Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

طلاق ۽ الڳ ٿيڻ: سماجي، نفسياتي ۽ ثقافتي پهلوئن جو جائزو

طلاق هڪ ڪافي سنجيده فيصلو آهي جنهن کي احتياط ۽ سمجهه سان وٺڻ گهرجي پر جيڪڏهن ضروري هجي ته زهر ڀريل رشتن مان ماڻهو جان ڇڏائي پنهنجي زندگي گذاري.

مغربي سماجن ۾ طلاق کي گهڻو ڪري هڪ ذاتي فيصلو سمجهيو ويندو آهي، ۽ ان تي گهٽ سماجي دٻاءُ هوندو آهي. اتي فرد جي ذاتي خوشي ۽ آزادي کي اوليت ڏني ويندي آهي

قرآن شريف ۽ حديثن ۾ طلاق جي باري ۾ واضح هدايتون ڏنل آهن ته اهو عمل انصاف، سڪون، ۽ انسانيت جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي

تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته اهي ٻار جيڪي روزاني جي بنياد تي گهريلو جهيڙن، نفسياتي تشدد ۽ هڪ زهريلي ماحول ۾ رهندا آهن، انهن تي ناڪاري اثر پوندا آهن

عبدالله عثمان مورائي

زندگيءَ جي سفر ۾ تعلقات جي اهميت هر ڪنهن لاءِ بيحد ضروري آهي پر ڪجهه رشتا جيڪي ڪڏهن محبت، اميد ۽ نون خوابن سان شروع ٿيندا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ  ٻوجھ بڻجي وڃن ٿا ۽ پنهنجو قدر وڃائي ڇڏيندا آهن ۽ زهر آلود ۽ ڏکوئيندڙ بڻجي ويندا آهن. اهڙين حالتن ۾، جتي رشتي ۾ عزت ۽ اعتماد جو فقدان اچي وڃي، طلاق ۽ علحدگي هڪ آخري رستو بڻجي سگهي ٿو. ان کي رڳو هڪ رشتي جي پڄاڻي جي طور تي ڏسڻ غلط آهي؛ درحقيقت، اهو نه رڳو فردن کي پريشاني ۽ ڏک مان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو، پر انهن جي نفسياتي ۽ جسماني صحت لاءِ به ضروري آهي. هڪ اهڙو رشتو جيڪو ٻنهي ڌرين لاءِ نقصانڪار ٿي پوي، ان کي ختم ڪرڻ هڪ مثبت قدم ٿي سگهي ٿو جيڪو مستقبل لاءِ امن ۽ خوشي جو دروازو کولي ٿو. طلاق جي اهميت کي سمجھڻ لاءِ، ضروري آهي ته ان جي باري ۾ موجود سماجي پابندين (taboos)، مذهبي نقطه نظر، ۽ انساني زندگي تي ان جي اثرن جو غير جانبدارانه جائزو ورتو وڃي.

مغربي ۽ ڏکڻ ايشيائي سماجن جو مقابلو: سماجي پابندين جا اثر

طلاق جو سڀ کان وڏو مقصد آهي انسان جي نفسياتي ۽ جسماني صحت کي برقرار رکڻ. مغربي سماجن ۾ طلاق کي گهڻو ڪري هڪ ذاتي فيصلو سمجهيو ويندو آهي، ۽ ان تي گهٽ سماجي دٻاءُ هوندو آهي. اتي فرد جي ذاتي خوشي ۽ آزادي کي اوليت ڏني ويندي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان، مغربي سماجن ۾ فرد جي انفرادي حقن ۽ نفسياتي ڀلائي تي زور ڏنو ويو آهي. ان ڪري، طلاق هڪ اهڙو عمل بڻجي ويو آهي جنهن کي ڪو به گهڻو سوال نٿو ڪري. جڏهن ته، ڏکڻ ايشيائي سماجن جهڙوڪ پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ طلاق کي اڄ به هڪ وڏي سماجي  پابندي (social taboo) طور ڏٺو ويندو آهي. هتي طلاق کي خاندان جي عزت تي هڪ داغ يا سماجي ناڪامي طور ڏٺو ويندو آهي. ان سوچ سبب ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد غير مطمئن،ناسازگار،تشدد ۽ زهرآلود رشتن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. هي سماجي دٻاءُ، شرم ۽ ڊپ ماڻهن کي ڪيترن ئي نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا ڪري ٿو، جن ۾ ڊپريشن، ذهني دٻاءُ، ۽ اندروني اڪيلائي شامل آهن. انهن سماجن ۾ خاص ڪري عورتن کي اهو سبق ڏنو ويندو آهي ته “سڀ ڪجهه برداشت ڪريو” ۽ “رشتي کي ٽوڙڻ کان بچو.” اهڙيون سوچون عورت جي خود اعتمادي ۽ شخصيت کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن. ساڳيء طرح مرد به سماجي مجبورين جي ڪري اهڙن زهريلن رشتن کي نڀائيندا ايندا آهن.

مذهبي نقطه نظر: اسلام ۾ طلاق جي حقيقت

مذهب، خاص ڪري اسلام ۾ طلاق کي پسنديده عمل نه سمجهيو ويو آهي پر ان جي اجازت ڏني وئي آهي. مشهور حديث آهي ته “الله جي حلال شين مان سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده شيءِ طلاق آهي.” ان جو مطلب اهو آهي ته طلاق هڪ آخري ۽ مجبوري وارو رستو آهي، جڏهن سڀئي رستا بند ٿي وڃن. اسلام ۾ طلاق جو تصور ان صورت ۾ آهي جڏهن مڙس ۽ زال پنهنجي رشتي کي نباهڻ کان قاصر ٿين ۽ امن سان گڏ رهي نه سگهن. قرآن شريف ۽ حديثن ۾ طلاق جي باري ۾ واضح هدايتون ڏنل آهن ته اهو عمل انصاف، سڪون، ۽ انسانيت جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي.  اسلام ۾ نه صرف مردن کي پر عورتن کي به طلاق جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن کي خُلع چيو ويندو آهي. اهو عورت کي هڪ اختيار ڏئي ٿو ته هوءَ هڪ اهڙي رشتي مان آزادي حاصل ڪري سگهي، جنهن ۾ هوءَ خوش نه هجي. اهو ثابت ڪري ٿو ته مذهب رشتن جي پائداري کي اوليت ڏئي ٿو، پر بند گهٽيء ۾ انساني زندگي کي بي معنيٰ بڻائڻ جي اجازت نٿو ڏئي. بدقسمتيءَ سان، ڏکڻ ايشيائي سماجن ۾ مذهب جي ان لچڪدار اصول کي سماجي ۽ ثقافتي روايتن سان گڏ ڳنڍي طلاق کي هڪ وڏو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.

ٻارن تي اثر: هڪ زهريلي ماحول کان وڌيڪ نقصانڪار

اها هڪ عام غلط فهمي آهي ته طلاق هميشه ٻارن لاءِ نقصانڪار هوندي آهي. تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته اهي ٻار جيڪي روزاني جي بنياد تي گهريلو جهيڙن، نفسياتي تشدد ۽ هڪ زهريلي ماحول ۾ رهندا آهن، انهن تي ناڪاري اثر پوندا آهن. اهڙي ماحول ۾ ٻارن جي ذهني، جسماني ۽ جذباتي واڌ ويجهه رڪجي ويندي آهي. ان جي مقابلي ۾، اهو بهتر آهي ته والدين الڳ ٿي خوش ۽ پرامن زندگي گذارين ته جيئن ٻار صحتمند نفسياتي ماحول ۾ پروان چڙهن. هڪ اهڙي صورتحال جتي والدين ڌار ڌار پر پر امن گهرن ۾ رهن، ٻارن جي بهتر پرورش ڪري سگهن ٿا. ٻار اهو محسوس ڪندا ته سندن والدين خوش آهن ۽ ٻئي سندن پرواهه ڪن ٿا، جيڪو انهن جي نفسياتي صحت لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي.

زهريلي لاڳاپن ۾ رهڻ کان طلاق بهتر ڇو آهي؟

هڪ زهريلي يا غير صحت مند رشتي ۾ رهڻ سان فرد ذهني، جسماني، ۽ جذباتي طور تي ڪمزور ٿي وڃي ٿو. اهڙن رشتن ۾ مسلسل ڇڪتاڻ، عزت نفس جو نقصان، ۽ هڪ مسلسل خوف جو احساس شامل هوندو آهي. اهڙو ماحول ماڻهوءَ جي زندگي کي دوزخ  بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. مسلسل ذهني دٻاءُ سبب فرد کي ڊپريشن، ڳڻتي ۽ ٻين جسماني بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي. ان جي مقابلي ۾، طلاق هڪ شخص کي اهو موقعو ڏئي ٿي ته هو اهڙي زهريلي رشتي مان نڪري ۽ پنهنجي لاءِ هڪ پرامن ۽ محفوظ ماحول پيدا ڪري. ان سان هو پنهنجي نفسياتي، جذباتي، ۽ جسماني صحت کي بحال ڪري سگهي ٿو. طلاق زندگيءَ جي پڄاڻي نه، پر هڪ ڏکوئيندڙ سفر کان آزادي آهي. اهو نه صرف فرد کي نئين زندگي شروع ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو، پر هن کي پنهنجي ذاتي طاقت ۽ خود اعتمادي کي ٻيهر ڳولڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

هن ڪالم جو حاصل مقصد ته طلاق يا الڳ ٿيڻ هڪ شخص کي هڪ زهريلي ماحول ۾ رهڻ بجاءِ پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي ڀلائي، پنهنجي زندگي تي ڪنٽرول ڏيڻ، خودمختياري حاصل ڪرڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جو موقعو ڏئي ٿو. زهر ڀريل رشتن ۾ رهڻ انسان جي روحاني، جذباتي ۽ جسماني خوشيءَ کي نقصان پهچائيندو آهي، جڏهن ته الڳ ٿيڻ سان نئين شروعات ۽ ذهني سڪون جا دروازا کلن ٿا.

ڏکڻ ايشيائي سماجن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته خاندان جي سچي عزت رشتي کي برقرار رکڻ ۾ ناهي، پر ان ۾ آهي ته هر فرد خوش ۽ صحتمند هجي. طلاق جو مطلب ڪاميابي يا ناڪامي ناهي، پر اهو خود اعتمادي، پاڻ لاءِ محبت ۽ ذاتي سڪون جي سفر جو هڪ حصو آهي.

سماج ۽ ثقافت جي دٻاءُ باوجود، پنهنجي ڀلائي ۽ نفسياتي صحت لاءِ زهر ڀريل رشتن کي ڇڏي نڪرڻ هڪ مثبت، هاڪاري ۽ ضروري فيصلو آهي. بهرحال طلاق هڪ ڪافي سنجيده فيصلو آهي جنهن کي احتياط ۽ سمجهه سان وٺڻ گهرجي پر جيڪڏهن ضروري هجي ته زهر ڀريل رشتن مان ماڻهو جان ڇڏائي پنهنجي زندگي گذاري.

_________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ ۽ سياح آھي ۽ انگريزيءَ، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندڙ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button