڌ ڪندو روڊ جي ٻي ڇيڙي تائين ويس ۽ پوءِ واپس گهر ويندي ننڍي پارڪ ڏانھن لڙي ويس، جتي اُن ڏينھن مريم سان گڏ ويو هئس، جتي ڪجهه جهولا ۽ ورزش لاءِ اوزار رکيا هئا، سو هٿن پيرن ۽ ٻانھن جي ورزش ڪيم ۽ گهر موٽي آيس.
ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون آهن، اهي هر ٽن ڪلاڪن کان پوءِ کاوان پيو. ٿورو فرق محسوس ڪريان پيو.
ڪجهه ڏينھن اڳ جڏهن ’ڪُتا مارڪيٽ‘ ويو هئس ته وشال کان پڇيو هئم ته چيني جانور ڪيئن ذبح ڪندا آهن. چيائين جانورن جي معاملي ۾ چيني وڏا ظالم آهن، هو پھرين جانور کي مٿي ۾ مُترڪو هڻندا آهن، جنھن سان جانور گهوماٽجي ڪري پوندو آهي. پوءِ ڳچيءَ ۾ سڌي ڪاتي هڻي رت ڪڍي ٿانوَ ۾ جمع ڪندا آهن ۽ پوءِ يا ته ان کي گرم ۽ ٽھڪندڙ پاڻي ۾ اڇلائيندا آهن، ائين سندن کل لھي ويندي آهي. ڪڪڙين، بدڪن، نانگ ۽ ٻين جون پھرين ڳچيون مروڙيندا آهن. پوءِ کين ٽھڪندڙ گرم پاڻي ۾ اڇلائيندا آهن، ائين سندن کل لھي ويندي آهي.
اڄ ابوذر اقبال سان اهو ذڪر نڪتو ته هن هڪ وڊيو ڏيکاري، جنھن ۾ ڪاسائي هڪ ڇيلي ۽ هڪ ٻئي جانور کي ايئن مترڪا هڻي ڪيرائي، پوءِ سندن ڳچين مان رت ڪڍي رهيا هئا. ابوذر کي چيم ته ”چيني ته وڏا ظالم آهن، جو ايئن ٿا جانورن تي ڪِيس ڪن.“
مون اڄ ڏينھن تائين هتي ڪابه جهرڪي، ڪانگ، ڪٻر يا ڪو پکي، پکڻ نه ڏٺو آهي. جتي وڻ هوندا آهن، اُتي پکي پکڻ ته هوندو آهي. حيدرآباد ۾ جڏهن صبح جو واڪ تي نڪرندو آهيان ته وڻن مان جهرڪين جي چهه چهه جا آواز ڪنن تي پوندا آهن ۽ شام جو به جنھن مھل هو آرام ڪرڻ لاءِ وڻن تي اچي ويھنديون آهن ته اها ئي چھه چھه. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته ’پکي پکڻ ۽ ساهه وارا صبح ۽ شام پنھنجي رب جي ثنا ۽ ساراهه ڪندا آهن‘ ۽ آءٌ انهن وڻن جي هيٺان اچي بيھي رهندو هئس ۽ جهرڪين جي اها چھه چھه ڏاڍو سڪون ڏيندي هئي، پر هتي وڻ پکين کان خالي آهن. مون وشال کان پڇيو ته هتي ته ڪو پر به نظر نٿو اچي ته چيائين، ”اهي سڀ چينين کائي چٽ ڪري ڇڏيا.“

فليٽ ۾ اسان جنھن ڪمري ۾ سمھندا آهيون، اتي رات جو کڙ کڙ ٿيندي آهي، اسان سمجهيو ته اهو آواز ڪٿان پاسي مان ٿو اچي، هڪ ڏينھن وشال پڇيو: ”ڪمري ۾ آواز اچن ٿا.“ اسان چيو ”هائو.“ جواب ۾ وشال چيو اهو ڪُئو اٿوَ. ڪلهه وشال جي هوٽل ۾ ڪوئا ڪئميرا جي تار ڪُتري ويا، جيڪا پوءِ وشال ستر يوان ۾ ٻي ورتي. وشال چيو ته هتي جام ڪُئا آهن، ۽ وڏو نقصان ٿا ڪن. وڏا حرامي آهن. جنھن تي ماڻهنس چيس ته ”ڪُئن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندين ته اهي ججهو نقصان ڪندئي. چوين ته اوهان گهر ڌڻي آهيو، گهر جي پارت اٿوَ.“ جنھن تي وشال کلندي چيو ”هي چيني ڪُئا آهن. سنڌي ڪونه سمجهندا.“ جنھن تي کلي پياسين. هوٽل ۾ پاسي ۾ بوٽن جو هڪ دڪان آهي، اتي ڪو ڪوئو مري ويو آهي، سو دڪان ۾ ڏاڍي ڌپ آهي، جنھن ڪري دڪاندار مائي ڏاڍي پريشان آهي. مون چيومانس ته ڪٿي پڙهيو هئم ته چيني ڪئا به کائي ويندا آهن ۽ ڪنھن وقت چين ۾ ڪُئا مار مھم شروع ڪئي ويئي هئي ۽ في ڪُئو مارڻ تي حڪومت هڪ يوان انعام ڏيندي هئي.“ ”شايد اها پراڻي دور جي ڳالهه آهي. ڪُئا ته چيني اڃا به کائيندا آهن، پر جيئن چينين جي آبادي وڌندي پئي وڃي، تيئن ڪُئا به پنھنجي آبادي وڌائيندا پيا وڃن.“ وشال کلندي چيو، ته مون کان به ٽھڪ نڪري ويو.
______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ ھُو چين ۾ آھي