حيدرآباد جو گورا قبرستان جتي سنڌي اديب پرمانند ميوارام بہ دفن آھي
حيدرآباد جي آڏواڻي گهراڻي سان تعلق رکندڙ پرمانند ميوارام 1891 ۾ مذهب مَٽائي عيسائي ٿيو هو. سندس ڏاڏو مورج مل، حيدرآباد جي عامل هندن مان پهريون شخص هو، جيڪو انگريزن جي دور ۾ مسلمان ٿيو هو
اياز ابڙو
1843 ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ برطانوي سرڪار پاران حڪومتي سطح تي سنڌ جي ڪجھ شهرن، خاص ڪري انھن شھرن ۾ جتي انگريزن پاران فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون ويون هيون، اتي عيسائي مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي تدفين لاءِ الڳ زمين مخصوص ڪري اتي عيسائي قبرستان قائم ڪيا ويا هئا. ان وقت انگريز عملدارن جي گھڻائي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ موجود هئي جتي هنن وڏي ايراضيءَ تي عيسائين جي تدفين لاءِ قبرستان قائم ڪيا هئا. ڪراچيءَ ۾ اهڙو قبرستان شاھراھ فيصل تي موجود آهي، جيڪو گورا قبرستان جي نالي سان مشھور آھي. شڪارپور ۾ اهو قبرستان شھري حدن کان ٻاهر رستم روڊ جي ڀرسان هيو، پرهاڻي ان قبرستان جا آثار نظر نٿا اچن. حيدرآباد جو گورا قبرستان يعني عيسائين وارو قبرستان هن وقت به موجود آهي.

حيدرآباد ۾ عيسائين جو اهو قديم قبرستان فوجي ڇانوڻيءَ جي ڀرسان نيشنل هاءِ وي جي کٻي پاسي ۽ سٽيزن ڪالوني جي اندرين پاسي موجود آهي. جڏهن ته حيدرآباد کان ڄامشورو ويندڙ مُک روڊ واري پاسي کان عسڪري پارڪ ۽ اين ايل سي ٽرمينل ٺھڻ کان پوءِ هي قبرستان عام ماڻھن جي نظرن کان اوجھل ٿي ويو آهي. هن قبرستان جو مُک رستو فوجي ڇانوڻيءَ واري پاسي کان آهي پر هاڻي اهو رستو حفاظتي سببن جي ڪري بند ڪيو ويو آهي. عيسائين جو هي قبرستان هڪ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. زميني بيھڪ جي لحاظ کان هيٺاهين هنڌ تي هجڻ ڪري هتي نه صرف مينھوڳيءَ جي مند ۾ پاڻي بيھجي وڃي ٿو پر علائقي جي گھرن جو نيڪال وارو پاڻي به هتي گڏ ٿي ويندو آهي. اسان جنھن وقت هتي پهتا ھئاسين ته ان وقت قبرستان جي وڏي حصي ۾ تازو پيل مينهَن جو پاڻي بيٺل هو ۽ ڪيتريون ئي قبرون ان پاڻيءَ ۾ ٻڏل ۾ هيون. جڏهن ته مناسب سارسنڀال نه هجڻ ڪري ڪيتريون ئي قبرون، خاص ڪري جيڪي پراڻي دور جون آهن، اهي ميسارجي چڪيون آهن. ان جي باوجود هڪ محتاط اندازي موجب هن وقت به هڪ هزار کان وڌيڪ قبرون هن قبرستان ۾ موجود آهن.

سيٽزن ڪالونيءَ واري پاسي کان جيڪو نئون دروازو لڳايو ويو آهي ان جي بلڪل سامھون، فوجي ڇانوڻيءَ واري پاسي کان مُک دروازي جي اندرين طرف هڪ محرابي ڊزائين وارو پراڻو گيٽ ٺهيل آهي. هي گيٽ گهڻو عرصو اڳ جو ٺھيل نظر اچي ٿو، جنھن جي مٿان صليب جو نشان به ٺهيل آهي. هن گيٽ جي اڏاوت پڪين سِرن سان ٿيل آهي. ان جي مٿين پاسي اهڙا نشان چٽا نظر اچن ٿا جتي لازمي طور تي هن دروازي جي اڏاوت واري سال جي تختي لڳل هوندي، پر اها هاڻي موجود ناهي. قبرستان جي بلڪل وچ تي پيلي پٿر سان ٺهيل هڪ منارو به موجود آهي. جنهن جي اوچائي ڏهن فٽن کان مٿي آهي. هتي هاڻي اڻويھين ۽ ويھين صديءَ جي دور واريون قبرون نظر نٿيون اچن. ان جي باوجود ڪجھ قبرون اهڙيون به آهن جيڪي سئو سال کان وڌيڪ پراڻيون آهن. هن وقت هتي موجود قبرن مان سڀ کان وڌيڪ پراڻي قبر ان انگريز عملدار جي آهي، جنھن تي لڳل ڪتبي تي هُن جو نالو جان بيليز لکيل آهي. هن جي قبر تي لڳل ڪتبي يا سليب تي لکيل مواد مان معلوم ٿئي ٿو ته هن 1850 ۾ جنم ورتو ۽ 1914 ۾ وفات ڪري ويو. هن جي قبر تي لڳل ڪتبي تي لکيل مواد مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جان بيلز لڳ ڀڳ 50 سال ڪوٽڙي رِوَرِ سسٽم ۾ نوڪري ڪئي ۽ زندگيءَ جا آخري 16 سال برطانوي سرڪار جي سنڌ ۾ اسٽيمر (آگبوٽ) ڊپارٽمينٽ جو انچارج رهيو. هن جي قبر تي لڳل سليب سنگ مرمر جي آهي. جان بيلز جي قبر کان علاوه هتي سنگ مرمر جي پٿر سان ٺهيل ٻه قبرون ٻيون به آهن. هڪ قبر پيٽرڪ نالي واري ڪنهن انگريز عملدار جي آهي. جڏهن ته ٻي قبر ٽن مھينن جي هڪ ٻار جي آهي. جنھن جي وفات جي تاريخ 12 فيبروري 1929 لکيل آهي. ٽن مهينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويل هي ٻار ڪيپٽن جي ايل سلدا جو پٽ هو ۽ ڪتبي تي هن جو نالو ڪيلون لکيل آهي. ان کان سواءِ هتي ٽي پراڻيون قبرون اهڙيون به آهن جن جي مٿان ڳاڙهي رنگ جا پٿر رکيل آهن. انهن مان هڪ پٿر تي 1918 لکيل آهي. اهي قبرون لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪيون آهن ۽ پٿرن تي ٿيل لکت به ميسارجي وئي آهي. مون جڏهن ان دور سان تعلق رکندڙ تاريخي ڪتابن ۾ جان بيلز ۽ جي ايل سلدا جي نالن کي تلاش ڪيو ته مون کي هنن جا نالا ڪٿي به نظر نه آيا.

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ پرمانند ميوارام جي قبر به هن ئي قبرستان ۾ آهي. هن جو جنم 1866 ۾ حيدرآباد جي هڪ عامل آڏواڻي ڪٽنب ۾ ٿيو ۽ 19 نومبر 1938 تي هو وفات ڪري ويو. حيدرآباد جي آڏواڻي گهراڻي سان تعلق رکندڙ پرمانند ميوارام 1891 ۾ مذهب مَٽائي عيسائي ٿيو هو. چيو وڃي ٿو ته هن جو ڏاڏو مورج مل، حيدرآباد جي عامل هندن مان پهريون شخص هو، جيڪو انگريزن جي دور ۾ مسلمان ٿيو هو. پرمانند ميوارام ليکڪ سان گڏوگڏ صحافي به هيو. هن 1890 ۾ ” جوت” نالي سان حيدرآباد مان اخبار به ڪڍي هئي. پرمانند ميوارام جون ترتيب ڏنل ٻہ لغتون به ڇپيل آهن. سنڌي انگريزي لغت پهريون ڀيرو 1910 ۾ شايع ٿي ۽ انگريزي سنڌي لغت 1933 ۾ شايع ٿي. سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي ۽ EFT کي هن پاسي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ قبرستان ۾ موجود پراڻين قبرن کي محفوظ ڪيو وڃي.

______________
Heritage icon
I was not knowing it before
We used to play cricket 🏏 there and we had thought I served Hyderabad military 🪖 garrison horse 🐎 riding club we also had club .
But was not knowing about grave 🪦 yard
Amazing Discovery