عرفان مهدي: سنڌ جي قومي تحريڪ جو پُرجوش پانڌيئڙو
سنڌوءَ مان عرفان جو هڏائون پڃرو مليو ته ان جي جسم تي ڪابه ڪپڙي جي ڪا ليڙ چنبڙيل نه هئي. ڪنڌ کان مٿي وارو حصو به غائب هو. اهو سڀ ڪجهه ڪنھن ۽ ڪيئن ڪيو؟
مُشتاق ٽانوري
سنڌ ۾ اسي کان 90 وارو ڏهاڪو قومپرستيءَ جي عروج وارو وقت هو. ان ڏهاڪي ۾سائين جي ايم سيد جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ قومي اتحاد جڙيو، جنهن سنڌ جي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ منظم جدوجهد ڪئي. اها ٻي ڳالھ آهي جو ڪن پنهنجن جي پرڪارن ڪري سنڌ قوم جو اهو پختو ۽ منظم اتحاد گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگھيو پر حيدرآباد ۽ ڪراچيءِ ۾ ٻولي جي فسادن، سنڌ ۾ بهارين کي اچڻ کان روڪڻ ۽ ٻين قومي مقصدن ۾ ان اتحاد ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان وقت ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جا اسير آزاد ٿيا هئا، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ سنڌ قومي اتحاد گڏيل طور جلسا ڪري آزاد ٿيندڙ اسيرن کي آجياڻا پئي ڏنا. خيرپور ضلعي ۾ منهنجي شهر بوزداروڏا ويجھو ٽالپروڏا ۾ به هڪ جلسو ٿيو جنهن ۾ آزاد ٿيندڙ اسيرن حصو ورتو. ان جلسي ۾ ان وقت جساف جي مرڪزي پريس سيڪريٽري عرفان مهدي جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر ۽ ٽوڙهي جي اسير گل محمد جکراڻي کي سندس تصوير تحفي طور ڏني هئي. ان جلسي ۾ عرفان مهدي جي تقرير سڀني کان منفرد هئي ۽ جڏهن عرفان اسٽيج تان ڳالهايو پئي ته رات جي وڳڙي ۾ هر پاسي سانت ڇانيل هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌجو ڏاهو سياستدان عبدالواحد آريسر جوان ٿي تقرير ڪندو هجي. تاريخ، ادب، قومي درد سان ڀريل بهترن تلفظ ۽ اچارن سان سجايل عرفان مهدي جي تقرير اڄ به منهنجي سوچن ۾ سمايل آهي. عرفان مهدي هڪ خوبيءَ واري شخصيت نه پر گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. عرفان تمام گهڻو ”حسين و جميل“ هو. حسن جي ديوي عرفان تي ”مهربان“ هئي. هو هر ”روپ“ ۾ ”سهڻو عرفي“ لڳندو هو. عرفان کي بک ۽ ڳڻتي هئي ته صرف هڪ هئي ته ”سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن تعليم يافته ٿيندا؟“ ڪڏهن سنڌ واسي خوشحال ٿيندا؟
عرفان مهدي پيار مان ”عرفي“ سڏجندڙ 31 جولاءِ 1966ع ۾ رئيس غلام مهديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا پراڻا ۽ ڪاليجي تعليم هالا مان ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.

هُن زندگي جي شروعات ”ٻالڪ ادب“ سان ڪئي، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ تقريري مقابلن ۾ حصو وٺڻ ۽ انعام و اڪرامن سان”کٽي“ اچڻ عرفان جي شخصيت جو حصو هو. ادبي سفر ۾ هن ”وک وڌايو پبليڪيشن“ جو بنياد رکيو ۽ لڳاتار ڇهه ڪتاب چورن مٿان مور، ميلاپ، بوندون بس نه ڪن، اهڙو قهر ڪٿي؟، ورهين جا وڇوڙا ۽ پرچن شال پنهوار شايع ڪيائين. عرفان جڏهن ٻاراڻي ادب مان اڳتي نڪتو ته هن ’ڪلا‘ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ۽ ’امرتا پريتم‘ جي ناول جو ترجمو ڪيائين. سندس ايم اي ’اردو‘ ۾ ٿيل هئي.
تقرير ۾ عرفان جو ڪو ”مَٽ“ نه هو. قومپرست سياست سندس هر نس ۾ سمايل هئي. عرفان قومپرست سياست لطيف ۽ سائين جي ايم سيد کان متاثر ٿي ڪئي. عرفان بابت دنيا ڄاڻي ٿي ته قومپرست اڳواڻ هو. سائين جي ايم سيد، گل محمد جکراڻي ۽ شهيد بشير خان قريشي عرفان سان بيحد پيار ۽ ان تي ويساهه ڪندا هئا ۽ عرفان به آخري پساهن تائين ”سنڌ ۽ سيد“ سان ثابت قدم رهيو. عرفان ’صوفي ازم‘ جو ماڻهو ۽ اسٽيج جو بادشاهه هو، جڏهن به اسٽيج تي آيو ته ’سنڌ جو ڪيس‘ ماڻهن تائين پهچايائين. لطيف سائين جو ”پارکو“ هو. ماڻهن سان ان لهجي ۽ ٻولي ۾ ڳالهائيندو هو، جيڪو ماڻهن کي ”پنهنجو“ لڳندو هو. حياتيءَ عرفان کي جيترو به ساٿ ڏنو هو اُهو سڄو وقت ماڻهن منجهه رهيو پيار ڏيندو رهيو ۽ پيار وٺندو رهيو.راندين جي حوالي سان ”شهباز اسپورٽس ڪلب“ جو بنياد رکڻ ۽ مختلف رانديون ڪرائڻ سندس مشغلن ۾ شامل هو، عرفان پاڻ به بيڊ منٽن ۽ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر هو.
ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي کانپوءِ عرفان جوان مرادي ۽ ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪندي جيڪو هڪ پنهنجو اعليٰ مقام ٺاهيو سو سڄي سنڌ واسين ۽ قومپرست لڏي کي اڄ به ياد آهي. عرفان جا پارٽيءَ جون ٺاهيل پريس رليز به هڪ نمايان حيثيت رکنديون هيون. عرفان ’چٽو موقف‘ رکڻ وارن مان هو، اگر مگر جا لفظ هن جي ڊڪشنري ۾ نه هئا.
فقيراڻي طبيعت جي مالڪ عرفان مهدي جو جنم ۽ وڇوڙو سانوڻ جي رُت ۾ ٿيو. 3 ۽ 4 آگسٽ 1991ع جي وچ واري رات سنڌوءَ جي لھرن ۾ عرفان جي وجود کي لڙهندي يا ٻڏندي ڏٺو ويو. 4 آگسٽ 1991ع ۾ عرفان هميشه لاءِ ننڍي عمر ۾ وڇڙي ويو.
سنڌوءَ مان عرفان جو هڏائون پڃرو مليو ته ان جي جسم تي ڪابه ڪپڙي جي ڪا ليڙ چنبڙيل نه هئي. ڪنڌ کان مٿي وارو حصو به غائب هو. اهو سڀ ڪجهه ڪنھن ۽ ڪيئن ڪيو؟ ان ماجرا کي به ڪو سلجهائي نه سگهيو آهي! عرفان جي لاش وصول ڪرڻ کانپوءِ ته اڃان گهڻا سوال هئا جيڪي جواب لھڻن پيا، جن جا جواب اڃان تائين ڪوبه نه ڏئي سگهيو آهي!! سنڌو درياهه جي ڪپ تي واقع ”کڏي کٿوري“ قبرستان ۾ سندس آخري آرام گاهه آهي.
_____________



