Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڌرمَ خلاف بغاوت ڪندڙ، هندستانَ جو ماديت پسند چاررواڪ فلسفو

تاريخَ ۾ رڳو اهلِ يونان ئي واحد ماڻهو ڪونه هئا، جن پروهتن ۽ پنڊتن، مُلن ۽ ڀڪشوئن، يا پادرين جي ڪيل دعوئن کي چئلينج ڪيو

ڏکڻ ايشيا ۾ اٽڪل اَٺينءَ کان ڇهين صدي ق م ڌاري، يعني اڄ کان لڳ ڀڳ ٽي هزارَ ورهيهَ پهرين، ڪو اهڙو فڪري گروههُ به هو، جنهن مذهبَ ۽ سندس سمورن تصورن (بشمول تصورِ خدا) کان مڪمل بغاوتَ جو اعلانُ ڪيو

ڊاڪٽر برڪت علي جھتيال _ شڪاگو

”جيڪڏهن قربانيءَ جو جانورَ، جنهن کي مذهبي رسمن جي اَدائگيءَ وقت قربان ڪيو ويندو آهي، سڌو جنت ۾ هليو ويندو آهي، ته پوءِ ڀلا قربانيءڪرڻ وارو ماڻهو، پنهنجي پيءُ کي قربانُ ڇو نه ڪندو آهي ته جيئن پڻس سڌو جنت ۾ هليو وڃي. “

”جيڪڏهن هڪ ڀيرو جسمُ خاڪ ۾ ملي وڃي ته پوءِ ٻيهر هُو ڪيئن جنم وٺي سگهي ٿو! جيڪڏهن هڪ ڀيرو روحُ جسمَ مان نڪري، ڪنهن ٻِي دنيا ۾ هليو وڃي ته پوءِ ڀلا ائين ڇو ناهي ٿيندو ته هُو پنهنجي مِٽن مائٽن خاطر، بي چين ٿي واپس هليو اچي! بس اِنَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي سمورو فلسفو برهمڻن پنهنجي گذاري جي لاءِ گَهڙيو آهي.“

ويدن جا ٽي مصنفَ آهن؛ مشڪرا، بدمعاش ۽ راکشس

اِنَ قسمَ جا خيالَ، آڳاٽي هند جي اُنَ ماديت پسند فلسفياڻي مڪتبَ جا هئا، جنهن کي چاررواڪ سڏيو ويندو هو. پروفيسر فريد الدين صاحبَ جي ڪتابَ، ”قديم هندوستاني فلسفه“ جو آخري بابُ، اِنَ فلسفي جي تعارفي مضمونَ بابت آهي. هِنَ مڪتبَ بابت پڙهندي حيرتَ به ٿي ته اسان سنڌين جي پنهنجي تَرَ (ڏکڻ ايشيا) ۾، سو به اٽڪل اَٺين کان ڇهين صدي ق م ڌاري، يعني اڄ کان لڳ ڀڳ ٽي هزارَ ورهيهَ پهرين، ڪو اهڙو فڪري گروههُ به هو، جنهن مذهبَ ۽ سندس سمورن تصورن (بشمول تصورِ خدا) کان مڪمل بغاوتَ جو اعلانُ ڪيو.

ڌرتيءَ مٿان، معلوم انساني تاريخَ ۾، رڳو اهلِ يونان ئي واحد ماڻهو ڪونه هئا، جَن پروهتن ۽ پنڊتن، مُلن ۽ ڀڪشوئن، يا پادرين پاران ڪيل دعوئن کي چئلينج ڪيو ته سَچو پَچو علمُ، سندس مقدس ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي. علمَ جا باقي وسيلا (خاص طور تي حِسن وسيلي، يا تجربي ۽ مشاهدي وسيلي حاصل ڪيل علمُ) ناقص ۽ مردود آهي. اسان جي تَرَ ۾ به چاررواڪ فلسفِي ويٺا هئا، جَن ساڳيون ڳالهيون ڪيون!

پر سوالُ ٿو پيدا ٿئي ته چاررواڪ فلسفي جي اِنَ ماديت پسنديءَ، سنڌُ کي، جيڪا خود ڏکڻ ايشيا جي هڪ ڪُنڊَ ۾ واقع آهي، متاثر ڪيو يا نه؟ جيڪڏهن ڪيو ته ڪيترو؟ نه ڪيو ته ڇو ڪونه؟ پروفيسر فريد الدين صاحبَ جنهن طرح سان، مٿن بحثُ ڪيو آهي، اُنَ مان ته ايئن لڳي ٿو ته هي فڪرُ ۽ فلسفو، اڳتي وڌي ڪونه سگهيو. سوالُ ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ کي ته ڇڏيو، مجموعي طور تي ڏکڻ ايشيا ۾، اِهو ماديت پسند فڪرُ، اڳيان وڌي ڇو نه سگهيو؟

هندي فلسفي جي اِنَ مخصوص مَڪتبَ بابت، وڌيڪَ خبر چار لهڻ جو سَچ ته شوقُ جاڳيو آهي. وڌيڪَ ڪتابَ گڏ ڪبا ۽ پڙهبا. في الحال، اُنهن لاءِ، جيڪي مون جيان، اِنَ ماديت پسند هندي فلسفي سان واقفيتَ پيدا ڪرڻ گهرن ٿا، فريد الدين صاحبَ جي مضمونَ جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو(مترجم)

اپنيشد جي دورَ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ، جڏهن اسان هندستانَ جي فڪري تاريخَ تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي اندازو ٿئي ٿو ته هندو ذهن ۽ فڪر هڪ گهڻ رخي تبديليءَ مان گذري رهيو هو. اپنيشد ۾ ويدن کي گهڻي ڀاڱي سَنَد جو درجو حاصل آهي. ۽ انهن کي چئلينج ڪرڻ جِي ڪنهن وٽ به جرئتَ ڪو نه هئي، تنهنڪري هندو ذهنَ ۾ اُنَ دورَ ۾ هڪ قسمَ جي هم آهنگي ۽ توازنُ قائم هو ۽ معاشرو شَڪ، نِراجيت ۽ افراتفريءَ جو شڪار نه هو. پر اپنيشد جي اِنَ دورَ جي پڄاڻيءَ سان گڏ ئي (جڏهن پوري معاشري ۾، سماجي ۽ معاشرتي تبديليون اچي رهيون هيون)، اهڙا فڪري مڪتبَ اُڀري رهيا هئا، جيڪي ويدن کي کُليءَ طرح چئلينج ڪري رهيا هئا. ۽ جَن پنهنجي روايتن خلاف بغاوت مٿان، سَندرو ٻڌي، معاشري ۾ انقلابي ڪردارُ اَدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. مڪتي يا نرواڻ اڃان به ماڻهوءَ جي جيونَ جو مقصدُ هو. پر جتي ڪجهه ماڻهو، مڪتيءَ لاءِ اڃان به ويدن جي رهنمائيءَ جا طالبَ هئا، اُتي ئي ڪجهه اهڙا فلسفياڻا مڪتبَ به اڀري سامهون آيا، جَن ويدن کي ٽوڪَ، ٺٺولَ ۽ تنقيدَ جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو. ۽ اُنهن جي تضادن کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو هو.

پوين دورن ۾، ويدن کي آسماني سَنَد جو درجو ڏيڻ جو نتيجو هي نڪتو ته هندو ذهن ڪافي عرصي تائين ٽِڪاءَ ۽ جمودَ جي ڪيفيتَ ۾ مبتلا رهيو ۽ ڪنهن نئين فڪرَ کي اُڀرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. جنهن سبب معاشري ۾ گُهٽَ پيدا ٿي پئي. پر جيئن تاريخَ ۾ هميشه کان ٿيندو رهيو آهي. گُهٽَ جي هي ڪيفيتَ گهڻي عرصي تائين برقرار رهي نه سگهي ۽ ٽن مشهور فڪري مڪتبن جنم ورتو. جَن ويدن جي فرسوده ۽ رجعت پسند روايتن خلاف، انقلابي ڪردار ادا ڪيو ۽ انساني ذهنَ مٿان سوچَ جا نوان پاسا کوليا.

اُنهن نون مڪتبن مان چارواڪ (Charvaka)، جين مت ۽ ٻڌمت سرِفهرست آهن. جن کي ناستڪ (Nastika) چيو ويندو هو، ڇو جو سندن ڳاڻيٽو مذهبَ کان مُنهن موڙيندڙن (Heterodox) ۾ ٿيندو هو، جيڪي ويدن جي سنديت جا قائلَ نه هئا. پر ماديت پسند چارواڪ هڪ خيالَ کان جين مت ۽ ٻڌمت جي فلسفين کان به وڌيڪَ انقلابي فڪر رکندڙ هئا. اِنَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته جين مت ۽ ٻڌمت جو فلسفو هڪ شديد رجحانَ جو عڪاس هو. پر حقيقت هي آهي ته جين مت ۽ ٻڌمت جي فڪرَ ۾ به اسان کي ويدن جو ئي اثر ملي ٿو. اُنهن جي فلسفي جا بنيادي نڪتا مثلاََ ڪرمَ جو قانون (Law of Karma)، آواگون جو مسئلو، نفس ڪشي، دنيا دشمني ۽ جسماني خواهشن کي زير ڪري، مڪتي حاصل ڪرڻ جا تصورَ، ويدن مان ورتل آهن. اِنَ جو مطلب هي ٿيو ته ٻڌمت ۽ جين مت ويدن جي سوچَ جي خلاف هڪ مڪمل نه پر اڻپوري بغاوتَ جي عڪاسي ڪن ٿا.

جتي اُنهن ويدن جي ڪجهه نڪتن کي رد ڪيو آهي، اُتي اُنهن ويدن جي ڪيترن ئي ڳالهين کي پنهنجي اندر جذب پڻ ڪيو آهي. مثلاََ ٻڌمت ۾ آتما ۽ برهمڻ جو ڪو تصور ڪونهي. پر آواگون، ڪرمَ جا قانون، ۽ نرواڻ اهڙا تصورَ آهن جن کانسواءِ ٻڌمت (۽ جين مت) قائم رهي به نه ٿا سگهن ۽ هتي ئي اسان کي ويدن ۽ اپنيشدن جا اثرَ چٽي صورتَ ۾ نظر اچن ٿا.

ويدن جي خلاف اِنَ مڪمل ۽ منظم بغاوتَ جو سِهرو چارواڪ (Carvaka) جي ماديت پسند فلسفي جي سِرَ تي آهي. چارواڪ بابت اُنَ دورَ جي هندستانَ جي تاريخَ ۾ ڏاڍو گهٽ موادُ ملي ٿو. ائين ٿو معلوم ٿئي ته اِنَ فڪرَ سان تعلق رکڻ وارن فلسفين کي معاشري ۾ تمام گهڻين ڏکيائين کي مُنهن ڏيڻو پيو. ۽ اِهو ئي سبب آهي جو اُنهن جِي ڪا چٽي لکڻي اسان جي آڏو اڃان تائين ناهي آئي. غالباََ اُها معاشري جي استحصالي طبقي جي زيادتيءَ جو شڪار ٿي وئي هوندي.

هي تاريخَ جو هڪ عجيب مزاق آهي ته چارواڪ جي فلسفي بابت سموري معلومات اسان تائين سندن مخالفن ذريعي پهتي. يعني چارواڪ جي ناقدن اُنَ فڪر کي رد ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪجهه لکيو هو، رڳو اُنهن ئي لکڻين مان، اِنَ ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو  ته هندستانَ ۾ ماديت پسند فلسفي جو به ڪو سونهري دور رهيو هو. چارواڪ جي ناقدن ڏاڍي ٺٺولَ ڀرئي اندازَ ۾، هِنَ فلسفي جو ذڪر ڪيو آهي. پر اِنَ ٽوڪَ ۽ ٺٺولَ ۾ به اسان کي ڪٿي ڪٿي اهڙيون جهلڪيون ملي وڃن ٿيون جنهن مان اُنَ فلسفي جي گهڻ رُخي ۽ عظمتَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.

چارواڪ جو زمانو ڪهڙو هو؟ اِنَ بابت جيئن ته مان پڌرو ڪري چڪو آهيان، تاريخَ مان اسان کي ڪا به رهنمائي نه ٿي ملي. پر چارواڪ جي ماديت پسندن جو زمانو يقيناََ گهڻو آڳاٽو هو. ڇو جو راڌا ڪرشن چواڻي، ويدن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اُنَ جا حوالا ملن ٿا. گڏوگڏ ”گوتم ٻڌ جا مڪالما“ (جن کي آڳاٽي هندو فلسفي جي مشهور مصنفه مسز رائي ڊويڊ Mrs. Rye David لکيو آهي) ڀڳوت گيتا ۽ هندستانَ جي هڪ مشهور آڳاٽي ڊرامي ”پرابوڌا، ڪندرودايا“ (Prabodha -Candrodaya) ۾ به چارواڪ متعلق اسان کي چٽا اشارا ملن ٿا. چارواڪ ۾ هڪ نيم ڏندڪٿائي فلسفي ”برهسپتي“ جو نالو وڏي اهميتَ وارو آهي ۽ برهسپتي جا سُتر (Sutra) مان اِنَ فلسفي مٿان روشني پئي ٿي. چارواڪ جي فلسفي کي ”لوڪيه ٽيڪا“ (Lokya Tika) به سڏين ٿا. ”لوڪ“ جي معنيٰ آهي دنيا. لوڪيا ٽيڪا جي معنيٰ آهي هِنَ دنيا جو فلسفو يعني اُهو فلسفو جنهن جون پاڙون هِنَ ڌرتيءَ مٿان قائم آهن ۽ جنهن ۾ خدا، آخرت ۽ روحَ جو ڪو تصورُ نه هجي.

چارواڪ جي فلسفي ۾، مذهبَ جي تصورَ کي، هڪ زبردست ذهني بيماري سان ڀيٽيو ويو آهي. مذهب بابت اُنهن جو قول هي آهي ته هي دوکيبازن جي گهڙَ آهي. هُو ذات پات جي اوچ نيچَ جا به قائل نه هئا. ۽ سندن چوڻ هو ته نيڪي ۽ بدي جو ڪو به مابعد الطبعياتي آسماني ۽ آفاقي معيارُ ناهي. مثلاََ هي سُتر ڏسو:

”سِجُ پنهنجي ڪرڻن سان هر ماڻهوءَ کي نوازيندو آهي، پوءِ ڀلي اُهو چَڱو هجي يا مَٺو. “

اُنهن جو چوڻ هو ته هر شيءِ ۽ ذي شيءِ جو ظهور فطرت مان ٿيو آهي. ۽ ڪا به آسماني حقيقتَ يا ديوتا اُنَ پٺيان ناهي. مثلاََ هي سُتر ڏسو:

”ڪنهن مورَن کي ايڏا سُهڻا رنگَ ڏنا ۽ ڪنهن ڪوئلَ جي آوازَ ۾ مٺاڻ پيدا ڪئي. سواءِ فطرت جي، اِنهن ڳالهين جي ڪا به علت (سبب) ناهي.“

چارواڪ جي ماديت پسند لذتيت (Hedonism) ڏانهن مائل هئي. اُنهن جو اخلاقي فلسفو سانکيه، يوگا ۽ جين مت جي فلسفي جي خلاف هڪ لاڙي جي عڪاسي ڪري ٿو. جتي نفس ڪشي ۽ دنيا دشمنيءَ وسيلي دنيا کان ڌيانُ هَٽائڻ جو تصورُ هو. چارواڪ ۾ دنياوي ۽ جسماني لذتن کي، شجرِ ممنوعه واري حيثيت ڪونهي. بلڪ اُنهن جو پيغام هي هو ته ماڻهو هِنَ دنيا مان دل کولي لطف اندوز ٿين ۽ ڌرتيءَ جي نعمتن مان پوري طرح فائدو وٺن ۽ آخرت، راکشس ۽ جهنمَ جي خوفَ سان پنهنجي زندگي زهر نه ڪن.

چارواڪ (Carvaka) جي فلسفي ۾ روحَ جو ڪو تصور ڪونهي. ذهن، شعور ۽ روح، اُنهن فلسفين چواڻي، دماغَ ۾ پيدا ٿيڻ واري مختلف تبديلين جي عڪاسي ڪري ٿو. انسانَ جا ويچارَ، حافظو ۽ جذبات دماغَ جي طبعي ۽ ڪيميائي تبديلين کي ظاهر ڪن ٿا. انساني دماغ ۾ تصورَ، اُنهن چواڻي، اهڙي طرح جنم وٺندا آهن. جهڙي طرح جگرَ ۾ صفره (Bile) پيدا ٿيندو آهي.

آتما جي روايتي تصورَ مٿان ڌَڪُ هڻڻ جو مطلب هي هو ته چارواڪ پوري برهمڻي فلسفي جون پاڙون پَٽي ڇڏيون، جيڪو اُنَ آتما ۽ برهمڻ جي تصورَ مٿان بيٺو هو. چارواڪ جي علمياتي (Epistomological) پاسي مٿان جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته اندازو ٿئي ٿو ته علمَ کي رڳو هُو حواسَ تائين محدود رکڻ جا قائل هئا. علمَ جو سرچشمو اُنهن چواڻي، رڳو انسانَ جا حواسَ آهن. هُو وحي، وجدان يا صوري منطق (Formal Logic) جا قائل نه هئا. پنهنجي علميات ۾ هُو برطانوي تجربيت پسندن، لاڪ، هيوم ۽ برڪلي کي anticipate ڪن ٿا. انسانَ جا حِسي ۽ ادراڪي تجربا ۽ مشاهدا (اُنهن چواڻي) اُهو مواد فراهم ڪن ٿا، جنهن مٿان ذهنَ ۽ شعورَ جو سانچو ٺهي ٿو. يعني انسانَ جا تصورَ اُنَ جي تاثرن (Impressions) ۽ حِسيات (Sensations) مان ٺهندا آهن ۽ جيڪڏهن اسان تصورن جي ماهيت کي فهمَ ۾ آڻڻ چاهيون ته اسان کي اُنهن کي اُنَ ئي حِسيات ۽ تاثرات ۾ تحويل (reduce) ڪرڻو پوندو.

چارواڪ جي اخلاقي تعليمَ، جيئن ته مان پڌرو ڪري چڪو آهيان، لذتيت (hedonism) جي تصورَ تي ٻڌل هئي، جنهن جي معنيٰ هي آهي ته ماڻهوءَ جو هِنَ دنيا بابت هڪ هاڪاري رويو هجڻ گهرجي. يعني اِنَ ۾ هي پيغام لڪيل آهي ته آخرت جي تصورَ سان هِنَ زندگيءَ کي زهر نه ڪجي ۽ رڳو هِنَ مادي دنيا جي حقيقتن کي تسليم ڪيو وڃي. اِنَ فلسفي ۾ ايپي ڪيورس ۽ نٽشي جو پڙاڏو ٻڌي سگهجي ٿو.

پرابوڌا (Prabodha) جي اِنَ ننڍڙي مثالَ ۾، اِنَ تصورَ کي خوبصورتيءَ سان سمويو ويو آهي:

”هُو آڳاٽا ۽ روايت پسند (فلسفي) هِنَ فلسفي جي تبليغَ ڪن ٿا ته اسان کي هِنَ جيوَنَ جي خوشين کي تياڳڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هِنَ ۾ ڏُکُ ۽ دَردُ آهي. پر ڇا هڪ دانشور، اَڻ ڇِليل چانورن (سارين) کي، جيڪو ڀلو اَنُ آهي، رڳو اِنَ ڪري اُڇلي ڇڏيندو، ڇو جو منجهس ڀوسو ۽ ڇلرَ آهن.“

اخلاقي قدرن بابت چارواڪ جو خيال هو ته هي سڀ روايتي (Conventional) ۽ انسانن جا ٺاهيل (Man-Made) آهن. چارواڪ جا ماديت پسندَ، انساني عقلَ ۽ حواسَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي سَنَد (Authority) مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. ائين معلوم ٿئي ٿو ته اُنهن پنهنجين لکڻين ۾، هنڌين ماڳين ويدن جي فرسوده ۽ رجعت پسند نڪتن مٿان ٽوڪَ ۽ ٺٺولَ ڪئي آهي. ۽ سندن پيروڪارن جو کُليءَ طرح مذاقُ اُڏايو آهي. ويدن جي ٽن اهم خامين جي هُو نشاندهي ڪن ٿا. پهريون ته اُنَ ۾ موجود ڪوڙ ۽ منافقت، ٻيون ته اُنَ ۾ موجود تضادَ ۽ ٽيون ته اُنهن جو تڪرار. اُنهن جي لکڻين مان ڪجهه ٽڪرا پيش ڪريان ٿو، جنهن مان ويدن بابت سندن ويچارن جو پَتو پوي ٿو:

”آخرت، آخرت ۾ ڇوٽڪارو ۽ آتما جو ڪو به وجودُ ڪونهي ۽ نه ئي اُنهن جو ڪنهن ٻِي دنيا سان ڪو تعلق آهي.“

”چئن ذاتن سان تعلق رکڻ وارن جي عملن مان ڪائنات جي نظامَ تي ڪو به فرقُ نه ٿو پوي. “

”جيڪڏهن قربانيءَ جي جانورَ، جنهن کي مذهبي رسمن جي اَدائگيءَ وقت قربان ڪيو ويندو آهي، سڌو جنت ۾ هليو ويندو آهي ته پوءِ ڀلا قربانيءَ ڪرڻ وارو ماڻهو، پنهنجي پيءُ کي قربانُ ڇو نه ڪندو آهي ته جيئن پڻس سڌو جنت ۾ وڃي! “

”جيڪڏهن هڪ ڀيرو جسمُ خاڪ ۾ ملي وڃي ته پوءِ ٻيهر هُو ڪيئن جنم وٺي سگهي ٿو. جيڪڏهن هڪ ڀيرو روحُ جسمَ مان نڪري، ڪنهن ٻِي دنيا ۾ هلي وڃي ته پوءِ ڀلا ائين ڇو ناهي ٿيندو ته هُو پنهنجي مِٽن مائٽن خاطر، بي چين ٿي واپس هليو اچي! بس اِنَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته (هي سمورو فلسفو) برهمڻن پنهنجي گذاري جي لاءِ گَهڙيو آهي.“

ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن جو خيالُ آهي ته اِنهن ٽڪرن مان چارواڪ جي نظرين جي صحيح ترجماني نه ٿي ٿئي. بلڪ اُنَ ۾ سندن تعليمات کي طنزيه، مسخ شده ۽ مزاحيه اندازَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن کي اُنَ فلسفي کان بيزار ڪيو وڃي. هي درست آهي ته چارواڪ جا فلسفي ويدن خلاف هڪ شديد رد عمل جي ڪيفيت کي واضح ڪندا هئا. پر حقيقت هي آهي ته ويدن ۾ به اسان کي فڪر منتشر ۽ متضاد شڪل ۾ ملي ٿو. جتي اُنهن ۾ رسمن رواجن جي تلقين، فطرتَ کان مٿڀرن عقيدن جي ڀرمار، نفس ڪشي ۽ دنيا دشمنيءَ جي تعليمَ آهي، اُتي ڪٿي ڪٿي اهڙا ٽڪرا به ملي ويندا آهن، جن ۾ اسان کي آزاد فلسفياڻه بحثَ، تشڪيڪيت ۽ ماديت پسنديءَ جا لاڙا غالب نظر ايندا آهن. راڌا ڪرشنن پنهنجي تصنيفَ “Indian Philosophy” ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو:

”رگ ويد ۾ اسان کي آزاد فلسفياڻي فڪرَ ۽ تشڪيڪ پسندي جا جراثيمَ به ملي پون ٿا، جن مان غالباََ چارواڪ به فائدو ورتو هو.“

اِنَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته چارواڪ جو فلسفو ترقي پسند سوچَ جو ترجمان آهي ۽ اِنَ فڪرَ سان لاڳاپيل فلسفين تاريخَ ۾ هندو ذهنَ جي جمودَ کي ٽوڙڻ ۾ هڪ اهم ۽ هاڪارو ڪردارُ ادا ڪيو هو. هندو ذهن آڳاٽي زماني ۾، جن لاهين چاڙهين وارين ڪيفيتن مان گذريو هو، اُنَ ۾ چارواڪ يقيناََ چاڙهه جي نشاندهي ڪري ٿو.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button