سُر رام ڪلِيءَ ۾ لطيف جو جوڳيئڙو!
لطيف جا جوڳي اهي آهن جيڪي ازل کان پرينءَ جي پنڌ جا ڄاڻون ۽ واقف آهن. اهي نہ هلڪڙا آهن،نہ وري ٽوڪ ٺٺول مان ڄاڻن.
لطيف سائين انهن جوڳين کي ٻري ٻارڻ وارو چوي ٿو جيڪي پنهنجي دور جا ڏاها، زيرڪ، دانشور ۽ مهان ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي وطن، قوم، حقن، انسانيت ۽ انساني حقن، آزادي، امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جاکوڙ ڪري آدرشن جي حاصلات لاءِ پنهنجي جان جلائي ڇڏيندا آهن.
منظور ڪلهوڙو
جوڳِيئَڙا جَھانَ ۾ نُورِي ۽ نارِي
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آءٌ نہ جِيَنَدِي اُنِ ري.
سُر رامڪلِي جي هن بيت ۾ لطيف سائين ٻن قسمن جي جوڳين جو ذڪر ڪري ٿو. يعني هڪ نوري ۽ ٻيا ناري.
نوري اهي جيڪي نور مان پيدا ٿيا. يعني جن جا وجود نور مان تخليق ٿيل آهن ۽ ٻيا ناري، معنيٰ جيڪي باھ جا ٺهيل آهن.
مون کي هن بيت جي پهرين سِٽ کان ٻي سِٽ وڌيڪ ڪشش ڪندڙ ۽ انسپائرنگ ٿي لڳي تہ،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آءٌ نہ جِيَنَدِي اُنِ ري.
يعني جن پاڻ جلايو آهي. جلائڻ مان مراد معنيٰ جن پنهنجي وجود، جند، جان ۽ پنهنجي ذات کي ٻين لاءِ جلائي، وقف ڪري، پاڻ ارپي سهائو ۽ روشني پيدا ڪئي آهي آءُ تن کان سواءِ جيئرو رهي نہ ٿو سگهان.
هتي هي سمجهڻ گهرجي تہ اهي ٻري ٻارڻ وارا ڪير آهن؟ لطيف سائين انهن جوڳين کي ٻري ٻارڻ وارو چوي ٿو جيڪي پنهنجي دور جا ڏاها، زيرڪ، دانشور ۽ اهي مهان ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي وطن، قوم، پنهنجي حقن، پنهنجن آدرشن ۽ بين الا قوامي طور انسان، انسانيت ۽ انساني حقن، انساني عظمت، آزادي، امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪري پنهنجي وجود جي ثابتي ڏئي پنهنجي آدرشن جي حاصلات لاءِ پنهنجي جان جلائي ڇڏيندا آهن.

انهن لاءِ لطيف سائين چوي ٿو تہ آءُ انهن ڏاهن، دانشورن، عالمن، عارفن، آديسين جي سَنگ، ساٿ سٿ ۽ سنگت کان سواءِ هلي چلي، يعني جيءِ نہ ٿو سگهان. منهنجو وجود ان آدرشي انسانن جي سنگت ساٿ کان سواءِ اڻپورو ۽ اوپرو آهي. يعني جيڪو ويراڳي هوندو اهو، ٻري جن ٻاري آهي انهن کان سواءِ هڪ رتي بہ رهي، جالي ۽ ڪاٽي نہ ٿو سگهي. لطيف جو اجو جوڳيئڙو Universal آهي جيڪو Universal truth جو ڳولائو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي تنظيمن/ تحريڪن جو حصو ٿي رهڻ، جدوجهد ۽ جاکوڙن ۾ يقين رکندڙ آهي.
*جُسي سَندو جوڳِيين مون نہ گهُرجي ماھُ
سامِي منھنجو ساھُ، آءٌ نہ جِيَندِي اُنِ ري.
لطيف سائين هتي پنهنجي جوڳيءَ جي وضاحت ڪري ٿو تہ سنڌ جو جوڳي ظاهري، باطني، جسماني، قد بت، رنگ نسل، صورت شڪل، منهن مهانڊي…… سان ڪا بہ دلچسپي نہ ٿو رکي. پر سنڌ جو بيراڳي پنهنجي عالمي فڪر، نظرئي پيغامِ سنڌ تحت ذات پات، رنگ نسل، قومي عصبيت ۽ سمورين مت ڀيدن کان مٿانهون ٿي سوچي ٿو. ان سنياسي جي وجود ۾ سنڌ جو ازلي ابدي روح وسي ٿو، جيڪو ان کي سک سان ويهڻ نہ ٿو ڏئي ۽ ان فڪر، پيغام کانسواءِ لاهوتي هڪ دم، هڪ ساھُ بہ کڻي نہ ٿو سگهي. جنهنڪري بار بار چوي ٿو تہ هنن فڪري پرڇارڪن کانسواءِ منهنجو جيئڻ جالڻ تمام مشڪل آهي.
*سُتِي سيجَ ھُياسِ، مون کي آھَ اُٿارِئو
جَنِي جاڳاياسِ، آءٌ نہ جِيَندِي اُنِ ري.
هتي سيج غفلت، بي توجهي، سستي ڪاهلي، بي خيالي بيپرواهي، خطا ۽ ڀل چُوڪ آهي. خاموشي آهي، ماٺار آهي. رڃَ آهي سڃَ آهي. پر سامين جي سڏن ۽ انهن جي نياري عشق جي آهن ۽ دردن جي دانهن، نيستي ۽ نڀاڳ جي ننڊ مان بيدار ڪري ڇڏيو آهي تہ جيڪو حق سچ جو پرچارڪ هوندو، جيڪو پيغامِ سنڌ جو شارح، ڪاپڙي هوندو، جيڪو جونجهار، جانباز جاکوڙي هوندو اهو سُکَ سان نہ سمهندو آهي ۽ نہ وري دنيا جي ڪنهن ٽڪساٽن ۾ ايندو آهي. پر ڀڀوتيا آرام کي ويجها نہ ويندا آهن. ان ڪري جن مون کي مرلين جي سوز ساز ۽ ميٺاڄ سان جنجهوڙي جاڳايو آهي يا جن پنهنجي محبت ۽ مشن سان آشنا ڪرايو آهي آءُ تن کان سواءِ ڪيئن جيئرو رهي سگهان؟!!
*گَندِي ۽ گِراھُ، جَنِ سَناسِينِ سانڍِيو
اُنِي کان اَللہُ، اَڃان اَڳاھُون ٿيو.
لطيف سائين چوي ٿو تہ هر اهو سنياسي، بابو بيکاري، پوربي ٿيڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي منزِل مقصود، نصب العين کي رسڻ پهچڻ چاهي ٿو ان کي ويس وڳن، زرڪ برڪ لباسن جو اونو ۽ فڪر ڇڏڻو پوندو. تن کي ويس وڳن، لباسن، ٺاھ ٺوھَ، آڪڙ ڦونڊ، ڪوڙي وڏائي کي ڇڏڻو پوندو. تڏھن ئي حقيقي معنيٰ ۾ اهي سنياسي، عاشقَ، پنهنجي وقت جا ”ڪامريڊ“ پنهنجي منزل کي رسي سگهن ٿا.
اڄ جي حالتن جو جيڪڏھن ڇيد ڪري ڏسون تہ هر فرد پنهنجي منزل جو تعين ڪيون ويٺو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي منزل تي رسڻ لاءِ آتو آهي. پر انهن کان منزل جيڪا تقاضا ڪري ٿي هو ان تقاضا کي ٽڪو ڏيڻ لاءِ تيار نہ آهن. پر اندر ٻاهر، ظاهر باطن جي آڪڙ وڏائي، ڦونڊ ڇسائي کي بہ ڇڏڻ لاءِ تيار نہ آهن ۽ ڏيکاءَ واري زماني جو ماڻهو ٿي منزل ماڻڻ چاهن ٿا، انهن کي لطيف سائين آگاھ ڪري ٿو تہ انهن کان الله (منزل) اڃان پري آهي.
*گولا جي گِراھَ جا، جُوٺا سي جوڳي
ڦِٽَلَ سي ڦوڳِي، جَنِي شِڪَمَ سانڍِئا.
چيائين تہ اهي بہ جوڳي، ڪامريڊ، ساٿي، پاڻ ارپيندڙ نہ ٿيا جيڪي لالچ، لوڀ، طمع، حرص، ڳاڙھن ٻوڙن جي لقمن، گراهن جا شوقين آهن. يعني جيڪي سَتَ رَڇِي طعامن جا شوقين آهن. کائڻ جا کچرا آهن سي ڪوڙا جوڳي. ڪوڙا ڪامريڊ، ڪوڙا ورڪر آهن. اهي راھ تان ڀٽڪيل بيراھ ڦوڳ ۽ جهاڳ جا ٺهيل آهن.اهي ڪنهن بہ ڪم ڪار جا نہ آهن. ڇاڪاڻ تہ پيٽ پوڄا ۽ پرورش ۾ مشغول آهن.
جيڪڏهن اسان کي سچي سامي ۽ ڪوڙي جوڳي، بيدار ڪامريڊ ۽ بيراھ ورڪر کي جي ڀيٽ يا پرک ڪرڻي آهي تہ لطيف سائين جون اهي ٻڌايل وصفون اسان لاءِ رهبر ۽ رهنما آهن. ان وصفن کي جيڪڏھن اسان پنهنجو سونهون بڻائي پاڻ ڪامريڊ، جوڳي ٿيڻ چاهيون يا ان خصلتن وارن جوڳين، سامين ۽ ڪامريڊن جا گهرجائو آهيو يا انهيءَ سنگت ساٿ جا متلاشي آهيون تہ اهي وصفون پاڻ ۾ پيدا ڪرڻيون پونديو.
لطيف سائين جا ساڃاھ وند شارح ان ڳالھ تي متفق آهن تہ لطيف جو جنهن پئماني جو مشاهدو هو سنڌ اندر جيڪي شاعر ٿي گذريا آهن نہ انهن جو لطيف جيان ايترو مشاهدو هو ۽ نہ وري لطيف سائين جيتري انهن ۾ حساسيت هئي.
لطيف سائين ڇو سر رامڪلي ۾ ان ڪوڙن جوڳين ۽ ٺوڳي سامين جو ذڪر ڪيو آهي؟ لطيف سائين جيئن پنهنجي مشاهدي ۽ حساسيت ۾ نرالو آهي اهڙيءَ طرح لطيف پنهنجي تمثيل جي حوالي کان بہ منفرد آهي. لطيف سائين پنهنجي طبعي عمر ۾ جيڪي سنڌ جون سياسي، معاشي، سماجي ۽ مذهبي حالتون پنهنجي اکين سان ڏٺيون پئي يا تاريخي پسمنظر جي حوالي سان ان جو جيڪو دانشوراڻو ۽ شاعراڻو ادراڪ هو. ان پنهنجي زماني ۾ جڏھن ان ڪوڙن اڳواڻن، حاڪمن انهن جي ڪمدارن ڪاراون، طمعندارن جي حالتن، افعالن، ڪرتوتن ۽ ڪردارن کي ڏٺو ۽ جوڳين سان جڏھن ٽي سال هنگلاج جو سفر ڪري انهن کي پرکيو تہ سر رامڪلي ۾ انداز سان بہ سبق ڏئي رهبري جو حق ادا ڪيو اٿائين.
هي بيتَ ان پيرائي ۾ پاڻ چيا اٿائون.
*سَٻيرِيءَ سَيدُ چَئي جي ٿا پُڇَنِ اَنُ
تَنِ ڪاپِڙينِ نہ ڪَنُ، جوڳي چائِينِ جاڙَ ٿا.
*جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي تِيئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ
رِڙهِي لَڌائون رَندُ، لَٿِينِ لُکَ لَطِيفُ چَئي.
*سَدائينِ سفر ۾ رَمَنِ مٿي راھَ
جَنِ جي اَلَکَ سِين آگاھَ، ھَلو تَڪيا پَسون تن جا.
اتي سفر مان مراد هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ پهچڻ نہ آهي. پر جن سامين ۽ سورمن لاءِ سفر جو ذڪر ڪري ٿو اهي ڪٿي بہ ٿاڪ/ گهر ٺاهي ڪو نہ ٿا ويهن يا رهن. پر ان سفر مان مراد،
ووءِ ووءِ‘ ڪَندي وَتُ، متان ’ووءِ‘ وِسارِئين. يعني پنهنجي فڪر، پيغام کي دنيا جهان تائين رسائڻ لاءِ اهي سچا سامي هڪ هنڌ نہ ٿا ويهن پر جڳ جهان ۾ جهاڳيندا ٿا وتن. يا اهي جيڪي خدا جي ذات کان واقف وينجهار آهن، چوي ٿو تہ هلو تہ هلر انهن جي هنڌن ماڳن، مڪانن کي هلي ڏسجي پرکجي پروڙجي ۽ پرائجي. يعني پنهنجو فڪري سفر جاري رک ۽ جنهن هنڌان تنهنجي پرچار پوري ٿئي ٿي ان ماڳ مڪان سان مُکا ميل ٿي پنهنجي سفر کي نئون نڪور ڪر ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪي سورهيہ، سچا سردار، سورويرَ سڀاڳا سرواڻ آهن پنهنجي ساٿين سان گڏجي انهن سان رجوع ڪر ۽ ان ازلي ابدي علم، فڪر مان فيض حاصل ڪري ساھ جي آخري تند تائين ان سفر کي جاري ۽ ساري رک.
*اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾ طالِبَ تَوارِينِ
آديسِي اُٿِي وِئا مَڙهيون مون مارِينِ
ھُوءِ جي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
هي بيت شاھ عنايت شهيد جي حوالي سان بہ ڏنو ويندو آهي. پر لطيف سائين جڏھن پنهنجي سنڌ ۾ ڏاهپ، فڪر، سوچ، ساڃاھ……، جا ڪاريءَ وارا ڪکَ ڏٺا هوندا تہ هو ان سٽن جي سرجڻ کان سواءِ رهي نہ سگهيو. موجودھ سنڌ تي هي بيت ڪيئن نہ ٺھڪي اچي ٿو. اڄ جي سنڌ جون جيڪي سياسي، معاشي، سماجي……، حالتون آهن. ان ابتر حالتن تي هر تي هر ڪا دردمند دل ۽ آدرشي اک آلي آهي. اهي ماڳ، مڪان جتان سنڌ جون، آزاديءَ جون، امن ۽ انسانيت……، جون آذانون اينديون هيون. اهي واڪا ڪرڻ وارا ۽ انهن جا ماڳ مڪان اڄ ڇو ٻسا لڳا پيا آهن؟!! لطيف پنهنجي دوءُر جي سنڌ کي ڏسي اڄ جي سنڌ کي بہ صديون اڳ پنهنجي دورانديشي ۽ وسعت نظرئي واري نگاھ سان ڏسي اڳڪٿي ڪيون ويو هو.
*اَڄُ نہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي بابُنِ بُوءِ
ڏورِيان گهوريان نہ لَھان راوَل رَتِيءَ رُوءِ
ھُيَمِ جَنِ سِين ھُوءِ، سي آديسِي اُٿِي وِئا.
*جوڳِي نہ جاھِلَ، پَنڌُ پَريندھِين سِکئا
ڪَنِ سِين ڪَنِ نہ کِلَ، پُوتا رَھِيا پِرين ءَ سِين.
لطيف سائين جوڳي سڏي ئي ان کي ٿو جيڪو فڪري طور تي اڻڄاڻ نہ آهي. هر گز اهو جوڳي، ويراڳي نہ آهي جيڪو فڪري حوالي سان ڪورو آهي. پر لطيف جا جوڳي اهي آهن جيڪي ازل کان پرينءَ جي پنڌ جا ڄاڻون ۽ واقف آهن. اهي نہ هلڪڙا آهن،نہ وري ٽوڪ ٺٺول مان ڄاڻن. پر هو جونجهار، ڪهنا، بردبار (ڪامريڊ) آهن جيڪي هميشہ پنهنجي پرين، نظرئي، فڪر، سوچ، آدرش، عزم……، سان جڙيل آهن. انهن جو تعلق فڪري ۽ سياسي حوالي سان پڪو ۽ پختو آهي. يعني جيڪي ساڃاھ وند جوڳي هوندو، آدرشي پوربي هوندو اهو اڻڄاڻ نہ هوندو. پر فڪري طور مضبوط مستحڪم هوندو. پنهنجي راھَ، رستي ۽ منزل کان آگاھ هوندو تہ مون کي ڪهڙيءَ ريت هلي پنهنجي منزل کي رسڻو آهي. ان ڪري اهو سنجيدھ، ڳنڀير، ڳڻ ڳوتَ وارو هوندو نہ ڪي ڇسائپ، اٻھرائپ ۽ هلڪڙائيءَ جو شڪار هوندو. پر جيڪو فڪري ۽ سياسي حوالي سان پچي راس ٿيل آهي لطيف سان ان کي جوڳي جونجهار سڏي ٿو. سنڌ لطيف جي ان راول، صابرين، لاهوتين، جبروتين، بابو بيکارين، سامين، آديسين ۽ سنياسين جي اڄ اشد گهرجائو آهي.
____________________



