Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جيئن دير، تيئن خير، تڪڙ ڪم شيطان جو!

سنڌيءَ ٻوليءَ جي “جيئن دير تيئن خير” يا “تڪڙ ڪم شيطان جو” جهڙن محاورن جي پسمنظر ۾ انٽرنيشنل سلو موومينٽ ۽ ڪتاب ” اِن پريز آف سلونيس“ جو جائزو

انجنيئر عبدالله عثمان مورائي

پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻيون چوڻيون يا محاورا آهن، جيڪي پاڻ روزاني جي بنياد تي ڳالهه ٻولهه دوران استعمال ڪندا آهيون، ۽ سچ پچ ته اهي محاورا ڪٿي ڪٿي ته باقاعدا ٺهڪي ايندا آهن. اهو به هڪ سچ آهي ته چوڻيون يا محاورا صدين جي شعور جو نچوڙ هوندا آهن. پاڻ وٽ چوندا آهن ته ”جيئن دير تيئن خير“ يا وري” تڪڙ ڪم شيطان جو“. اها خبر مونکي ناهي ته اهي ٻئي محاورا گهڻو پراڻا ۽ ڪهڙي بنياد يا پس منظر ۾ چيا ويا هئا. دنيا ۾ هاڻي ماڻهو واقعي به مشيني زندگي مان تنگ ٿي پيا آهن جتي انهن کي گهڙيءَ جو غلام بڻايو ويو آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ هاڻي ماڻهن کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هدايتن تي ٻڌل ڪتاب پڻ اچي رهيا آهن. مون تازو ئي هڪ ڪتاب پڙهي بس ڪيو آهي، مون سوچيو ته ان جو خلاصو اوهان تائين پهچايان.

ڪارل هونري Carl Honore پنهنجي ڪتاب ” ان پريز آف سلونيس“ In Praise of slowness ۾ لکي ٿو ته اسٽاپ واچ جي آمريت کان پنهنجي جان ڇڏايو. ڪارل لکي ٿو ته دنيا ۾ هڪ سلو موومينٽ Slow Movement نالي تحريڪ شروع ٿي آهي جيڪا معاشري ۾ بدلاءٌ آڻي رهي آهي ۽ هن تحريڪ ۾ سياڻا ۽ ذهين ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن جن جو مک چوڻ اهو ئي آهي ته هن زندگي ۾ مسلسل تڪڙ جنهن ۾ پاڻ اڄڪله ورتل آهيون کي وڏي واڪي نو  NO چوڻو آهي.

ڪارل لکي ٿو ته پهريان اسان وقت کي مختلف حصن ۾ ورهائيندا هئاسين ۽ هاڻي وقت اسان کي مختلف حصن ۾ ورهائي رهيو آهي، ليڪک هتي سوال پڇي ٿو ته صبح جو اٿڻ سان پاڻ پهريون ڪهڙو ڪم ڪندا آهيون؟ ڇا پاڻ اٿي دري جا پردا هٽائي اهو ڏسندا آهيون ته ٻاهر موسم ڪيئن آهي يا وري گهر ۾ موجود پالتو ٻلي سان کيڏندا ۽ سندس پٺي ٺپيندا آهيون؟ سندس چوڻ آهي ته نه پاڻ ائين ناهيون ڪندا ۽ ان جي ابتڙ سڀ کان پهريان پاڻ گهڙي ۾ وقت ڏسندا آهيون.

 ڪارل جو چوڻ آهي ته انسان هر دور ۾ وقت کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٽريڪ ڪندو رهيو آهي، شروعاتي دورن ۾ ماڻهو قمري ڪئلينڊر جي حساب سان هلندا هئا. عظيم تهذيبن جهڙوڪ مصر ۽ چين کي پنهنجا ڪئلينڊر هوندا هئا ۽ اسان جي وڏن سالن، مهينن ۽ ڏينهن کي  ماپڻ سکيو ۽ ان کان به وڌيڪ انهن وقت کي اڃا به ننڍن حصن ۾ يعني ڪلاڪن ، منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ ورهايو. 1500 قبل مسيح کان مصر جو سن ڊائل اهو پهريون اوزار هو جيڪو ڏينهن کي مختلف حصن ۾ ورهائڻ جي ڪتب آندو ويو.

انساني تاريخ جي وڏي حصي ۾ زندگي ۽ ڪم  آهستي آهستي اڳتي وڌيا آهن ۽ ان جو دارو مدار زراعت ۽ صنعت ۾ ڪم ڪندڙ انسانن ۽ جانورن جي قوت ۽ رفتار تي منحصر هو. ان کان پوءِ جڏهن صنعتي انقلاب آيو ته انسان پنهنجي شيڊيول جو غلام ٿيڻ شروع ڪيو ۽ مشين اسان کي ان قابل ڪيو ته پنهنجي رفتار کي حد کان وڌايون. جنهن کان پوءِ پاڻ ان مشين جي رفتار مطابق پاڻ کي هلائي رهيا آهيون ۽ هاڻي اسان جي زندگي جو طرز عمل ان مقررڪيل شيڊيول مطابق طي ٿيل آهي ۽ ان جو ئي اهو سبب آهي جو گهڻا ماڻهو ان وقت جي دٻاءَ واري ظلم سان وڙهڻ لاءِ  ان بين الاقوامي تحريڪ انٽر نيشنل سلو موومينٽ جو حصو ٿي رهيا آهن. ڪارل چوي ٿو  ته ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته هي مشين ۽ گهڙي جنهن طريقي سان اسان جي زندگي کي ترتيب ۽ ڊڪٽيٽ ڪري رهي آهي اها اصل ۾ انسان کي غير انسان ڪرڻ لاءِ پابند آهي ۽ ان جا کوڙ مثال ڏسي سگهجن ٿا جتي انسان روبوٽ وانگر مقرر قطار ۾ بيهي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا.

ڪارل وري هتي هڪ سوال اٿاري ٿو ته ڀلا ڇا ٿي پيو جيڪڏهن زندگي اڳئين کان تيز رفتارسان هلي؟ ان جي حوالي سان سندس خيال آهي ته وقت جو دٻاءٌ اسان جي سوچن کي تيز ڪري ٿو پر ان سان گڏوگڏ اسان جو کاڌي پيتي سان تعلق خراب ڪري ٿو. جيئن ته پاڻ هن جديد زندگي جي رفتار کي جاري رکڻ جي ڪوشش ۾، پاڻ لذيذ کاڌي جي موجودگي ۽ ان جي هڪ هڪ  مزيدار گرهه جي مزي کي وساري ويهندا آهيون. اسان جي تيز رفتار زندگي جا اثر اسان جي گهرن ۾ موجود کاڌي جي ٽيبل تائين پهچي چڪا آهن، ۽ پاڻ ان کاڌي کي ترجيح ڏيندا اهيون جيڪو سولائي سان موجود هجي، توڙي جو اهو صحت لاءِ هاڃيڪار ڀلي ڇو نه هجي. پاڻ اڄڪلهه ماني پنهنجي خاندان يا دوستن سان گڏ ويهي کائڻ جي بدران اڪيلا ويهي کائون ٿا ۽ ان دوران ٻيو ڪجهه به ڪندا رهون ٿا.

ڪارل وڌيڪ لکي ٿو ته انهن اڳواٽ مارڪيٽ ۾ موجود پروسس ٿيل، کنڊ ۽ چرٻي سان ڀرپرو ٺهيل کاڌن ۽ مٿان وري انهن کي تڪڙ تڪڙ ۾ کائڻ جا اسان جي جسم تي ناڪاري اثر پون ٿا، جهڙوڪ ٿولهه  جو وڌڻ وغيره. ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن پاڻ تڪڙ تڪڙ ۾ کائينداسين ته اسان جو پيٽ اسان جي دماغ کي اهو سگنل ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندو ته هاڻي پيٽ ڀرجي ويو آهي ۽ نتيجي ۾ پاڻ گهڻو ۽ حد کان وڌيڪ کائي وينداسين ۽ ٿولهه جو شڪار ٿينداسين.            

ڪارل جو چوڻ آهي ته ان جومطلب اهو ناهي ته اهي عادتون ناقابل حل آهن پر ان جي ابتڙ پاڻ هن کاڌي جي مسئلي کي سهڻي طريقي سان حل ڪري سگهون ٿا، ان جو مثال ڏيندي ڪارل  لکي ٿو ته انٽرنيشنل سلو موومينٽ ماڻهن کي ان طرف راغب ڪري رهي آهي ته پنهنجو پوکيو ، پنهنجو رڌيو ۽ هڪ هڪ گرهه کي آهستي آهستي ۽  محسوس ڪري کائو. سندس خيال آهي ته آهستي آهستي  کاڌو پچائڻ ۽ کائڻ بهترين عمل آهي ۽ ان ۾ هڪ قسم جي راحت ۽ سڪون محسوس ٿيندو ۽ پاڻ آهستي ۽ سڪون سان شين بابت سوچي سگهنداسين.

ڪارل اتي جو اتي وري اهو سوال ٿو ڪري ته ڀلا جي اسان  تڪڙ ۾ سوچون ٿا ته ڇا اهو غلط آهي ڇا؟ ان جي وضاحت ڪندي وري لکي ٿو ته  ماهرن جو خيال آهي ته دماغ جي سوچ جا ٻه طريقا آهن، هڪ  تڪڙي سوچ جيڪا عقلي ، تجزياتي ۽ منطقي هوندي آهي ۽ ٻي وري آهستي سوچ آهي جيڪا شعوري ۽ تخليقي هوندي آهي. ڪارل هتي وڌيڪ لکي ٿو ته تحقيق مان اهو ظاهر ۽ ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو آهستي  سوچڻ جا عادي هوندا آهن انهن کي زندگي ۾ گهٽ اسٽريس يعني گهٽ ذهني دٻاءٌ هوندو آهي ۽ مٿان وري اهي پنهنجي زندگي جي روزمرهه جي ڪمن ۾ وڌيڪ تخليقي هوندا آهن.

ڪارل هتي هڪڙي صلاح ڏيندي لکي ٿو ته جيڪڏهن اوهان پاڻ اندر اها سلو يعني آهستي سوچڻ واري عادت پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان کي اها ميڊيٽيشن جي ذريعي ملي سگهندي، مثال طور اوهان ڪنهن مناسب جاءِ تي ويهو، اکيون بند ڪيو، جڏهن ساهه کڻو ته ان کي ڪجهه منٽن لاءِ محسوس ڪيو ۽ ذهني دٻاءَ کان سواءِ سلو يعني آهستي سوچڻ جو مزو وٺو. هتي منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته نماز۽ ذڪر پڻ ميڊيٽيشن جو هڪ وڏو ذريعو آهي.

ڪارل جو چوڻ آهي ته هن قسم جي تيز رفتار ۽ تڪڙي زندگي هن مهل تائين گهڻي قدر وڏن شهرن کي گهيريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ان جا اثر تعليم ۽ صحت جي ادارن تي تمام گهڻا نظر اچي رهيا آهن. ان ۾ ڪا به ڳالهه لڪل ناهي ته شهري زندگي تيز رفتار آهي جتي سوڙهيون گهٽيون ۽ وڏا وڏا خريداري جا شاپنگ سينٽر، مالز ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين به گهڻين اهڙين شين جي موجودگي پاڻ کي سڪون ڪرڻ بدران رهندو تيز رفتاري لاءِ مجبور ٿي ڪري ته هي به ڪري وٺون ۽ هو به ڪري وٺون. ان جي نتيجي ۾ ٿئي ڇا ٿو جو اسان انسان پاڻ هڪ ٻئي لاءِ اوپرا ٿيندا ٿا وڃون ۽ ان جو مثال هي آهي ته  برطانيه ۾ پنجويهه سيڪڙو ماڻهن کي پنهنجي پاڙي وارن جي نالن جي به خبر ناهي هوندي. پاڻ وري جڏهن صحت ۽ دوائن واري پاسي اچون ته انتهائي  ايمرجنسي کان سواءِ ان ۾ تڪڙ ڪرڻ صحيح ناهي پر پاڻ ڏٺو آهي ته ڪيئن نه جنرل ڊاڪٽر اڄڪلهه مريض کي ڇهن منٽن ۾ چڪاسي واپس ٿا ڪن ۽ ان جي ابتڙ نه ته مريض کان سندس زندگي جي طرز عمل جو پڇن ۽ ڪو گڏيل علاج تجويز ڪن، پر هو رڳو مريض جي بيماري واري علامتن ۽ نشانين جو علاج ٿا ڪن.

ڪارل وڌيڪ لکي ٿو ته هن تيز رفتار زندگي ٻارن تي پڻ اثر انداز ٿي رهي آهي جتي والدين ٻارن کي تيز رفتاري لاءِ مجبور ڪن ٿا. اسڪولن ۾ مقابلن جي ڪري والدين ٻارن کي تيز رفتاري سان سکڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ ٻارن تي ان جا ناڪاري اثر پون ٿا جيئن ذهني دٻاءٌ جي ڪري پيٽ ۾ سور يا ڊپريشن ۾ هلي وڃڻ. ڪارل وڌيڪ لکي ٿو ته خوش قسمتي سان هي انٽرنيشنل سلو موومينٽ زندگي جي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پڻ دنيا ۾ پنهنجا اثر ڇڏي رهي آهي ۽ مثال ڏيندي لکي ٿو ته اٽلي جي شهر برا Bra  جي انتظاميا پنهنجي شهر کي ان تيز رفتار زندگي کان بچائڻ لاءِ  پنجونجاهه صفحن تي ٻڌل هڪ منشور جوڙيو آهي جنهن ۾ ٽريفڪ ۽ آواز کي گهٽائڻ ، ماڻهن جي پنڌ هلڻ وارين جاين، باغن ۽ پارڪن ۾ واڌارو شامل آهي.

 هاڻي اولهه جي ملڪن ۾ اها سوچ به وڌي رهي آهي ته انتهائي ضروري دوا واپرائجي يا ان جي ابتڙ ڪا متبادل دوا يا طريقو استعمال ڪجي ۽ معالج پڻ مريضن کي تفصيل سان ٻڌن. ساڳئي طريقي سان ڪارل اهو به لکي ٿو ته هاڻي اسڪول پڻ اهو تعليم طرف سست رفتاري وارو رستو اختيار ڪري رهيا آهن ۽ ٻارن کي آزادي ۽ وقت ڏئي رهيا آهن ته جيئن انهن ۾ ضروري تعليم کي حقيقت ۾ سکڻ جو شوق پيدا ٿي سگهي. هتي ليکڪ فنلينڊ Finland جو مثال ڏيندي لکي ٿو ته فنلينڊ ۾ سلو اسڪولنگ شروع ٿي چڪي آهي جتي ٻارن کي وقت ۽ اجازت آهي ته هو پنهنجي رفتار سان پڙهائي ڪن ۽ مختلف مضمونن کي صحيح طريقي سان سمجهي سگهن.

ڪارل وري اڳتي لکي ٿو ته پاڻ ذهني دٻاءَ جي ڪري پنهنجي زندگي جو لطف ۽ مزو به ماڻي نٿا سگهون. هن تيز رفتار زندگي جي جدوجهد ۾ اسان هر هڪ شئي کي جهڙوڪ پنهنجي لاءِ هڪ مقابلو ۽ چئلينج سمجهڻ لڳون ٿا ۽ ضروري ڪم جهڙوڪ پنهنجو بل پيارڻ جهڙو، ضروري پر سولو ڪم به وساري ويهندا آهيون. يورپ جي مقابلي ۾ آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ ماڻهو ساليانو ٽي سئو پنجاهه ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪن ٿا ۽ جپان ۾ به ساڳي حالت آهي جتي ماڻهن کي وڌيڪ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ايڏي سوڙهي شيڊيول جي نتيجي ۾ پاڻ وٽ جيڪو ڪجهه وقت بچي ٿو سو پاڻ کي مجبور ڪري ٿو ڇڏي ته ان جو هڪ سيڪنڊ به نه وڃايون. اوسي پاسي ۾ موجود تمام گهڻين شين ۽ سرگرمين جي گهڻائي ۽ فراواني ۽ وقت تمام گهٽ هئڻ، وري پاڻ کي هڪ ٻئي ذهني دٻاءَ ۾ وجهي ٿو ڇڏي ته آرام سان ويهي سڪون ڪجي يا وري ڪهڙي سرگرمي کي وقت ڏجي ۽ ڪهڙي کي ڇڏجي. ڪارل هتي تنبيهه ڪندي لکي ٿو ته اهو ذهني دٻاءَ اوهان جي ازدواجي زندگي تي پڻ وڏو اثر ڇڏي ٿو. 

هتي ڪارل جو خيال آهي ته زندگي ۾ اها سست رفتاري انهي مسئلي کي حل ڪري سگهي ٿي. هاڻي ماڻهن ان ڪوئي واري ڊوڙ Rat race کي انڪار ڪرڻ ۽ زندگي مان لطف اندوز ٿيڻ شروع ڪيو آهي. خاص ڪري نوجوان ان مفروضي کي کليو چئلينج ۽ ان کان انڪار ڪري رهيو آهي ته هر ڪنهن کي حد کان وڌيڪ تڪڙ ۽ حد کان وڌيڪ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو. خاص ڪري جپان ۾ نوجوان پارٽ ٽائيم نوڪري کي ترجيح ڏئي رهيا آهن ته جيئن هو پنهنجي زندگي کي ڀرپور جي سگهن.

ڪارل وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان جي زندگي اوهان جي ڪم کان وڌيڪ ضروري آ، ۽ اسان کي اهي شيون ڪرڻ گهرجن جن سان اسان کي ڪجهه سڪون ملي يا اهو محسوس ٿئي ته اسان هن زندگي ۾ پنهنجي لاءِ به وقت ڪڍيو آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪجهه سوليون ۽ ساديون خوشيون آهن جيڪي پاڻ کان ڪير به کسي يا واپس نٿو وٺي سگهي مثال طور باغباني، ميوزڪ، ڪا شئي اڙڻ يا ٻيون ڪي شيون پنهنجي هٿن سان ٺاهڻ، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن باغ ۾ وڃي مانجهاندو ڪرڻ،  وغيره. زندگي ۾ سلو نيس آڻجي ته زندگي جو معيار بهتر کان بهتر ٿيندو ويندو.

آءُ  اهو سمجهان ٿو ته جڏهن انسان هن دنيا ۾ اچي ٿو ته اها پوائنٽ اي  A آهي ۽ جڏهن هي دنيا ڇڏي ٿو ته اها پوائنٽ بي B آهي، ۽ پاڻ سڀني کي اها چڱي طرح ڄاڻ آهي ته پاڻ سڀ ان پوائنٽ بي B طرف وڌي رهيا آهيون، ته پوءِ تڪڙ ڇا جي ۽ ڇا لاءِ؟ منهنجو پنهنجو به اهو ئي خيال آهي ته زندگي کي ماڻهو سهڻي نموني ۽ وچٿرو گذاري ته ان ۾ ئي ڀلائي آهي، باقي ڀڄ ته پڄانءِ واري رويي کان مالڪ پناهه ۾ رکي.

 مون کي ياد آهي ته اسٽاڪهولم ۾  اسان واري يونيورسٽي  ڪي ٽي ايڇ KTH ۾ پروفيسر بو اولوفسن  Bo Olofsson گٽار وڄائڻ جو تمام شوقين هوندو هو. شايد هاڻي ريٽائرمينٽ کان پوء به اڃا وڌيڪ هجي. جيڪي به سندس پي ايڇ ڊي PhD شاگرد تعليم  پوري ڪندا هئا ته پارٽي ۾ پاڻ اچي گٽار وڄائيندو هو، ۽ اتي ئي وري ٻي پروفيسر جوآن Joanne جي گهر ۾ ننڍو کورو يا ڀٺي لڳل هوندو هو ۽ هوءِ پنهنجي واندڪائي واري وقت ۾ مٽي مان شيون ٺاهي انهن کي ان کوري ۾ پچائيندي هئي. مون به سندس ٺاهيل ڪوپن ۾ کوڙ ڀيرا يونيورسٽي ۾ چانهه پيتي هئي. لنڊن ۾ منهنجي وڏي ادي سڪينه  کي وري باغباني سان تمام گهڻو لڳاءُ آهي، سندن گهر ۾ قسمين قسمين جا گل ۽ ٻوٽا نظر ايندا ۽ دل کي راحت پئي ايندي.

_____________

عبداللہ عثمان مورائي، گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي ۽ سُئيڊن ۾ آباد آھي. ھُو وڏي تعداد ۾ سفرنامن ۽ ڪالمن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button