Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ڇا جي ايم سيد ناڪام سياستدان هو!؟ سيد تي ٿيل تنقيد جو ڇيد

سائين جي ايم سيد لاءِ چيو ويو آھي تہ ”ھُو ريسرچر ۽ اسڪالر تہ وڏو هو، پر هو هڪ ناڪام سياستدان هو.“

ون يونٽ خلاف اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ کان وٺي ون يونٽ جي خاتمي تائين سيد جو ڪردار هڪ ڪامياب سياستدان طور تاريخ ۾ لکجي چڪو آهي. سيد صرف هڪ ڪامياب سياستدان نہ پر تاريخ ساز سياستدان آهي

ڪو عمل، جيڪو هڪ دؤر ۾ ڪاميابي سمجهيو ويندو هجي، اھو ٻئي دؤر ۾ ناڪامي بہ سمجهي سگهجي ٿو. دؤر ۽ معيار بدلجڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ناڪامي ڪاميابي ۽ ڪاميابي ناڪامي ۾ بدلجي ٿي.

نواز خان زئور

سنڌ جنهن جنگاڻ واري صورتحال ۾ ڦاٿل آهي، ان کي ڏسندي آئون ڪوشش ڪندو آهيان تہ غير ضروري طور تي تڪرار نہ وڌائجن، هلڪي ڦلڪي ڳالھ تي ڦلڪ نہ آڻجي، ايري غير نٿو خيري  تي مڇ نہ ڇنڊجي ۽ گهڻو تڻو سهپ ۽ درگذر کان ڪم وٺجي. ان جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن ڪن مامرن تي ردعمل ڏيڻ ضروري ٿيو پئي. آئون ڪافي ورهيہ اڳ هڪ ڀيرو سيد جي بچاءَ ۾ اڳتي آيو هيس ۽ لکيو هيم:

”مون جي ايم سيد کي ڪڏھن بہ عقيدت طور نہ ڏٺو آھي. آئون سيد جو معتقد نہ، سيد جو نقاد آھيان. پر توھان وٽ تنقيد نہ، تعصب آھي. تعصب سان درست نتيجن تي نٿو پڄي سگھجي. عقيدو ۽ تعصب پاڻ ۾ ويڳا ڀائر آھن. عقيدي وانگر تعصب بہ دليل جو در بند ٿو ڪري.“

تنقيد ادب ۾ هجي يا سياست ۾، اها شين کي وڌيڪ معياري ۽ وڌيڪ ڪارائتو بڻائيندي آهي. افسوس تہ اسان وٽ اعلي’ معيار جي تنقيد اپڙي نہ سگهي آهي ۽ تنقيد جي نالي ۾ بهتان بازي، هلڙبازي، رياڪاري ۽ تعصب کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ان جو سبب هيءَ آهي تہ اسان جي اڪثر ماڻهن کي تنقيد جي وصف، اصولن ۽ حدن جي خبر ئي ڪانهي. تنقيد جي نهايت سادي ۽ بنھ مختصر وصف هيءَ آهي تہ اها ڪنهن شئي جي مختلف پاسن جو جائزو وٺي، ڪن مخصوص معيارن موجب، ان جي اعلي’ پئماني جي ڪٿ ڪري ٿي؛ ان جو قدر مقرر ٿي ڪري ۽ ڪن خاص عملن جي مختلف پاسن تي پوندڙ اثرن کي پڌرو ٿي ڪري.

ان بجاءِ اسان وٽ تنقيد جو تصور محض مخالفت، پَٽڪو لاهڻ، پِٽڪو ڪرڻ ۽ ڪَج بحثِي آهي. جڏهن تہ ضرورت شين جي باري ۾ درست تصور پيدا ڪرڻ ۽ حقيقت پسنداڻا ۽ معياري رويا جوڙڻ جي آهي.

مون کي اها ڳالھ هن دفعي شدت سان وري تڏهن ياد آئي آهي، جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر قادر مگسي ڪنهن انٽرويوءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي باري ۾ خيال آرائي ڪئي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چئي ٿو: ”سائين جي ايم سيد ريسرچر ۽ اسڪالر تہ وڏو هو، پر هو هڪ ناڪام سياستدان هو.“

دنيا جي سياسي تاريخ کي باريڪ بيني سان ڏسجي ٿو تہ پتو پئي ٿو تہ ڪاميابي توڙي ناڪامي مطلق شيون نہ ٿينديون آهن. نہ صرف فلسفي جي حوالي سان پر سياسي روءِ کان پڻ اهي ٻئي نسبتي تصور آهن. ڪو عمل، جيڪو هڪ دؤر ۾ ڪاميابي سمجهيو ويندو هجي، اھو ٻئي دؤر ۾ ناڪامي بہ سمجهي سگهجي ٿو. دؤر ۽ معيار بدلجڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ناڪامي ڪاميابي ۽ ڪاميابي ناڪامي ۾ بدلجي ٿي. سڪندر اعظم يونان جي پَٽن تان گهوڙي جي پٺيءَ تي سوار ٿيو، لتاني نديءَ کان نيل ۽ دجلا کان سنڌوءَ جي ڪنارن تائين وارا ملڪن جا ملڪ مطيع بڻائيندو ويو. ان زماني جي پارسيا جي سلطنت تي حڪمران ٿي ويو. سنڌ ۾ مليل شڪست جي دؤنس ۾ ايران ۾ گهڻو شراب پيئڻ سببان مري ويو. هو وڏو فاتح هو. دنيا جي وڏين سلطنتن مان هڪ وڏي سلطنت جوڙيائين. پر سندس مئي پڄاڻان سندس سلطنت ورهائجي وئي. جنگيون کٽيائين، ڪامياب هو. پر سلطنت ورهائجڻ سبب سندس ڪاميابي پائيدار نہ ٿي سگھي. سندس عظمت ويندي رهي، جو پرايا ملڪ فتح ڪيائين ۽ اتان جون دولتون ميڙيائين. ان کي ڇا چونداسين، ڪاميابي يا ناڪامي؟ اها دائمي ناڪامي آهي. کيس هاڻي عظيم رڳو هڪ ڳالھ جي ڪري مڃيو وڃي ٿو، جو ٻين ڪيترن ئي بادشاهن ۽ فاتحن وانگر سريت يا رکيل بڻائي رکڻ بجاءِ ايران جي شهزاديءَ رخسانا سان شادي ڪيائين. اهو برابري ۽ عزت ڀريو شانائتو انساني عمل تاريخ ۾ سندس ڀَرم ڀَريءَ ڪري ويو آهي.

هني بال ڪارٿيج مان هليو. ڦيرو ڪري ڪوھ الپس ٽپي رومين تي وڃي ڪڙڪيو. ڍنڍ تراسي منو جي ڪناري تي صبح جو ڏهين لڳي تائين رومين جا چاليھ هزار سپاهي چٽڻي ڪري ڇڏيائين. ڪنسائي جي ميدان تي ويھ هزار رومين جا سر نيائين. ٻنهي جنگين ۾ رومي فوج کي بدترين شڪستون مليون. ان هوندي بہ روم شهر کي فتح نہ ڪري سگهيو. کانئس پوءِ بہ رومي سلطنت سالها سال قائم رهي. پر سندس جنگي حڪمت عملي ۽ تاريخ تي اثر جي لحاظ کان دنيا کيس هڪ عظيم ۽ ڪامياب جرنيل سمجهي ٿي، جنهن روم کي ڊاهڻ جا بنياد رکي ڇڏيا هئا.

انقلاب فرانس جي ناڪامي جي نتيجي ۾ فرانس انتشار جو شڪار هو. نيپولين بونا پارٽ اڳتي آيو، جنگيون کٽيائين.  ١٨١۵ع ۾ واٽرلوءَ جي ميدان تي آخري جنگ هارايائين ۽ سينٽ هيلينا جي ٻيٽ تي قيد تنهائي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنگين کي ڇڏي ڪري سندس اهم سياسي ڪارنامو فرانس کي انتشار مان ڪڍي هڪ قومي لڙيءَ ۾ پوئي وڃڻ هو. کيس ناڪام چئون يا ڪامياب؟

اهي تہ ٿيا ڪجھ جرنيلن ۽ حڪمرانن جا مثال. هاڻي اچون ٿا ٻئي پاسي ڏانهن.

ڪارل مارڪس سرمائيداريءَ جي مقابلي ۾ معاشي برابريءَ جو هڪڙو عاليشان نظريو ڏنو. جنهن جي پاداش ۾ غربت ۽ جلاوطنيءَ سِر تي سَٺائين. برطانيا ۾ جلاوطني دوران جرمن انقلابي مزورن کي فوجي ۽ انقلابي ويڙھاند جون تربيتون ڏياري وڙهڻ لاءِ واپس وطن موڪليندو رهیو. پر پوءِ بہ انقلاب برپا نہ ڪري سگهيو.

پليخانوف روس ۾ سوشلزم لاءِ راھ هموار ڪرڻ وارن شروعاتي سياستدانن ۽ نظرئيدانن مان ھڪڙو تمام وڏو نالو هو. کيس روسي سوشلزم جو پيءَ چيو ويندو هو. فڪري ۽ سياسي جاکوڙ ڪيائين. پر بالشويڪن سان اختلافن سبب انقلاب واري عمل جو مرڪز نہ رهيو ۽ انقلاب جو مرحلو هلندي ستت ئي گذاري ويو. انقلاب برپا ڪرڻ جو ڇٽ وڃي لينن جي مٿي تي جهُليو. لینن ڪنهن حد تائين پليخانوف کي مڃتا ڏني ۽ وڏي حد تائين مٿس تنقيد ڪئي. پر ڇا تاريخ پليخانوف جي پورهئي کي ناڪامي جي پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيو؟

گني بسائو ۾ ايملڪار ڪئبرال آزاديءَ کان فقط ڇھ مهينا اڳ ٢٠ جنوري ١٩٧٣ع تي قتل ٿي ويو. هو آزاديءَ جي ڪاميابي اکين سان ڏسندي ڏسندي ذري تان رهجي ويو. ڇا هو ناڪام ويو؟

ھوچي منھ قومپرستي ۽ انقلاب جي دنيا جو تمام وڏو نالو آهي. ويٽنام فرانس کانپوءِ آمريڪا جي قبضي ھيٺ هليو ويو. ڏکڻ چيني سمنڊ جي اولهندي ڪناري سان ڊگهائي ۾ پکڙيل سنهي پٽيءَ جهڙو هي ملڪ ڏکڻ ويٽنام ۽ اتر ويٽنام جي نالي سان ورهائجي ويو. هوچي منھ جي آتم ڪهاڻي لکندڙ زان لاڪو تيور لکي ٿو تہ ويٽنام جي ورهاڱي جي دستاويز تي هوچي منھ پاڻ صحيحون ڪيون، جن ۾ هڪ شرط اهو هو تہ ٻن سالن بعد ڏکڻ ويٽنام ۾ گڏپ جي باري ۾ ريفرينڊم ڪرايو ويندو. هوچي منھ ويٽنام جي گڏپ ۽ مڪمل آزاديءَ ڏسڻ کان اڳ ئي راھ رباني وٺي ويو. ويٽنامين ڪڏهن بہ کيس ناڪام ڪوٺڻ جون چميگوئيون ناهن ڪيون.

ملان مصطفا برزاني ڪردن جو وڏو اڳواڻ هو. عراقي ڪردن جي آزاديءَ لاءِ ايران، آرمينيا ۽ آمريڪا ۾ جلاوطني جا گهنگهر ڏينهڙا گهاريائين. فوت بہ جلاوطني ۾ ئي ٿيو. ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو بانيڪار هو. کانئس پوءِ سندس پٽ آزاديءَ جي ويڙھ وڙهندا رهيا. ڪردن وٽ پنجٽيھ هزار صرف ويڙهاڪ عورتون آهن. صدام حسين جي زوال بعد خودمختيار ڪردستان ريجن جي حڪمراني مصطفا برزاني جي پٽن جي اڳواڻي ۾ هلندڙ سندس جماعت ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي وٽ آهي. ٢٠١٧ع ۾ ريفرينڊم ڪرايائون تہ ٩٨ سيڪڙو وؤنٽ آزاديءَ جي حق ۾ پيا. جيتوڻيڪ ڪردستان اڃا آزاديءَ حاصل ڪري نہ سگهيو آهي، پر ڇا ڪير مرحوم برزاني کي ناڪام چئي سگهي ٿو، جنهن زاب الڪبير درياھ جي ڪنارن کان وٺي پرڏيھ ۾ ڊنيوب جي ڪنڌيءَ سان وڃي ويٺل ڪردن تائين سڀني کي هڪ قوم جي عاليشان تصور جي ڪَنڍيءَ ۾ پوئي ڇڏيو.

سن يات سين، چيانگ ڪائي شيڪ، گئليلي جو عيسا، انتونيو گرامچي، نانا صاحب، جهانسي جي راڻي لڇمي ٻائي، تانتيا ٽوپي، دولھ دريا خان، شاھ عنايت شهيد، سورهيہ بادشاھ، مولانا عبيدﷲ سنڌي ۽ ﷲ بخش سومري سميت انيڪ اڳواڻ آهن، جيڪي انقلاب جي شمعن جي چاهت ۾ جدوجهدن جي نيم تاريڪ راهن ۾ ماريا ويا يا پنهنجي ديس کان ڌڪي ڌار ڪيا ويا، ڪير آهي جيڪو انهن کي ناڪام ڪوٺي سگهي ٿو!

جي ايم سيد جي ڪهاڻي بہ انهن کان گهڻي مختلف ناهي.

سنڌ جي يگاني مقرر ۽ مدبر سياستدان حفيظ قريشي هڪ ڀيري چيو:

”جڏهن اسان چوندا آهيون”ڌرتي ڌُر آ“تہ پوء انهيءَ مان اسان جو مطلب هوندو آهي:

 “Don’t misbehave with us, don’t misbehave with our land, with our bureaucracy, with our trade, with our land, with our barrage, with our identity…!”

هاڻي اهو ڌرتيءَ جي ڌر هجڻ وارو هيءَ جيڪو خيال آهي، ان خيال جو اصل موجد سائين جي ايم سيد آهي. ڪنهن بہ قوم جو سڀ کان وڏو نقصان ۽ الميو هيءَ آهي تہ اها هڪ قوم طور سوچڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ ڇڏي ڏئي. اسان سنڌين سان ان کان بہ وڌيڪ خراب حالتون هيون. اسان پنهنجي اجتماعي ۽ تاريخي يادگيري وڃائي ويٺا رهياسين. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن جديد سياسي سرشتن جي سڌ ٻڌ هتي پهچڻ شروع ٿي تہ سنڌين جون جيڪي پهريون جماعتون جڙيون، اهي سنڌ هندو سڀا، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، خلافت تحريڪ وغيرھ هيون. جيڪي قومي جماعتون هجڻ بجاءِ فرقيوار جماعتون ھيون. جيڪي سنڌي هندوئن ۽ سنڌي مسلمانن ۾ ورڇيل رهيون. سنڌين جون رودار قومي جماعتون تہ اوڻيھ سئو پنجٽيھ ڇٽيھ جي پيداوار آهن. جيڪي بہ پاڻ کي آل انڊيا سياسي اثرن کان بچائي نہ سگهيون. سنڌي هڪ قوم طور سوچڻ بجاءِ هندو مسلم سوچ ۾ ورڇيل رهيا ۽ ڪانگريسي ليگي اثرن ھيٺ سوچيندا رهيا. وطن جو احساس تہ ماڻهو ۾ اڻيهئي رهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو سياسي شعور جو حصو نٿو ٿئي تہ ان جي اهميت هڪ داخلي ڪيفيت کان وڌيڪ ڪجھ ناهي. سنڌين جي سياسي شعور جي سُئي آل انڊيا سیاسي قطب ڏانهن تاڻيل رهي. ان صورتحال ۾ انڊيا جهڙي گجگاھ ۾ وڃائجي وڃڻ کان جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدﷲ هارون، ايوب کهڙي، علي محمد راشدي، ميران محمد شاھ ۽ ٻين سنڌي سياستدانن کي اتر اولھ مسلم اڪثريتي علائقن تي ٻڌل، داخلي خودمختياري ڏيندڙ مملڪت، وڌيڪ بهتر لڳي. جنهن خيال جي اڳواڻي مسلم ليگ پئي ڪئي، جنهن جي سنڌ ۾ واڳَ تن ڏينهين بلاشڪ جي ايم سيد وٽ هئي. اهو هڪ سياسي حل هو. مدبر ھميشہ سياسي حل ڪڍندو آهي. جيئن جيئن انگريز ڪمزور ٿيا ۽ اقتدار ويجهو ايندي ڀاسيو، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي طالع آزمائن پاڻ کي پڌرو ڪري وڌو. مسلم ليگ جي موقعي پرستي ۽ جناح جي ڦرڻي گهرڻي ۽ ساڳي وقت انا پرست، ضدي ۽ آمرانا طبيعت جي ڪري سائين جي ايم سيد کي مجوزا حل سنڌ جي مستقبل لاءِ سٺو ثابت نہ ٿيڻ جا پروڻ پيا. هن ڪئبينيٽ مشن دوران سنڌ لاءِ الڳ حل تجویز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو ڪجھ نہ ٿي سگهيو. انگريز ڪانگريس ۽ ليگ کانسواءِ باقي ڌرين کي ٻڌڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهيا هئا. سيد کي سندس پهرئين فيصلي تي پشيماني ٿي. هن پوءِ ان تي لکيو، غلطي جو اقرار ڪيو ۽ ان کان اڳتي وڌي صحيح رستو چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. سنڌ جي قومي تشخص ۽ ملڪي حيثيت جي بحالي!

جيتوڻيڪ جي ايم سيد پنهنجي سياسي غلطي جو اعتراف ڪيو آهي، پر اهو ڪو اهڙو مسئلو نہ هو، جيڪو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رونما ٿيو هجي. يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪي قومن جو وفاق آهي. سوويت يونين هڪ وفاق هو. يوگوسلاويا مختلف بلقاني قومن جو الحاق هو. خود مصر ۽ شام ١٩۵٨ع دوران پاڻ ۾ الحاق ڪيو، جيڪو صرف ٽي ورهيہ برقرار رهي سگهيو. سو دنيا سياسي حلن ۽ مختلف قومن جي وچ ۾ گڏپن ۽ علحدگين جي مثالن سان ڀري پئي آهي. سنڌ مسلم ليگ يا مسلمانن جي الڳ مملڪت واري خيال تي ان ڪري هرک هاري، جو ان ۾ قومن جي خودمختياري ۽ قومي تشخص جي تحفظ جي ضمانت ڏني پئي وئي. ان جي برعڪس ڪانگريس متحد هندستان جي نالي ۾ مضبوط مرڪز جي پرچارڪ هئي. اهو سياسي سٽاڻي جي منطقي بيهڪ، نظرياتي لاڙن جي جبر ۽ مفادن جي جوڙجڪ جو المناڪ نتيجو هو، جو انگريزن جي وڃڻ بعد ٻنهي جماعتن هڪٻئي جي اڳوڻي ڪردار جي برعڪس نيون جڳهيون والاريون. مضبوط مرڪز جا چاهڪ تاريخي قومن جي حقن ۽ خودمختيار حيثيت جا نگهبان بڻيا ۽ اندروني خودمختياري جا دعويدار بدترين مرڪزيت جا طرفدار بڻجي ويا. جنهن ۾ منطقي نتيجي طور پنجابي بالادستي کي اڀري اچڻو هو.

پوءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڦرڻ، ونيونٽ مڙهڻ، درياھن ۽ زمينن تي قبضي، ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ ڌڪار، پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ، سمنڊ تي گرفت، ڌارين جي آبادڪاري، وڏن شهرن سميت سنڌ جي آبادياتي توان ۾ بگاڙ، سنڌ جي اقتدار اعلي’ کي اسلام آباد جي طابع ڪرڻ، ڳيجهو سياسي قوتون پيدا ڪري سنڌين جي قومي سگھ ۽ معاشي سياسي ارتقا اڳيان بند ٻڌڻ سميت ڪيترن ئي حربن ۽ سازشن کي وقت بوقت عمل ۾ آندو ويو. جن قدمن خلاف جي ايم سيد جو ڪردار ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. ون يونٽ خلاف اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ کان وٺي ون يونٽ جي خاتمي تائين سيد جو ڪردار هڪ ڪامياب سياستدان طور تاريخ ۾ لکجي چڪو آهي. تاريخ سندس جدوجهدن تي ڪاميابي جي دائمي مهر ثبت ڪري چڪي آهي.

البت عظيم اڳواڻن جي ڪاميابين کي صرف واقعن ۽ مسئلن جي پسمنظر ۾ نہ ڏسبو. بلقاني دانشور برگيٽ ھيڪنٿ هڪڙي ڏاڍي ڪم جي ڳالھ ڪئي آهي. هن لکيو آهي: ”ڪمزور اڳواڻ ڪاميابي کي ڏوڪڙن، عهدن ۽ اقتدار سان ماپيندا آھن. مضبوط ۽ وڏا اڳواڻ ڪاميابي کي سندن پاران عام ماڻھن جي زندگين ۾ آندل بهترِيَن، اڳڀرائين ۽ شعور جي واڌ وسيلي ڪٿيندا آھن.“

جديد دؤر ۾ ان معيار تي سنڌ ۾ رڳو سائين جي ايم سيد ئي پورو لهي ٿو. ڇاڪاڻ تہ سيد صرف هڪ ڪامياب سياستدان نہ پر تاريخ ساز سياستدان آهي. ڪاميابي ننڍي ڳالھ آھي، تاريخ سازيءَ ان کان وڏي ڳالھ آھي. سيد جو تاريخ ساز ڪردار هيءَ آهي تہ هو ئي آهي جنهن هن زماني ۾ سنڌي قوم کي سندس قومي تشخص ۽ تاريخي ملڪي حيثيت جو شعور عطا ڪيو. هڪ مذهبي تنگ نظر ۽ سيڪيورٽي رياست جي اندر روشن خياليءَ، ترقي پسنديءَ، انسان دوستيءَ ۽ قوم پرستيءَ کي فروغ ڏيڻ ۾ جيڏو اثرائتو ۽ گهڻ طرفو سياسي، ادبي ۽ فڪري ڪردار جي ايم سيد ادا ڪيو، اوتري پتوڙ ٻيو ڪوبہ نہ ڪري سگهيو آهي. هن سنڌين کي هڪ قوم واري بيهڪ ۾ سِڌائيندي سياسي، ثقافتي، معاشي، معاشرتي، مذهبي رواداريءَ، ادبي، فڪري ۽ اجتماعي ڌاڳي ۾ پوئي قومي وجود جي بچاءَ واريون جهتون پڌريون ڪري ڏنيون. جن جي روشنيءَ ۾ ئي هن خطي جي مستقبل جو تعين ٿيڻو آهي.

آئون ڀيٽائن تشبيهن جي گهڻي حق ۾ نہ ھوندو آھيان؛ ان هوندي بہ هتي هڪ حوالو ورجائڻ ضروري سمجهان ٿو. سنڌ جي تمام وڏي دانشور ۽ عالمي تاريخ جي ڄاڻو يوسف شاهين هڪ ڀيري چيو هو تہ ”جي ايم سيد سنڌي نثر جو شاھ لطيف آهي.“ هڪ انٽرويوءَ دوران کانئس ان سلسلي ۾ سوال ڪيو ويو تہ ڇا اوهان اها ڳالھ سيد جي نثر جي معيار جي لحاظ کان ڪئي آهي؟ جواب ۾ هن وراڻيو: ”نہ. مون ان آڌار تي اها ڳالھ ناهي ڪئي. نثر نگار سنڌيءَ ۾ ٻيا بہ وڏا پيا آهن، جن جي ايم سيد کان وڌيڪ سٺو ۽ اعلي’ نثر لکيو آهي. مون اها ڳالھ جي ايم سيد جي نثر ۾ آزاديءَ جي شديد تڙپ جي حساب سان ڪئي آهي. لطيف جي شاعري وانگر جي ايم سيد جي نثر ۾ شدت آهي. ان ۾ آزاديءَ جي جيڪا تڙپ آهي، اها ٻئي ڪنهن سنڌيءَ نثرنگار وٽ نٿي ملي.“

واضع رهي تہ سائين جي ايم سيد وٽ آزاديءَ جي اها تڙپ هڪ اديب، عالم ۽ اسڪالر هجڻ کان وڌيڪ هڪ آزاديءَ پسند سياستدان هجڻ جي ڪري آهي. ماڻهو عالمن ۽ اسڪالرن سان پيار ڪندا آهن، پر سياستدانن جي پيروي ڪندا آهن. ڪهڙو اسڪالر آهي، جنهن جا ايترا پيروڪار هجن؟ اٽڪل پنجن ڏهاڪن کان سماج کي غيرسياسي بڻائڻ واري ايجنڊا تي رياستي قوتن ڪم ڪيو آهي. اصل ۾ سيد جي سياسي حيثيت جو انڪار ان ايجنڊا جو سڌو اڻسڌو حصو ٿيڻ آهي، جنهن جو ڪيترائي دوست لاشعوري شڪار ٿين ٿا. هڪڙن لاءِ جي ايم سيد صرف هڪ صوفي آهي، ٻين لاءِ رڳو هڪ اديب آهي، ٽين لاءِ اسڪالر آهي، چوٿن لاءِ محض هڪ اهل دل انسان آهي. انهن دوستن لاءِ سيد جون سڀ حيثيتون اتم آهن سواءِ سياستدان جي. جڏهن تہ قومن جون تقديرون سياستدان بدلائيندا آهن. سيد بہ اول آخر سياستدان هو؛ سندس ٻيا زاويا ان جي اندر آهن. جي ايم سيد جي شخصيت جو نيوڪليس سياست آهي. هن جو سمورو ادبي، فڪري ۽ تاريخي پورهيو سياست جي گرد ئي گهمي ٿو ۽ سنڌ جي قومي آزاديءَ جي تڙپ اڀاري ٿو. اتان ئي قومي انقلاب برپا ٿيڻو آهي، ۽ ان ئي نقطي تي تاريخ جي ايم سيد جي دائمي قومي ڪاميابين مٿان، هڪ اديب، عالم، اسڪالر ۽ مفڪر کان اڳتي وڌي، هڪ تاريخ ساز سياستدان واري سوڀائتي مهر هڻندَي سندس حق ۾ پاسو ورائي ٿي.

____________

نواز خان زئور سنڌ جي قومپرست جماعت جيئي سنڌ قومي پارٽيءَ جو سربراھ آهي. ان سان گڏ هو ناليوارو اديب، ليکڪ، دانشور ۽ بهترين مقرر پڻ آهي. نواز خان زئور هي ليک خاص The AsiaN لاءِ لکيو آهي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button