سنڌ جي قومي حقن لاءِ ھلندڙ جدوجھد _ ھڪ جائزو
ڪيترا مُھانڊا اھڙا بہ آھن، جيڪي سنڌ جي نالي تي انقلابي سياست تہ ڪن ٿا پر اُھي ئي وري ٻئي پاسي ذاتي يا گروهي مفادن لاءِ قومي تحريڪن ۽ قوم کي ذات، قبيلن، يا سياسي اختلافن ۾ ورهائي ڇڏين ٿا
سنڌ جي تاريخ واضح ڪري ٿي تہ صرف ڳالهيون ڪرڻ سان وطن نہ بچندو، عملي ميدان ۾ لهي دشمن جي مقابلي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻو ئي پوندو
رشيد احمد خاصخيلي
وطن کي رڳو لفاظيءَ ۾ کڻي پنھنجو انفرادي ڪردار ئي ٺاھي سگھجي ٿو. اُھو ايئن تہ چور کي چئجي چوري ڪر ۽ ڀاڳئي کي سجاڳَ ڪري چئجي تہ چور چوري پيو ڪري. سو ٻيائيءَ سان زبان تي وطن جو ورد آسائشون ئي حاصل ڪري سگھي ٿو. ننڍڙي ننڍڙي سنڌ پنھنجي آسائش لاءِ ملڪيتَ جي روپَ ۾ ڏياري سگھي ٿو. ان فھرست ۾ بہ چڱن ڀلن خوبَ وطن جي نالي تي ناڻو ڪمايو آھي. تڏھن تہ ڪنھن شاعر چيو:
اسان جا ريٽ وڌرايو وڪامڻ ئي تہ چاھيون ٿا
اھڙن ماڻهن جي اندر ۾ کوکلي جذبات، قومي مسئلن کي استعمال ڪندي پنهنجا ذاتي، سياسي، يا گروهي مفاد حاصل ڪرڻ تي آڌاريل آھي. ڪيترائي مُھانڊا سنڌ جي قومي حقن، وسيلن ۽ زبان جي تحفظ لاءِ وڏا نعرا تہ هڻن ٿا، پر جڏهن عمل جو وقت اچي ٿو، تہ اهي رڳو ذاتي فائدا وٺڻ ۾ مشغول رھجي وڃن ٿا.
ظاھري لھجي مان ھو سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ ادارن تي ڳالهائيندي بہ اوھان، اسان کي نظر ايندا، پر انهن جي تحفظ لاءِ ڪي بہ مضبوط قدم ھنن وٽ نہ ھوندا آھن. ڪيترائي مُھانڊا ظاهر ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالھ ڪندي بہ نہ ٿڪندا آھن. پر پردي پويان ڌارين طاقتور قوتن سان ٺاھ بہ ھنن جو ڄڻ منشور ھوندو آھي، جيڪي قوتون سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن. ڪيترا مُھانڊا اھڙا بہ آھن، جيڪي سنڌ جي نالي تي انقلابي سياست تہ ڪن ٿا پر اُھي ئي وري ٻئي پاسي ذاتي يا گروهي مفادن لاءِ قومي تحريڪن ۽ قوم کي ذات، قبيلن، يا سياسي اختلافن ۾ ورهائي ڇڏين ٿا. ھنن کي ڌارين قوتن طرفان اُھو سنديش بہ ڏياريو ويندو آھي تہ ھي قوم پرستي ۽ ترقي پسند تحريڪن کي پاڻ ۾ مقابلي ۾ آڻين ۽ انھن کي پاڻ ۾ ويڙھائن. ھنن مُھانڊن جو اُھو مقصد بہ آھي تہ بنيادي مسئلن (جھڙوڪ سنڌ جي تشخص کي آزاد ڪرائڻ) بدران ننڍين ڳالهين طرفَ قوم جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ اصل مسئلن جي ڳالھ ڪندڙ ماڻهن کي خاموش ڪرڻ يا بدنام ڪرڻ وغيره. ڪيترا مُھانڊا اھڙا بہ آھن جيڪي قومي حقن جي نالي تي تحريڪون تہ هلائين ٿا، پر انهن جو اصل مقصد پنھنجي ذاتي طاقت کي مضبوط ڪرڻ آهي، مثال: قومي جدوجهد جو ڊرامو رچائي، پٺتي پنھنجي شخصي طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش، وطن جي نالي تي قوم کي گمراھ ڪري، پنهنجي ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ وغيره ھنن جو ڌين ڌرم آھي. ھي مُھانڊا ڌرتي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ۾ بہ پنھنجي شرڪت کي يقيني بڻائيندا آھن .
سنڌ جي زمين، وسيلن ۽ معدنيات تي قابض ڌارين يا مقامي اشرافيا سان گڏجي ڦرلٽ ڪرڻ، ۽ ان کي قومپرستي جي نعري سان لڪائڻ بہ ھنن جو ڌندو آھي. سنڌ جي نالي تي ٿيندڙ فريبي، انقلابي سياست هڪ خطرناڪ صورتحال آهي، جيڪا وطن ۽ قوم جي مسئلن کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي ۽ آزاديءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ آهي. سو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ قوم جي جوانن کي شعور پيدا ڪرڻ، جي ضرورت آهي.
سنڌ ديس جي تاريخ ۾ وطن جي حفاظت لاءِ قرباني ڏيڻ وارن سپوتن جا تفصيل ۽ انهن جي جاکوڙ جا عڪس اُھو نہ ٿا ڏيکارين ڇا تہ صرف ڳالهين سان وطن بچائڻ ممڪن ناهي، پر ان لاءِ عمل ۽ قربانيءَ جو جذبو لازمي شرط آهي. انهن جوڌن جون قربانيون، جيڪي قوم جي رهنمائي لاءِ مشعل راھ آھن.
محمد بن قاسم جي حملي دوران، راجا ڏاهر پنهنجن سپاهين سان گڏ سنڌ جي دفاع لاءِ هر حد تائين ويو ۽ ھن آخر ۾ شھادت جو جام پيتو. راجا ڏاهر جي شهادت ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آهي تہ وطن جي حفاظت لاءِ جان ڏيڻ ئي حقيقي قرباني آهي. نہ صرف راجا ڏاھر پر سندس خاندان جا ڪيترائي فرد بہ قيدو بند ٿيا ۽ ڪيترائي شهيد ٿيا، پر ھنن پنهنجو اصول نہ ڇڏيو نہ وطن تي سوديبازي ڪيائون. ٺٽي جي جنگ ۾ دولھ دريا خان، ارغونن جي وڏين فوجن جي مقابلي ۾ پنهنجي ننڍي فوج سان گڏجي وڙهيو. هن پنهنجي جان قربان ڪندي وطن جي عزت بچائڻ کي اهميت ڏني. دولھ دريا خان جو چوڻ هو، ”مون کي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنهنجو رت ڏيڻ تي فخر آهي.“ سندس شھادت سنڌ قومَ لاءِ ثابت ڪري وئي تہ مزاحمت ئي آزاديءَ جو رستو آهي. ارغونن جي ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙھيو ويو، پر هن پنهنجي منزل آزاديءَ تان هٿ نہ کنيو. هن پنهنجي شهادت سان اهو ثابت ڪيو ته وطن جي حقن لاءِ موت کان ڊڄڻ مناسب عمل ھرگز ناهي.
انگريزن خلاف مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين ۾ مير شير محمد ٽالپور پنهنجي فوج سان رلجي بهادريءَ سان وڙهيو. انگريزن جي جديد هٿيارن آڏو بہ مير شير محمد پوئتي نہ هٽيو. مير شير محمد جي ساٿي هوشو شيدي انگريزن خلاف جنگ ۾ چيو: ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.“ هن پنهنجي جان تہ خوشيءَ سان قربان ڪئي پر انگريزن آڏو سر نہ جهڪايو. هوشو شيدي جي قرباني ٻڌائي ٿي تہ وطن جي محبت لاءِ آخري ساھ جي گھڙيءَ تائين وڙهڻ ئي حقيقي فرض آهي. انگريزن خلاف جدوجهد ۾ ساڌو هيرانند ۽ ٻين قومي ڪارڪنن پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪيو. انهن پنهنجي جان، مال، ۽ آسائش قربان ڪئي تہ جيئن ايندڙ نسل غلاميءَ کان آزاد رهن. انهن قربانين ٻڌايو تہ آزادي ۽ وطن جي حفاظت لاءِ سڀ ڪجھ قربان ڪرڻو پوندو آھي.!سنڌ جي تاريخ واضح ڪري ٿي تہ صرف ڳالهيون ڪرڻ سان وطن نہ بچندو، عملي ميدان ۾ لهي دشمن جي مقابلي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻو ئي پوندو. وطن جو هر سپاهي جڏهن پنهنجي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي، قرباني جي جذبي سان وڙهندو، تڏهن ئي وطن آزاد ٿيندو. لفظن کان وڌيڪ عمل، بهادري، ۽ قربانيءَ جو جذبو ئي وطن جي حفاظت جو واحد رستو آهي.
_______________
رشيد احمد خاصخيلي فريلانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري ۾ رھي ٿو