اڌ صديءَ جي وڇوڙي ۽ اڪيلائيءَ جو درد سھندڙ ڪاڪو گُرداس واڌواڻي
ڪاڪو گرداس صحافي به ھو ته ڪھاڻيڪار به، پر ھن شخص ڪڏھن به پاڻ نه پڏايو. اسان سان ڪچھرين ۾ به ھو اھڙيون ڳالھيون نه ڪڍندو ھو. پنھنجي باري ۾ ھو لکي ٿو: “مان بندو گناھگا ر. پاڻ کي افسانه نگار چوڻ کان شرم ايندو ھو.
پنھنجي ھڪ ڪالم ۾ ھن لاطيني ادب ۽ مشرقي ادب جي ڀيٽ ڪندي مختلف ليکڪن جي ڪتابن جا حوالا ڏيندي لکيو ھو ته لئٽن (لاطيني) اديبن مشرقي ادب مان کوڙ شيون کڻي پنھنجون ڪري پيش ڪيون ھيون.
ڪاڪو گرداس واڌواڻي پوري اڌ صدي مٽن مائٽن کان پري سندن وڇوڙي ۽ اڪيلائيءَ جو درد من ۾ سانڍي 86 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
اھو 1997 جو سال ھو جڏھن مان ھڪ ڏينھن ڪاڪي گُرداس سان ملڻ ويس. ڪراچي پريس ڪلب جي پٺيان پنھنجي ڪمري ۾ پلنگ ۽ ٽيبل جي وچ واري وِٿيءَ ۾ ڄنگھون سِڌيون ڪيو ڀِت سان ٽيڪ ڏيو ويٺو ھو. سڏن جو جواب نہ ملڻ تي مون ھٿ لائي ڏٺو تہ خبر پئي تہ سندس رُوح فاني جسم مان پرواز ڪري چُڪو ھو
نصير اعجاز
بزرگيءَ جي ڪري ھرڪو کيس ڪاڪَي گرداس واڌواڻيءَ جي نالي سان ياد ڪندو ھو. سانوري رنگ جو، اڇا کير جھڙا وار، اکين تي ڪاري رنگ جي شيشن واري نظر جي عينڪ، سنھڙو نٻل جسم، سھاري لاءِ ھٿ ۾ واڪنگ اِسٽڪ ـ اھو ھو گرداس واڌواڻي جيڪو ستر واري ڏھاڪي ۾ ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ريگل جي ھڪ پراڻي عمارت جي پھرين ماڙ تي ھڪ ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ رھندو ھو. اھا عمارت اڄ به ريگل جي وچ ۾ ان ھنڌ موجود آھي جتان فريئر روڊ کان ايندڙ سموريون گاڏيون ڦري ايمپريس مارڪيٽ ڏانھن وينديون آھن. ان عمارت جي ھيٺان ھاڻي اليڪٽرانڪ سامان جا دڪان آھن. ھو ان ڪوٺڙيءَ ۾ بلڪل اڪيلو رھندو ھو. ھڪ سنگل بيڊ، ھڪ ننڍڙي ٽيبل ۽ ڪرسي، ڪپڙن جي ھڪ بئگ ۽ ڪجھه ڪتاب سندس ڪُل ڪائنات ھئي پر ھن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي ھئي ٽيبل تي رکيل ننڍڙي فريم اندر پيل ھڪ تصوير، جنھن سان ھو اڪيلائيءَ ۾ ڳالھيون ڪندو رھندو ھو. جڏھن سانجھي ٿيندي ھئي ته سندس اڪيلائيءَ جو احساس وڌي ويندو ھو ۽ پوءِ ٻاٽلي کولي، مَڌُ جون چُسڪيون ڀريندو ڪرسيءَ تي ويھي ٽيبل تي رکيل تصوير سان ڳالھائيندو رھندو ھو.
ڪاڪي گرداس جو ڪراچيءَ ۾ ته ڇا پر سڄي سنڌ ۾ ڪو مِٽُ مائٽ ڪونه ھو. ورھاڱي وقت سندس سمورا مائٽ، ڀائر ڀينر ھندستان لڏي ويا پر ھن سنڌ نه ڇڏي. ھن سڄي عمر شادي به ڪانه ڪئي ھئي ۽ ڇڙو ڇانڊ ئي ھتي رھجي ويو. ڪير به سندس خيال رکڻ وارو ڪونه ھو سواءِ ڪن سرنديءَ وارن يارن دوستن جي جيڪي ڪڏھن ڪڏھن ضرورت جون شيون کيس پھچائيندا يا مالي مدد ڪندا ھئس.

سندس ڪمري ۾ وڏي عرصي کان رنگ روغن نه ٿيڻ جي ڪري ڀتيون ميرانجھڙيون ٿي ويون ھيون، صفائي نه ٿيڻ ۽ ھوا جو لنگھه نه ھجڻ ڪري سندس ميري بستري ۽ ڪرسي ٽيبل ۾ ھزارين مُنگھڻن جو ديرو ھوندو ھو پر ھو پيرسنيءَ سبب ڪجھه ڪرڻ کان لاچار ھو. نظر گھٽ ۽ ڪمزور ھجڻ جي باوجود ھو صبح جو سوير اُٿي وھجندو ۽ پينٽ شرٽ پائي تيار ٿيندو ھو.
ڪاڪي گرداس سان منھنجي ملاقات 1976 ۾ ٿي جڏھن مون ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪئي. ھُو ڪڏھن ڪڏھن اخبار جي آفيس ۾ ايندو ھو جيڪا بندر روڊ تي سٽي ڪورٽ جي سامھون ڪورٽ وِيو بلڊنگ (پراڻي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ) ۾ ٻي ماڙ تي ھوندي ھئي. ڪراچيءَ جي بسن ۾ چڙھڻ ۽ لھڻ ھن جھوني لاءِ ڏکيو ھو تنھنڪري ھو ھوريان ھوريان پنڌ ڪندو ريگل کان اخبار جي آفيس يا پريس ڪلب تائين پھچندو ھو. ڪاڪو گرداس 1973 کان وٺي ھلالِ پاڪستان لاءِ پنھنجي ساروڻين تي مشتمل ڪالم لکندو ھو جنھن لاءِِ ايڊيٽر سائين سراج ميمڻ کيس ادائگي ڪندو ھو. ساروڻيون لکڻ جو سلسلو ان کانپوءِ به جاري رکيو ھئائين، جيڪي اڳتي ھلي ٽن ڪتابن جي شڪل ۾ ڇپيس. ھڪ ڪتاب “جيڪي ڏٺو مون” 1980 ۾ ڇپيس. ٻيو ڪتاب ساروڻيون يا يادگيريون جي نالي سان 1981 ۾ ڇپيو جڏھن ته بعد ۾ “ڳالھه ٻولھه” جي نالي سان ٽيون ڪتاب ميدان ۾ آيو. سندس ھر ڪتاب جا ٻه ايڊيشن ڇپيا. دوستن جي مھربانين سان مون وٽ سندس ڪو به ڪتاب ڪونه بچيو، پر ھڪ ويب سائيٽ مطابق دنيا جي ڇھن لائبريرين ۾ ڪاڪي گرداس جا اھي ٽئي ڪتاب موجود آھن.
مان ۽ منھنجو سينئر ساٿي ۽ دوست اسلم آزاد (مرحوم) ڪڏھن ڪڏھن ڪاڪي گرداس جي چوڻ تي وٽس حاضر ٿيندا ھئاسين ۽ دير تائين ساڻس ڪچھري ڪندا ھئاسين. ڪاڪو گرداس مَڌ جون ڪجھه چسڪيون ڀرڻ کانپوءِ گھڙيءَ گھڙيءَ الله کي ياد ڪندو ھو. ھڪ ڀيري اسلم آزاد ڪنھن فرشتي جو ذڪر ڪرڻ چاھيو ته ڪاڪي گرداس ھڪدم کيس روڪي ڇڏيو ۽ چيائينس،“مان بس ھڪ الله ۾ يقين رکان ٿو. الله سائينءَ کانسواءِ ٻيو ڪير به ناھي.”
اسيءَ واري ڏھاڪي جي پھرين اڌ تائين ڪاڪو گرداس ان ڪوٺڙيءَ ۾ رھي سگھيو ڇوته ان جاءِ جي مالڪيءَ جي دعويدار ھندستانين سندس اتي وڌيڪ رھڻ پسند نٿي ڪيو ۽ اڪثر کيس ڪمرو خالي ڪرڻ جو چوندا رھندا ھئا. کيس تنگ ڪرڻ لاءِ ھو اڪثر پاڻي به بند ڪري ڇڏيندا ھئس. ان عذاب واري زندگيءَ مان ڇوٽڪارو 1985 ڌاري مليس جڏھن ڪراچي پريس ڪلب جي ڪجھه سينئر دوستن جي صلاح تي ڪلب جي عمارت جي پٺيان پارڪنگ واري ميدان جي ڪنڊ ۾ اٽيچڊ باٿ وارو ھڪ ڪمرو ڪاڪي گرداس لاءِ ٺھرايو ويو ۽ ھڪ ڏينھن مون ۽ ڪجھه دوستن سندس سامان کڻائي کيس سندس نئين رھائش تي منتقل ڪيو. حياتيءَ جا باقي ڏينھن ھن اتي ئي گذاريا جيڪي شايد سندس زندگيءَ جي پھرين وڏي حصي کان گھڻو بھتر ھئا جو اتي ڪلب جو اسٽاف، بيرا ۽ ٻيا سندس خيال رکڻ لاءِ ڪافي ھئا.

ڪاڪو گرداس روزانو وھنجي سھنجي تيار ٿي ڪمري تي نيرن گھرائي، کائي پي اچي ڪلب جي ھال ۾ ويھندو ھو ۽ منجھند جو ماني کائي وري ڪمري تي آرام ڪرڻ ھليو ويندو ھو. ڪلب ۾ سندس کاڌو پيتو مفت ھو. ڪلب جي فنڪشنن ۾ به ھو اڪثر شريڪ ٿيندو ھو جيڪي ھن لاءِ وندر جو موقعو فراھم ڪندا ھئا. لاڏاڻي تائين سندس حياتي پريس ڪلب جي اندر ئي محدود رھي جو عمر ۽ جسماني ھيڻائيءَ جي ڪري ھو ڪيڏانھن به وڃي نه ٿي سگھيو.
ڪاڪي گرداس جي نئين رھائش تي منھنجون ساڻس ڪچھريون وڌيڪ ٿينديون ھيون جو منھنجو اڪثر وقت به ڪلب ۾ ئي گذرندو ھو. مان تن ڏينھن ۾ ڪلب جي گورننگ باڊيءَ جو ميمبر به چونڊيو ھئس. ھاڻ ته منجھند جو به ڪنھن مھل ڪمري تي وڃي ويھندو ھومانس، پر مون محسوس ڪيو ته ايترن ماڻھن ۾ به سندس ھيڪلائپ جو احساس وڌي ويو ھو. ھاڻ ھن منجھند جو به مڌ جو سھارو وٺڻ شروع ڪيو ھو. ان مھل ھو بلڪل اڪيلو ھجڻ پسند ڪندو ھو. ھڪ ڏينھن مون سندس ڪمري جو ٻيڪڙيل در ھوريان ھوريان ڪري کوليو ته ھو بستري تي ٽيڪ ڏيو اکيون ٻوٽيو ويٺو ھو ۽ مڌ جو اڌ ڀريو گلاس ڀرسان ٽيبل تي رکيل ھئس. مون کيس ڊسٽرب نه ڪيو ۽ واپس ھليو ويس. ٻئي ڀيري اسلم آزاد آيو ته ملڻ وياسين. در اندران بند ھو. کڙڪائڻ تي پڇيائين: “ڪير؟” اسان جي ٻڌائڻ تي چيائين: “مان ھينئر ڪنھن سان نه ملندس.” اسان واپس ھليا وياسين. مون ساڻس وري ڪڏھن اھڙي وقت ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
ساڻس ڪچھريءَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن ذاتي سوال به ڪندو ھومانس. ھڪ ڏينھن پڇيومانس ته ڪاڪا توھان سڄي عمر شادي ڇو نه ڪئي؟ چيائين: “اسان جي برادريءَ ۾ مائٽن ۾ سڱ نه ڪبو آھي، تنھنڪري اتان شاديءَ جو سوال ئي پيدا ڪونه پي ٿيو. خاندان کان ٻاھر شادي ڪرڻ مشڪل ھو جو مالي لحاظ کان ان قابل ڪونه ھئس.”
تڏھن مون به اڃا شادي ڪانه ڪئي ھئي. چيومانس: “مشورو ڏيو ته مان شادي ڪريان يا نه؟” ھڪدم وراڻيائين؛ “شادي نه ڪرڻ تنھنجي زندگيءَ جي وڏي غلطي ٿيندي. منھنجو مثال آڏو اٿئي.” مون انھيءَ سال 1985 ۾ شادي ڪئي. شاديءَ کانپوءِ ھڪ ڏينھن پنھنجي گھرواريءَ کي ڪلب وٺي وڃي ڪاڪي گرداس سان ملايم. ان مھل سندس مزاح جي حِس ظاھر ٿي. مونکي کلندي چيو ھئائين: ”تنھنجي مسز توکان ڏيڍ فُٽ ننڍي آھي.“
پريس ڪلب ۾ رھائش وارن ڏينھن ۾ ئي مون ھڪ ڏينھن کانئس ان تصوير جو پڇيو ھو جنھن سان ھو ڏينھن رات ڳالھيون ڪري اڪيلائيءَ جي احساس کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ”اھو منھنجو پُٽ آھي.” مختصر جواب مليو ھو پر اھو جواب ڏيندي سندس منھن تي خوشي ۽ پيار جا پاڇولا نظر آيا. مون غور سان ان تصوير کي ڏٺو ته اھا ڪنھن نينگريءَ جي ننڍپڻ جي تصوير ھئي. اھا نينگري سندس ڀاڻج ھئي جيڪا وڏي ٿي پرڻجي ٻارن ٻچن واري ٿي چڪي ھئي پر ھن لاءِ اھا اڄ به ننڍڙي ھئي ۽ پيار مان ان کي پُٽ ڪري پڇاڙيءَ تائين سنڀاليندو رھيو. ڪاڪي گرداس کي اھا تصوير ڪڏھن موڪلي وئي ھئي، ان جي خبر ڪانھي، پر ايتري ڄاڻ ھئي ته ان تصوير ملڻ کان اڳ يا کانپوءِ سندس ڪوبه مٽ مائٽ ساڻس ڪونه مليو ھو. سندس اھا ڀاڻج به آمريڪا ۾ آباد ھئي. کيس ڪنھن مٽ مائٽ جو خط به ڪونه ايندو ھو پر ھڪ ڏينھن ھو ڏاڍو خوش نظر آيو. ھڪ خط ڪڍي ڏيکاريائين جيڪو ننڍي ڀاءُ ايران مان لکيو ھئس. تن ڏينھن ۾ ڀاڻس ايران ۾ ڪنھن نوڪريءَ سان لڳل ھو ۽ ڪاڪي گرداس جو اتو پتو ھٿ ڪري کيس حال احوال لکيو ھئائين. اھو ڏينھن ڪاڪي گرداس لاءِ عيد جي برابر ھو.
ايئن ئي ڳالھين ۾ ڪنھن ڏينھن ٻڌايو ھئائين ته سندن ڳوٺ دادو ضلعي ۾ ھُو ۽ سندس والد ريلوي ۾ ملازم ھو. ڳوٺ جو نالو شايد پاٽ شريف يا ٽلٽي ٻڌايو ھئائين. ھونئن به ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب “سنڌ جي ھندن جي تاريخ” ۾ لکيو آھي ته ھڪڙا واڌواڻي خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ آباد ھئا جڏھن ته ٻيا خدا آباد، ضلعي دادو ۾ رھندا ھئا. ھڪڙا واڌواڻي ھندستان جي پڪٿ آرين مان ھئا جيڪي افغانستان لڏي ويا ته سندن اولاد پڪتون (پختون) سڏجڻ ۾ آيا. انھن واڌواڻين جي نِک “پٺاڻ” آھي جڏھن ته ٻين واڌواڻين جي نِک “پوپٽ“ ھئي ۽ اھي ٽلٽي ۽ ڀرين (ڀريا سٽي، ضلعو نوشھروفيروز) ۾ رھندا ھئا. ڀيرومل لکي ٿو ته خيرپور جو واڌواڻي ڊاڪٽر ھيمنداس روپچند سنڌ جو نه رڳو مشھور ماھر ڊاڪٽر ھو پر پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ مختلف کاتن جو وزير به رھي چڪو ۽ ڪراچيءَ جو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج به سندس ڪوششن سان ٺھيو ھو. وڻج واپار سبب اھي واڌواڻي افغانستان کان سواءِ پنجاب ۾ به آيا. سنڌ ۾ واڌواڻي ملتان مان ان وقت آيا جڏھن ھتي ڪلھوڙن جي صاحبي ھئي.

ڪاڪو گرداس واڌواڻي، جنھن 1911 ۾ جنم ورتو، صرف مئٽرڪ پاس ھو. پر تنھن زماني ۾ مئٽرڪ جي ڊگري وڏي ڳالھه ھئي. سندس انگريزي ڪمال جي ھئي. ڪاڪي گرداس جي جواني حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ گذري. ھو صحافي ھيو پر تمام گھٽ ماڻھن کي خبر ھوندي ته ھُو ڪھاڻيڪار به ھو. ادب جي دنيا ۾ سندس اچڻ جو به ڏاڍو دلچسپ داستان آھي. “جيڪي ڏٺو مون” نالي سان ساروڻين ۾ لکي ٿو: “سنڌ آبزرور ڪراچيءَ واري اخبار ۾ منھنجي صحافت جو دور شروع ٿيو. رھندو جمشيد ڪوارٽرس ۾ ھئس ۽ جڏھن رات جي ڊيوٽي ختم ٿيندي ھئي تڏھن پنجين وڳي صبح جو سائيڪل تي چڙھي گھر واپس ويندو ھئس. ھڪ ڀيري گارڊن روڊ ڪراس ڪري انڪم ٽيڪس آفيس وٽ پھتس ته ھڪ ڪتي اچي ورايو. ڊپ ۾ مان ھيٺ ته سائيڪل مٿان. منھنجي رڙين ۽ واڪن تي ڪتو ته غائب ٿي ويو پر مان اُٿي نه سگھان. قسمت ھئم جو ھڪ تار وارو (ٽيليگرام پھچائڻ وارو) سائيڪل تي ويو پي ۽ مونکي ڏسي ورتائين. شاباس ھجيس جو ھن مونکي پنھنجي سائيڪل تي ويھاري منھنجي سائيڪل کي به گھليندي جمشيد ڪوارٽرس ۾ اچي گھر پھچايو. ان واقعي کانپوءِ منھنجي پھرين ڪھاڻيءَ جو جنم ٿيو. ڪيترن ئي ڏينھن تائين کٽولي تي پيو ھجڻ کانپوءِ ڀاءُ کي چيم ته ڪاغذ ۽ قلم ڏي. ڪھاڻي لکي ڏني مانس ته ھفتيوار مئگزين “ھندستان” جي ايڊيٽر ٻلرام کي ڏئي اچ. ڪھاڻي ”ھي منھنجو پير ٿو مڙي“ جي نالي سان ڇپجي وئي ۽ مان مشھور ٿي ويس. مونتي نالو ئي پئجي ويو “ھي منھنجو پير ٿو مڙي”. اوڙي پاڙي ۾ ڪٿان لنگھندو ھئس ته آواز ٻڌندو ھئس ”امان بابا ھي منھنجو پير ٿو مڙي پيو وڃي.“
ھو اڳتي لکي ٿو: ھڪ ڏينھن حيدرآباد ۾ اڪتراءِ گھٽيءَ جي سامھون تلڪ چاڙھيءَ تي منسک پريس ڀرسان بيٺو ھئس. پريس جو مالڪ منسک دوست ھو ۽ پنھنجي ھڪ فلمي مخزن ۾ منھنجي لکڻين کي ڇاپڻ جي عنايت ڪندو ھو. جان ڪري نظر ڪريان ته تلڪ چاڙھيءَ طرفان ڦيرو ڏئي مون ڏانھن ڪا نينگر وڌڻ لڳي ھئي. اڳ ۾ ڄاڻ پڇاڻ ھئي پر ھاڻ شادي شده ھئي. مون تائين پھچڻ ۾ ڏھه ويھه ٻرانگھون ڀرڻيون ھئس. منھنجو ھڪ انگريزي مضمون ميل ڪوچ پڙھيل ھو جنھن ۾ نھايت تجسس وارو واقعو بيان ڪيل ھو ته ھڪ پل ۾ حادثي کانپوءِ ڪھڙو ويل وھندو. سڄو مضمون ان ھڪ پل تي ٻڌل ھو. منھنجي به حالت اھا ھئي ته جي ھوءَ مون سان ڪجھه ڳالھائي ته ڪھڙو جواب ڏيان ۽ جي نه ته مان ڇا چوان يا نه چوان. مونکي خبر ناھي ته مون ڪيترا سوال جواب دل ۾ ٺاھي ورتا ھوندا، پر اک ٻوٽ ۾ ملاقات ٿي وئي. يڪدم مان پريس ۾ اندر ويس ۽ پنو پينسل کڻي ڪرسيءَ تي ويھي آکاڻي لکيم. ڪھاڻيءَ جا ٻه ٽي جملا ياد آھن ته خبر ناھي ڪھڙا ٻول ٻوليائين پر ھڪ پرديسي پکيءَ جيان ھُڳاءُ ڇڏي وئي. اھا ڪھاڻي به ٻن صفحن تي ڇپي.
ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جي ھڪ ڪھاڻي حيدرآباد جي ڪاليج جي “ڦليلي” مخزن ۾ به 1932 ۾ ڇپي ھئي، جيڪا ھن ھڪ ڪاليجي ڇوڪريءَ تي سندس ئي ھڪ دوست آتمو ھيراننداڻيءَ جي عاشق ٿيڻ تي لکي ھئي. ڇوڪري سانوري ھئي پر دوست سندس سونھن جا ڍُڪ ايئن پي ڀريا جيئن ميران ٻائيءَ ڪرشن ڪنئي جا گيت ڳايا آھن.
”مون اڳ ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جو ھڪ مضمون پڙھيو ھو جنھن ۾ ھن چيو آھي ته سونھن منھنجي اکين ۾ آھي. جڏھن به ڪنھن تي اھي اکيون سونھن اوتين ٿيون تڏھن اھو سھڻو ٿي ٿو پوي. ھزارين توکي ڏسي رستو وٺندا ٿا وڃن، انھن لاءِ تون ڪجھه نه آھين. اھا منھنجي اکين جي سونھن آھي جا جڏھن توتي پوي ٿي تڏھن تون سھڻي ٿي پوين ٿي ۽ توکي ڏسي مان بيھي ٿو رھان. اھا سونھن مون توکي ڏني نه ته ٻيا ڇو نه ٿا تنھنجي سونھن ڏسي بيھي رھن. مون سونھن جو اھو عڪس ڏئي “سچي” جي عنوان سان ڪھاڻي لکي ورتي،“ ڪاڪو گرداس لکي ٿو.
ڪاڪو گرداس صحافي به ھو ته ڪھاڻيڪار به، پر ھن شخص ڪڏھن به پاڻ نه پڏايو. اسان سان ڪچھرين ۾ به ھو اھڙيون ڳالھيون نه ڪڍندو ھو. پنھنجي باري ۾ ھو لکي ٿو: “مان بندو گناھگا ر. پاڻ کي افسانه نگار چوڻ کان شرم ايندو ھو. ستر سالن ۾ ھڪ ڪتاب ڇپيو آھي (1980 ۾ جڏھن سندس پھريون ڪتاب ڇپيو ته ھن جي ڄمار ستر ورھيه ھئي)، ان مونکي وڏو ماڻھو ته نه ڪري ڇڏيو آھي. مون ڪڏن به پاڻ کي اديب جو لقب نه ڏنو آھي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ به ڪجھه لکيو اٿم جن ۾ ڪي اصلي آکاڻيون آھن ته ڪي نقل ڪيل آھن پر مون ڪڏھن به پاڻ کي افسانه نگار نه ڪوٺيو آھي.“
ھيءُ لفظ اھو شخص لکي ٿو جنھن ڪلاسيڪي انگريز ليکڪ والٽيئر جا ٻه ناول به ترجمو ڪيا ھئا. ڪاڪي گرداس جو وڏو مطالعو ھو ۽ ھن يورپي ادب، تاريخ ۽ مذھب تي انيڪ ڪتاب پڙھيا ھئا. پنھنجي ھڪ ڪالم ۾ ھن لاطيني ادب ۽ مشرقي ادب جي ڀيٽ ڪندي مختلف ليکڪن جي ڪتابن جا حوالا ڏيندي لکيو ھو ته لئٽن (لاطيني) اديبن مشرقي ادب مان کوڙ شيون کڻي پنھنجون ڪري پيش ڪيون ھيون. پنھنجي ان ڪالم ۾ ڪاڪي گرداس ڪنھن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ھندستاني قانصلخاني جي پريس اتاشي مسٽر شِوپوريءَ سان دلچسپ ملاقات جو ذڪر ڪيو آھي. لکي ٿو: “شِوپوريءَ ڳالھه ڪئي ته اسان ماڻھو ڏياري ڪري ڪري منجھي پيا آھيون پر در اصل شري رامچندر ھوئي ڪونه. مان ته پاڪستاني ھندو آھيان پر ھن ڀارتي ھندوءَ جون ڳالھيون ٻڌي مونکي گھڻي چڙ لڳي. چيومانس ته جي شري رامچندر ھوئي ڪونه ته پوءِ مان ھندو ڪيئن آھيان؟ ھن مرڪي مون ڏي نھاريو ھو ۽ مان ايئن جو ايئن رھجي ويس.“

پنھنجي ڪھاڻين جي ڪردارن ۽ خاڪي بابت ٻڌائي ٿو ته ھن سدائين ڪھاڻيءَ ۾ پاڻ کي ويھاريو آھي. “مون جيڪي ڪجھه لکيو، اھو اکين ڏٺو احوال آھي يا ذاتي آزمودو آھي.” ڪاڪو گرداس دنيا جي انھن دانشورن جي چوڻ تي يقين رکندو ھو ته ليکڪ جي جيتري ڄاڻ آھي، جيڪو ڪجھه ھن مشاھدو ڪيو آھي، اھو ئي لکي، ان کان وڌيڪ ڪجھه نه لکجي. اھو سچ به آھي ته ڪاڪي گرداس اھو ئي لکيو جيڪو ڪجھه ھن ڏٺو. سندس ساروڻين جا ٽيئي ڪتاب انھن مشاھدن سان ڀريل آھن ۽ ھڪ اھم تاريخي دستاويز آھن. مثال طور ڪراچي اڳي ڇا ھئي، ڪھڙيون تاريخي عمارتون ھيون ۽ انھن جا مالڪ ڪير ھئا، سيٺ نائون مل جي گھراڻي جو سيٺ گدومل عرف ننگر سيٺ ڪيئن ڏيوالي جو شڪار ٿيو، برنس روڊ لڳ اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج سامھون ان سيٺ جو محل جھڙو گھر ڪيئن نيلام ٿيو، 1930 ۾ جڏھن ڪاڪو گرداس چاوڙيءَ ڀرسان رھندو ھو تڏھن ڪيئن وائسراءِ جي ريل گاڏيءَ کي ريموٽ ڪنٽرولڊ بم سان اُڏائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ڪيئن ان واقعي ۾ ملوث ھنس راج، جيڪو وائرليس جي نالي سان مشھور ھو ۽ ھڪ ڪانگريسي ھندو زميندار وٽ ملازم ھو، حيدرآباد مان گرفتار ٿيو، اھي ۽ اھڙا ٻيا ڪيترائي تاريخ جا باب سندس ڪتابن ۾ ملن ٿا. نائونمل جي خاندان جي سيٺ گدومل جي ڏيوالي وقت ڪاڪو گرداس برنس روڊ واري علائقي ۾ رھندو ھو. پنھنجي ڪالمن ۾ ھن ان ڳڻتيءَ جو اظھار به ڪيو ھو ته ڪراچيءَ جون تاريخي عمارتون ۽ نشانيون ترقيءَ جي نالي ۾ ميسارجنديون پيون وڃن. ھن مثال ڏيندي لکيو ھو ته 1972 ۾ قومي شاھراھه (شاھراھه فيصل) کي ويڪرو ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪيترائي تاريخي اھڃاڻ ميساريا ويا ھئا پر ڪٿي به انھن جو ذڪر نه ڪيو ويو آھي ۽ نتيجي ۾ اڳ جي ڪراچي ۽ اڄ جي ڪراچيءَ ۾ گھڻو فرق اچي ويو آھي جنھن جي ڪنھن کي به خبر ڪانھي. ڪاڪو گرداس ان لاءِ گزيٽيئرن جي اھميت تي زور ڏئي ٿو.
صحافت ۾ ھجڻ ڪري پاڪستان کان اڳ توڙي پوءِ ڪيترن ئي سياستدانن سان سندس ميل جول رھيو. سائين جي ايم سيد کي به ڪاڪو گرداس واڌواڻي ياد ھو ۽ مان جڏھن به ساڻس ملندو ھئس ته ڪاڪي گرداس جو پڇندو ھو. ٻئي جھونا ٿي چڪا ھئا ۽ حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ ھڪ ئي شھر ۾ ھوندي به سندن ملاقات نه ٿي سگھي ھئي. ٻئي جھونا ھڪ صديءَ جي تاريخ ھئا، سندن ملڻ مشڪل ڪونه ھو. جيئن ھڪ ڀيري 1984 ۾ سيٺ ڀڳوانداس گاڏي موڪلي ته مان ڪاڪي گرداس کي وٺي وڃي ڪراچي ايڪسپو سينٽر پھتو ھئس، تيئن حيدر منزل تي به سائين جي ايم سيد سان ڪاڪي گرداس کي ملائي سگھجي ھا، پر الائجي اھڙو خيال ڇو ڪونه آيو. سندن ڪچھريءَ مان گھڻو ڪجھه پرائجي ھا.
عمر، جسماني ھيڻائي ۽ نظر جي ڪمزوريءَ جي ڪري ڪاڪي گرداس وڌيڪ ڪجھه نه لکيو. وقت گذرڻ سان گڏ مصروفيتون وڌڻ سبب مان به پريس ڪلب ۾ گھٽ اچڻ لڳو ھئس. 1990 ڌاري پريس ڪلب ۾ ھڪ تقريب ۾ اڳين قطار ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل ڪاڪي گرداس کي ٻانھن کان ڇڪي اُٿارڻ ۽ پويان وارين ڪرسين تي ويھارڻ تان ان وقت جي ڪلب جي ھڪ بدبودار تعصب پرست عھدايدار محمود علي اسد سان به منھنجو جھيڙو ٿي پيو ھو جنھن کانپوءِ بيدليءَ سبب ڪيترو ئي عرصو مان ڪلب ڪونه ويس ۽ نتيجي ۾ ماھوار في نه ڀرڻ سبب منھنجي ميمبرشپ ختم ٿي وئي. سال 1994 ۾ نرسريءَ واري علائقي ۾ برسات اخبار ۾ نوڪريءَ سبب به ڪلب اچڻ بند ٿي ويو. ايئن ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ھڪ ڏينھن دل چيو ته ڪاڪي گرداس سان ملي اچان. مان پنھنجي ھڪ ساٿي صحافي الھه بخش راٺوڙ کي ساڻ ڪري جيئن ئي پريس ڪلب پھتس ته ڪلب جي صدر حبيب غوريءَ کي پريشان ڦرندي ڏٺم. مون تي نظر پوڻ شرط ھو تيزيءَ سان اسان ڏي آيو ۽ چيائين ته ڪاڪي گرداس کي الائجي ڇا ٿي ويو آھي. اسان يڪدم سندس ڪمري ڏانھن ڊوڙياسين. ڪاڪو گرداس پنھنجي بيڊ ۽ ٽيبل جي وچ واري وٿيءَ ۾ ڀِت سان ٽيڪ ڏئي پٽ تي ويٺو ھو. سندس ڄنگھون سڌيون ھيون جيئن ڪو ماڻھو بيڊ تي ٽيڪ ڏئي ڄنگھون سڌيون ڪري ويھندو ھجي. بيڊ تي ان ڏينھن پائڻ لاءِ اڳٺ پيل سلوار قميص رکيل ھئا. ڪاڪو پڪ سان ان مھل تيار ٿيڻ اُٿيو ھو پر ڪجھه محسوس ڪري ھيٺ ويھي رھيو ھو. اسان جي سڏن تي ھن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. کيس ھٿ لائي ڏٺوسين ته محسوس ٿيو ته روح سندس فاني جسم مان پرواز ڪري چڪو ھو. مون يڪدم شيخ سلطان ٽرسٽ ۾ سائين علي احمد بروھيءَ کي اطلاع ڪيو جنھن پي ڪي شاھاڻي وڪيل کي ڪاڪي گرداس جي مرتئي جو ٻڌايو. پي ڪي شاھاڻيءَ اچي ڪاڪي گرداس جي آخري رسمن جو انتظام ڪيو. اھو 1997 جو سال ھو.
اھو ھڪ عجيب اتفاق ھو يا قدرت جو اشارو ھو جو مان ايترن ورھين کانپوءِ پريس ڪلب ڪاڪي گرداس سان ملڻ ويو ھئس ۽ آخري ڀيرو سندس منھن ڏسڻ وارن ۾ شامل ٿيس، پر ھن مسڪين شخص جو منھن سندس پنھنجن پيارن مان ڪير به ڏسي نه سگھيو ۽ نه ئي ورھاڱي کانپوءِ سڄي حياتي ھو پنھنجي پيارن جو منھن ڏسي سگھيو. ايئن ڪاڪو گرداس واڌواڻي پوري اڌ صدي مٽن مائٽن کان پري سندن وڇوڙي ۽ اڪيلائيءَ جو درد من ۾ سانڍي 86 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مون انڊيا جي ڪنھن ويب سائيٽ تي پڙھيو ھو تہ گُرداس واڌواڻيءَ جو جنم 7 جُون 1911 تي ٿيو ھو. ھُن صحافت جي شروعات ھڪ اخبار ”ديش مِتر“ سان ڪئي. پوءِ ھُن سنڌ آبزرور، ڪراچي ڊيلي ۽ مارننگ نيوز اخبارن ۾ بہ ڪم ڪيو ھو. سندس ھڪ ڪتاب ”جڏھن ادم آيو“ 1987 ۾ ڇپيو ھو. انھيءَ ويب سائيٽ تي سندس وفات جو سال 1991 لکيل ھو، جيڪو غلط آھي.
__________
ھيءُ ليک اڄ کان ٻارھن سال کن اڳ ڪراچيءَ مان شائع ٿيندڙ سنڌي مئگزين افيئر ۾ شائع ٿيو ھو ليکڪ سان رابطي لاءِ اِي ميل ايڊريس: nasiraijazpk@yahoo.com