Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ: سنڌ جا 15 ضلعا مُتاثر ٿي سگھن ٿا، مُراد شاھ

اسان سپر فلڊ لاءِ تيار آهيون، ساڄي ڪناري تي 6 جايون حساس آهن، ڪي ڪي بند وڌيڪ ڪمزور آهي، کاٻي ڪناري تي شينڪ بند ڪمزور آهي، وڏو وھڪرو برداشت نه ڪري سگهندو، وڏو وزير

سکر/گڊو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏينھن سکر ۽ گڊو بئراجن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ صوبي جا پندرھن ضلعا سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ جي ڪري مُتاٿر ٿي سگھن ٿا.  

مراد علي شاهه چيو ته متاثر ٿيندڙ ڳوٺن جي سڃاڻپ لاءِ نقشا تيار ڪيا ويا آهن۔ ”اسان کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته ڪهڙي سطح تي ڪهڙا علائقا متاثر ٿيندا۔“

هن چيو ته سنڌ جي جاگرافيائي بيھڪ پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطري واري آهي۔ پنجاب ۾ ڪٽ لڳائڻ لاءِ مخصوص جايون آهن جتان پاڻي واپس درياهه ۾ وڃي ٿو، پر سنڌ درياھي سطح کان هيٺ آهي، تنهنڪري پاڻي پکڙجڻ کان پوءِ واپس نه ٿو وڃي۔

درياھ جي بندن بابت هن ٻڌايو ته ساڄي ڪناري تي ڇھ جايون حساس آهن۔ ’’ڪي ڪي بند خاص طور ڪمزور آهي، جڏهن ته کاٻي ڪناري تي شينڪ بند جوڙجڪ جي لحاظ کان ڪمزور آهي ۽ اَٺ کان نَو لک ڪيوسڪ جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندو۔‘‘

وڏي وزير چيو ته ’’سپر فلڊ‘‘ يعني نَو لک ڪيوسڪ يا وڌيڪ پاڻيءَ جي وهڪري جي صورت ۾ تياريون جاري آهن۔ هن ٻڌايو ته 948 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، موبائل طبي يونٽس سرگرم آهن ۽ صوبائي پي ڊي ايم اي طبي ڪيمپون قائم ڪيون آهن جن ۾ ضروري دوائون ۽ ويڪسين شامل آهي۔ هن چيو ته پاڪ نيوي، پاڪ فوج ۽ رينجرز مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن۔ لڳ ڀڳ 192 ريسڪيو ٻيڙيون ڪچي جي علائقن ۾ مقرر ڪيون ويون آهن۔

مراد علي شاهه خاطري ڏني ته امدادي ڪيمپن ۾ پڪل کاڌو ڏنو ويندو ۽ ڪچي ۾ تباهه ٿيل گهرن کي بعد ۾ مٿاھين زمين تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو۔

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماضي جي ٻوڏن جو حوالو ڏيندي چيو ته 2010 ۾ گڊو بئراج مان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي گذريو هو۔ پر سندس چوڻ هو ته هن ڀيري نَو لک کان ڏهه لک ڪيوسڪ به وڏو چئلينج هوندو۔ 24 آگسٽ تي گڊو مان پنج لک پنجاهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري چڪو آهي، جنهن سان بندن کي ڇيهو ۽ ڪجهہ علائقن ۾ فصلن کي نقصان رسيو۔ جيڪڏهن وهڪرو محدود رهيو ته نقصان قابو ۾ رهندو، پر فصل بچڻ مشڪل ٿيندا۔

گڊو بئراج جي صورتحال

گڊو بئراج تي وزير آبپاشي جام خان شوري ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙي وڏي وزير کي ٻڌايو ته 2017 ۾ شروع ٿيل بحالي منصوبي ۾ 72.6 سيڪڙو عملي ۽ 78.6 سيڪڙو مالي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي۔ هي منصوبو چين جي ڪمپني ’’نيو ايرا ڊولپمينٽ گروپ‘‘ جي تحت جاري آهي ۽ هاڻي مارچ 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته منصوبو مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ معيار تي سمجهوتو نه ڪيو وڃي۔

سکر بئراج جي صورتحال

سکر بئراج جي دوري دوران وڏي وزير کي سنڌ بئراجز امپرومينٽ پروجيڪٽ (ايس بي آءِ پي) تي بريفنگ ڏني وئي، جيڪو سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان جاري آهي۔ کيس ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم منصوبا بندي موجب جاري آهي ۽ جون 2027 تائين مڪمل ٿيندو۔

ڪي ڪي بند

ڪي ڪي بند تي سيڪريٽري آبپاشيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو ته 1995 کان هي بند متاثر رهيو آهي۔ 2010 جي سپر فلڊ کان پوءِ اسٽڊز ۽ اسپُرز لڳايا ويا ۽ 2021 ۾ ميل 11 کان 18 جي وچ ۾ ست نوان ڍانچا مڪمل ڪيا ويا، پر هاڻي ميل 18 جي ڊائون اسٽريم حصي کي درياهه کان خطرو آهي۔ هنگامي قدم طور پٿر اڇلائڻ، ذخيرو ڪرڻ ۽ 24 ڪلاڪ نگراني جاري آهي۔

شينڪ بند

قادرپور، گھوٽڪي ۾ وڏي وزير شينڪ بند جو معائنو ڪيو، جيڪو پنج هزار ايڪڙ ڪچي جي زمين ۽ قادرپور لوپ بند کي تحفظ ڏئي ٿو۔ هي بند ڪيترن ڏهاڪن کان ڪمزور آهي ۽ 2022 ۾ ان ۾ وڏو گھارو پيو هو، جيڪو طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ 550 فُٽ تائين ويڪرو ٿي ويو۔

پي ڊي ايم اي

وڏي وزير کي صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان ۽ ڊي جي سلمان شاهه گڊو ۽ سکر بئراجن تي ٻوڏ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني، جتي پاڻيءَ جو وهڪرو نَو لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهي ٿو۔

بريفنگ موجب، سپر فلڊ جي صورت ۾ 15 ضلعن، 167 يوسي ۽ هڪ هزار 651 ڳوٺ متاثر ٿي سگهن ٿا، جنهن سان 16 لک 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو (273,148 خاندان) خطري ۾ اچي سگهن ٿا۔ ان خطري کي نظر ۾ رکندي متاثر علائقن ۾ 948 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن۔

گڊو ۽ سکر بئراجن جي وچ ۾ خطري وارن علائقن ۾ 1,01,343 ماڻهو گھوٽڪي ۾، 1,94,569 سکر ۾، 2,24,900 ڪشمور ۾ ۽ 2,64,542 شڪارپور ۾ متاثر ٿي سگهن ٿا۔ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ به ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن۔

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button