ٿرپارڪر ۾ سانوڻ جي برسات ۽ وِڄ ڪرڻ جا الميا
برساتون ٿر جي ريگستاني ڌرتيءَ کي حياتي ڏين ٿيون تہ ڪيترن ئي المين جو سبب پڻ بڻجن ٿيون. انهن مان سڀ کان وڏو الميو وِڄُ يا کنوڻ ڪرڻ آهي، جنهن ۾ هر سال انساني جانيون وڃائجن ٿيون ۽ چوپائي مال جو به وڏو نقصان ٿيندو آهي
ھڪ رپورٽ موجب گذريل پنجن سالن ۾، مجموعي طور 100 کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 3,000 کان وڌيڪ ڍور وِڄ ڪرڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن
نمائندي وٽان
مِٺي، ٿرپارڪر
ٿرپارڪر ضلعو سنڌ جي ان علائقي ۾ آهي جتي هر سال سانوڻ جي مُند ۾ برساتون ماڻھن لاءِ اميد به آڻين ٿيون ۽ ڏکيايون به. جتي هي برساتون ٿر جي ريگستاني ڌرتيءَ کي حياتي ڏين ٿيون، اتي ئي ڪيترن ئي المين جو سبب پڻ بڻجن ٿيون. انهن مان سڀ کان وڏو الميو آسماني بجلي يا کنوڻ ڪرڻ آهي، جنهن ۾ هر سال انساني جانيون وڃائجن ٿيون ۽ چوپائي مال جو به وڏو نقصان ٿيندو آهي.
هر سال جڏهن ڪارا ڪڪر ٿر جي آسمان تي ڇانئجن ٿا، تڏهن کنوڻ ڪرڻ جا واقعا به وڌي وڃن ٿا. ڳوٺاڻن جي چوڻ موجب، ڪيترائي ماڻهو گاهه جي ميدانن يا کليل ننڌن تي بيٺل هجڻ سبب وِڄ جو شڪار ٿين ٿا. ساڳيءَ ريت، ميدانن ۾ چَرندڙ ڍور به ان ڏکئي صورتحال مان بچي نه سگهندا آهن.
هن ڀيري به سخت برساتن دوران ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ سوين ڍور به مري ويا آهن، جنهن سان نه رڳو خاندانن کي جاني نقصان ٿيو پر سندن معيشت به شديد متاثر ٿي آهي.
وِڄُ ڪِرڻ دراصل فطري عمل آهي جيڪو بادلن ۾ ٿيندڙ برقي تبديليءَ جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي. جڏهن برساتي ڪڪر هڪ ٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ برقي توانائي جمع ٿي وڃي ٿي. اها توانائي جڏهن نڪري ٿي ته اها آسماني بجليءَ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي ۽ جيڪڏهن اها زمين يا ڪنهن انسان، وڻ، يا جانور سان ٽڪرائجي ٿي ته سخت نقصان پهچائي ٿي.
ٿر جي ريگستاني ايراضي، جتي کليل ميدانن ۾ ماڻهو ۽ ڍور گهڻو وقت گذارين ٿا، کنوڻ ٿيڻ لاءِ وڌيڪ حساس آهي. وڻن جي گهٽتائي، ڌرتيءَ جي بناوت ۽ ماڻهن جو کليل هنڌن تي بيهڻ انهن خطرن کي وڌائي ڇڏين ٿا.
ٿر ۾ هر سال ڪيترائي ماڻهو وِڄُ سبب فوت ٿين ٿا، جن ۾ اڪثر ٻارڙا ۽ چوپائيو مال چَاريندڙ ڳوٺاڻا شامل هوندا آهن. ٿر جي معيشت جو دارومدار ڍورن تي آهي. جڏهن سوين ڍور کنوڻ جو شڪار ٿين ٿا ته غريب گهراڻا معاشي طور تباھ ٿي وڃن ٿا.
مسلسل اهڙا واقعا ٿيڻ ڪري ماڻهن ۾ خوف ۽ ذهني پريشاني وڌي رهي آهي، خاص ڪري برساتن جي موسم ۾ ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا.
سائنس ۽ ماهرن جي رهنمائي موجب، ڪجھ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري نقصان گهٽائي سگهجي ٿو. مثال طور برسات دوران کليل ميدانن ۾ بيهڻ کان پاسو ڪيو وڃي. وڏن وڻن يا اوچين اڏاوتن جي ويجهو بيهڻ وِڄ جي خطري کي وڌائي ٿو. جيڪڏهن گوڙ ۽ کنوڻ جا ٺڪاءَ شروع ٿين ته ماڻهو زمين تي ويهي رھن. چوپائي مال مويشيءَ محفوظ ڇپرن جي سهولت پيدا ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي گهرجي ته ڳوٺاڻن ۾ آگاهي مهم هلائي ۽ انهن لاءِ بچاءَ جا طريقا عام ڪري.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت، مقامي انتظاميا ۽ سماجي تنظيمون گڏجي عوامي آگاهي، بچاءَ جا قدم ۽ هنگامي سهولتون فراهم ڪن ته جيئن ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي.
تازين برساتن ۾ وِڄ سبب ٿيل نقصان جا انگ اکر ٻُڌائين ٿا تہ اڻويھين آگسٽ 2025 تي نگرپارڪر ٻاهران ٽن ڳوٺن ۾ ٽن واقعن ۾ وِڄ ڪرڻ سبب هڪ ماڻهو فوت ٿي ويو، جيڪو پنهنجي گهر اندر سُتل هو. اسلام ڪوٽ جي ويجھو 3 واقعن ۾ 23 ڍور مري ويا جن ۾ 21 گھٽا ۽ ٻہ ٻڪريون شامل آھن. ھڪ ٻئي ڳوٺ ۾، برسات ۽ وِڄ ڪرڻ سبب ھڪ ڳئون ۽ ھڪ اُٺ سميت ٻاونجاھ ڍور مري ويا. ٽي ڏينهن اڳ اسلام ڪوٽ ويجھو 47 ٻڪريون کنوڻ سبب مارجي ويون.
ھڪ ٻئي ڳوٺ ۾ وڄ ڪرڻ سان 29 ٻڪريون ۽ ٻڪريون مارجي ويون. مجموعي طور ھلندڙ مُند ۾ ھيل تائين ڏيڍ سئو کان مٿي ڍور مري چُڪا آھن.
ھڪ رپورٽ موجب گذريل پنجن سالن ۾، مجموعي طور 100 کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 3,000 کان وڌيڪ ڍور وِڄ ڪرڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن
.ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر سال سانوڻ جي موسم (جيڪا جون کان سيپٽمبر تائين ٿي سگهي ٿي) دوران گجگوڙ سان تيز برسات سان گڏ، وِڄ ڪرڻ جا خطرناڪ واقعا وڌي وڃن ٿا. ٿر ۾ وڄ جا واقعا گھڻو ڪري ريگستاني سطح جي ڪري ٿين ٿا. موسمي تبديلي ۽ عالمي گرمائش ان عمل کي تيز ڪري رهيا آهن. گهڻو وڌيل گھِم ۽ گرميءَ سان طوفاني برسات ۽ وڌيڪ خطرناڪ ۽ گهڻي کنوڻ ٿيندي آهي.
مقامي ماڻھن جو خيال آھي تہ ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۽ پاور پلانٽس جي سرگرمي ماحولياتي تبديلي کي وڌائي رهي آهي، جنهن ڪري مقامي ماحول ۾ کنوڻ جا واقعا وڌيڪ ٿي رهيا آهن .
تازن انگن اکرن مان اهو واضع آهي ته ٿرپارڪر ۾ کنوڻ جا واقعا هڪ مستقل سماجي ۽ معاشي مسئلو بڻجي چڪا آهن، تنھنڪري ضروري آهي ته مقامي سطح تي عوامي آگاهي مهمون شروع ڪيون وڃن، جيئن ماڻهو گوٽ کنوڻ دوران کليل هنڌن کان ٻاهر نه نڪرن، حڪومت کي بہ گھرجي تہ ارٿ راڊ (Earth rods) جهڙيون ٽيڪنالاجيڪل تدبيرون ان علائقي ۾ لوائي. ماحوليات جي تبديلي ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي اثرن تي وڌيڪ تحقيق ۽ پاليسي ٺاهڻ گهرجي جڏھن تہ ايمرجنسي رسپانس سسٽم، تعليمي ادارن ۽ هيلٿ سينٽرن لاءِ حفاظتي پروٽوڪول تيار ڪيا وڃن.
_________________