پروپيگنڊا، عام راءِ بدلائڻ لاءِ دوکي جو ھٿيار
حڪمران پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻ خاطر پروپيگنڊا يعني دوکيبازيءَ وارين حڪمت عملين جو سهارو وٺندا آهن
پروپيگنڊا ۾ مڪروهه طريقا استعمال ڪري ماڻهن تي اثر انداز ٿيڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن انهن جي راءِ، روين ۽ عقيدن کي بدلائي سگهجي، گهڻي قدر ان لاءِ ميڊيا جو استعمال ڪيو ويندو آهي
عبداللہ عثمان مورائي
منهنجو هتي اسٽاڪهولم جي سودرٽارن يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ڪنفلڪٽس ائنڊ جرنلزم جو ڪورس هيو. هن ڪورس ۾ اسان کي روس، يوڪرين ۽ ڪريميا واري جنگ بابت کوجنا ڪرڻي هئي. ان کوجنا جي ٻين ڳالهين بابت ته وري ڪنهن ٻئي دفعي لکبو ، هن ڀيري آءُ پروپيگنڊا جي بابت ٿو لکان ڇوته اهو پنهنجي جاءِ تي ھڪ وڏو مسئلو آهي. ڪورس ۾ اڻ سڌي طرح اها خبر پئي ته روس جي ميڊيا ، خاص ڪري روس جو ٽي وي چئنل رشيا ٽوڊي وڏي پروپيگنڊا ٿو ڪري ۽ روس جا ماڻهو ان تي انڌو اعتماد ٿا ڪن.
پروپيگنڊا جي اصل معني آهي دوکو ۽ اهو دوکو جيڪو ماڻهن جي راءِ بدلائڻ جي ڪم اچي. اسان سڀئي پروپيگنڊا ڪندڙن جي حڪمت عملين جي ڪري هن زندگي ۾ روز مرهه جي بنياد تي پروپيگنڊا جو شڪار ٿيون ٿا. ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي پروفيسر اينٿوني پراٽڪانيز ۽ ويهين صدي جي مشهور سائڪولوجسٽ اليٽ آرنسن پنهنجي ڪتاب ايج آف پروپيگنڊا ۾ هن دوکيبازي جي باري ۾ تمام گهڻا پردا کنيا آهن. پاڻ هن ڪتاب ۾ انهن ڌرين لاءِ جن وٽ طاقت آهي يا حڪومتن ۾ آهن، لکن ٿا ته انهن جون اوچتو بدلجندڙ سوچون ، خيال ۽ خواهشون قانون ۾ بدلجي وينديون آهن ۽ انهن کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻو پوندو آهي ۽ هو، هن پروپيگنڊا يعني دوکيبازي واري حڪمت عملين جو سهارو وٺندا آهن ۽ هو انهن مقصدن کي وڏي مڪاري سان حاصل ڪري وٺندا آهن جنهن جي پاڻ کي خبر به ناهي پوندي. سندن وڌيڪ لکڻ آهي ته اهي طريقا رڳو سياستدان يا آمر حڪمران نٿا استعمال ڪن پر انهن جو استعمال ڪاروباري ادارن يا ٻين تنظيمن ۾ پڻ ٿيڻ لڳو آهي.
هتي اهو خيال رکڻ ضروري آهي ته پروپيگنڊا ۽ پرسوئيشن ۾ فرق آهي، پرسوئيشن جو مطلب آهي ڪنهن کي به ڪنهن منطق ۽ ڄاڻ جي بنياد تحت معلومات ڏيڻ ۽ پوءِ انهن تي ڇڏڻ ته هو پاڻ ان جي دليلن کانپوءِ ان کي ڪيئن ٿا ڏسن. پرسوئيشن هڪ ڊگهي بحث کان ۽ دليل ڏيڻ ۽ وٺڻ کانپوءِ وجود ۾ اچي ٿي. مطلب ته پرسوئيشن هڪ چڱو ڪم آهي جنهن ۾ ڪنهن منطق تحت ئي ڪنهن جا خيال بدلائي سگهجن ٿا، پوءِ ڀلي اهي خيال سياسي هجن، ڌرمي هجن، يا ڪا شئي خريد ڪرڻ لاءِ ڪو فيصلو ئي ڇونه ڪرڻو هجي. سولي سنڌي ۾ پاڻ ان کي ائين چئي سگهون ٿا ته پرسوئيشن ۾ فائل ۽ مفعول ٻنهي کي خبر هوندي آهي ته ٿي ڇا رهيو آهي. پر پروپيگنڊا جو قصو ٻيو آهي جنهن ۾ مخصوص يا ٻين لفظن ۾ مڪروهه طريقا استعمال ڪري ماڻهن تي اثر انداز ٿيڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن انهن جي راءِ، روين ۽ عقيدن کي بدلائي سگهجي، گهڻي قدر ان لاءِ ميڊيا جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
پروپيگنڊا ڪندڙ پنهنجن ٽارگيٽس يا هدفن کي منصفاڻو موقعو ئي ناهن ڏيندا ته هو پنهنجي ڪنهن موقف کي مضبوطي سان پڪڙي بيهن ۽ ماڻهوءَ کي ان جي خبر به ناهي پوندي ته هو پروپيگنڊا جو شڪار پيو ٿئي. ان سلسلي ۾ پروپيگنڊا ڪندڙن جي واردات جو طريقو اهو هجي ٿو ته هو پنهنجن هدفن ڏانهن دل کي موهيندڙ پيغام موڪليندا آهن، اهو ڪنهن به ميڊيا جي ذريعي موڪلي سگهجي ٿو ۽ ان ۾ ٻولي ۽ لفظن جو استعمال تمام احتياط سان ڪيو ويندو آهي ته جيئن ٽارگيٽ کي چيل ڳالهه دل سان لڳي ۽ سندس دل کي موهي وجهي.

پرسوئيشن جو رستو صاف ۽ سڌو هجي ٿو جڏهن ته پروپيگنڊا جو رستو منڌل، گمراهه ڪندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هجي ٿو. پروپيگنڊا ڪندڙ ڪجهه بنيادي ڳالهين جو خيال ڪندا آهن جيئن پيغام ڏيڻ وارو ڪو معتبر يا نالي وارو ماڻهو هجي جنهن کي عوام سڃاڻندو هجي ، مطلب ائين ٿيو ته ڏسو چئي ڪير پيو، اهو نه سوچو ته چئي ڇا پيو ۽ ڪيو ائين جيئن هو ڪري پيو ۽ اهو نه سوچو ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا. معني اهو معتبر يا مشهور ماڻهو جيڪوڪري پيو ته اوهان کي به ڪرڻ گهرجي. پروپيگنڊا ڪندڙ وڏي مهارت سان اهو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ته ماڻهو رڳو اهو سوچين ته جيئن هو چئي رهيا آهن يا ڪنهن معتبر کان چورائي رهيا آهن اها ئي رڳو صحيح ۽ آخري ڳالهه آهي.
پروپيگنڊا ۾ ماڻهن جي جذبن سان کيڏيو وڃي ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته جيڪي ٽي وي تي ڏوهه يا جرم ڏيکاريا وڃن ٿا اصل ۾ انهن کان ڏهه دفعا گهٽ ڏوهه ۽ جرم دنيا ۾ ٿين ٿا. ماهرن جو وڌيڪ خيال آهي ته سياستدان جيڪي حڪومت ۾ ويٺل هجن ٿا اهي تمام گهڻي مهارت سان ميڊيا کي استعمال ڪندا آهن ته جيئن اهي ڏوهن بابت تمام گهڻيون خبرون هلائين ته جيئن اهي انهن ڏوهن بابت ڪا منصوبا بندي ڪن ته جيئن عوام جو سندن طرف ڌيان ڇڪجي ته ڪيئن نه اسان جي اوسي پاسي جي ماحول کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن پر اصل ۾ اها هڪ واردات آهي ته جيئن عام ماڻهن جو اقتصادي مسئلن طرف ڌيان ئي نه وڃي، معني اصل مسئلي کي حل ڪرڻ بدران عوام کي ٻين مسئلن ۾ الجهائڻ.
عوام کي خبرن ۾ اهڙي طرح جڪڙيو ويو آهي جيئن اهي انهن خبرن مان پنهنجي پاڻ کي وندرائي سگهن، جيئن پاڻ وٽ اڄڪلهه ڏوهن بابت ماڻهو خبرون شوق سان ٿا ڏسن. پر جڏهن اتي ئي ٽي وي تي ڪو سنجيدهه بحث مباحثو شروع ٿيندو ته اسان ٽي جو چينل ئي بدلائي ڇڏينداسين. معذرت سان اهو لکڻو پوندو ته اسان اهو ڪجهه به ڏسڻ پسند ناهيون ڪندا جنهن ۾ ٿورو به دماغ ويڙهائڻو پوي ۽ ائين ڪرڻ سان اسان لاچار ٿي پئون ٿا ته حڪمرانن کان اصل ۾ پڇڻو ڇا آهي ۽ انهن وٽ مسئلن جي حل لاءِ تفصيل ڪهڙا آهن.
پروپيگنڊا جو استعمال جنگين ۾ به تمام گهڻو ٿئي ٿو ۽ ماهرن جو خيال آهي ته ان پروپيگنڊا جو وڏو فائدو رڳو حڪمرانن کي ٿئي ٿو جيڪي ابتيون سبتيون خبرون گهڙائي هلرائين ٿا ته جيئن عوامي حمايت حاصل ڪري سگهجي ته جيئن فوجن کي جنگين طرف ڌڪيو وڃي. جنگين ۾ پروپيگندا ڪرڻ هڪ وڏو مثال آهي عوامي راءِ تي اثر انداز ٿيڻ جو، جنهن جا مثال دنيا ۾ لڳل جنگين مان لڳائي سگهجن ٿا.
هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ سڀ سوشل ميڊيا استعمال ڪيون ٿا،اهو به هڪ وڏو ذريعو آهي پروپيگنڊا جو، ڪيترا اهڙا دوست آهن جيڪي بنا سوچڻ سمجهڻ جي شيون فيس بوڪ يا سوشل ميڊيا جي ٻين ذريعن تي شيئر ، پسند يا پاڻ ئي ڪا پوسٽ اپلوڊ ڪن ٿا، ان ۾ ڪو بعيد ناهي ته اهي شيون به ڪنهن پروپيگنڊا جو حصو هجن ۽ پاڻ ان ۾ ان جي مددگارن وارو ڪردار ادا ڪندا هجون. ساڳئي طرح سان ٽي وي تي به جيڪو ڪجهه هلي ٿو، ڪو ڊرامو، ڪو بحث مباحثو يا ڪا ايڊورٽائيزمينٽ پاڻ کي ان کي به پروپيگنڊا وارو خيال ذهن ۾ رکڻي ڏسڻو پوندو ته ڪٿي اسان پاڻ به ان جا وڪٽم ته نه پيا ٿيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته خاص ڪري ٻار پروپيگنڊا ڪندڙن جو شڪار سولائي سان ٿيندا آهن پر ماڻهو پروپيگنڊا جو شڪار ٿيڻ کان پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻارن کي بچائي سگهي ٿو، اهو رڳو ائين ممڪن ٻڻجندو جڏهن حڪمرانن جي ڪيل ڳالهين کي چئلينج ڪبو ته هو پنهنجي ڪيل ڳالهين جي چٽي طرح وضاحت ڪن ۽ ساڳي طرح اها شئي ميڊيا جي ماڻهن سان به ڪري سگهجي ٿي.
_______________
عبداللہ عثمان مورائي گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي ۽ سُئيڊن ۾ رھي ٿو