گوورڌن ڀارتي محبوباڻي: سنڌي لوڪن جو لاڏلو لوڪ ڪوي ۽ ڪلاڪار
گوورڌن ڀارتيءَ گيت کي روايتي ۽ معنوي حدن کان ڪافي قدر آزاد ڪري انوکو ۽ اڇوتو روپ عطا ڪيو۔ ھن گيتن جي کيتر ۾ ڪافي اهڙا تجربا به ڪيا جيڪي نه کانئس اڳ ڪنھن ڪيا نه سندس هم عصرن مان ڪو ڪري سگھيو ۽ نه کانئس پوءِ اڃا تائين ڪو ڪري سگھيو آھي ۔ گوورڌن جا گيت پڙھندي يا ٻڌندي توھانکي لڳندو ته شفاف جل ۾ رنگ برنگي مڇيون پيون ترن۔

ڍولڻ ”راھي“
گوورڌن ڀارتي محبوباڻي جھڙي رچناڪار کي ڪنھن وصف ۾ ٻَڌي نه سگھبو ڇاڪاڻ سندس رچنا سنسار ايترو وشال ۽ ووڌتا سان ڀريل آھي جو وسميءَ ۾ پئجو وڃجي۔ مان سندس سرجنڪرتا جي فقط گيتڪار واري پهلوءَ تي فوڪس ڪندس۔
گيتن جو رچيتا گيتڪار ٿيندو آھي پر گيت ڇا آھي ؟ بيحد سرل سڀاويڪ لفظن ۾ پوتل جا رچنا سنگيت جي سُرن ۾ ڍالي ڳائي سگهجي تنھنکي گيت چئي سگهجي ٿو۔ پر صحيح معني ۾ گيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڃا به ڪجھ وضاحت جي ضرورت آھي۔ گيت جو موضوعاتي پهلو ۽ گيت لاءِ موزون ۽ معقول شبد رچنا بيحد اَهم پهلو آھن۔ بقول شري نارائڻ شيام جي –”گيت ڳائڻ جي چيز آھي۔ سندس سڌو لاڳاپو دل سان آھي۔ اُنجي ٻولي سرل،رسيلي، سُهڻي ۽ جذباتي ھئڻ گھرجي۔ عالماڻا ۽ اوکا لفظ ، جي سڀڪو سولائيءَ سان اُچاري نه سگهي يا غير ضروري لفظ ، جي هر ڪنھن جي سمجھ ۾ ئي نه اچن توڙي ڳوڙھا خيال ۽ باريڪ نقطا گيت کي گيت ٿيڻ ئي نه ڏيندا۔ اِنڪري ھرڪو شاعر به گيتڪار ٿي نٿو سگهي۔“ مونکي ياد ٿو اچي هِڪ دفعو ساحر لڌيانوي جھڙي برجستي شاعر چيو هو ته فلم انڊسٽري ۾ گيتڪار فقط هِڪ ئي آھي ۽ اهو آھي شيليندر۔ ڇاڪاڻ ته هو ڳوڙھا خيال به سرل ۽ سنگيت مئہ لفظن ۾ اَدا ڪري سگھندو آھي۔ مان به جيڪر ڀارتيءَ کي سنڌيءَ جو شيليندر چوان ته واجب ئي لڳندو۔ شيام صاحب دل سان لاڳاپو ھئڻ يعني جذبات سان ڀريل ھجڻ ،اُچار ۽ ارٿ جي لحاظ کان سرل ۽ سهج ھئڻ ۽ اُنجي ٻولي رسيلي ۽ سنگيت مئہ ھئڻ گيت جون اَهم وصفون ٻڌايون آھن۔
اسانجي دوَر،لاشڪ انترڪش يان جي رفتار سان ترقي ڪئي آھي تڏھن به اِنسان جا بنيادي جذبا ۽ احساس اُهي ئي آھن۔ ڄمڻ مرڻ ، وڇوڙو وصال ،سنيھ پريم ،نفرت نفاق ،چاه موه،ڊوھ اڄ به قائم آھن۔ ماءُ پيءُ جو ٻارن لاءِ موه ، اِستري پرش جي ھڪ ٻئي لاءِ ڪشش ،ماضيءَ جون سڀارون، آئيندي جا اٺسٺا ،اڳتي وڌڻ جي تمنا،اندر جا اڌما،اڻڄاتل کي ڄاڻڻ جي اڻ تڻ وغيره هر دور ۾ اِنسان لاءِ ساڳيا ئي رهيا آھن۔ پرڪرتي ازل کان قائم ھوندي به نت نئين آھي تيئن گيت جا موضوع به بنيادي طئور ساڳيا ھوندي به نت نوان آھن۔

سنڌيءَ جي گيتن کي ڀارتيءَ جو يوگدان اِنڪري به يگانو چئي سگهجي ٿو ته ھن نه رُڳو گيتن جي روپ وِڌانَ ۾ ڪافي نواڻ آندي پر اُن جي وشين جو دائرو به ڪشادو ڪيو۔ ھن گيت کي روايتي ۽ معنوي حدن کان ڪافي قدر آزاد ڪري انوکو ۽ اڇوتو روپ عطا ڪيو۔ ھن گيتن جي کيتر ۾ ڪافي اهڙا تجربا به ڪيا جيڪي نه کانئس اڳ ڪنھن ڪيا نه سندس هم عصرن مان ڪو ڪري سگھيو ۽ نه کانئس پوءِ اڃا تائين ڪو ڪري سگھيو آھي ۔ ھن گيتن کي پڙھڻ ۽ ٻُڌڻ واري دائري تائين محدود نه رکي، ڏسڻ جي مقام تائين پهچايو، اِنڪري ئي ھنجا گيت رنگ منچ ، دوردرشن ۽ فلمن ۾ ماڻهن بار بار ڏٺا ۽ ماڻيا ۽ اِنڪري ئي کيس سنڌيءَ جو بهترين گيتڪار تسليم ڪرڻ ۾ مونکي ڪو عار نظر نٿو اچي۔ ھن نه رُڳو تقريبن چار پنج سو گيت لکيا پر اُنھن جون ڌنون به پاڻ تيار ڪيون ، اِنڪري هو سنڌي گايڪن ۽ سنگيت ڪارن جو پسنديدہ گيتڪار بڻيو رھيو۔ کيس ڪنھن به وشيہ يا سِچئيشن تي گيت لکڻ لاءِ چيو ويندو هو ته هو بنا ڳپل وقت لگائڻ جي گنگنائيندي گيت لکندو ويندو هو ۽ جلد ئي ڌن سميت گيت جي رچنا ڪري وٺندو هو۔ اِنڪري ھنجا گيت عابده پروين کان گرڌر ميراڻي ۽ ٻئي طرف مهيندر ڪپور، آشا ڀونسلي ۽ لتا منگيشڪر جهڙن جڳ پرسڌ گايڪن گائڪائن بخوبي ڳايا۔ سندس رڳ رڳ ۾ راڳ ،ساه ساه ۾ سنگيت ۽ نس نس ۾ نرتيہ سمايل هو۔ سندس رڳون رباب وانگر پيون وڄنديون ھيون۔ سندس تن ۾ تال جون ترنگون ۽ لونءَ لونءَ ۾ ليہ جون لھرون لھرائينديون ھيون۔ سندس انتڪرڻ ۾ ڪا نه ڪا ڌن پئي گونجندي ھئي۔ اِنڪري ڪنھن گيت جي رچنا وقت چهري تي الوَڪڪ ڀاو ۽ چپن تي گنگناهٽ ھوندي ھئس۔
نارائڻ شيام جو چوڻ آھي ته ڪوتا لفظن جي روپ ۾ سنگيت آھي ۽ سنگيت سُرن جي روپ ۾ ڪوتا۔ سنگيت جا سُر ۽ ليہ توڙي بحرن جي رُڪنن جي روپ ۾ گونجندا رهن ٿا ۽ بحرن جون جدا جدا ترتيبون سنگيت جي سُرن ۽ ليہ جي روپ ۾ پيون بکنديون آھن۔ گيت ته اڌ کان وڌيڪ سنگيت آھي يا ائين به چئجي ته سنگيت جي پورتي آھي۔
سنگيت جا مٺا سُر ٻُڌي من ۾ ميٺاج جي لهر جاڳي ٿي پر جيڪڏھن اُنھن مٺن سُرن کي سُھڻن ۽ موزون لفظن جو سهارو آھي ته ٻڌندڙ جي ذهن جي جوابي جنبش ڪيڏي نه گهريِ ٿي ٿئي !
اَسانجي زندگي ۽ سنگيت جو پاڻ ۾ اٽوٽ سنٻنڌ آھي۔ مٺين مٺين لولين سان شروع ٿي زندگي ، ماروءَ جي گنڀير گت ۾ وڃي نرواڻ پائي ٿي۔ شيام صاحب جي ھڪ رباعي آھي:
دنيا ۾ سنگيت جو ڇا ٿيو جادو
کنبي جو چٽڪو به ڪري دل قابو
ڄائو، پرڻو، مرڻو سڀ گيت ئي گيت
لوليون يا لاڏا يا دردي ماروُ.
گوورڌن جا گيت پڙھندي يا ٻڌندي توھانکي لڳندو ته شفاف جل ۾ رنگ برنگي مڇيون پيون ترن۔ مان توھان جي وشواس کي پختو ڪرڻ لاءِ هِڪ ٻہ مثال ٿو ڏيڻ چاهيان۔ ھن گيت ۾ سلاست سان گڏوگڏ موضوعاتي طور نائڪا جي انتظار جو عروج به غور طلب آھي-
جڏھين بهار ٿيندو فرار
ساوا پن پيلا ٿيندا
مرجھايل مکڙيون ،ٽٽل ڦول
غمِ جا ڳوڙھا ڳاڙيندا
هر ٽار ٽار، هر ڦل ڦول کي
جڏھين سرءُ سٽيندو
ڇا تڏھين ساجن ايندو ؟
يا ھڪ نرتيہ گيت جون سٽون ڏسو:
گھن نن گھن نن گھن نن گھن نن
ڇايون گھور گھٽائون
ڪر موڙي اَکڙيون مھٽي
جاڳيون تنھنجون آشائون
سن نن سن نن سن نن سن نن
آيون سرد هوائون
پاري جھڙي پاڻيءَ ۾ تو
ٻوڙيون پنهنجون ٻانهون
گرمي آئي سردي آئي
پر توکي بس تات اھائي
ڀرجن سڀ ڀنڊارا جڳ جا
ڀرجن سڀ ڀنڊارا۔۔او ڙي پيھي وارا

گيت جا ٻول ٻُڌڻ سان جذبن ۾ جنبش ۽ پيرن ۾ ٿرڪن ھڪ طرف اچي ٿي ته ٻئي طرف انّداتا هاريءَ جي سخت محنت ۽ سڄي لوڪ لاءِ نيڪ تمنائن جي پروڙ به پوي ٿي۔ جڏھن اهڙا گيت سنگيت جي سُرن ۾ ٻڌجي ۽ ڪنھن ڪشل نرتڪيءَ دوارھ نرتيہ جي مدرائن ۾ ڍلجي رنگ منچ تي پيش ٿيندا ھوندا ته ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دلين تي ڪهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي ھوندي تنھن جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آھي۔
مان سالن جا سال گوورڌن جي ڪافي گيتن جي رچنا پرڪريا جو نه رُڳو ساکي رھيو آهيان پر سوڀاگيہ سان سھڀاڳي پڻ۔ سندس گيت گويا سنگيت جي رنگن سان سجايل شبد چتر آھن۔ اِنڪري سندس گيتن مان ليہ جا جھرڻا جھر جھر ڪندي وھندا محسوس ٿيندا آھن ، بلڪ مخصوص شبد چتر به اکين آڏو ساڪار ٿيندا سامھون ايندا آھن۔اهڙو ئي هِڪ جيونت شبد چتر توھين به ماڻي وٺو –
چانڊوڪي رات…۔اٿاھ سمنڊ…لھرائيندڙ اتاھيون لھرون…ھرڪا لهر بانوري ٿي ٻانهون ڦھلائي چنڊ سان ملڻ لاءِ بيتاب…۔پر گگن نهايت ئي دور…سندس پهچ کان پري اِنڪري ساڻس ملڻ نهايت ڪٺن…پر چاهت ۾ چري لهر کي ڪير سمجھائي… هاڻي گيت جا ٻول ٻڌو۔۔
لهر بانوري چنڊ لئہ چري
ٻانهون ٿي ڦھلائي
دور آ گگن ملڻ آ ڪٺن
ڪير کيس سمجھائي…
آھ لهر کي امرت جي
عرصي کان دل ۾ آس
چاهي ٿي چپ چمڻ چنڊ جا
اَٿس پيار جي پياس…
ساگر سارو…کارو کارو
سگھيس نه پياس ٻجھائي۔۔دور آ…
جڏھن ڪا ڪشل نرتڪي ھن گيت تي نرتيه ڪندي ھئي ۽ دور کان ايندڙ آلاپ سان گيت شروع ٿيندو هو ته درشڪ منتر مگڌ ٿي ھڪ سِوَپِن لوڪي ماحول ۾ پهچي ويندا هُئا۔ رنگ منچ تي گيت جي ڀاو ڀوميءَ جي آڌار تي ڪيل منچ سجّا ۽ پرڪاش سنيوجن ، چنڊ مان ڇڻندڙ چاندنيءَ جو آڀاس ڏيئي نرتيه گيت کي جيونت بڻائي ڇڏيندا هُئا۔

پرڪرتي گوورڌن جي گيتن جي سناتن سکي ۽ پريمُ پرم سنگي آھي۔ ٻنھي جو سنگم سندس گيتن مان جابجا ليئا پائيندو نظر اچي ٿو۔ پرڪرتيءَ جي هر روپ جو ھن سوڪشمتا سان گهرو چِٽ چٽيو آھي۔ من جي امورت ڀاونائن کي اشارن،اپمائن ۽ روپڪن سان مورت روپ ڏنو اَٿس۔ ھن کي ڌرتيءَ کان وڌيڪ آسمان ٿو موهي، تپندڙ ڏينھن کان وڌيڪ ٿڌي چانڊوڪي رات ٿي ڇڪي،حقيقت کان زيادہ ڪلپنا جو رومانس ٿو موهي۔ چوي ٿو-
چاندني آڪاش مان ڄڻ
گيت برسائي رھي آ
ھن سهاني رات ۾ ڄڻ
سانت ڀي ڳائي رھي آ.
سندس گيتن ۾ چنڊ چارڻ بڻجي چنگ پيو چوري، رات ڄڻ رهسيہ ميي راڳڻي آھي۔ سامونڊي ھوا سُر پئي جھونگاري۔ هر لهر ستار جي تار جيان پئي لرزي ۽ ستارن جي ھٿن ۾ به ڄڻ سريلو ساز آھي۔
سنڌي لوڪن جو هوُ اهڙو لاڏلو لوڪ ڪوي ۽ ڪلاڪار هو جيڪو ساهتيہ ۽ ڪلا جي لوڪ پرمپرائن کي قائم رکندي اُنھن ۾ نت نواڻ به ڀريندو رھيو۔ ھن جي گيت سنسار جو دائرو بيحد وشال ھو ۔ ھن جي گيتن جا رنگ ۽ قسم توڙي رينج ڏسي حيرت وٺيو وڃي۔ ھن ٻال گيت به رچيا ته هاسيہ گيت به ، لوليون به سرجيون ته لاڏا ۽ ساکيون به۔ لاڏن ۾ وري زالن مردن جي سوالن جوابن وارا مذاقي لاڏا ۽ سانگن وارا لاڏا به لکيا۔ ھُن ايڪل گيت به رچيا ته جُڳل گيت ۽ سھگان به ،وايون به جھونگاريون ته ڪافيون ۽ ڀڄن به آلاپيا۔ھُن اوراڻا به اوريا ته مورا لِکڻ به پاڻ موکيو۔سندس لکيل ايڪشن گيت ته لاجواب ئي آھن۔ سندس ديش ڀڳتيءَ وارا گيت به خوب ڳايا ويا ۽ لوڪپریہ ٿيا۔ سندس خالص اَدبي گيتن جي لوڪپريہ رچنائن جو مجموعو اُٺا مينهن ملير آھي جنھنجا ڪافي گيت پوءِ سنڌي فلمن ۾ به ڪتب آندا ويا۔ھن ڪتاب ۾ ١٩٥٤ کان ١٩٦٥ جي عرصي دوران رچيل گيت آھن۔ لکن جي لاٽري ،پيڪي هلي وينديسائن ، ڪاڻو به اگھاڻو سندس مذاقي ۽ وندرائيندڙ گيتن ۽ دوگانن جا ڪتاب آھن۔ لاڏو لاڏي آڻيندو ۾ شاديءَ جي موقعي تي زالن جي ڳائڻ جي ڏانءَ جا سانگن ڀريا ڇيڙ ڇاڙ وارا ۽ کل مذاق سان ڀريل ٣٨ لاڏا درج آھن۔ اڏر پکي البيلا جي ڀڄنن جي ڪتاب ۾ پرارٿنا گيت ، نرگڻ ۽ سگڻ ڀڳتيءَ جا گيت ، اِشٽ ديون ۽ اوتارن جا مهما گيت وغيره شامل آھن۔آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي ڪتاب ۾ سنڌي لوڪ سورمين جي ڪروڻ ڀاونائن ۽ ورھ ويدنائن وارا سنويدنا سان ڀريل ڪلام ۽ ڪافيون شامل آھن۔ ھُن نرتيہ گيت ۽ نرتيہ ناٽڪائون به لکيون ته سنگيت روپڪ ۽ ريڊيو روپڪ به منظري عام تي آندا۔ ريڊيو لاءِ ھُن ويھارو کن سنگيت روپڪ رچيا جن ۾ شاھ جي سورمين سميت ڏڻن وارن ۽ سماجڪ وشين واريون گيت ڪھاڻيون شامل ڪيائين۔
جڳ پرسڌ نرتيانگنا انيلا سندر ڀارتيءَ جي رچيل ٻِن نرتيه ناٽڪائن کي رنگ منچ تي پنھنجي گروپ سان پيش ڪري ديش وديش ۾ مشهوري حاصل ڪئي۔ جن مان ١-ٿيءُ نه جدا جاني مون کان ۾ وڻجارن جي انتظار ڪندڙ زالن جا مارمڪ پرسنگ درديلن گيتن ۽ ڏوھيڙن ۾ پيش ڪيا ويا آھن، توڙي ٻالپڻ جي راندين وقت ڳائجندڙ لوڪ گيتن کي نئون روپ عطا ڪيو ويو آھي ۽ ٢-سنڌو جنهن ۾ ڀارتي صاحب ھڪ پريم ڪهاڻيءَ ذريعي سرشٽي-رچنا کان سنڌو گھاٽي سڀيتا جي دوَر تائين سنڌ ۽ سنڌي سڀيتا جي ڪرمڪ وڪاس کي توڙي سنڌو نديءَ جي مهانتا جي مهما کي بيحد اثرائتن گيتن ذريعي ظاھر ڪيو آھي۔
خود ڀارتي صاحب پنھنجي هدايتڪاريءَ ۾ ھيٺ بيان ڪيل نرتيہ ناٽڪائون رچيون ۽ الڳ الڳ رنگ منچن تي بيحد ڪشلتا ۽ ڪاميابي سان پيش ڪيون-
١۔ڪوٽن ۾ نه قرار (عمر مارئيءَ جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي آڌارت)
٢-راڻو رات رُسي ويو ( راڻو مومل جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي)
٣-آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي (سُهڻي ميهار تي آڌارت)
٤-گل ڇنو گرنار جو (سورٺ رائڏياچ جي موضوع تي)
٥-ليلا چنيسر (ھوندراج دکايا جي لکيل)
٦-واسودتا اپگپت ( هري دلگير جي لکيل)
٧-پنج پير ۽ ڊالي ٻائي (ٻئي نرتيہ ناٽڪائون راجسٿان جي لوڪ ديوتا راما پير جي جيون تي آڌارت ھيون ) اَنهن کان سواءِ سورٺ عنوان واري نرتيہ ناٽڪا جي حيرت انگيز پيشڪش سٺ واري ڏھاڪي جي درشڪن جي دل و دماغ تي اڄ به ڇانيل ھوندي۔ رائڏياچ جو سر ڪٽي پنھنجي هٿ سان ٻيجل کي ڏيڻ،سورٺ جو باھ جي مچ ۾ ٽپي پوڻ جھڙا منظر ڀارتي صاحب جي سڀني کان وڏي ڀاءُ گرمکداس (جيڪو جادئي ڪارنامن جو استاد هو) جي محنت جو نتيجو هُئا،۽ سنگيت سنيوجن وري ٻئين نمبر ڀاءُ نارائڻداس جو ڪيل هو۔ شاستريہ سنگيت جي استعمال سان سورٺ راڳڻيءَ ۾ سجايل نغما بيحد اثردار ڍنگ سان پيش ڪيل هُئا۔
دکايل ۽ دلگير کان سواءِ باقي سڀني نرتيه ناٽڪائن ۾ ڀارتيءَ جا منوهر ۽ موضوع سان ٺھڪندڙ گيت ٻُڌڻ سان واسطو رکن ٿا۔

شاعر ڪرشڻ راهي چوي ٿو-
سندس لفظن ۾ ته سنگيت هئو ئي پر خيالن ۾ به سنگيت جي جھنڪار ٻڌجي ٿي۔ معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان هو پنھنجي هم عصر رچناڪارن ۾ علحدو ۽ اڳرو نظر اچي ٿو۔ ھن سنڌي جڳت کي نه رُڳو سوين گيت ڏنا پر ڪيترائي ڪلاڪار پڻ ڏنا۔ ڪنھن ڪلاڪار جي اندر لڪل ڏات کي پروڙي ۽ پرکي انکي پنھنجي ڪلاتمڪ ڏانءُ سان نکارڻ ۽ تراشڻ جو وٽس عجيب فن هو۔ سندس سانسڪرتڪ ٽوليءَ ۾ هر عُمر ،جاتيءَ، ٻوليءَ ۽ ڌرم جا ڪلاڪار شامل هُئا۔ ھُن غير سنڌي ڪلاڪارن کي به سنڌي گيت سيکاريا ۽ ڳارايا۔ اِنڪري ئي ھنجون رچنائون محفلن مجلسن، سڀائن سماروہن ، ريڊيو ۽ رنگ منچ کان ويندي دوردرشن ۽ فلمن ۾ به گونجنديون رهيون آھن۔ واسديو موهي صاحب پنھنجو تز رايو ڏيندي چيو آھي ته ٻُڌڻ ۾ شايد عجيب لڳي پر توھان کي گوورڌن ڀارتيءَ جون ڪيتريون ئي زيراڪس ڪاپيون سنڌي ڳائيندڙن جي آواز،سنڌي ڏڻن ۽ شادين مرادين ،ناٽڪ جي پاترن ۽ سنگيت جي ڌنن ۾ سون جي انداز ۾ ملنديون۔ ڀارتيءَ جھڙا فنڪار سنڌي جاتيءَ لاءِ فخر ڪرڻ لائق ڌروهر آھن۔
سندس ڪافي گيتن ۾ اسانکي ساز سنگيت ،سُر تال ۽ راڳ راڳڻيءَ جو ذڪرِ ملي ٿو جيئن-
١-ساڳيي سُر ۾ ڪيڏو ڳايان
ڇو نه پراڻو سُر بدلايان يا
٢-ساز کڻ او دلربا مٺڙن سُرن ۾ ڳاءِ تون يا
٣-تون مڌر منوهر ساز پرين
مان ساز سندو آواز پرين وغيره
اِنڪري ئي سندس گيتن جي سِٽ سِٽ مان گيتاتمڪتا ظاھر آھي۔
توھان سندس گيت رُڳو لس ئي لس پڙھي ڏسو توھان کي ازخود ڳائڻ جو من ٿيندو۔اھو شايد اِنڪري آھي جو سندس اڪثر گيت ١٦ ماترائن جي روانيءَ ڀرئي ڇند تي آڌارت آھن ۽ ڪجھ گيت تمام سولن عروضي بحرن تي به مُبني آھن۔ اِنڪري ڪنھن به لفظ تي زبان نہ اٽڪندي۔ اھو سندس گيتن جي سلاست ۽ فصاحت جو پختو ثبوت آھي ۽ اِنڪري ئي ننڍي ھوندي درسي ڪتابن ۾ پڙھيل سندس گيت نُما ڪوتائون به اڄ گھڻن کي برزبان ياد ھونديون۔ سندس گيتن ۾ شرنگار رس، ڪروڻ رس،هاسيہ رس،وير رس،شانت رس ۽ واتسليہ رس مکيہ طور ملن ٿا۔ جيون جي دکن صدمن کيس ڪيترا ئي اَنڀو عطا ڪيا پر اُنھن کيس نراشاوادي نه بڻايو۔ هو بنيادي طور پنھنجن گيتن مان آشاوادي ئي نظر اچي ٿو۔ جيئن چوي ٿو ته-
آھين غمگين دلگير ڇا لاءِ تون؟
ساز کڻ او سڄڻ ڳاءِ تون ڳاءِ تون
يا
آھ بس پونين پساھن تي انڌيري رات وغيره۔

هي تذڪرو اڌورو رھندو جي مان سندس ٽوليءَ ۾ شامل ٻِن هاسيہ ڪلاڪارن مرچومل شيوڪرام لاءِ خاص طور لکيل سندس مذاقي گيتن جو ذڪر نه ڪندس۔ نارومل پارومل ، دوکو ۽ ڪرسي مان نه ڇڏيندس جهڙن هاسيہ جڳل گيتن ۾ ٻنھي جون عجيب و غريب گُدگدي پيدا ڪندڙ حرڪتون ۽ ڊيل ڊئول خواھ رنگ برنگي عجيب لباس ماڻھن کي کلائي کلائي کيرو ڪندا هُئا۔ٻئي طرف وري ٻال ڪلاڪارن لاءِ لکيل بوٽ پالش بواءِ ، ٽي بواءِ ،ٻول ڙي متيري ، مداري ۽ جمورو وغيره جھڙا ميوزڪل ايڪشن ٻال گيت ۽ بالغ ڪلاڪارن لاءِ رچيل هول سيل حجام، چونڊن جو چھچٽو جھڙا اِسِڪٽس ۽ يگانا گيت جن ۾ ڪلاڪارن کي اڀنیہ ڪندي جن به درشڪن ڏٺو ھوندو سي هرگز نه وساري سگهيا ھوندا۔
النڪارن مان انپراس ته سندس گيتن جي جان آھي جيئن جندل جي نت جوت جڳايان ، پنجڙا ڳايان پلوَ به پايان وغيره۔ انکان علاوا اپما ۽ روپڪ النڪار به عام جام ملندا۔ جيئن – منھنجو جيون جل جي ڌارا، دک ۽ سُکُ جنھنجا ٻہ ڪنارا…يا
سُک جي نازڪ نوورنيءَ کي پھرايم پيڙا جي پوتي يا
بادل جي ڏوليءَ ۾ آئي نوورني برسات ، ساوڻ ساڻ وٺي آيو آ بوندن جي بارات… پيشانيءَ تي تلڪ چنڊ جو …
چانڊوڪيءَ جي سندر ساڙھي ۽ تارن جا هار وغيره۔
ڀارت چين ۽ ڀارت پاڪستان جي جنگ وقت سندس قومي ترانا هر هنڌ گونجندا هُئا۔ جيئن-
اَي ديس جا سپاترو اُٿو اُٿو اُٿو
سمھڻ جو وقت ويو
اُٿو سجاڳ ٿيو
سڏي توھان کي سرحدن جو پاسبان ٿو…(گيت جي ڇند مان پريڊ ڪندڙ فوجي جوانن جي ساڪار تصوير تصور ۾ اُڀري اچي ٿي۔)
ھُن صاحب ڪيترن سنڌي لوڪ گيتن ۽ لوڪ ڌنن کي ڄڻ پُنرجيون ڏنو آھي۔ريڊيو تي نشر ٿيندڙ سنڌي گيتن ۾ اڌ کان وڌيڪ گيت ڀارتي صاحب جا لکيل ھوندا آھن۔ ھن جهڙو عطائي پرتڀاوان ٻيو ڪو گيتڪار سنڌين ۾ ملڻ مشڪل آھي۔
تارا تہ سھسين آھن پر قطب تارو ته هِڪ ئي آھي نه۔
مان پنھنجي خراجي عقيدت ھِنن سٽن ۾ پيش ڪري پنھنجي ھن پيپر جي پڄاڻي ڪندس۔
تو جيون کي سونھن ڏني ۽ من کي مھڪايو
اونداھي اندر کي پنھنجي نور سان چمڪايو
راهي مان گمنام بڻي پي ڀٽڪيس جنمن کان
تو رهبر ٿي دڳ ڏيکاري ماڳ تي پهچايو…۔
(ھيءُ مقالو اجميرجي شري ڍولڻ راھيءَ انڊور ۾ 15/11/2026 تي مڌيـ پرديش سنڌي ساھت اڪادميءَ پاران ڪوٺايل سيمينار ۾ پيش ڪيو)
___________

ڍولڻ ”راھي“ جو جنم اجمير ۾ ڇھين جولاءِ 1949 تي ٿيو. ھن سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ۽ پوءِ بي ايڊ، راشٽر ڀاشا رتن جي ڊگري حاصل ڪئي. ھُو ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ليڪچرار ھو جتان ھاڻي رٽائرڊ آھي. سندس 9 ڪتاب شائع ٿيل آھن. ڍولڻ راھي ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چُڪو آھي جن ۾ مرڪزي ساھت اڪادميءَ پاران 2005 جو نئشنل سطح جو اوارڊ سندس ڪتاب” انڌيرو روشن ٿئي پر….” تي؛ راشٽريـ سنڌي وڪاس پريشد پاران پنج لک روپين جو لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ۽ جيا جادواڻيءَ جو ھندي ناول” مٺو پاڻي ، کارو پاڻي” سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪرڻ تي نئشنل اوارڊ وغيره شامل آھن.



